سورة الاحزاب — آيت 5
Surah Al-Ahzab 33:5
اُدْعُوْهُمْ لِاٰبَآىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ١ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْۤا اٰبَآءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِی الدِّیْنِ وَ مَوَالِیْكُمْ١ؕ وَ لَیْسَ عَلَیْكُمْ جُنَاحٌ فِیْمَاۤ اَخْطَاْتُمْ بِهٖ١ۙ وَ لٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا۵سنڌي ترجمو
انهن (پُٽيلن) کي سندن پيئرن جا پُٽ ڪري سڏيو اها الله وٽ وڌيڪ انصاف واري ڳالھ آهي، پوءِ اگر اوهان کي معلوم نه هجي ته انهن جا پيئر ڪير آهن ته پوءِ دين ۾ اوهان جا ڀائر آهن ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ ان ۾ اوهان تي ڪو گناھ ناهي جا ڳالھ اوهان غلطي سان چئي ۽ پر (ان ڳالھ ۾ گناھ آهي) جنهن جو ارادو اوهان جي دلين ڪيو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
اردو ترجمہ
تم اُن (منہ بولے بیٹوں) کو ان کے باپ (ہی کے نام) سے پکارا کرو، یہی اللہ کے نزدیک زیادہ عدل ہے، پھر اگر تمہیں ان کے باپ معلوم نہ ہوں تو (وہ) دین میں تمہارے بھائی ہیں اور تمہارے دوست ہیں۔ اور اس بات میں تم پر کوئی گناہ نہیں جو تم نے غلطی سے کہی لیکن (اس پر ضرور گناہ ہوگا) جس کا ارادہ تمہارے دلوں نے کیا ہو، اور اللہ بہت بخشنے والا بہت رحم فرمانے والا ہے،