سورة الرعد — آيت 16
Surah Ar-Ra'd 13:16
قُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ قُلِ اللّٰهُ١ؕ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖۤ اَوْلِیَآءَ لَا یَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّ لَا ضَرًّا١ؕ قُلْ هَلْ یَسْتَوِی الْاَعْمٰى وَ الْبَصِیْرُ١ۙ۬ اَمْ هَلْ تَسْتَوِی الظُّلُمٰتُ وَ النُّوْرُ١ۚ۬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَآءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَیْهِمْ١ؕ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَیْءٍ وَّ هُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ۱۶سنڌي ترجمو
چؤ ته آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ڪير آهي؟ چؤ: ”الله“. چؤ ڇا پوءِ به اوهان ان الله کان سواءِ (بتن کي) ڪارساز بنايو آهي؟ جيڪي پنهنجي ذات لاءِ نه ڪنهن نفعي جا مالڪ آهن ۽ نه ڪنهن نقصان جا. چؤ ته ڇا انڌو ۽ ڏسندڙ پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڀلا ڇا انڌيرا ۽ روشني پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڀلا ڇا الله لاءِ ڪي اهڙا شريڪ بنايا اٿن؟ جن الله جي خلقڻ وانگر (ڪجھ) خلقيو هجي؟ پوءِ انهن جو پيدا ڪرڻ کين هڪ جهڙو لڳي ٿو. چؤ الله ئي هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي اُهو اڪيلو سڀني تي غالب آهي.
اردو ترجمہ
(ان کافروں کے سامنے) فرمایئے کہ آسمانوں اور زمین کا رب کون ہے؟ آپ (خود ہی) فرما دیجئے: اﷲ ہے۔ (پھر) آپ (ان سے دریافت) فرمایئے: کیا تم نے اس کے سوا (ان بتوں) کو کارساز بنا لیا ہے جو نہ اپنی ذاتوں کے لئے کسی نفع کے مالک ہیں اور نہ کسی نقصان کے۔ آپ فرما دیجئے: کیا اندھا اور بینا برابر ہو سکتے ہیں یا کیا تاریکیاں اور روشنی برابر ہو سکتی ہیں۔ کیا انہوں نے اﷲ کے لئے ایسے شریک بنائے ہیں جنہوں نے اﷲ کی مخلوق کی طرح (کچھ مخلوق) خود (بھی) پیدا کی ہو، سو (ان بتوں کی پیدا کردہ) اس مخلوق سے ان کو تشابُہ (یعنی مغالطہ) ہو گیا ہو، فرما دیجئے: اﷲ ہی ہر چیز کا خالق ہے اور وہ ایک ہے، وہ سب پر غالب ہے،