سورة النساء — آيت 25
Surah An-Nisa 4:25
وَ مَنْ لَّمْ یَسْتَطِعْ مِنْكُمْ طَوْلًا اَنْ یَّنْكِحَ الْمُحْصَنٰتِ الْمُؤْمِنٰتِ فَمِنْ مَّا مَلَكَتْ اَیْمَانُكُمْ مِّنْ فَتَیٰتِكُمُ الْمُؤْمِنٰتِ١ؕ وَ اللّٰهُ اَعْلَمُ بِاِیْمَانِكُمْ١ؕ بَعْضُكُمْ مِّنْۢ بَعْضٍ١ۚ فَانْكِحُوْهُنَّ بِاِذْنِ اَهْلِهِنَّ وَ اٰتُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ مُحْصَنٰتٍ غَیْرَ مُسٰفِحٰتٍ وَّ لَا مُتَّخِذٰتِ اَخْدَانٍ١ۚ فَاِذَاۤ اُحْصِنَّ فَاِنْ اَتَیْنَ بِفَاحِشَةٍ فَعَلَیْهِنَّ نِصْفُ مَا عَلَى الْمُحْصَنٰتِ مِنَ الْعَذَابِ١ؕ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِیَ الْعَنَتَ مِنْكُمْ١ؕ وَ اَنْ تَصْبِرُوْا خَیْرٌ لَّكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۠۲۵سنڌي ترجمو
۽ اوهان مان جنهن کي ايتري طاقت نه آهي جو آزاد مؤمنياڻين عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ته پوءِ انهن مؤمنياڻين ٻانهين سان نڪاح ڪري جيڪي (حڪمِ شرعي مطابق) توهان جي ملڪيت ۾ آهن. ۽ الله اوهان جي ايمان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. توهان هڪ ٻئي مان آهيو، پوءِ اوهان انهن (ٻانهين) سان انهن جي مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪيو، ۽ انهن کي سندن مهر دستور مطابق ادا ڪيو. اُهي پاڪدامن هجن نه ڪه بدڪاري ڪندڙ هجن ۽ نه ڳجها آشنا رکندڙ هجن. پوءِ جڏهن نڪاح ۾ اچي وڃن ته پوءِ جيڪڏهن بي حيائي جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آزاد عورت تي آهي ان جو اڌ مٿن آهي. اها اجازت اوهان مان ان لاءِ آهي جيڪو زنا جو انديشو رکي. ۽ جي اوهان صبر ڪيو ته اوهان لاءِ ڀلو آهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
اردو ترجمہ
اور تم میں سے جو کوئی (اتنی) استطاعت نہ رکھتا ہو کہ آزاد مسلمان عورتوں سے نکاح کر سکے تو ان مسلمان کنیزوں سے نکاح کرلے جو (شرعاً) تمہاری ملکیت میں ہیں، اور اللہ تمہارے ایمان (کی کیفیت) کو خوب جانتا ہے، تم (سب) ایک دوسرے کی جنس میں سے ہی ہو، پس ان (کنیزوں) سے ان کے مالکوں کی اجازت کے ساتھ نکاح کرو اور انہیں ان کے مَہر حسبِ دستور ادا کرو درآنحالیکہ وہ (عفت قائم رکھتے ہوئے) قیدِ نکاح میں آنے والی ہوں نہ بدکاری کرنے والی ہوں اور نہ درپردہ آشنائی کرنے والی ہوں، پس جب وہ نکاح کے حصار میں آجائیں پھر اگر بدکاری کی مرتکب ہوں تو ان پر اس سزا کی آدھی سزا لازم ہے جو آزاد (کنواری) عورتوں کے لئے (مقرر) ہے، یہ اجازت اس شخص کے لئے ہے جسے تم میں سے گناہ (کے ارتکاب) کا اندیشہ ہو، اور اگر تم صبر کرو تو (یہ) تمہارے حق میں بہتر ہے، اور اللہ بخشنے والا مہر بان ہے،