سورة النمل — آيت 40
Surah An-Naml 27:40
قَالَ الَّذِیْ عِنْدَهٗ عِلْمٌ مِّنَ الْكِتٰبِ اَنَا اٰتِیْكَ بِهٖ قَبْلَ اَنْ یَّرْتَدَّ اِلَیْكَ طَرْفُكَ١ؕ فَلَمَّا رَاٰهُ مُسْتَقِرًّا عِنْدَهٗ قَالَ هٰذَا مِنْ فَضْلِ رَبِّیْ١ۖ۫ لِیَبْلُوَنِیْۤ ءَاَشْكُرُ اَمْ اَكْفُرُ١ؕ وَ مَنْ شَكَرَ فَاِنَّمَا یَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ١ۚ وَ مَنْ كَفَرَ فَاِنَّ رَبِّیْ غَنِیٌّ كَرِیْمٌ۴۰سنڌي ترجمو
ان ماڻهو چيو جنهن وٽ (آسماني) ڪتاب جو ڪجھ علم هيو: ”آءٌ ان کي تو وٽ آڻيندس ان کان اڳ جو تنهنجي اک تو ڏي موٽي“. (يعني اک ڇنڀڻ کان اڳ) پوءِ جڏهن (سليمان) ان (تخت) کي پنهنجي اڳيان رکيل ڏٺو ته چيائين: ”هي منهنجي پالڻهار جو فضل آهي. تان ته مون کي آزمائي ته آءٌ شڪر ڪيان ٿو يا بي شڪري ڪيان ٿو. ۽ جنهن (الله جو) شڪر ڪيو سو صرف پنهنجي (ڀلي لاءِ) شڪر ڪري ٿو، ۽ جنهن ناشڪري ڪئي ته پوءِ بيشڪ منهنجو پروردگار بي نياز ڪرم ڪندڙ آهي“.
اردو ترجمہ
(پھر) ایک ایسے شخص نے عرض کیا جس کے پاس (آسمانی) کتاب کا کچھ علم تھا کہ میں اسے آپ کے پاس لا سکتا ہوں قبل اس کے کہ آپ کی نگاہ آپ کی طرف پلٹے (یعنی پلک جھپکنے سے بھی پہلے)، پھر جب (سلیمان علیہ السلام نے) اس (تخت) کو اپنے پاس رکھا ہوا دیکھا (تو) کہا: یہ میرے رب کا فضل ہے تاکہ وہ مجھے آزمائے کہ آیا میں شکر گزاری کرتا ہوں یا نا شکری، اور جس نے (اللہ کا) شکر ادا کیا سو وہ محض اپنی ہی ذات کے فائدہ کے لئے شکر مندی کرتا ہے اور جس نے ناشکری کی تو بیشک میرا رب بے نیاز، کرم فرمانے والا ہے،