سورة الاعراف — آيت 43
Surah Al-A'raf 7:43
وَ نَزَعْنَا مَا فِیْ صُدُوْرِهِمْ مِّنْ غِلٍّ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ١ۚ وَ قَالُوا الْحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِیْ هَدٰىنَا لِهٰذَا١۫ وَ مَا كُنَّا لِنَهْتَدِیَ لَوْ لَاۤ اَنْ هَدٰىنَا اللّٰهُ١ۚ لَقَدْ جَآءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِالْحَقِّ١ؕ وَ نُوْدُوْۤا اَنْ تِلْكُمُ الْجَنَّةُ اُوْرِثْتُمُوْهَا بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۴۳سنڌي ترجمو
۽ اسان انهن جي سينن مان ڪڍي ڇڏينداسين جيڪو ڪينو (ڪنهن لاءِ) هوندو. انهن جي (ماڙين) هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ چوندا ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي هي راھ وٺائي ۽ اسان اها راھ نه وٺون ها جي الله (خود) اسان کي اها راھ نه وٺائي ها. تحقيق اسان جي پالڻهار جا رسول حق سان آيا“. ۽ انهن کي سَڏي چيو ويندو ته: ”هي جنت جنهن جا اوهان وارث بنايا ويا آهيو انهن عملن جي بدلي آهي جيڪي توهان ڪندا هئا“.
اردو ترجمہ
اور ہم وہ (رنجش و) کینہ جو ان کے سینوں میں (دنیا کے اندر ایک دوسرے کے لئے) تھا نکال (کے دور کر) دیں گے ان کے (محلوں کے) نیچے نہریں جاری ہوں گی، اور وہ کہیں گے: سب تعریفیں اﷲ ہی کے لئے ہیں جس نے ہمیں یہاں تک پہنچا دیا، اور ہم (اس مقام تک کبھی) راہ نہ پا سکتے تھے اگر اﷲ ہمیں ہدایت نہ فرماتا، بیشک ہمارے رب کے رسول حق (کا پیغام) لائے تھے، اور (اس دن) ندا دی جائے گی کہ تم لوگ اس جنت کے وارث بنا دیئے گئے ہو ان (نیک) اعمال کے باعث جو تم انجام دیتے تھے،