سورة المايدة — آيت 110
Surah Al-Ma'idah 5:110
اِذْ قَالَ اللّٰهُ یٰعِیْسَى ابْنَ مَرْیَمَ اذْكُرْ نِعْمَتِیْ عَلَیْكَ وَ عَلٰى وَ الِدَتِكَ١ۘ اِذْ اَیَّدْتُّكَ بِرُوْحِ الْقُدُسِ١۫ تُكَلِّمُ النَّاسَ فِی الْمَهْدِ وَ كَهْلًا١ۚ وَ اِذْ عَلَّمْتُكَ الْكِتٰبَ وَ الْحِكْمَةَ وَ التَّوْرٰىةَ وَ الْاِنْجِیْلَ١ۚ وَ اِذْ تَخْلُقُ مِنَ الطِّیْنِ كَهَیْـَٔةِ الطَّیْرِ بِاِذْنِیْ فَتَنْفُخُ فِیْهَا فَتَكُوْنُ طَیْرًۢا بِاِذْنِیْ وَ تُبْرِئُ الْاَكْمَهَ وَ الْاَبْرَصَ بِاِذْنِیْ١ۚ وَ اِذْ تُخْرِجُ الْمَوْتٰى بِاِذْنِیْ١ۚ وَ اِذْ كَفَفْتُ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ عَنْكَ اِذْ جِئْتَهُمْ بِالْبَیِّنٰتِ فَقَالَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْهُمْ اِنْ هٰذَاۤ اِلَّا سِحْرٌ مُّبِیْنٌ۱۱۰سنڌي ترجمو
جڏهن الله فرمائيندو: اي عيسيٰ پُٽ مريم جا! تون پاڻ تي ۽ پنهنجي ماءُ تي منهنجو ٿورو ياد ڪر. جڏهن مون پاڪ روح (جبريل) جي ذريعي تنهنجي مدد ڪئي، تو ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي عمر ۾ پئي ڳالهايو، ۽ جڏهن مون توکي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ تورات ۽ انجيل سيکاريو. ۽ جڏهن تو منهنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل بنائي ان ۾ ڦوڪ هنئي ٿي ته اهو منهنجي حڪم سان پکي ٿي پيو ٿي ۽ ڄائي ڄم واري انڌي کي ۽ ڪوڙهئي کي منهنجي حڪم سان چڱو ڀلو ڪيئي ٿي ۽ جڏهن تو مُئلن کي منهنجي حڪم سان (قبر مان) زنده ڪري ڪڍيو ٿي. ۽ جڏهن مون بني اسرائيل کي توکان (يعني تنهنجي قتل کان) روڪيو جڏهن تو انهن وٽ چِٽيون نشانيون آنديون ته انهن مان ڪافرن چيو: ”اهو کلي جادو کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي“.
اردو ترجمہ
جب اللہ فرمائے گا: اے عیسٰی ابن مریم! تم اپنے اوپر اور اپنی والدہ پر میرا احسان یاد کرو جب میں نے پاک روح (جبرائیل) کے ذریعے تمہیں تقویت بخشی، تم گہوارے میں (بعہدِ طفولیت) اور پختہ عمری میں (بعہدِ تبلیغ و رسالت یکساں انداز سے) لوگوں سے گفتگو کرتے تھے، اور جب میں نے تمہیں کتاب اور حکمت (و دانائی) اور تورات اور انجیل سکھائی، اور جب تم میرے حکم سے مٹی کے گارے سے پرندے کی شکل کی مانند (مورتی) بناتے تھے پھر تم اس میں پھونک مارتے تھے تو وہ (مورتی) میرے حکم سے پرندہ بن جاتی تھی، اور جب تم مادر زاد اندھوں اور کوڑھیوں (یعنی برص زدہ مریضوں) کو میرے حکم سے اچھا کر دیتے تھے، اور جب تم میرے حکم سے مُردوں کو (زندہ کر کے قبر سے) نکال (کھڑا کر) دیتے تھے، اور جب میں نے بنی اسرائیل کو تمہارے (قتل) سے روک دیا تھا جب کہ تم ان کے پاس واضح نشانیاں لے کر آئے تو ان میں سے کافروں نے (یہ) کہہ دیا کہ یہ تو کھلے جادو کے سوا کچھ نہیں،