سورة الاعراف — آيت 53
Surah Al-A'raf 7:53
هَلْ یَنْظُرُوْنَ اِلَّا تَاْوِیْلَهٗ١ؕ یَوْمَ یَاْتِیْ تَاْوِیْلُهٗ یَقُوْلُ الَّذِیْنَ نَسُوْهُ مِنْ قَبْلُ قَدْ جَآءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِالْحَقِّ١ۚ فَهَلْ لَّنَا مِنْ شُفَعَآءَ فَیَشْفَعُوْا لَنَاۤ اَوْ نُرَدُّ فَنَعْمَلَ غَیْرَ الَّذِیْ كُنَّا نَعْمَلُ١ؕ قَدْ خَسِرُوْۤا اَنْفُسَهُمْ وَ ضَلَّ عَنْهُمْ مَّا كَانُوْا یَفْتَرُوْنَ۠۵۳سنڌي ترجمو
اهي رڳو ان (ڪتاب جي ڳالهين) جي انجام جي انتظار ۾ آهن. جنهن ڏينهن ان جو انجام اڳيان ايندو ته اهي ماڻهو جن هن کان اڳ ان (ڪتاب) کي وساري ڇڏيو هيو سي چوندا: ”بيشڪ اسان جي پالڻهار جا رسول حق کڻي آيا هئا. ڇا پوءِ (اڄ) اسان جا ڪي سفارشي آهن؟ جيڪي اسان جي سفارش ڪن يا اسان کي (دنيا ۾) موٽايو وڃي ته پوءِ اسان جيڪي ڪم ڪندا هئاسين انهن کان سواءِ ٻيا ڪم ڪيون“. تحقيق انهن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ انهن کان گم ٿي وينديون جيڪي ڳالهيون گهڙيندا هئا.
اردو ترجمہ
وہ صرف اس (کہی ہوئی بات) کے انجام کے منتظر ہیں، جس دن اس (بات) کا انجام سامنے آجائے گا وہ لوگ جو اس سے قبل اسے بھلا چکے تھے کہیں گے: بیشک ہمارے رب کے رسول حق (بات) لے کر آئے تھے، سو کیا (آج) ہمارے کوئی سفارشی ہیں جو ہمارے لئے سفارش کر دیں یا ہم (پھر دنیا میں) لوٹا دیئے جائیں تاکہ ہم (اس مرتبہ) ان (اعمال) سے مختلف عمل کریں جو (پہلے) کرتے رہے تھے۔ بیشک انہوں نے اپنے آپ کو نقصان پہنچایا اور وہ (بہتان و افتراء) ان سے جاتا رہا جو وہ گھڑا کرتے تھے،