سورة النساء — آيت 11
Surah An-Nisa 4:11
یُوْصِیْكُمُ اللّٰهُ فِیْۤ اَوْلَادِكُمْ١ۗ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَیَیْنِ١ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَآءً فَوْقَ اثْنَتَیْنِ فَلَهُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ١ۚ وَ اِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَهَا النِّصْفُ١ؕ وَ لِاَبَوَیْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ١ۚ فَاِنْ لَّمْ یَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّ وَرِثَهٗۤ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ١ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗۤ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِیَّةٍ یُّوْصِیْ بِهَاۤ اَوْ دَیْنٍ١ؕ اٰبَآؤُكُمْ وَ اَبْنَآؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَیُّهُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا١ؕ فَرِیْضَةً مِّنَ اللّٰهِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِیْمًا حَكِیْمًا۱۱سنڌي ترجمو
الله اوهان کي اوهان جي اولاد جي باري ۾ حڪم ٿو ڏئي ته:مرد (يعني پٽ) لاءِ ٻن عورتن (يعني ٻن نياڻين) جي برابر حصو آهي. پوءِ جيڪڏهن (وارث) رڳي ڇوڪريون آهن (ٻه يا) ٻن کان مٿي ته انهن جي لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن. ۽ جي هڪ نياڻي آهي ته ان لاءِ اڌ آهي ۽ (فوتيءَ جي) ماءُ ۽ پيءُ مان هرهڪ کي سندس ميراث جو ڇهون حصو آهي جيڪڏهن کيس اولاد آهي. پر جيڪڏهن ان (فوتيءَ) کي اولاد نه آهي ۽ ماءُ پيءُ کي وارث ڇڏيائين ته سندس ماءُ لاءِ ٽيون حصو آهي. (باقي سڀ پيءُ جو آهي) پوءِ جيڪڏهن کيس ڀائر ڀينر آهن ته سندس ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي بعد ان وصيت جي جيڪا ڪري ويو يا قرض (جي ادائگي جي). توهان جا پيئر ۽ توهان جا پُٽ توهان نه ٿا ڄاڻو ته فائدو پهچائڻ ۾ انهن مان ڪهڙو اوهان جي وڌيڪ ويجهڙو آهي. (هي ورهاڱو) الله جي پاران فرض ڪيل آهي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
اردو ترجمہ
اللہ تمہیں تمہاری اولاد (کی وراثت) کے بارے میں حکم دیتا ہے کہ لڑکے کے لئے دو لڑکیوں کے برابر حصہ ہے، پھر اگر صرف لڑکیاں ہی ہوں (دو یا) دو سے زائد تو ان کے لئے اس ترکہ کا دو تہائی حصہ ہے، اور اگر وہ اکیلی ہو تو اس کے لئے آدھا ہے، اور مُورِث کے ماں باپ کے لئے ان دونوں میں سے ہر ایک کو ترکہ کا چھٹا حصہ (ملے گا) بشرطیکہ مُورِث کی کوئی اولاد ہو، پھر اگر اس میت (مُورِث) کی کوئی اولاد نہ ہو اور اس کے وارث صرف اس کے ماں باپ ہوں تو اس کی ماں کے لئے تہائی ہے (اور باقی سب باپ کا حصہ ہے)، پھر اگر مُورِث کے بھائی بہن ہوں تو اس کی ماں کے لئے چھٹا حصہ ہے (یہ تقسیم) اس وصیت (کے پورا کرنے) کے بعد جو اس نے کی ہو یا قرض (کی ادائیگی) کے بعد (ہو گی)، تمہارے باپ اور تمہارے بیٹے تمہیں معلوم نہیں کہ فائدہ پہنچانے میں ان میں سے کون تمہارے قریب تر ہے، یہ (تقسیم) اللہ کی طرف سے فریضہ (یعنی مقرر) ہے، بیشک اللہ خوب جاننے والا بڑی حکمت والا ہے،