سورة يونس — آيت 22
Surah Yunus 10:22
هُوَ الَّذِیْ یُسَیِّرُكُمْ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ١ؕ حَتّٰۤى اِذَا كُنْتُمْ فِی الْفُلْكِ١ۚ وَ جَرَیْنَ بِهِمْ بِرِیْحٍ طَیِّبَةٍ وَّ فَرِحُوْا بِهَا جَآءَتْهَا رِیْحٌ عَاصِفٌ وَّ جَآءَهُمُ الْمَوْجُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّ ظَنُّوْۤا اَنَّهُمْ اُحِیْطَ بِهِمْ١ۙ دَعَوُا اللّٰهَ مُخْلِصِیْنَ لَهُ الدِّیْنَ١ۚ۬ لَىِٕنْ اَنْجَیْتَنَا مِنْ هٰذِهٖ لَنَكُوْنَنَّ مِنَ الشّٰكِرِیْنَ۲۲سنڌي ترجمو
اهو (الله) ئي آهي جيڪو اوهان کي خشڪي ۽ درياءَ ۾ سير ڪرائي ٿو. ايستائين جو جڏهن اوهان ٻيڙين ۾ هجو ٿا ۽ اُهي (ٻيڙيون) ماڻهن کي موافق هواءِ سان وٺي هلن ٿيون ته ان سان خوش ٿين ٿا ۽ (اوچتو) انهن کي سخت هوا اچي وٺي ٿي ۽ هر پاسي کان انهن تي موج (يعني تُند ۽ تيز لهرون اچن ٿيون) ۽ سمجهن ٿا ته اُهي (موجن ۾) گهيرجي ويا آهن ته الله کي سڏن ٿا (ان مهل) پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪندڙ آهن. (چون ٿا ”اي الله!) جيڪڏهن تو اسان کي هن کان بچايو ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿينداسين“.
اردو ترجمہ
وہی ہے جو تمہیں خشک زمین اور سمندر میں چلنے پھرنے (کی توفیق) دیتا ہے، یہاں تک کہ جب تم کشتیوں میں (سوار) ہوتے ہو اور وہ (کشتیاں) لوگوں کو لے کر موافق ہوا کے جھونکوں سے چلتی ہیں اور وہ اس سے خوش ہوتے ہیں تو (ناگہاں) ان (کشتیوں) کو تیز و تند ہوا کا جھونکا آلیتا ہے اور ہر طرف سے ان (سواروں) کو (جوش مارتی ہوئی) موجیں آگھیرتی ہیں اور وہ سمجھنے لگتے ہیں کہ (اب) وہ ان (لہروں) سے گھر گئے (تو اس وقت) وہ اللہ کو پکارتے ہیں (اس حال میں) کہ اپنے دین کو اسی کے لئے خالص کرنے والے ہیں (اور کہتے ہیں: اے اللہ!) اگر تو نے ہمیں اس (بَلا) سے نجات بخش دی تو ہم ضرور (تیرے) شکر گزار بندوں میں سے ہوجائیں گے،