سورة الاعراف — آيت 143
Surah Al-A'raf 7:143
وَ لَمَّا جَآءَ مُوْسٰى لِمِیْقَاتِنَا وَ كَلَّمَهٗ رَبُّهٗ١ۙ قَالَ رَبِّ اَرِنِیْۤ اَنْظُرْ اِلَیْكَ١ؕ قَالَ لَنْ تَرٰىنِیْ وَ لٰكِنِ انْظُرْ اِلَى الْجَبَلِ فَاِنِ اسْتَقَرَّ مَكَانَهٗ فَسَوْفَ تَرٰىنِیْ١ۚ فَلَمَّا تَجَلّٰى رَبُّهٗ لِلْجَبَلِ جَعَلَهٗ دَكًّا وَّ خَرَّ مُوْسٰى صَعِقًا١ۚ فَلَمَّاۤ اَفَاقَ قَالَ سُبْحٰنَكَ تُبْتُ اِلَیْكَ وَ اَنَا اَوَّلُ الْمُؤْمِنِیْنَ۱۴۳سنڌي ترجمو
۽ جڏهن موسيٰ اسان جي وعدي واري وقت (۽ جاءِ) تي آيو ته ان سان سندس پالڻهار ڳالهايو. چيائين: ”اي پروردگار! مون کي (پنهنجو جلوو) ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان“. فرمايائين: ”تون مون کي ڏسي نه سگهندين ۽ پر تون پهاڙ (طور) ڏانهن نهار پوءِ جي اهو پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو ته پوءِ جلد تون مون کي ڏسي سگهندين“. پوءِ جڏهن سندس پالڻهار جبل تي تجلي فرمائي ته ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين ۽ موسيٰ بي هوش ٿي ڪِري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين: ”توکي پاڪائي آهي تنهنجي حضور ۾ توبه ڪيم ۽ آءٌ سڀ کان پهريون ايمان آڻڻ وارو آهيان“.
اردو ترجمہ
اور جب موسٰی (علیہ السلام) ہمارے (مقرر کردہ) وقت پر حاضر ہوا اور اس کے رب نے اس سے کلام فرمایا تو (کلامِ ربانی کی لذت پا کر دیدار کا آرزو مند ہوا اور) عرض کرنے لگا: اے رب! مجھے (اپنا جلوہ) دکھا کہ میں تیرا دیدار کرلوں، ارشاد ہوا: تم مجھے (براہِ راست) ہرگز دیکھ نہ سکوگے مگر پہاڑ کی طرف نگاہ کرو پس اگر وہ اپنی جگہ ٹھہرا رہا تو عنقریب تم میرا جلوہ کرلوگے۔ پھر جب اس کے رب نے پہاڑ پر (اپنے حسن کا) جلوہ فرمایا تو (شدّتِ اَنوار سے) اسے ریزہ ریزہ کر دیا اور موسٰی (علیہ السلام) بے ہوش ہو کر گر پڑا۔ پھر جب اسے افاقہ ہوا تو عرض کیا: تیری ذات پاک ہے میں تیری بارگاہ میں توبہ کرتا ہوں اور میں سب سے پہلا ایمان لانے والا ہوں،