سورة البقرة — آيت 187
Surah Al-Baqarah 2:187
اُحِلَّ لَكُمْ لَیْلَةَ الصِّیَامِ الرَّفَثُ اِلٰى نِسَآىِٕكُمْ١ؕ هُنَّ لِبَاسٌ لَّكُمْ وَ اَنْتُمْ لِبَاسٌ لَّهُنَّ١ؕ عَلِمَ اللّٰهُ اَنَّكُمْ كُنْتُمْ تَخْتَانُوْنَ اَنْفُسَكُمْ فَتَابَ عَلَیْكُمْ وَ عَفَا عَنْكُمْ١ۚ فَالْـٰٔنَ بَاشِرُوْهُنَّ وَ ابْتَغُوْا مَا كَتَبَ اللّٰهُ لَكُمْ١۪ وَ كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا حَتّٰى یَتَبَیَّنَ لَكُمُ الْخَیْطُ الْاَبْیَضُ مِنَ الْخَیْطِ الْاَسْوَدِ مِنَ الْفَجْرِ١۪ ثُمَّ اَتِمُّوا الصِّیَامَ اِلَى الَّیْلِ١ۚ وَ لَا تُبَاشِرُوْهُنَّ وَ اَنْتُمْ عٰكِفُوْنَ١ۙ فِی الْمَسٰجِدِ١ؕ تِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ فَلَا تَقْرَبُوْهَا١ؕ كَذٰلِكَ یُبَیِّنُ اللّٰهُ اٰیٰتِهٖ لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ یَتَّقُوْنَ۱۸۷سنڌي ترجمو
روزن جي راتين ۾ پنهنجي گهر وارين وٽ وڃڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اُهي اوهان جولباس آهن ۽ اوهان انهن جو لباس آهيو. الله ڄاتو ته اوهان پنهنجي پاڻ سان خيانت پئي ڪئي، سو اوهان کي معاف ڪيائين ۽ اوهان کان درگذر ڪيائين. پوءِ هاڻي (روزن جي راتين ۾) ڀلي انهن سان صحبت ڪيو ۽ جو (لطف ۽ اولاد) الله اوهان لاءِ لکيو آهي سو طلب ڪيو ۽ کائيندا پيئندا رهو جيستائين صبح جو سفيد ڌاڳو (رات جي) ڪاري ڌاڳي کان (جدا ٿي) پڌرو ٿي وڃي. پوءِ روزو رات تائين پورو ڪيو ۽ گهروارين سان صحبت نه ڪيو جڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ۾ هجو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي (ڀڃڻ جي) ويجهو نه وڃو. اهڙي طرح الله پنهنجون نشانيون ماڻهن لاءِ پڌريون ڪري ٿو تان ته اُهي پرهيزگار ٿين.
اردو ترجمہ
تمہارے لئے روزوں کی راتوں میں اپنی بیویوں کے پاس جانا حلال کر دیا گیا ہے، وہ تمہاری پوشاک ہیں اور تم ان کی پوشاک ہو، اﷲ کو معلوم ہے کہ تم اپنے حق میں خیانت کرتے تھے سو اس نے تمہارے حال پر رحم کیا اور تمہیں معاف فرما دیا، پس اب (روزوں کی راتوں میں بیشک) ان سے مباشرت کیا کرو اور جو اﷲ نے تمہارے لئے لکھ دیا ہے چاہا کرو اور کھاتے پیتے رہا کرو یہاں تک کہ تم پر صبح کا سفید ڈورا (رات کے) سیاہ ڈورے سے (الگ ہو کر) نمایاں ہو جائے، پھر روزہ رات (کی آمد) تک پورا کرو، اور عورتوں سے اس دوران شب باشی نہ کیا کرو جب تم مسجدوں میں اعتکاف بیٹھے ہو، یہ اﷲ کی (قائم کردہ) حدیں ہیں پس ان (کے توڑنے) کے نزدیک نہ جاؤ، اسی طرح اﷲ لوگوں کے لئے اپنی آیتیں (کھول کر) بیان فرماتا ہے تاکہ وہ پرہیزگاری اختیار کریں،