سورة النساء — آيت 102
Surah An-Nisa 4:102
وَ اِذَا كُنْتَ فِیْهِمْ فَاَقَمْتَ لَهُمُ الصَّلٰوةَ فَلْتَقُمْ طَآىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ مَّعَكَ وَ لْیَاْخُذُوْۤا اَسْلِحَتَهُمْ١۫ فَاِذَا سَجَدُوْا فَلْیَكُوْنُوْا مِنْ وَّرَآىِٕكُمْ١۪ وَ لْتَاْتِ طَآىِٕفَةٌ اُخْرٰى لَمْ یُصَلُّوْا فَلْیُصَلُّوْا مَعَكَ وَ لْیَاْخُذُوْا حِذْرَهُمْ وَ اَسْلِحَتَهُمْ١ۚ وَدَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَوْ تَغْفُلُوْنَ عَنْ اَسْلِحَتِكُمْ وَ اَمْتِعَتِكُمْ فَیَمِیْلُوْنَ عَلَیْكُمْ مَّیْلَةً وَّاحِدَةً١ؕ وَ لَا جُنَاحَ عَلَیْكُمْ اِنْ كَانَ بِكُمْ اَذًى مِّنْ مَّطَرٍ اَوْ كُنْتُمْ مَّرْضٰۤى اَنْ تَضَعُوْۤا اَسْلِحَتَكُمْ١ۚ وَ خُذُوْا حِذْرَكُمْ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ اَعَدَّ لِلْكٰفِرِیْنَ عَذَابًا مُّهِیْنًا۱۰۲سنڌي ترجمو
۽ (اي نبي!) جڏهن تون انهن ۾ موجود هجين پوءِ انهن لاءِ نماز (جي جماعت) قائم ڪرين ته انهن مان هڪ جماعت تو سان گڏ (اقتداء ۾) بيهي ۽ اُهي پنهنجا هٿيار به ساڻ کڻن، پوءِ جڏهن اُهي سجدو ڪري وٺن ته (صف مان هٽي) اوهان جي پويان ٿي وڃن ۽ (هاڻي) ٻي جماعت اچي جن (اڃا) نماز نه پڙهي آهي اُهي تو سان گڏ (مقتدي ٿي) بيهن ۽ اُهي حفاظت جا سامان ۽ هٿيار کڻي بيهن. ڪافر چاهن ٿا ته جيڪر اوهان پنهنجي هٿيارن ۽ سامان کان غافل ٿيو ته اوهان تي هڪ ئي ڀيرو حملو ڪن. ۽ اوهان تي ڪو گناھ ناهي اگر اوهان تي بارش سببان ڪا تڪليف آهي، يا اوهان بيمار آهيو ته پنهنجا هٿيار لاهي رکو ۽ پنهنجي حفاظت جو سامان ساڻ رکو. بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
اردو ترجمہ
اور (اے محبوب!) جب آپ ان (مجاہدوں) میں (تشریف فرما) ہوں تو ان کے لئے نماز (کی جماعت) قائم کریں پس ان میں سے ایک جماعت کو (پہلے) آپ کے ساتھ (اقتداءً) کھڑا ہونا چاہئے اور انہیں اپنے ہتھیار بھی لئے رہنا چاہئیں، پھر جب وہ سجدہ کر چکیں تو (ہٹ کر) تم لوگوں کے پیچھے ہو جائیں اور (اب) دوسری جماعت کو جنہوں نے (ابھی) نماز نہیں پڑھی آجانا چاہیے پھر وہ آپ کے ساتھ (مقتدی بن کر) نماز پڑھیں اور چاہئے کہ وہ (بھی بدستور) اپنے اسبابِ حفاظت اور اپنے ہتھیار لئے رہیں، کافر چاہتے ہیں کہ کہیں تم اپنے ہتھیاروں اور اپنے اسباب سے غافل ہو جاؤ تو وہ تم پر دفعۃً حملہ کر دیں، اور تم پر کچھ مضائقہ نہیں کہ اگر تمہیں بارش کی وجہ سے کوئی تکلیف ہو یا بیمار ہو تو اپنے ہتھیار (اُتار کر) رکھ دو، اوراپنا سامانِ حفاظت لئے رہو۔ بیشک اللہ نے کافروں کے لئے ذلّت انگیز عذاب تیار کر رکھا ہے،