سورة ال عمران — آيت 154
Surah Al-Imran 3:154
ثُمَّ اَنْزَلَ عَلَیْكُمْ مِّنْۢ بَعْدِ الْغَمِّ اَمَنَةً نُّعَاسًا یَّغْشٰى طَآىِٕفَةً مِّنْكُمْ١ۙ وَ طَآىِٕفَةٌ قَدْ اَهَمَّتْهُمْ اَنْفُسُهُمْ یَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ غَیْرَ الْحَقِّ ظَنَّ الْجَاهِلِیَّةِ١ؕ یَقُوْلُوْنَ هَلْ لَّنَا مِنَ الْاَمْرِ مِنْ شَیْءٍ١ؕ قُلْ اِنَّ الْاَمْرَ كُلَّهٗ لِلّٰهِ١ؕ یُخْفُوْنَ فِیْۤ اَنْفُسِهِمْ مَّا لَا یُبْدُوْنَ لَكَ١ؕ یَقُوْلُوْنَ لَوْ كَانَ لَنَا مِنَ الْاَمْرِ شَیْءٌ مَّا قُتِلْنَا هٰهُنَا١ؕ قُلْ لَّوْ كُنْتُمْ فِیْ بُیُوْتِكُمْ لَبَرَزَ الَّذِیْنَ كُتِبَ عَلَیْهِمُ الْقَتْلُ اِلٰى مَضَاجِعِهِمْ١ۚ وَ لِیَبْتَلِیَ اللّٰهُ مَا فِیْ صُدُوْرِكُمْ وَ لِیُمَحِّصَ مَا فِیْ قُلُوْبِكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ۱۵۴سنڌي ترجمو
پوءِ غم بعد اوهان تي امن نازل ڪيائين (اها سڪون ڏياريندڙ) ڳهر (يعني هلڪي ننڊ) هئي، جا اوهان مان هڪ جماعت تي ڇانئجي وئي، ۽ هڪ جماعت (منافقن جي هئي) جن کي پنهنجي جانين جو فڪر لڳل هيو. جيڪي الله ۾ ناحق گمان ڪري رهيا هئا (جيڪي فقط) جاهليت جا گمان هئا. چوڻ لڳا: ”ڇا هن ڪم ۾ اسان جو ڪنهن شيءِ جو (وس اختيار) آهي“؟ (اي نبي!) تون چؤ ته: ”بيشڪ حڪم سڀ الله جي هٿ ۾ آهي“. اهي پنهنجي دلين ۾ اُهي ڳالهيون لڪائن ٿا جيڪي تو تي ظاهر نه ٿا ڪن. چون ٿا ته: ”هن ڪم ۾ اگر اسان جو ڪو اختيار هجي ها ته هتي هينئن قتل نه ٿيون ها“. چؤ ته: ”اگر اوهان پنهنجي گهرن ۾ به هجو ها ته جن جو مارجي وڃڻ لکجي چڪو آهي سي ضرور پنهنجي قتل گاهن ڏانهن نڪري اچن ها“. ۽ اهو هن لاءِ ته الله اوهان کي آزمائي جيڪي ڪجھ اوهان جي سينن ۾ آهي ۽ صاف ڪري جيڪي (وسوسا) اوهان جي دلين ۾ آهن. ۽ الله سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي.
اردو ترجمہ
پھر اس نے غم کے بعد تم پر (تسکین کے لئے) غنودگی کی صورت میں امان اتاری جو تم میں سے ایک جماعت پر چھا گئی اور ایک گروہ کو (جو منافقوں کا تھا) صرف اپنی جانوں کی فکر پڑی ہوئی تھی وہ اللہ کے ساتھ ناحق گمان کرتے تھے جو (محض) جاہلیت کے گمان تھے، وہ کہتے ہیں: کیا اس کام میں ہمارے لئے بھی کچھ (اختیار) ہے؟ فرما دیں کہ سب کام اللہ ہی کے ہاتھ میں ہے، وہ اپنے دلوں میں وہ باتیں چھپائے ہوئے ہیں جو آپ پر ظاہر نہیں ہونے دیتے۔ کہتے ہیں کہ اگر اس کام میں کچھ ہمارا اختیار ہوتا تو ہم اس جگہ قتل نہ کئے جاتے۔ فرما دیں: اگر تم اپنے گھروں میں (بھی) ہوتے تب بھی جن کا مارا جانا لکھا جا چکا تھا وہ ضرور اپنی قتل گاہوں کی طرف نکل کر آجاتے، اور یہ اس لئے (کیا گیا) ہے کہ جو کچھ تمہارے سینوں میں ہے اللہ اسے آزمائے اور جو (وسوسے) تمہارے دلوں میں ہیں انہیں خوب صاف کر دے، اور اللہ سینوں کی بات خوب جانتا ہے،