سورة الممتحنة — آيت 10
Surah Al-Mumtahanah 60:10
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا جَآءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ١ؕ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِاِیْمَانِهِنَّ١ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ١ؕ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَ لَا هُمْ یَحِلُّوْنَ لَهُنَّ١ؕ وَ اٰتُوْهُمْ مَّاۤ اَنْفَقُوْا١ؕ وَ لَا جُنَاحَ عَلَیْكُمْ اَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ اِذَاۤ اٰتَیْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ١ؕ وَ لَا تُمْسِكُوْا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَ سْـَٔلُوْا مَاۤ اَنْفَقْتُمْ وَ لْیَسْـَٔلُوْا مَاۤ اَنْفَقُوْا١ؕ ذٰلِكُمْ حُكْمُ اللّٰهِ١ؕ یَحْكُمُ بَیْنَكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌ حَكِیْمٌ۱۰سنڌي ترجمو
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان وٽ ايمان واريون عورتون هجرت ڪري اچن ته توهان انهن جي (مؤمن هجڻ جي) جانچ ڪيو. الله انهن جي ايمان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. پوءِ اگر اوهان کي انهن جي مؤمن هجڻ جو يقين ٿئي ته انهن کي ڪافرن ڏانهن نه موٽايو. نه اُهي (مؤمنياڻيون) انهن (ڪافرن) لاءِ حلال آهن ۽ نه اُهي (ڪافر) هنن لاءِ حلال آهن. ۽ انهن (ڪافر مردن) جيڪو (مال انهن تي بطور مهر) خرچ ڪيو هجي سو کين ادا ڪيو. ۽ توهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه گناھ نه آهي، جڏهن توهان کين سندن حق مهر ادا ڪري ڏيو، ۽ (اي مسلمانو!) ڪافر عورتن جي عزت پنهنجي قبضي ۾ نه رکو (يعني پنهنجي نڪاح ۾ نه رکو) ۽ توهان جيڪو خرچ ڪيو هجي سو گُهري وٺو، ۽ جو انهن خرچ ڪيو هجي سو اُهي گُهري وٺن. اهو الله جو حڪم آهي. اُهو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
اردو ترجمہ
اے ایمان والو! جب تمہارے پاس مومن عورتیں ہجرت کر کے آئیں تو انہیں اچھی طرح جانچ لیا کرو، اللہ اُن کے ایمان (کی حقیقت) سے خوب آگاہ ہے، پھر اگر تمہیں اُن کے مومن ہونے کا یقین ہو جائے تو انہیں کافروں کی طرف واپس نہ بھیجو، نہ یہ (مومنات) اُن (کافروں) کے لئے حلال ہیں اور نہ وہ (کفّار) اِن (مومن عورتوں) کے لئے حلال ہیں، اور اُن (کافروں) نے جو (مال بصورتِ مَہر اِن پر) خرچ کیا ہو وہ اُن کو ادا کر دو، اور تم پر اس (بات) میں کوئی گناہ نہیں کہ تم اِن سے نکاح کر لو جبکہ تم اُن (عورتوں) کا مَہر انہیں ادا کر دو، اور (اے مسلمانو!) تم بھی کافر عورتوں کو (اپنے) عقدِ نکاح میں نہ روکے رکھو اور تم (کفّار سے) وہ (مال) طلب کر لو جو تم نے (اُن عورتوں پر بصورتِ مَہر) خرچ کیا تھا اور وہ (کفّار تم سے) وہ (مال) مانگ لیں جو انہوں نے (اِن عورتوں پر بصورتِ مَہر) خرچ کیا تھا، یہی اللہ کا حکم ہے، اور وہ تمہارے درمیان فیصلہ فرما رہا ہے، اور اللہ خوب جاننے والا بڑی حکمت والا ہے،