سورة هود — آيت 44
Surah Hud 11:44
وَ قِیْلَ یٰۤاَرْضُ ابْلَعِیْ مَآءَكِ وَ یٰسَمَآءُ اَقْلِعِیْ وَ غِیْضَ الْمَآءُ وَ قُضِیَ الْاَمْرُ وَ اسْتَوَتْ عَلَى الْجُوْدِیِّ وَ قِیْلَ بُعْدًا لِّلْقَوْمِ الظّٰلِمِیْنَ۴۴سنڌي ترجمو
۽ چيو ويو ته: ”اي زمين! پنهنجو پاڻي ڳِهي ڇڏ! ۽ اي آسمان رڪجي وڃ“! ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو (يعني فيصلو چُڪايو ويو) ۽ (ٻيڙي) جُودي جبل تي (وڃي) بيٺي ۽ چيو ويو ته ظالمن جي قوم لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.
اردو ترجمہ
اور (جب سفینۂ نوح کے سوا سب ڈوب کر ہلاک ہو چکے تو) حکم دیا گیا: اے زمین! اپنا پانی نگل جا اور اے آسمان! تو تھم جا، اور پانی خشک کر دیا گیا اور کام تمام کر دیا گیا اور کشتی جودی پہاڑ پر جا ٹھہری، اور فرما دیا گیا کہ ظالموں کے لئے (رحمت سے) دوری ہے،