سورة النساء — آيت 34
Surah An-Nisa 4:34
اَلرِّجَالُ قَوّٰمُوْنَ عَلَى النِّسَآءِ بِمَا فَضَّلَ اللّٰهُ بَعْضَهُمْ عَلٰى بَعْضٍ وَّ بِمَاۤ اَنْفَقُوْا مِنْ اَمْوَالِهِمْ١ؕ فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِّلْغَیْبِ بِمَا حَفِظَ اللّٰهُ١ؕ وَ الّٰتِیْ تَخَافُوْنَ نُشُوْزَهُنَّ فَعِظُوْهُنَّ وَ اهْجُرُوْهُنَّ فِی الْمَضَاجِعِ وَ اضْرِبُوْهُنَّ١ۚ فَاِنْ اَطَعْنَكُمْ فَلَا تَبْغُوْا عَلَیْهِنَّ سَبِیْلًا١ؕ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِیًّا كَبِیْرًا۳۴سنڌي ترجمو
مرد عورتن مٿان سنڀالدار آهن هن ڪري جو الله انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ۽ (ٻيو) هن ڪري به ته اهي پنهنجي مالن مان (عورتن تي) خرچ ڪندا آهن. پوءِ نيڪوڪار عورتون فرمانبردار هونديون آهن (جيڪي) مڙسن جي غير موجودگي ۾ الله جي حفاظت سان (انهن جي مال ۽ عزت) جي حفاظت ڪنديون آهن. ۽ توهان کي جن عورتن جي بي فرماني جو انديشو هجي ته پوءِ انهن کي نصيحت ڪيو (اگر نه سمجهن ته) انهن کي بسترن ۾ ڌار ڪيو (جدا سمهو) پوءِ به نه سمجهن ته (هلڪي) مار ڏيو. پوءِ جي اوهان جي فرمان ۾ اچي وڃن ته پوءِ انهن تي ڪوبه (جارحانه) رستو نه ڳوليو. بيشڪ الله برتر آهي (سڀ کان) وڏو آهي.
اردو ترجمہ
مرد عورتوں پر محافظ و منتظِم ہیں اس لئے کہ اللہ نے ان میں سے بعض کو بعض پر فضیلت دی ہے اور اس وجہ سے (بھی) کہ مرد (ان پر) اپنے مال خرچ کرتے ہیں، پس نیک بیویاں اطاعت شعار ہوتی ہیں شوہروں کی عدم موجودگی میں اللہ کی حفاظت کے ساتھ (اپنی عزت کی) حفاظت کرنے والی ہوتی ہیں، اور تمہیں جن عورتوں کی نافرمانی و سرکشی کا اندیشہ ہو تو انہیں نصیحت کرو اور (اگر نہ سمجھیں تو) انہیں خواب گاہوں میں (خود سے) علیحدہ کر دو اور (اگر پھر بھی اصلاح پذیر نہ ہوں تو) انہیں (تادیباً ہلکا سا) مارو، پھر اگر وہ تمہاری فرمانبردار ہو جائیں تو ان پر (ظلم کا) کوئی راستہ تلاش نہ کرو، بیشک اللہ سب سے بلند سب سے بڑا ہے،