سورة ال عمران — آيت 49
Surah Al-Imran 3:49
وَ رَسُوْلًا اِلٰى بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ١ۙ۬ اَنِّیْ قَدْ جِئْتُكُمْ بِاٰیَةٍ مِّنْ رَّبِّكُمْ١ۙ اَنِّیْۤ اَخْلُقُ لَكُمْ مِّنَ الطِّیْنِ كَهَیْـَٔةِ الطَّیْرِ فَاَنْفُخُ فِیْهِ فَیَكُوْنُ طَیْرًۢا بِاِذْنِ اللّٰهِ١ۚ وَ اُبْرِئُ الْاَكْمَهَ وَ الْاَبْرَصَ وَ اُحْیِ الْمَوْتٰى بِاِذْنِ اللّٰهِ١ۚ وَ اُنَبِّئُكُمْ بِمَا تَاْكُلُوْنَ وَ مَا تَدَّخِرُوْنَ١ۙ فِیْ بُیُوْتِكُمْ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیَةً لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَۚ۴۹سنڌي ترجمو
۽ بني اسرائيل ڏانهن رسول هوندو“. (پوءِ جڏهن رسول بنجي آيو ته قوم کي چيائين) ”آءُ اوهان ڏانهن اوهان جي پالڻهار کان نشاني کڻي آيو آهيان. آءُ اوهان لاءِ مِٽيءَ منجهان پکي جي شڪل جو (پُتلو) ٺاهيان ٿو پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيان ٿو ته اهو الله جي حڪم سان پکي ٿي پوي ٿو. ۽ آءُ مادر زاد انڌي کي ۽ ڪوڙهيي کي چڱو ڀلو ڪيان ٿو ۽ الله جي حڪم سان مُردي کي جياريان ٿو. ۽ اوهان کي ٻڌايان ٿو جيڪو اوهان پنهنجي گهرن ۾ کائو ٿا ۽ جيڪو گڏ ڪري رکو ٿا. بيشڪ ان ۾ اوهان لاءِ وڏي نشاني آهي اگر اوهان ايمان وارا آهيو.
اردو ترجمہ
اور وہ بنی اسرائیل کی طرف رسول ہو گا (ان سے کہے گا) کہ بیشک میں تمہارے پاس تمہارے رب کی جانب سے ایک نشانی لے کر آیا ہوں میں تمہارے لئے مٹی سے پرندے کی شکل جیسا (ایک پُتلا) بناتا ہوں پھر میں اس میں پھونک مارتا ہوں سو وہ اﷲ کے حکم سے فوراً اڑنے والا پرندہ ہو جاتا ہے، اور میں مادرزاد اندھے اور سفید داغ والے کو شفایاب کرتا ہوں اور میں اﷲ کے حکم سے مُردے کو زندہ کر دیتا ہوں، اور جو کچھ تم کھا کر آئے ہو اور جو کچھ تم اپنے گھروں میں جمع کرتے ہو میں تمہیں (وہ سب کچھ) بتا دیتا ہوں، بیشک اس میں تمہارے لئے نشانی ہے اگر تم ایمان رکھتے ہو،