سورة يوسف — آيت 100
Surah Yusuf 12:100
وَ رَفَعَ اَبَوَیْهِ عَلَى الْعَرْشِ وَ خَرُّوْا لَهٗ سُجَّدًا١ۚ وَ قَالَ یٰۤاَبَتِ هٰذَا تَاْوِیْلُ رُءْیَایَ مِنْ قَبْلُ١٘ قَدْ جَعَلَهَا رَبِّیْ حَقًّا١ؕ وَ قَدْ اَحْسَنَ بِیْۤ اِذْ اَخْرَجَنِیْ مِنَ السِّجْنِ وَ جَآءَ بِكُمْ مِّنَ الْبَدْوِ مِنْۢ بَعْدِ اَنْ نَّزَغَ الشَّیْطٰنُ بَیْنِیْ وَ بَیْنَ اِخْوَتِیْ١ؕ اِنَّ رَبِّیْ لَطِیْفٌ لِّمَا یَشَآءُ١ؕ اِنَّهٗ هُوَ الْعَلِیْمُ الْحَكِیْمُ۱۰۰سنڌي ترجمو
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي کڻي تخت تي ويهاريائين ۽ اهي سڀ (يوسف) لاءِ سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چيائين: ”اي منهنجا پيءُ! هي منهنجي اڳئين خواب جو تعبير آهي، بيشڪ منهنجي پروردگار ان کي سچو ڪيو. ۽ بيشڪ مون سان احسان ڪيائين جڏهن مون کي جيل مان ڪڍيائين ۽ اوهان سڀني کي ٻهراڙي مان (شهر ۾) آندائين ان کان پوءِ جو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪيو هيو. بيشڪ منهنجو پالڻهار جيڪو چاهي ان لاءِ بهترين تدبير ڪرڻ وارو آهي. بيشڪ اُهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
اردو ترجمہ
اور یوسف (علیہ السلام) نے اپنے والدین کو اوپر تخت پر بٹھا لیا اور وہ (سب) یوسف (علیہ السلام) کے لئے سجدہ میں گر پڑے، اور یوسف (علیہ السلام) نے کہا: اے ابا جان! یہ میرے (اس) خواب کی تعبیر ہے جو (بہت) پہلے آیا تھا (اکثر مفسرین کے نزدیک اسے چالیس سال کا عرصہ گزر گیا تھا) اور بیشک میرے رب نے اسے سچ کر دکھایا ہے، اور بیشک اس نے مجھ پر (بڑا) احسان فرمایا جب مجھے جیل سے نکالا اور آپ سب کو صحرا سے (یہاں) لے آیا اس کے بعد کہ شیطان نے میرے اور میرے بھائیوں کے درمیان فساد پیدا کر دیا تھا، اور بیشک میرا رب جس چیز کو چاہے (اپنی) تدبیر سے آسان فرما دے، بیشک وہی خوب جاننے والا بڑی حکمت والا ہے،