سورة المايدة — آيت 103
Surah Al-Ma'idah 5:103
مَا جَعَلَ اللّٰهُ مِنْۢ بَحِیْرَةٍ وَّ لَا سَآىِٕبَةٍ وَّ لَا وَصِیْلَةٍ وَّ لَا حَامٍ١ۙ وَّ لٰكِنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا یَفْتَرُوْنَ عَلَى اللّٰهِ الْكَذِبَ١ؕ وَ اَكْثَرُهُمْ لَا یَعْقِلُوْنَ۱۰۳سنڌي ترجمو
الله نه بحيره (يعني ڏھ دفعا ڦَــرُ ڏيڻ واري ڏاچِي) نه سائبه (يعني پنج دفعا ڦَرُ ڏيڻ واري ڏاچي) ۽ نه وصيلة (يعني هڪ ئي دفعي نر ۾ مادي سان ڦرجڻ واري ٻڪري) ۽ نه حام (يعني اهو نَــرُ اُٺُ جنهن ڏهن ڏاچين کي ڦريو هجي انهن جانورن) کي (شرعي طور حُرمت وارو) مقرر ڪيو آهي (جيئن جاهل پنهنجي وهمن ۾ سمجھن ٿا) ۽ پر جن ڪفر ڪيو سي الله مٿان ڪوڙو بهتان ٻَـــڌن ٿا. ۽ انهن مان گهڻا عقل نه ٿا رکن.
اردو ترجمہ
اللہ نے نہ تو بحیرہ کو (اَمرِ شرعی) مقرر کیا ہے اور نہ سائبہ کو اور نہ وصیلہ کو اور نہ حام کو، لیکن کافر لوگ اللہ پر جھوٹا بہتان باندھتے ہیں، اور ان میں سے اکثر عقل نہیں رکھتے،