سورة المايدة — آيت 64
Surah Al-Ma'idah 5:64
وَ قَالَتِ الْیَهُوْدُ یَدُ اللّٰهِ مَغْلُوْلَةٌ١ؕ غُلَّتْ اَیْدِیْهِمْ وَ لُعِنُوْا بِمَا قَالُوْا١ۘ بَلْ یَدٰهُ مَبْسُوْطَتٰنِ١ۙ یُنْفِقُ كَیْفَ یَشَآءُ١ؕ وَ لَیَزِیْدَنَّ كَثِیْرًا مِّنْهُمْ مَّاۤ اُنْزِلَ اِلَیْكَ مِنْ رَّبِّكَ طُغْیَانًا وَّ كُفْرًا١ؕ وَ اَلْقَیْنَا بَیْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَ الْبَغْضَآءَ اِلٰى یَوْمِ الْقِیٰمَةِ١ؕ كُلَّمَاۤ اَوْقَدُوْا نَارًا لِّلْحَرْبِ اَطْفَاَهَا اللّٰهُ١ۙ وَ یَسْعَوْنَ فِی الْاَرْضِ فَسَادًا١ؕ وَ اللّٰهُ لَا یُحِبُّ الْمُفْسِدِیْنَ۶۴سنڌي ترجمو
۽ يهودين چيو ته الله جو هٿ ٻَڌَلُ آهي (يعني بخيل آهي) ٻڌا ويا انهن جا هٿ! ۽ جيڪي چيائون انڪري مٿن لعنت ڪئي وئي. بلڪه الله جا ٻئي هٿ (عطائن ۾) کُليل آهن اهو جيئن چاهي ٿو خرچ ڪري ٿو. ۽ (اي نبي!) تو ڏانهن جيڪو تنهنجي پالڻهار وٽان نازل ٿيو آهي سو انهن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو. ۽ اسان انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن تائين بغض ۽ دشمني وجهي ڇڏي. جڏهن به اُهي جنگ جي باھ ڀڙڪائن ٿا ته الله ان کي اجهائي ڇڏي ٿو ۽ اُهي زمين ۾ فساد جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ۽ الله فسادين کي پسند نه ٿو ڪري.
اردو ترجمہ
اور یہود کہتے ہیں کہ اﷲ کا ہاتھ بندھا ہوا ہے (یعنی معاذ اﷲ وہ بخیل ہے)، ان کے (اپنے) ہاتھ باندھے جائیں اور جو کچھ انہوں نے کہا اس کے باعث ان پر لعنت کی گئی، بلکہ (حق یہ ہے کہ) اس کے دونوں ہاتھ (جود و سخا کے لئے) کشادہ ہیں، وہ جس طرح چاہتا ہے خرچ (یعنی بندوں پر عطائیں) فرماتا ہے، اور (اے حبیب!) جو (کتاب) آپ کی طرف آپ کے ربّ کی جانب سے نازل کی گئی ہے یقیناً ان میں سے اکثر لوگوں کو (حسداً) سر کشی اور کفر میں اور بڑھا دے گی، اور ہم نے ان کے درمیان روزِ قیامت تک عداوت اور بغض ڈال دیا ہے، جب بھی یہ لوگ جنگ کی آگ بھڑکاتے ہیں اﷲ اسے بجھا دیتا ہے اور یہ (روئے) زمین میں فساد انگیزی کرتے رہتے ہیں، اور اﷲ فساد کرنے والوں کو پسند نہیں کرتا،