سورة النساء — آيت 46
Surah An-Nisa 4:46
مِنَ الَّذِیْنَ هَادُوْا یُحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ وَ یَقُوْلُوْنَ سَمِعْنَا وَ عَصَیْنَا وَ اسْمَعْ غَیْرَ مُسْمَعٍ وَّ رَاعِنَا لَیًّۢا بِاَلْسِنَتِهِمْ وَ طَعْنًا فِی الدِّیْنِ١ؕ وَ لَوْ اَنَّهُمْ قَالُوْا سَمِعْنَا وَ اَطَعْنَا وَ اسْمَعْ وَ انْظُرْنَا لَكَانَ خَیْرًا لَّهُمْ وَ اَقْوَمَ١ۙ وَ لٰكِنْ لَّعَنَهُمُ اللّٰهُ بِكُفْرِهِمْ فَلَا یُؤْمِنُوْنَ اِلَّا قَلِیْلًا۴۶سنڌي ترجمو
يهودين مان ڪي ماڻهو الفاظن کي انهن جي جاين کان مَٽائن ٿا ۽ چون ٿا ته سَمِعْنَا وَ عَصَیْنَا ٻڌوسين ۽ نا فرماني ڪئي سين ۽ (چون ٿا) وَ اسْمَعْ غَیْرَ مُسْمَعٍ ٻڌ توکي نه ٻڌايو وڃي! ۽ زبان مروڙي ۽ دين ۾ طعنو هڻندي رَاعِنَا چون ٿا. حالانڪه جي اُهي (هيئن) چون ها: سَمِعْنَا وَ اَطَعْنَا اسان ٻڌوسين ۽ فرمانبرداري ڪئي سين ۽ اِسْمَعْ وَ انْظُرْنَا (اي محبوب!) اسان جي ڳالھ ٻڌ ۽ اسان تي نظرِ (ڪرم) ڪر ته اهو انهن لاءِ ڀلو هيو ۽ (اهو قول) زياده مناسب هيو ۽ پر انهن جي ڪفر جي سبب الله انهن تي لعنت ڪئي پوءِ اُهي ايمان نه ٿا آڻن سواءِ ٿورن ماڻهن جي.
اردو ترجمہ
اور کچھ یہودی (تورات کے) کلمات کو اپنے (اصل) مقامات سے پھیر دیتے ہیں اور کہتے ہیں: ہم نے سن لیا اور نہیں مانا، اور (یہ بھی کہتے ہیں:) سنیئے! (معاذ اللہ!) آپ سنوائے نہ جائیں، اور اپنی زبانیں مروڑ کر دین میں طعنہ زنی کرتے ہوئے”رَاعِنَا“ کہتے ہیں، اور اگر وہ لوگ (اس کی جگہ) یہ کہتے کہ ہم نے سنا اور ہم نے اطاعت کی اور (حضور! ہماری گزارش) سنئے اور ہماری طرف نظرِ (کرم) فرمائیے تو یہ اُن کے لئے بہتر ہوتا اور (یہ قول بھی) درست اور مناسب ہوتا، لیکن اللہ نے ان کے کفر کے باعث ان پر لعنت کی سو تھوڑے لوگوں کے سوا وہ ایمان نہیں لاتے،