سورة النساء — آيت 92
Surah An-Nisa 4:92
وَ مَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ اَنْ یَّقْتُلَ مُؤْمِنًا اِلَّا خَطَـًٔا١ۚ وَ مَنْ قَتَلَ مُؤْمِنًا خَطَـًٔا فَتَحْرِیْرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ وَّ دِیَةٌ مُّسَلَّمَةٌ اِلٰۤى اَهْلِهٖۤ اِلَّاۤ اَنْ یَّصَّدَّقُوْا١ؕ فَاِنْ كَانَ مِنْ قَوْمٍ عَدُوٍّ لَّكُمْ وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَتَحْرِیْرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ١ؕ وَ اِنْ كَانَ مِنْ قَوْمٍۭ بَیْنَكُمْ وَ بَیْنَهُمْ مِّیْثَاقٌ فَدِیَةٌ مُّسَلَّمَةٌ اِلٰۤى اَهْلِهٖ وَ تَحْرِیْرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ١ۚ فَمَنْ لَّمْ یَجِدْ فَصِیَامُ شَهْرَیْنِ مُتَتَابِعَیْنِ١٘ تَوْبَةً مِّنَ اللّٰهِ١ؕ وَ كَانَ اللّٰهُ عَلِیْمًا حَكِیْمًا۹۲سنڌي ترجمو
۽ ڪنهن مؤمن جو ڪم نه آهي جو ڪنهن ٻئي مؤمن کي قتل ڪري سواءِ غلطيءَ جي، ۽ جيڪو ڪنهن مؤمن کي غلطيءَ ۾ قتل ڪري وجهي ته (ان جي سزا) مؤمن ٻانهو آزاد ڪرڻ ۽ خون بها مقتول جي گهر وارن جي حوالي ڪرڻ آهي سواءِ هن جي جو اهي (خون بها) معاف ڪري ڇڏن. پوءِ جيڪڏهن (مقتول) اوهان جي دشمن قوم مان هجي ۽ اهو مؤمن به هجي ته پوءِ (صرف) هڪ مؤمن ٻانهو آزاد ڪرڻ (لازم) آهي. ۽ جي (مقتول) اهڙي قوم مان آهي جو توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو معاهدو ٿيل آهي ته پوءِ ان جي گهروارن کي خون بها حوالي ڪئي ويندي ۽ مؤمن ٻانهو به آزاد ڪرڻ (لازم) آهي. پوءِ جيڪو (ٻانهو يا ٻانهي) نه لهي ته پوءِ ان کي ٻه مهينا لڳو لڳ روزا رکڻ (لازم) آهي. اها الله پاران توبه آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
اردو ترجمہ
اور کسی مسلمان کے لئے (جائز) نہیں کہ وہ کسی مسلمان کو قتل کر دے مگر (بغیر قصد) غلطی سے، اور جس نے کسی مسلمان کو نادانستہ قتل کر دیا تو (اس پر) ایک مسلمان غلام / باندی کا آزاد کرنا اور خون بہا (کا ادا کرنا) جو مقتول کے گھر والوں کے سپرد کیا جائے (لازم ہے) مگر یہ کہ وہ معاف کر دیں، پھر اگر وہ (مقتول) تمہاری دشمن قوم سے ہو اور وہ مومن (بھی) ہو تو (صرف) ایک غلام / باندی کا آزاد کرنا (ہی لازم) ہے اور اگر وہ (مقتول) اس قوم میں سے ہو کہ تمہارے اور ان کے درمیان (صلح کا) معاہدہ ہے تو خون بہا (بھی) جو اس کے گھر والوں کے سپرد کیا جائے اور ایک مسلمان غلام / باندی کا آزاد کرنا (بھی لازم) ہے۔ پھر جس شخص کو (غلام / باندی) میسر نہ ہو تو (اس پر) پے در پے دو مہینے کے روزے (لازم) ہیں۔ اللہ کی طرف سے (یہ اس کی) توبہ ہے، اور اللہ خوب جاننے والا بڑی حکمت والا ہے،