سورة الا نعام — آيت 141
Surah Al-An'am 6:141
وَ هُوَ الَّذِیْۤ اَنْشَاَ جَنّٰتٍ مَّعْرُوْشٰتٍ وَّ غَیْرَ مَعْرُوْشٰتٍ وَّ النَّخْلَ وَ الزَّرْعَ مُخْتَلِفًا اُكُلُهٗ وَ الزَّیْتُوْنَ وَ الرُّمَّانَ مُتَشَابِهًا وَّ غَیْرَ مُتَشَابِهٍ١ؕ كُلُوْا مِنْ ثَمَرِهٖۤ اِذَاۤ اَثْمَرَ وَ اٰتُوْا حَقَّهٗ یَوْمَ حَصَادِهٖ١ۖ٘ وَ لَا تُسْرِفُوْا١ؕ اِنَّهٗ لَا یُحِبُّ الْمُسْرِفِیْنَۙ۱۴۱سنڌي ترجمو
۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن ڇپرن تي وڇايل (وَلِيُن وارا) باغ ۽ اَڻَ وڇايل (وڻن وارا) باغ بنايا ۽ کجي (جا وڻ) ۽ پوک جنهن جا ميوا مختلف ذائقي وارا آهن ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون (جي شڪل ۾) هڪ ٻئي سان ملندڙ ۽ (ذائقي ۾) جدا آهن (به پيدا ڪيا) جڏهن ميوو جهلن ته انهن جي ميوي مان کائو ۽ ان جي ڪٽائي واري ڏينهن ان جو حق (زڪواة ۽ عُشر) به ادا ڪيو ۽ اجايو خرچ نه ڪيو. ڇو ته بيشڪ اُهو (الله) اجائي خرچ ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.
اردو ترجمہ
اور وہی ہے جس نے برداشتہ اور غیر برداشتہ (یعنی بیلوں کے ذریعے اوپر چڑھائے گئے اور بغیر اوپر چڑھائے گئے) باغات پیدا فرمائے اور کھجور (کے درخت) اور زراعت جس کے پھل گوناگوں ہیں اور زیتون اور انار (جو شکل میں) ایک دوسرے سے ملتے جلتے ہیں اور (ذائقہ میں) جداگانہ ہیں (بھی پیدا کئے)۔ جب (یہ درخت) پھل لائیں تو تم ان کے پھل کھایا (بھی) کرو اور اس (کھیتی اور پھل) کے کٹنے کے دن اس کا (اﷲ کی طرف سے مقرر کردہ) حق (بھی) ادا کر دیا کرو اور فضول خرچی نہ کیا کرو، بیشک وہ بے جا خرچ کرنے والوں کو پسند نہیں کرتا،