سورة البقرة — آيت 237
Surah Al-Baqarah 2:237
وَ اِنْ طَلَّقْتُمُوْهُنَّ مِنْ قَبْلِ اَنْ تَمَسُّوْهُنَّ وَ قَدْ فَرَضْتُمْ لَهُنَّ فَرِیْضَةً فَنِصْفُ مَا فَرَضْتُمْ اِلَّاۤ اَنْ یَّعْفُوْنَ اَوْ یَعْفُوَا الَّذِیْ بِیَدِهٖ عُقْدَةُ النِّكَاحِ١ؕ وَ اَنْ تَعْفُوْۤا اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى١ؕ وَ لَا تَنْسَوُا الْفَضْلَ بَیْنَكُمْ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ بِمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِیْرٌ۲۳۷سنڌي ترجمو
۽ جي اوهان انهن (زالن) کي هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏئي ڇڏي آهي ۽ اوهان انهن لاءِ حق مهر مقرر ڪري چڪا آهيو ته جيڪو مهر مقرر ڪري چڪا آهيو ان جو اڌ ڏيڻ ضروري آهي، سواءِ هن جي جو خود معاف ڪري ڇڏن يا اهو (مڙس) جنهن جي هٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آهي سو معاف ڪري (يعني اڌ جي بجاءِ زياده يا پورو ڏئي) ۽ (اي مردؤ!) جي توهان معاف ڪيو ته اهو تقويٰ جي وڌيڪ ويجهو آهي. ۽ هڪ ٻئي ۾ احسان ڪرڻ نه وساريو. بيشڪ الله اوهان جا عمل ڏسندڙ آهي.
اردو ترجمہ
اور اگر تم نے انہیں چھونے سے پہلے طلاق دے دی درآنحالیکہ تم ان کا مَہر مقرر کر چکے تھے تو اس مَہر کا جو تم نے مقرر کیا تھا نصف دینا ضروری ہے سوائے اس کے کہ وہ (اپنا حق) خود معاف کر دیں یا وہ (شوہر) جس کے ہاتھ میں نکاح کی گرہ ہے معاف کردے (یعنی بجائے نصف کے زیادہ یا پورا ادا کردے)، اور (اے مَردو!) اگر تم معاف کر دو تو یہ تقویٰ کے قریب تر ہے، اور (کشیدگی کے ان لمحات میں بھی) آپس میں احسان کرنا نہ بھولا کرو، بیشک اﷲ تمہارے اعمال کو خوب دیکھنے والا ہے،