سورة المايدة — آيت 6
Surah Al-Ma'idah 5:6
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا قُمْتُمْ اِلَى الصَّلٰوةِ فَاغْسِلُوْا وُجُوْهَكُمْ وَ اَیْدِیَكُمْ اِلَى الْمَرَافِقِ وَ امْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَ اَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَیْنِ١ؕ وَ اِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوْا١ؕ وَ اِنْ كُنْتُمْ مَّرْضٰۤى اَوْ عَلٰى سَفَرٍ اَوْ جَآءَ اَحَدٌ مِّنْكُمْ مِّنَ الْغَآىِٕطِ اَوْ لٰمَسْتُمُ النِّسَآءَ فَلَمْ تَجِدُوْا مَآءً فَتَیَمَّمُوْا صَعِیْدًا طَیِّبًا فَامْسَحُوْا بِوُجُوْهِكُمْ وَ اَیْدِیْكُمْ مِّنْهُ١ؕ مَا یُرِیْدُ اللّٰهُ لِیَجْعَلَ عَلَیْكُمْ مِّنْ حَرَجٍ وَّ لٰكِنْ یُّرِیْدُ لِیُطَهِّرَكُمْ وَ لِیُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَیْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ۶سنڌي ترجمو
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان نماز لاءِ اٿو (۽ اوهان بي وضو هجو) ته پوءِ (وضو لاءِ) پنهنجي چهرن کي ڌوئو ۽ پنهنجن هٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنهنجي مٿن جي مک ڪيو ۽ پنهنجي پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو.) ۽ جيڪڏهن توهان تڙ وارا هجو ته (وهنجي) سهڻي نموني پاڪ ٿيو ۽ جي توهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو قضاء حاجت کان آيو هجي ته يا توهان عورتن سان جماع ڪيو هجي پوءِ جي پاڻي نه لهو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪيو. پوءِ (تيمم هي آهي جو) ان (پاڪ مٽي) سان پنهنجي چهرن ۽ پنهنجي (ٺوٺين تائين) هٿن جي مک ڪيو. الله نه ٿو چاهي جو اوهان مٿان سختي ڪري ۽ پر چاهي ٿو ته اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري من اوهان شڪر گذار ٿيو.
اردو ترجمہ
اے ایمان والو! جب (تمہارا) نماز کیلئے کھڑے (ہونے کا ارادہ) ہو تو (وضو کے لئے) اپنے چہروں کو اور اپنے ہاتھوں کو کہنیوں سمیت دھو لو اور اپنے سروں کا مسح کرو اور اپنے پاؤں (بھی) ٹخنوں سمیت (دھو لو)، اور اگر تم حالتِ جنابت میں ہو تو (نہا کر) خوب پاک ہو جاؤ، اور اگر تم بیمار ہو یا سفر میں ہو یا تم سے کوئی رفعِ حاجت سے (فارغ ہو کر) آیا ہو یا تم نے عورتوں سے قربت (مجامعت) کی ہو پھر تم پانی نہ پاؤ تو (اندریں صورت) پاک مٹی سے تیمم کر لیا کرو۔ پس (تیمم یہ ہے کہ) اس (پاک مٹی) سے اپنے چہروں اور اپنے (پورے) ہاتھوں کا مسح کر لو۔ اﷲ نہیں چاہتا کہ وہ تمہارے اوپر کسی قسم کی سختی کرے لیکن وہ (یہ) چاہتا ہے کہ تمہیں پاک کردے اور تم پر اپنی نعمت پوری کر دے تاکہ تم شکر گزار بن جاؤ،