سورة البقرة — آيت 197
Surah Al-Baqarah 2:197
اَلْحَجُّ اَشْهُرٌ مَّعْلُوْمٰتٌ١ۚ فَمَنْ فَرَضَ فِیْهِنَّ الْحَجَّ فَلَا رَفَثَ وَ لَا فُسُوْقَ١ۙ وَ لَا جِدَالَ فِی الْحَجِّ١ؕ وَ مَا تَفْعَلُوْا مِنْ خَیْرٍ یَّعْلَمْهُ اللّٰهُ١ؔؕ وَ تَزَوَّدُوْا فَاِنَّ خَیْرَ الزَّادِ التَّقْوٰى١٘ وَ اتَّقُوْنِ یٰۤاُولِی الْاَلْبَابِ۱۹۷سنڌي ترجمو
حج جا ڄَاتَلَ سُڃاتل مهينا آهن. پوءِ جنهن انهن ۾ (نيت ڪري پاڻ تي) حج فرض ڪيو ته حج (جي ڏينهن) ۾ نه زالن سان صحبت آهي نه ڪا بدعملي آهي نه ڪو جهيڙو جڳهڙو. ۽ جيڪا نيڪي اوهان ڪيو ٿا الله ان کي ڄاڻي ٿو ۽ سفر جو سامان ٺاهيو پوءِ بيشڪ ڀلو سامانِ سفر پرهيزگاري آهي. ۽ (خاص) مون کان ڊڄو اي عقل وارئو!
اردو ترجمہ
حج کے چند مہینے معیّن ہیں (یعنی شوّال، ذوالقعدہ اور عشرہء ذی الحجہ)، تو جو شخص ان (مہینوں) میں نیت کر کے (اپنے اوپر) حج لازم کرلے تو حج کے دنوں میں نہ عورتوں سے اختلاط کرے اور نہ کوئی (اور) گناہ اور نہ ہی کسی سے جھگڑا کرے، اور تم جو بھلائی بھی کرو اﷲ اسے خوب جانتا ہے، اور (آخرت کے) سفر کا سامان کرلو، بیشک سب سے بہترزادِ راہ تقویٰ ہے، اور اے عقل والو! میرا تقویٰ اختیار کرو،