سورة ابراهيم — آيت 22
Surah Ibrahim 14:22
وَ قَالَ الشَّیْطٰنُ لَمَّا قُضِیَ الْاَمْرُ اِنَّ اللّٰهَ وَعَدَكُمْ وَعْدَ الْحَقِّ وَ وَعَدْتُّكُمْ فَاَخْلَفْتُكُمْ١ؕ وَ مَا كَانَ لِیَ عَلَیْكُمْ مِّنْ سُلْطٰنٍ اِلَّاۤ اَنْ دَعَوْتُكُمْ فَاسْتَجَبْتُمْ لِیْ١ۚ فَلَا تَلُوْمُوْنِیْ وَ لُوْمُوْۤا اَنْفُسَكُمْ١ؕ مَاۤ اَنَا بِمُصْرِخِكُمْ وَ مَاۤ اَنْتُمْ بِمُصْرِخِیَّ١ؕ اِنِّیْ كَفَرْتُ بِمَاۤ اَشْرَكْتُمُوْنِ مِنْ قَبْلُ١ؕ اِنَّ الظّٰلِمِیْنَ لَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌ۲۲سنڌي ترجمو
۽ جڏهن فيصلو ٿي ويندو ته شيطان چوندو: ”بيشڪ الله اوهان سان سچو وعدو ڪيو هيو ۽ مون اوهان سان وعدو ڪيو پر وعدي خلافي ڪيم. ۽ منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هيو سواءِ هن جي جو مون رڳو توهان کي (برائي ڏانهن) سڏيو. پوءِ اوهان منهنجي ڳالھ مڃي ورتي. سو مون کي ملامت نه ڪيو پر پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪيو. (اڄ) نه آءٌ اوهان جي فرياد رسي ڪرڻ وارو آهيان ۽ نه اوهان منهنجي فرياد رسي ڪرڻ وارا آهيو. بيشڪ آءٌ انڪار ٿو ڪيان ان جو جيڪو هن کان اڳ اوهان مون کي (الله جو) شريڪ ڪندا رهيا آهيو. بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي“.
اردو ترجمہ
اور شیطان کہے گا جبکہ فیصلہ ہو چکے گا کہ بیشک اللہ نے تم سے سچا وعدہ کیا تھا اور میں نے (بھی) تم سے وعدہ کیا تھا، سو میں نے تم سے وعدہ خلافی کی ہے، اور مجھے (دنیا میں) تم پر کسی قسم کا زور نہیں تھا سوائے اس کے کہ میں نے تمہیں (باطل کی طرف) بلایا سو تم نے (اپنے مفاد کی خاطر) میری دعوت قبول کی، اب تم مجھے ملامت نہ کرو بلکہ (خود) اپنے آپ کو ملامت کرو۔ نہ میں (آج) تمہاری فریاد رسی کرسکتا ہوں اور نہ تم میری فریاد رسی کر سکتے ہو۔ اس سے پہلے جو تم مجھے (اللہ کا) شریک ٹھہراتے رہے ہو بیشک میں (آج) اس سے انکار کرتا ہوں۔ یقیناً ظالموں کے لئے دردناک عذاب ہے،