سورة ال عمران — آيت 7
Surah Al-Imran 3:7
هُوَ الَّذِیْۤ اَنْزَلَ عَلَیْكَ الْكِتٰبَ مِنْهُ اٰیٰتٌ مُّحْكَمٰتٌ هُنَّ اُمُّ الْكِتٰبِ وَ اُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ١ؕ فَاَمَّا الَّذِیْنَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ زَیْغٌ فَیَتَّبِعُوْنَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَآءَ الْفِتْنَةِ وَ ابْتِغَآءَ تَاْوِیْلِهٖ١ؐۚ وَ مَا یَعْلَمُ تَاْوِیْلَهٗۤ اِلَّا اللّٰهُ١ؔۘ وَ الرّٰسِخُوْنَ فِی الْعِلْمِ یَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِهٖ١ۙ كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَا١ۚ وَ مَا یَذَّكَّرُ اِلَّاۤ اُولُوا الْاَلْبَابِ۷سنڌي ترجمو
اُهو ئي آهي جنهن تو تي ڪتاب نازل ڪيو. جنهن مان ڪي آيتون ”محڪم“ (يعني چِٽِي معنيٰ واريون) آهن اُهي (احڪامِ) ڪتاب جو بنياد آهن ۽ ٻيون ”مُـتَــشَــابه“ (يعني ڪيئي قسمن جي معنائن واريون) آهن. پوءِ اُهي ماڻهو جن جي دلين ۾ ڦير آهي سي پوءِ متشابھ جي پويان پون ٿا. (صرف) فتني تلاش ڪرڻ خاطر ۽ پنهنجِي مطلبي معنيٰ حاصل ڪرڻ خاطر حالانڪه ان جي اصل مراد الله کان سواءِ ڪو نه ٿو ڄاڻي. ۽ علم ۾ ڪامل پُختگي رکڻ وارا ته چون ٿا ”اسان اُن تي ايمان آندو اهي سڀ اسان جي پالڻهار وٽان آهن“. ۽ نصيحت ته صرف عقل وارا ئي پرائن ٿا.
اردو ترجمہ
وہی ہے جس نے آپ پر کتاب نازل فرمائی جس میں سے کچھ آیتیں محکم (یعنی ظاہراً بھی صاف اور واضح معنی رکھنے والی) ہیں وہی (احکام) کتاب کی بنیاد ہیں اور دوسری آیتیں متشابہ (یعنی معنی میں کئی احتمال اور اشتباہ رکھنے والی) ہیں، سو وہ لوگ جن کے دلوں میں کجی ہے اس میں سے صرف متشابہات کی پیروی کرتے ہیں (فقط) فتنہ پروری کی خواہش کے زیرِ اثر اور اصل مراد کی بجائے من پسند معنی مراد لینے کی غرض سے، اور اس کی اصل مراد کو اﷲ کے سوا کوئی نہیں جانتا، اور علم میں کامل پختگی رکھنے والے کہتے ہیں کہ ہم اس پر ایمان لائے، ساری (کتاب) ہمارے رب کی طرف سے اتری ہے، اور نصیحت صرف اہلِ دانش کو ہی نصیب ہوتی ہے،