سورة الاعراف — آيت 33
Surah Al-A'raf 7:33
قُلْ اِنَّمَا حَرَّمَ رَبِّیَ الْفَوَاحِشَ مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَ مَا بَطَنَ وَ الْاِثْمَ وَ الْبَغْیَ بِغَیْرِ الْحَقِّ وَ اَنْ تُشْرِكُوْا بِاللّٰهِ مَا لَمْ یُنَزِّلْ بِهٖ سُلْطٰنًا وَّ اَنْ تَقُوْلُوْا عَلَى اللّٰهِ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ۳۳سنڌي ترجمو
چؤ: منهنجي پالڻهار جن شين کي حرام ڪيو آهي سي ته هي آهن. بي حيائي جي ڪمن کي انهن مان جي کليل آهن ۽ جي لڪل آهن ۽ گناھ کي ۽ حق جي خلاف زيادتي کي ۽ هن ڳالھ کي جو الله سان ڪنهن اهڙي کي شريڪ ڪيو جنهن بابت ان ڪو دليل نه لاٿو آهي ۽ هي ته الله تي اهڙيون ڳالهيون چئو جن کي توهان پاڻ به نه ٿا ڄاڻو.
اردو ترجمہ
فرما دیجئے کہ میرے ربّ نے (تو) صرف بے حیائی کی باتوں کو حرام کیا ہے جو ان میں سے ظاہر ہوں اور جو پوشیدہ ہوں (سب کو) اور گناہ کو اور ناحق زیادتی کو اور اس بات کو کہ تم اﷲ کا شریک ٹھہراؤ جس کی اس نے کوئی سند نہیں اتاری اور (مزید) یہ کہ تم اﷲ (کی ذات) پر ایسی باتیں کہو جو تم خود بھی نہیں جانتے،