سورة البقرة — آيت 196
Surah Al-Baqarah 2:196
وَ اَتِمُّوا الْحَجَّ وَ الْعُمْرَةَ لِلّٰهِ١ؕ فَاِنْ اُحْصِرْتُمْ فَمَا اسْتَیْسَرَ مِنَ الْهَدْیِ١ۚ وَ لَا تَحْلِقُوْا رُءُوْسَكُمْ حَتّٰى یَبْلُغَ الْهَدْیُ مَحِلَّهٗ١ؕ فَمَنْ كَانَ مِنْكُمْ مَّرِیْضًا اَوْ بِهٖۤ اَذًى مِّنْ رَّاْسِهٖ فَفِدْیَةٌ مِّنْ صِیَامٍ اَوْ صَدَقَةٍ اَوْ نُسُكٍ١ۚ فَاِذَاۤ اَمِنْتُمْ١ٙ فَمَنْ تَمَتَّعَ بِالْعُمْرَةِ اِلَى الْحَجِّ فَمَا اسْتَیْسَرَ مِنَ الْهَدْیِ١ۚ فَمَنْ لَّمْ یَجِدْ فَصِیَامُ ثَلٰثَةِ اَیَّامٍ فِی الْحَجِّ وَ سَبْعَةٍ اِذَا رَجَعْتُمْ١ؕ تِلْكَ عَشَرَةٌ كَامِلَةٌ١ؕ ذٰلِكَ لِمَنْ لَّمْ یَكُنْ اَهْلُهٗ حَاضِرِی الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ١ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰهَ وَ اعْلَمُوْۤا اَنَّ اللّٰهَ شَدِیْدُ الْعِقَابِ۠۱۹۶سنڌي ترجمو
۽ حج ۽ عمرو الله خاطر مڪمل ڪيو. پر جي اوهان (رستي) ۾ روڪيا وڃو ته قرباني (موڪليو) جيڪا ميسر ٿي سگهي. ۽ پنهنجا مٿا تيسين نه ڪوڙايو جيسين قرباني (جو جانور) پنهنجي جاءِ تي پهچي نه وڃي. پوءِ اوهان مان ڪو بيمار هجي يا ان جي مٿي ۾ ڪا تڪليف هجي (۽ اڳ ۾ ئي مٿو ڪوڙائي) ته بدلي ۾ روزا رکي يا خيرات ڏئي يا قرباني ڪري. پوءِ جڏهن اوهان امن وارا ٿيو ته پوءِ جيڪو عمري کي حج سان ملائڻ جو فائدو وٺي ته جيڪا قرباني ملي سگهي (ڪري) پر جنهن کي اهو ميسر نه هجي ته ٽن ڏينهن جا روزا حج دوران رکي ۽ ست جڏهن واپس موٽو. اهي ڏھ (روزا) پورا ٿيا. اها (رعايت) ان لاءِ آهي جنهن جا گهر وارا مسجد الحرام (يعني شهرِ مڪه ۾) نه هجن ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻي وٺو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي.
اردو ترجمہ
اور حج اور عمرہ (کے مناسک) اﷲ کے لئے مکمل کرو، پھر اگر تم (راستے میں) روک لئے جاؤ تو جو قربانی بھی میسر آئے (کرنے کے لئے بھیج دو) اور اپنے سروں کو اس وقت تک نہ منڈواؤ جب تک قربانی (کا جانور) اپنے مقام پر نہ پہنچ جائے، پھر تم میں سے جو کوئی بیمار ہو یا اس کے سر میں کچھ تکلیف ہو (اس وجہ سے قبل از وقت سر منڈوالے) تو (اس کے) بدلے میں روزے (رکھے) یا صدقہ (دے) یا قربانی (کرے)، پھر جب تم اطمینان کی حالت میں ہو تو جو کوئی عمرہ کو حج کے ساتھ ملانے کا فائدہ اٹھائے تو جو بھی قربانی میّسر آئے (کر دے)، پھر جسے یہ بھی میّسر نہ ہو وہ تین دن کے روزے (زمانۂ) حج میں رکھے اور سات جب تم حج سے واپس لوٹو، یہ پورے دس (روزے) ہوئے، یہ (رعایت) اس کے لئے ہے جس کے اہل و عیال مسجدِ حرام کے پاس نہ رہتے ہوں (یعنی جو مکہ کا رہنے والا نہ ہو)، اور اﷲ سے ڈرتے رہو اور جان لو کہ اﷲ سخت عذاب دینے والا ہے،