سورة الا نفال — آيت 72
Surah Al-Anfal 8:72
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ هَاجَرُوْا وَ جٰهَدُوْا بِاَمْوَالِهِمْ وَ اَنْفُسِهِمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ وَ الَّذِیْنَ اٰوَوْا وَّ نَصَرُوْۤا اُولٰٓىِٕكَ بَعْضُهُمْ اَوْلِیَآءُ بَعْضٍ١ؕ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ لَمْ یُهَاجِرُوْا مَا لَكُمْ مِّنْ وَّلَایَتِهِمْ مِّنْ شَیْءٍ حَتّٰى یُهَاجِرُوْا١ۚ وَ اِنِ اسْتَنْصَرُوْكُمْ فِی الدِّیْنِ فَعَلَیْكُمُ النَّصْرُ اِلَّا عَلٰى قَوْمٍۭ بَیْنَكُمْ وَ بَیْنَهُمْ مِّیْثَاقٌ١ؕ وَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِیْرٌ۷۲سنڌي ترجمو
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ پنهنجي مالن ۽ جانين سان الله جي واٽ ۾ جهاد ڪيائون ۽ اُهي ماڻهو جن (مهاجرن کي) جڳھ ڏني ۽ مدد ڪئي اُهي هڪ ٻئي جا دوست (يعني سار سنڀال لهندڙ) آهن. ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ (دار الاسلام طرف) هجرت نه ڪيائون ته اوهان لاءِ انهن جي سار سنڀال مان ڪا به شيءِ ضروري نه آهي جيستائين اهي هجرت ڪري اچن، ۽ جيڪڏهن اهي دين ۾ اوهان کان مدد گهري وٺن ته اوهان تي (انهن جي) مدد ڪرڻ فرض آهي پر ڪنهن اهڙي قوم جي خلاف نه جن جي ۽ اوهان جي وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو هجي. ۽ جيڪي اوهان ڪم ڪيو ٿا الله ڏسندڙ آهي.
اردو ترجمہ
بیشک جو لوگ ایمان لائے اور انہوں نے (اللہ کے لئے) وطن چھوڑ دیئے اور اپنے مالوں اور اپنی جانوں سے اللہ کی راہ میں جہاد کیا اور جن لوگوں نے (مہاجرین کو) جگہ دی اور (ان کی) مدد کی وہی لوگ ایک دوسرے کے حقیقی دوست ہیں، اور جو لوگ ایمان لائے (مگر) انہوں نے (اللہ کے لئے) گھر بار نہ چھوڑے تو تمہیں ان کی دوستی سے کوئی سروکار نہیں یہاں تک کہ وہ ہجرت کریں اور اگر وہ دین (کے معاملات) میں تم سے مدد چاہیں تو تم پر (ان کی) مدد کرنا واجب ہے مگر اس قوم کے مقابلہ میں (مدد نہ کرنا) کہ تمہارے اور ان کے درمیان (صلح و امن کا) معاہدہ ہو، اور اللہ ان کاموں کو جو تم کر رہے ہو خوب دیکھنے والا ہے،