بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الله جي نالي سان (شروع) جڪيو نھايت مھربان ٻاڄھارو آھي
قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 1 starts at Surah Al-Fatihah ayah 1 and ends at Surah 2 ayah 141. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الله جي نالي سان (شروع) جڪيو نھايت مھربان ٻاڄھارو آھي
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَۙ۱
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.
اِیَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاكَ نَسْتَعِیْنُؕ۴
(اي الله!) اسان تنهنجي ئي بندگي ڪيون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
صِرَاطَ الَّذِیْنَ اَنْعَمْتَ عَلَیْهِمْ١ۙ۬ۦ غَیْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَیْهِمْ وَ لَا الضَّآلِّیْنَ۠۷
(يعني) انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو انعام ڪيو آهي. نه انهن ماڻهن جو (رستو) جن مٿان ڏمر ٿيل آهي، ۽ نه گمراهن جو.
الٓمّٓۚ۱
الف لام ميم (هي حروف مقطعات آهن، هنن جي اصل معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ بهتر ڄاڻن ٿا)
ذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَیْبَ١ۛۖۚ فِیْهِ١ۛۚ هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ۲
(هيءُ) اهو ڪتاب آهي جو ڪو شڪ نه آهي.. ان ۾ .. هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ.
الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِالْغَیْبِ وَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَۙ۳
اهي (پرهيزگار) ماڻهو جيڪي ڳُجھ تي ايمان آڻن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.
وَ الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِمَاۤ اُنْزِلَ اِلَیْكَ وَ مَاۤ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ١ۚ وَ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ یُوْقِنُوْنَؕ۴
۽ جيڪي ايمان آڻن ٿا ان (قرآن) تي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان (ڪلامِ الاهي) تي جيڪو توکان اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا.
اُولٰٓىِٕكَ عَلٰى هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ١ۗ وَ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۵
اهي ئي پنهنجي پالڻهار جي طرفان هدايت تي آهن، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.
اِنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا سَوَآءٌ عَلَیْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا یُؤْمِنُوْنَ۶
بيشڪ اُهي ماڻهو جي ڪفر (اختيار) ڪري چُڪا انهن لاءِ هڪ جهڙو آهي جو تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين، اُهي ايمان ڪونه آڻيندا.
خَتَمَ اللّٰهُ عَلٰى قُلُوْبِهِمْ وَ عَلٰى سَمْعِهِمْ١ؕ وَ عَلٰۤى اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ١٘ وَّ لَهُمْ عَذَابٌ عَظِیْمٌ۠۷
الله مُهر هنئي آهي انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي، ۽ انهن جي اکين تي پردا (پيل) آهن ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَ بِالْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ مَا هُمْ بِمُؤْمِنِیْنَۘ۸
۽ ماڻهن مان ڪي چون ٿا: ”اسان ايمان آندو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي“، حالانڪه اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن.
یُخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا١ۚ وَ مَا یَخْدَعُوْنَ اِلَّاۤ اَنْفُسَهُمْ وَ مَا یَشْعُرُوْنَؕ۹
اهي دوکو ڏيڻ چاهن ٿا الله کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ پر (اصل ۾) اهي پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ اهي (ان ڳالھ جي) سمجھ ئي نه ٿا رکن.
فِیْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ١ۙ فَزَادَهُمُ اللّٰهُ مَرَضًا١ۚ وَ لَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌۢ١ۙ۬ بِمَا كَانُوْا یَكْذِبُوْنَ۱۰
انهن جي دلين ۾ بيماري آهي، پوءِ الله به انهن کي بيماريءَ ۾ وڌائي ڇڏيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي، هن ڪري جو اهي ڪوڙ چوندا هئا.
وَ اِذَا قِیْلَ لَهُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِی الْاَرْضِ١ۙ قَالُوْۤا اِنَّمَا نَحْنُ مُصْلِحُوْنَ۱۱
۽ جڏهن به کين چيو ويو ته زمين ۾ فساد برپا نه ڪيو ته چيائون: ”اسان ته صرف اصلاح ڪرڻ وارا آهيون“.
اَلَاۤ اِنَّهُمْ هُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَ لٰكِنْ لَّا یَشْعُرُوْنَ۱۲
خبردار! بلاشڪ اِهي ئي فسادي آهن ۽ پر اهي سمجھ نه ٿا رکن.
وَ اِذَا قِیْلَ لَهُمْ اٰمِنُوْا كَمَاۤ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْۤا اَنُؤْمِنُ كَمَاۤ اٰمَنَ السُّفَهَآءُ١ؕ اَلَاۤ اِنَّهُمْ هُمُ السُّفَهَآءُ وَ لٰكِنْ لَّا یَعْلَمُوْنَ۱۳
۽ جڏهن به کين چيو ويو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چيائون: ”ڇا اسان ائين ايمان آڻيون جيئن بي وقوفن ايمان آندو آهي“؟ خبردار بلاشڪ اهي ئي بي وقوف آهن ۽ پر اهي نه ٿا ڄاڻن.
وَ اِذَا لَقُوا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْۤا اٰمَنَّا١ۖۚ وَ اِذَا خَلَوْا اِلٰى شَیٰطِیْنِهِمْ١ۙ قَالُوْۤا اِنَّا مَعَكُمْ١ۙ اِنَّمَا نَحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ۱۴
۽ جڏهن اهي (منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ جڏهن اهي پنهنجي شيطانن سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان ته اوهان سان گڏ آهيون اسان رُڳو (مسلمانن سان) ٺٺول ڪرڻ وارا آهيون“.
اَللّٰهُ یَسْتَهْزِئُ بِهِمْ وَ یَمُدُّهُمْ فِیْ طُغْیَانِهِمْ یَعْمَهُوْنَ۱۵
الله انهن کي ٺٺول جي سزا ڏئي ٿو ۽ انهن کي مُهلت ڏئي ٿو اهي پنهنجي سرڪشي ۾ (انڌن وانگر) ڀٽڪي رهيا آهن.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى١۪ فَمَا رَبِحَتْ تِّجَارَتُهُمْ وَ مَا كَانُوْا مُهْتَدِیْنَ۱۶
هي اهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي، پوءِ انهن جو سودو نفعي وارو نه ٿيو ۽ نه اُهي هدايت وارا ٿيا.
مَثَلُهُمْ كَمَثَلِ الَّذِی اسْتَوْقَدَ نَارًا١ۚ فَلَمَّاۤ اَضَآءَتْ مَاحَوْلَهٗ ذَهَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَ تَرَكَهُمْ فِیْ ظُلُمٰتٍ لَّا یُبْصِرُوْنَ۱۷
انهن جو مثال ان ماڻهو وانگر آهي جنهن باھِ ٻارِي، پوءِ جڏهن انهيءَ (باھ) انهن جي آس پاس کي چمڪائي ڇڏيو ته الله انهن جي روشني کسي ورتي ۽ انهن کي اونداهين ۾ (ائين) ڇڏي ڏنائين جو ڪجھ نه ٿا ڏسن.
صُمٌّۢ بُكْمٌ عُمْیٌ فَهُمْ لَا یَرْجِعُوْنَۙ۱۸
اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن پوءِ اُهي (حق ڏانهن) نه ٿا موٽن.
اَوْ كَصَیِّبٍ مِّنَ السَّمَآءِ فِیْهِ ظُلُمٰتٌ وَّ رَعْدٌ وَّ بَرْقٌ١ۚ یَجْعَلُوْنَ اَصَابِعَهُمْ فِیْۤ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ١ؕ وَ اللّٰهُ مُحِیْطٌۢ بِالْكٰفِرِیْنَ۱۹
يا (انهن جو مثال) آسمان کان وسندڙ مينهن (۾ ڦاٿل ماڻهن) وانگر آهي، جنهن ۾ اونداهيون ۽ گجگوڙ ۽ وِڄُ آهي، ته اهي ڪڙڪاٽ جي سبب موت جي ڊپ کان پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ ڏين ٿا. ۽ الله ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي.
یَكَادُ الْبَرْقُ یَخْطَفُ اَبْصَارَهُمْ١ؕ كُلَّمَاۤ اَضَآءَ لَهُمْ مَّشَوْا فِیْهِ١ۙۗ وَ اِذَاۤ اَظْلَمَ عَلَیْهِمْ قَامُوْا١ؕ وَ لَوْ شَآءَ اللّٰهُ لَذَهَبَ بِسَمْعِهِمْ وَ اَبْصَارِهِمْ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۠۲۰
(ڄڻڪ) اجهو ٿي وِڄُ انهن جون اکيون کسي وٺي. جڏهن انهن لاءِ چمڪي ٿي ته ان (جي روشني) ۾ هلڻ لڳن ٿا، ۽ جڏهن انهن تي اونداھُ ڪري ٿي ته بيهي رهن ٿا. ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن جا ڪَنَ ۽ اکيون کسي وٺي ها. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اعْبُدُوْا رَبَّكُمُ الَّذِیْ خَلَقَكُمْ وَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ۲۱
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيو، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ انهن کي به (پيدا ڪيائين) جيڪي اوهان کان اڳ هئا، تان ته توهان پرهيزگار ٿي وڃو.
الَّذِیْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ فِرَاشًا وَّ السَّمَآءَ بِنَآءً١۪ وَّ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَخْرَجَ بِهٖ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزْقًا لَّكُمْ١ۚ فَلَا تَجْعَلُوْا لِلّٰهِ اَنْدَادًا وَّ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۲۲
جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ آسمان کي ڇت بنايو ۽ آسمان مان پاڻي نازل ڪيائين پوءِ ان جي ذريعي اوهان جي کاڌي لاءِ ميوا پيدا ڪيائين، پوءِ اوهان الله لاءِ شريڪ نه بنايو، حالانڪه توهان ڄاڻو ٿا.
وَ اِنْ كُنْتُمْ فِیْ رَیْبٍ مِّمَّا نَزَّلْنَا عَلٰى عَبْدِنَا فَاْتُوْا بِسُوْرَةٍ مِّنْ مِّثْلِهٖ١۪ وَ ادْعُوْا شُهَدَآءَكُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۲۳
۽ جيڪڏهن اوهان (ان ڪلام) بابت شڪ ۾ آهيو، جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪيو آهي ته پوءِ ان جهڙي ڪا هڪ سورة (ٺاهي) آڻيو. ۽ (ان لاءِ) الله کان سواءِ (ڀلي) پنهنجي مددگارن کي (به) سڏيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو!
فَاِنْ لَّمْ تَفْعَلُوْا وَ لَنْ تَفْعَلُوْا فَاتَّقُوا النَّارَ الَّتِیْ وَ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ١ۖۚ اُعِدَّتْ لِلْكٰفِرِیْنَ۲۴
پوءِ اگر اوهان (ائين) ڪري نه سگهو ۽ اوهان (ائين) ڪري ئي نه سگهندؤ ته پوءِ ڊڄو (جهنم جِي) اُن باھ کان جنهن جو ٻارڻ ماڻهو (يعني ڪفار) ۽ پٿر (يعني انهن جا بت) آهن جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.
وَ بَشِّرِ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ١ؕ كُلَّمَا رُزِقُوْا مِنْهَا مِنْ ثَمَرَةٍ رِّزْقًا١ۙ قَالُوْا هٰذَا الَّذِیْ رُزِقْنَا مِنْ قَبْلُ١ۙ وَ اُتُوْا بِهٖ مُتَشَابِهًا١ؕ وَ لَهُمْ فِیْهَاۤ اَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ١ۙۗ وَّ هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ۲۵
۽ (اي نبي) مبارڪ ڏي انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ته بيشڪ انهن لاءِ (جنت جا) باغ آهن، جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. جڏهن به انهن باغن جي ميون مان انهن کي کائڻ لاءِ ميوو ڏنو ويندو ته (صورت ڏسي) چوندا ته هي ته اُهو (ساڳيو) آهي جيڪو اسان کي اڳ ڏنو ويو هيو، حالانڪه اهي (صرف) انهيءَ (ميوي) سان (صورت ۾) ملندڙ جُلندڙ ڏنا ويندا ۽ انهن لاءِ ان (جنت) ۾ پاڪيزه گهرواريون هونديون ۽ اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا هوندا.
اِنَّ اللّٰهَ لَا یَسْتَحْیٖۤ اَنْ یَّضْرِبَ مَثَلًا مَّا بَعُوْضَةً فَمَا فَوْقَهَا١ؕ فَاَمَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا فَیَعْلَمُوْنَ اَنَّهُ الْحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ١ۚ وَ اَمَّا الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فَیَقُوْلُوْنَ مَا ذَاۤ اَرَادَ اللّٰهُ بِهٰذَا مَثَلًا١ۘ یُضِلُّ بِهٖ كَثِیْرًا١ۙ وَّ یَهْدِیْ بِهٖ كَثِیْرًا١ؕ وَ مَا یُضِلُّ بِهٖۤ اِلَّا الْفٰسِقِیْنَۙ۲۶
بيشڪ الله (سمجهائڻ لاءِ) مثال ڏيڻ ۾ ڪو به حياءُ نه ٿو ڪري پوءِ مڇر جو هجي يا (ذلت ۾) ان کان به وڌيڪ هجي. پوءِ اهي ماڻهو جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا ته اهو انهن جي پالڻهار پاران حق آهي ۽ پر جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته: ”هن مثال (ڏيڻ) مان الله ڇا ٿو چاهي“؟ (حقيقت هي آهي ته) ان (مثال) سان گهڻن کي گمراھ ڪري ٿو ۽ گهڻن کي ان ذريعي هدايت ڏئي ٿو. ۽ اُن سان گمراهي ۾ نه ٿو وجھي مگر نافرمان ماڻهن کي.
الَّذِیْنَ یَنْقُضُوْنَ عَهْدَ اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مِیْثَاقِهٖ١۪ وَ یَقْطَعُوْنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰهُ بِهٖۤ اَنْ یُّوْصَلَ وَ یُفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ۲۷
جيڪي الله جي معاهدي کي پڪو ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙن ٿا ۽ ڇنن ٿا (انهن ڳانڍاپن کي) جن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي ۽ زمين ۾ فساد مچائن ٿا، اُهي ئي نقصان وارا آهن.
كَیْفَ تَكْفُرُوْنَ بِاللّٰهِ وَ كُنْتُمْ اَمْوَاتًا فَاَحْیَاكُمْ١ۚ ثُمَّ یُمِیْتُكُمْ ثُمَّ یُحْیِیْكُمْ ثُمَّ اِلَیْهِ تُرْجَعُوْنَ۲۸
توهان الله جو انڪار ڪيئن ٿا ڪيو! حالانڪه توهان بي جان هيؤ پوءِ توهان کي جياريائين، پوءِ توهان کي ماريندو، وري جياريندو، وري اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندئو.
هُوَ الَّذِیْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًا١ۗ ثُمَّ اسْتَوٰۤى اِلَى السَّمَآءِ فَسَوّٰىهُنَّ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ١ؕ وَ هُوَ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمٌ۠۲۹
اُهو ئي آهي جنهن زمين جي هر شيءِ اوهان لاءِ پيدا ڪئي، پوءِ (ڪائنات جي) مَــٿِين حصن ڏانهن متوجھ ٿيو ته پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان بنايائين. ۽ اُهو هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
وَ اِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلٰٓىِٕكَةِ اِنِّیْ جَاعِلٌ فِی الْاَرْضِ خَلِیْفَةً١ؕ قَالُوْۤا اَتَجْعَلُ فِیْهَا مَنْ یُّفْسِدُ فِیْهَا وَ یَسْفِكُ الدِّمَآءَ١ۚ وَ نَحْنُ نُسَبِّحُ بِحَمْدِكَ وَ نُقَدِّسُ لَكَ١ؕ قَالَ اِنِّیْۤ اَعْلَمُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ۳۰
۽ جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو: ”بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب بنائڻ وارو آهيان“. چيائون: ”ڇا ان (زمين) ۾ ان کي (نائب) بنائيندين! جيڪو ان ۾ فساد برپا ڪندو، ۽ رت هاريندو، حالانڪه اسان توکي ساراهيندي تنهنجي تسبيح پڙهون ٿا ۽ تنهنجي پاڪيزگي بيان ڪيون ٿا“. فرمايائين: ”بيشڪ جيڪي آءُ ڄاڻان ٿو سو اوهان نه ٿا ڄاڻو“.
وَ عَلَّمَ اٰدَمَ الْاَسْمَآءَ كُلَّهَا ثُمَّ عَرَضَهُمْ عَلَى الْمَلٰٓىِٕكَةِ١ۙ فَقَالَ اَنْۢبِـُٔوْنِیْ بِاَسْمَآءِ هٰۤؤُلَآءِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۳۱
۽ (ان کان پوءِ) آدم کي سڀ (شين جا) نالا سيکاريائين پوءِ انهن (شين) کي ملائڪن تي پيش ڪيائين پوءِ فرمايائين: ”مون کي هنن شين جا نالا ٻڌايو اگر اوهان سچا آهيو“!
قَالُوْا سُبْحٰنَكَ لَا عِلْمَ لَنَاۤ اِلَّا مَا عَلَّمْتَنَا١ؕ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَلِیْمُ الْحَكِیْمُ۳۲
(ملائڪن) چيو: ”تون پاڪ ذات آهين، اسان وٽ ڪو علم ناهي سواءِ ان جي جيڪو تو اسان کي سيکاريو. بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهين“.
قَالَ یٰۤاٰدَمُ اَنْۢبِئْهُمْ بِاَسْمَآىِٕهِمْ١ۚ فَلَمَّاۤ اَنْۢبَاَهُمْ بِاَسْمَآىِٕهِمْ١ۙ قَالَ اَلَمْ اَقُلْ لَّكُمْ اِنِّیْۤ اَعْلَمُ غَیْبَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ۙ وَ اَعْلَمُ مَا تُبْدُوْنَ وَ مَا كُنْتُمْ تَكْتُمُوْنَ۳۳
(الله) فرمايو: ”اي آدم! تون انهن کي انهن (شين) جا نالا ٻڌاءِ“. پوءِ جڏهن اُن کين انهن (شين) جا نالا ٻڌايا ته (الله) فرمايو ته: ”ڇا مون اوهان کي نه چيو هيو ته بيشڪ آءُ آسمانن ۽ زمين جا ڳُجھ ڄاڻان ٿو ۽ (اهو به) ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿا“.
وَ اِذْ قُلْنَا لِلْمَلٰٓىِٕكَةِ اسْجُدُوْا لِاٰدَمَ فَسَجَدُوْۤا اِلَّاۤ اِبْلِیْسَ١ؕ اَبٰى وَ اسْتَكْبَرَ١٘ۗ وَ كَانَ مِنَ الْكٰفِرِیْنَ۳۴
۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪيو پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اُنَ انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪيائين ۽ (اهو انڪار سبب) ڪافرن مان ٿي پيو.
وَ قُلْنَا یٰۤاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَ زَوْجُكَ الْجَنَّةَ وَ كُلَا مِنْهَا رَغَدًا حَیْثُ شِئْتُمَا١۪ وَ لَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِیْنَ۳۵
۽ اسان چيو:”اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال (حواء) بهشت ۾ رهو ۽ ٻئي ان مان مزي سان کائو جتان به چاهيو ۽ هن وڻ جي ويجها نه وڃجو نه ته توهان حد کان وڌڻ وارن مان ٿي پوندئو“.
فَاَزَلَّهُمَا الشَّیْطٰنُ عَنْهَا فَاَخْرَجَهُمَا مِمَّا كَانَا فِیْهِ١۪ وَ قُلْنَا اهْبِطُوْا بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ١ۚ وَ لَكُمْ فِی الْاَرْضِ مُسْتَقَرٌّ وَّ مَتَاعٌ اِلٰى حِیْنٍ۳۶
پوءِ شيطان انهن ٻنهين کي ان (وڻ بابت اسان جي حڪم جي پيروي) کان هٽائي وڌو. پوءِ انهن ٻنهين کي ان (جنت) مان ڪڍيائين جنهن ۾ هئا ۽ اسان حڪم ڏنو ته: ”هيٺ لهي وڃو اوهان هڪ ٻئي جا دشمن رهندؤ ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ هڪ مقرر وقت تائين رهڻ جي جاءِ ۽ نفعو وٺڻ (مقرر ڪيو ويو) آهي“.
فَتَلَقّٰۤى اٰدَمُ مِنْ رَّبِّهٖ كَلِمٰتٍ فَتَابَ عَلَیْهِ١ؕ اِنَّهٗ هُوَ التَّوَّابُ الرَّحِیْمُ۳۷
پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار کان (کيس راضي ڪرڻ جا) ڪي ڪلما سکي ورتا پوءِ الله سندس توبه قبول ڪئي. بيشڪ اُهو وڏو توبه قبول ڪندڙ، ٻاجھارو آهي.
قُلْنَا اهْبِطُوْا مِنْهَا جَمِیْعًا١ۚ فَاِمَّا یَاْتِیَنَّكُمْ مِّنِّیْ هُدًى فَمَنْ تَبِعَ هُدَایَ فَلَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَ۳۸
اسان چيو ته: ”اوهان سڀ ان (جنت) کان لهي وڃو، پوءِ جڏهن اوهان وٽ منهنجي طرفان ڪا هدايت پهچي پوءِ جنهن به منهنجي ان هدايت جي پيروي ڪئي پوءِ نه ته انهن تي ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا“.
وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ كَذَّبُوْا بِاٰیٰتِنَاۤ اُولٰٓىِٕكَ اَصْحٰبُ النَّارِ١ۚ هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ۠۳۹
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون ته اُهي جهنمي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.
یٰبَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ اذْكُرُوْا نِعْمَتِیَ الَّتِیْۤ اَنْعَمْتُ عَلَیْكُمْ وَ اَوْفُوْا بِعَهْدِیْۤ اُوْفِ بِعَهْدِكُمْ١ۚ وَ اِیَّایَ فَارْهَبُوْنِ۴۰
اي اسرائيل (يعني يعقوب) جا اولاد! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان مٿان ڪئي ۽ اوهان منهنجي معاهدي کي پورو ڪيو ته آءُ اوهان جي معاهدي کي پورو ڪندس ۽ خاص مون کان ڊڄو.
وَ اٰمِنُوْا بِمَاۤ اَنْزَلْتُ مُصَدِّقًا لِّمَا مَعَكُمْ وَ لَا تَكُوْنُوْۤا اَوَّلَ كَافِرٍۭ بِهٖ١۪ وَ لَا تَشْتَرُوْا بِاٰیٰتِیْ ثَمَنًا قَلِیْلًا١٘ وَّ اِیَّایَ فَاتَّقُوْنِ۴۱
۽ ايمان آڻيو ان تي جيڪو مون نازل ڪيو آهي، جيڪو ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪو اوهان وٽ (اڳ موجود) آهي ۽ ان جا پهريان منڪر نه ٿيو. ۽ منهنجي آيتن جي عيوض ٿورو مُلھ نه حاصل ڪيو. ۽ خاص مون کان ڊڄندا رهو.
وَ لَا تَلْبِسُوا الْحَقَّ بِالْبَاطِلِ وَ تَكْتُمُوا الْحَقَّ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۴۲
۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ ڄاڻي واڻي حق کي نه لڪايو.
وَ اَقِیْمُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ وَ ارْكَعُوْا مَعَ الرّٰكِعِیْنَ۴۳
۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏ رڪوع ڪيو.
اَتَاْمُرُوْنَ النَّاسَ بِالْبِرِّ وَ تَنْسَوْنَ اَنْفُسَكُمْ وَ اَنْتُمْ تَتْلُوْنَ الْكِتٰبَ١ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ۴۴
ڇا اوهان (ٻين) ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڪيو ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا (يعني خود عمل نه ٿا ڪيو) حالانڪه توهان ڪتاب (به) پڙهو ٿا، ڇا پوءِ به عقل کان ڪم نه ٿا وٺو!
وَ اسْتَعِیْنُوْا بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِ١ؕ وَ اِنَّهَا لَكَبِیْرَةٌ اِلَّا عَلَى الْخٰشِعِیْنَۙ۴۵
۽ مدد وٺو (الله کان) صبر ۽ نماز سان. ۽ بيشڪ اها (نماز ماڻهن مٿان) ڳري آهي سواءِ عاجزي ڪرڻ وارن جي. (انهن تي ڳري نه آهي).
الَّذِیْنَ یَظُنُّوْنَ اَنَّهُمْ مُّلٰقُوْا رَبِّهِمْ وَ اَنَّهُمْ اِلَیْهِ رٰجِعُوْنَ۠۴۶
جيڪي يقين رکن ٿا ته اُهي پنهنجي پالڻهار جي روبرو ٿيڻ وارا آهن ۽ بيشڪ اُهي ان ڏانهن موٽڻ وارا آهن.
یٰبَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ اذْكُرُوْا نِعْمَتِیَ الَّتِیْۤ اَنْعَمْتُ عَلَیْكُمْ وَ اَنِّیْ فَضَّلْتُكُمْ عَلَى الْعٰلَمِیْنَ۴۷
اي يعقوب جا اولاد! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان تي انعام ڪئي ۽ بيشڪ مون اوهان کي (تنهن وقت ۾) جهانن تي فضيلت ڏني.
وَ اتَّقُوْا یَوْمًا لَّا تَجْزِیْ نَفْسٌ عَنْ نَّفْسٍ شَیْـًٔا وَّ لَا یُقْبَلُ مِنْهَا شَفَاعَةٌ وَّ لَا یُؤْخَذُ مِنْهَا عَدْلٌ وَّ لَا هُمْ یُنْصَرُوْنَ۴۸
۽ ڊڄو ان ڏينهن کان (جنهن ۾) ڪو شخص ڪنهن شخص جي پاران ڪنهن شيءِ جو بدلو ڏئي نه سگهندو ۽ نه ان کان ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه ان کان (جان بخشي لاءِ ڪو) عيوض ورتو ويندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.
وَ اِذْ نَجَّیْنٰكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ یَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْٓءَ الْعَذَابِ یُذَبِّحُوْنَ اَبْنَآءَكُمْ وَ یَسْتَحْیُوْنَ نِسَآءَكُمْ١ؕ وَ فِیْ ذٰلِكُمْ بَلَآءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِیْمٌ۴۹
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي قومِ فرعون (جي غلامي) کان ڇوٽڪارو ڏنو جي اوهان کي تمام سخت اذيت ڏيندا هئا، جو توهان جي پُٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهان جي نياڻين کي زنده ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ توهان جي پالڻهار پاران تمام وڏي آزمائش هئي.
وَ اِذْ فَرَقْنَا بِكُمُ الْبَحْرَ فَاَنْجَیْنٰكُمْ وَ اَغْرَقْنَاۤ اٰلَ فِرْعَوْنَ وَ اَنْتُمْ تَنْظُرُوْنَ۵۰
۽ جڏهن اسان اوهان جي (گذرڻ) لاءِ سمنڊ کي چيريو پوءِ اسان اوهان کي نجات ڏني ۽ اوهان جي نظرن جي سامهون اسان قومِ فرعون کي ٻوڙي ڇڏيو.
وَ اِذْ وٰعَدْنَا مُوْسٰۤى اَرْبَعِیْنَ لَیْلَةً ثُمَّ اتَّخَذْتُمُ الْعِجْلَ مِنْۢ بَعْدِهٖ وَ اَنْتُمْ ظٰلِمُوْنَ۵۱
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان موسيٰ سان چاليھ راتين جو وعدو ڪيو پوءِ اوهان ان جي پويان گابي (کي معبود ڪري) ورتو. ۽ توهان زيادتي ڪندڙ هيا.
ثُمَّ عَفَوْنَا عَنْكُمْ مِّنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ۵۲
پوءِ اسان ان کان پوءِ (به) توهان کي معافي ڏني تان ته توهان شڪر گذار ٿيو.
وَ اِذْ اٰتَیْنَا مُوْسَى الْكِتٰبَ وَ الْفُرْقَانَ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ۵۳
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ (معجزو) ڏنو تان ته توهان هدايت وارا ٿيو.
وَ اِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ یٰقَوْمِ اِنَّكُمْ ظَلَمْتُمْ اَنْفُسَكُمْ بِاتِّخَاذِكُمُ الْعِجْلَ فَتُوْبُوْۤا اِلٰى بَارِىِٕكُمْ فَاقْتُلُوْۤا اَنْفُسَكُمْ١ؕ ذٰلِكُمْ خَیْرٌ لَّكُمْ عِنْدَ بَارِىِٕكُمْ١ؕ فَتَابَ عَلَیْكُمْ١ؕ اِنَّهٗ هُوَ التَّوَّابُ الرَّحِیْمُ۵۴
۽ (ياد ڪيو) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ توهان گابي کي معبود بنائي پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو آهي ته پوءِ پنهنجي خلقڻهار طرف توبه ڪيو، پوءِ هڪ ٻئي کي قتل ڪيو. اهو (عمل) اوهان (جي توبه) لاءِ اوهان جي خالق وٽ ڀلو آهي“. پوءِ توهان جي توبه قبول ڪيائين. بيشڪ اُهو وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي.
وَ اِذْ قُلْتُمْ یٰمُوْسٰى لَنْ نُّؤْمِنَ لَكَ حَتّٰى نَرَى اللّٰهَ جَهْرَةً فَاَخَذَتْكُمُ الصّٰعِقَةُ وَ اَنْتُمْ تَنْظُرُوْنَ۵۵
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اوهان چيو ته: ”اي موسيٰ اسان توتي هرگز ايمان نه آڻينداسين جيستائين ظاهر ظهور الله کي نه ڏسون“. پوءِ اوهان کي وِڄُ پڪڙيو ۽ توهان ڏسي رهيا هئا.
ثُمَّ بَعَثْنٰكُمْ مِّنْۢ بَعْدِ مَوْتِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ۵۶
پوءِ اسان اوهان جي مرڻ کان بعد اوهان کي وري جياريو ته جيئن اوهان شڪر ادا ڪيو.
وَ ظَلَّلْنَا عَلَیْكُمُ الْغَمَامَ وَ اَنْزَلْنَا عَلَیْكُمُ الْمَنَّ وَ السَّلْوٰى١ؕ كُلُوْا مِنْ طَیِّبٰتِ مَا رَزَقْنٰكُمْ١ؕ وَ مَا ظَلَمُوْنَا وَ لٰكِنْ كَانُوْۤا اَنْفُسَهُمْ یَظْلِمُوْنَ۵۷
۽ اسان اوهان مٿان ڪڪر جو سايو ڪيو ۽ اسان اوهان تي مَن ۽ سلويٰ (جنتي کاڌو) لاٿو ته اسان جي عطا ڪيل پاڪيزه شين مان کائو. ۽ انهن اسان جو ڪو نقصان ڪونه ڪيو ۽ پر پنهنجو ئي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.
وَ اِذْ قُلْنَا ادْخُلُوْا هٰذِهِ الْقَرْیَةَ فَكُلُوْا مِنْهَا حَیْثُ شِئْتُمْ رَغَدًا وَّ ادْخُلُوا الْبَابَ سُجَّدًا وَّ قُوْلُوْا حِطَّةٌ نَّغْفِرْ لَكُمْ خَطٰیٰكُمْ١ؕ وَ سَنَزِیْدُ الْمُحْسِنِیْنَ۵۸
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان چيو ته: ”هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيو، پوءِ ان مان جتان چاهيو مزي سان کائو ۽ دروازي مان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ چؤ حِطَّةٌ (اي رب) اسان جا گناھ معاف ٿين ته اسان اوهان جي خطائن کي بخشي ڇڏينداسين. ۽ نيڪوڪارن کي جلد ئي وڌائينداسين“.
فَبَدَّلَ الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا قَوْلًا غَیْرَ الَّذِیْ قِیْلَ لَهُمْ فَاَنْزَلْنَا عَلَى الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا رِجْزًا مِّنَ السَّمَآءِ بِمَا كَانُوْا یَفْسُقُوْنَ۠۵۹
پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن ان قول کي جيڪو کين چيو ويو هو هڪ ٻئي ڪلمي سان بدلائي ڇڏيو. پوءِ اسان (انهن) ماڻهن تي جن ظلم ڪيو هيو آسمان کان هڪ آفت لاٿي، انڪري جو اُهي نافرماني ڪندا هئا.
وَ اِذِ اسْتَسْقٰى مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ فَقُلْنَا اضْرِبْ بِّعَصَاكَ الْحَجَرَ١ؕ فَانْفَجَرَتْ مِنْهُ اثْنَتَا عَشْرَةَ عَیْنًا١ؕ قَدْ عَلِمَ كُلُّ اُنَاسٍ مَّشْرَبَهُمْ١ؕ كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا مِنْ رِّزْقِ اللّٰهِ وَ لَا تَعْثَوْا فِی الْاَرْضِ مُفْسِدِیْنَ۶۰
۽ (ياد ڪر) جنهن وقت موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي طلب ڪئي ته اسان چيو: ”پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ“. پوءِ ان مان ٻارهن چشما وهي پيا. هر قبيلي پنهنجي پاڻي پيئڻ جي جاءِ سُڃاڻِي ورتي. (اسان چيو) الله جي ڏنل رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ زمين ۾ فساد نه پکيڙيندا وتو.
وَ اِذْ قُلْتُمْ یٰمُوْسٰى لَنْ نَّصْبِرَ عَلٰى طَعَامٍ وَّاحِدٍ فَادْعُ لَنَا رَبَّكَ یُخْرِجْ لَنَا مِمَّا تُنْۢبِتُ الْاَرْضُ مِنْۢ بَقْلِهَا وَ قِثَّآىِٕهَا وَ فُوْمِهَا وَ عَدَسِهَا وَ بَصَلِهَا١ؕ قَالَ اَتَسْتَبْدِلُوْنَ الَّذِیْ هُوَ اَدْنٰى بِالَّذِیْ هُوَ خَیْرٌ١ؕ اِهْبِطُوْا مِصْرًا فَاِنَّ لَكُمْ مَّا سَاَلْتُمْ١ؕ وَ ضُرِبَتْ عَلَیْهِمُ الذِّلَّةُ وَ الْمَسْكَنَةُ١ۗ وَ بَآءُوْ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ١ؕ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ كَانُوْا یَكْفُرُوْنَ بِاٰیٰتِ اللّٰهِ وَ یَقْتُلُوْنَ النَّبِیّٖنَ بِغَیْرِ الْحَقِّ١ؕ ذٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَّ كَانُوْا یَعْتَدُوْنَ۠۶۱
۽ (ياد ڪيو) جڏهن توهان چيو ته: ”اي موسيٰ اسان هڪ کاڌي (مَن ۽ سَلويٰ) تي صبر نه ٿا ڪري سگهون، سو تون پنهنجي پالڻهار کان دعا گهر ته اسان لاءِ زمين مان ڄمندڙ شين مان ساڳ ۽ ونگا ۽ ڪڻڪ ۽ مهري دال ۽ بصر پيدا ڪري“. (موسيٰ) چيو: ”ڇا اوهان گهٽ شيءِ کي ڀلي شيءِ جي بدلي گهرو ٿا؟ (ته پوءِ) ڪنهن شهر ۾ لهي وڃو ته پوءِ بيشڪ اوهان لاءِ اهو ڪجھ (ميسر) هوندو جيڪي گهرو ٿا“. ۽ انهن تي ذلت ۽ مسڪيني مَڙِهي وئي ۽ الله جو ڏمر وِهائي موٽيا. اهو هن ڪري ٿيو جو اِهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اهو هن ڪري (به) ٿيو جو اهي بي فرماني ڪندا هئا ۽ حد کان وڌي ويندا هئا.
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ الَّذِیْنَ هَادُوْا وَ النَّصٰرٰى وَ الصّٰبِـِٕیْنَ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ عَمِلَ صَالِحًا فَلَهُمْ اَجْرُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ١۪ۚ وَ لَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَ۶۲
بيشڪ جن ماڻهن (نبيءِ عربيءَ تي) ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ نصارن ۽ صابين مان جنهن به الله تي ايمان آندو ۽ قيامت واري ڏينهن تي (به ايمان آندو) ۽ چڱا عمل ڪيائين ته پوءِ انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ ان جو اجر آهي ۽ نه انهن تي ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.
وَ اِذْ اَخَذْنَا مِیْثَاقَكُمْ وَ رَفَعْنَا فَوْقَكُمُ الطُّوْرَ١ؕ خُذُوْا مَاۤ اٰتَیْنٰكُمْ بِقُوَّةٍ وَّ اذْكُرُوْا مَا فِیْهِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَ۶۳
۽ جڏهن اسان اوهان کان پڪو انجام ورتو ۽ اسان (ان مهل) اوهان مٿان طور جبل کي کڙو ڪيو ته: ”جيڪو (ڪتاب تورات) اسان اوهان کي ڏنو آهي ان کي مضبوطيءَ سان وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي ان کي ياد ڪيو تان ته توهان پرهيزگار ٿي وڃو“.
ثُمَّ تَوَلَّیْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ١ۚ فَلَوْ لَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ وَ رَحْمَتُهٗ لَكُنْتُمْ مِّنَ الْخٰسِرِیْنَ۶۴
پوءِ ان (انجام ڏيڻ) کان بعد اوهان ڦِري ويا، پوءِ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ ان جي رحمت اوهان تي نه هجي ها ته توهان ضرور تباھ ٿيندڙن مان هجو ها.
وَ لَقَدْ عَلِمْتُمُ الَّذِیْنَ اعْتَدَوْا مِنْكُمْ فِی السَّبْتِ فَقُلْنَا لَهُمْ كُوْنُوْا قِرَدَةً خٰسِـِٕیْنَۚ۶۵
۽ (اي يهوديو!) توهان انهن ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻو ٿا توهان مان جن ڇنڇر (جي احڪامن) ۾ ڀڃڪڙي ڪئي هئي پوءِ اسان کين چيو ته توهان تڙيل ڀولڙا ٿي پئو.
فَجَعَلْنٰهَا نَكَالًا لِّمَا بَیْنَ یَدَیْهَا وَ مَا خَلْفَهَا وَ مَوْعِظَةً لِّلْمُتَّقِیْنَ۶۶
پوءِ اسان ان (سزا) کي ان دؤر وارن ۽ پوين لاءِ عبرت بنايو ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت بنايو.
وَ اِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖۤ اِنَّ اللّٰهَ یَاْمُرُكُمْ اَنْ تَذْبَحُوْا بَقَرَةً١ؕ قَالُوْۤا اَتَتَّخِذُنَا هُزُوًا١ؕ قَالَ اَعُوْذُ بِاللّٰهِ اَنْ اَكُوْنَ مِنَ الْجٰهِلِیْنَ۶۷
۽ (ياد ڪيو) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته: ”بيشڪ الله اوهان کي حڪم ڏئي ٿو ته اوهان هڪ ڍڳي ذبح ڪيو“. چيائون: ”ڇا تون اسان سان مذاق ٿو ڪرين“؟ (موسيٰ) چيو: ”الله جي پناھ ٿو گهران جو آءُ جاهلن مان ٿيان“.
قَالُوا ادْعُ لَنَا رَبَّكَ یُبَیِّنْ لَّنَا مَا هِیَ١ؕ قَالَ اِنَّهٗ یَقُوْلُ اِنَّهَا بَقَرَةٌ لَّا فَارِضٌ وَّ لَا بِكْرٌ١ؕ عَوَانٌۢ بَیْنَ ذٰلِكَ١ؕ فَافْعَلُوْا مَا تُؤْمَرُوْنَ۶۸
چيائون: ”پنهنجي پالڻهار کان اسان لاءِ دعا گهر ته اسان کي چِٽو ٻڌائي ته اها ڳئون ڪهڙي هجي“؟ چيائين اهو فرمائي ٿو ته: ”اها نه ته ڪراڙِي هجي نه گهٽ عمر. بلڪه وڇٿري عمر جي هجي“. پوءِ ائين ڪيو جيئن اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو.
قَالُوا ادْعُ لَنَا رَبَّكَ یُبَیِّنْ لَّنَا مَا لَوْنُهَا١ؕ قَالَ اِنَّهٗ یَقُوْلُ اِنَّهَا بَقَرَةٌ صَفْرَآءُ١ۙ فَاقِعٌ لَّوْنُهَا تَسُرُّ النّٰظِرِیْنَ۶۹
چيائون: ”اسان لاءِ پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته پڌرو ڪري ٻڌائي ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي“؟ چيائين اهو فرمائي ٿو ته: ”اُها ڦڪي رنگ جي ڍڳي هجي ان جو رنگ ڳُوڙهو هجي جو ڏسندڙن کي وڻي“.
قَالُوا ادْعُ لَنَا رَبَّكَ یُبَیِّنْ لَّنَا مَا هِیَ١ۙ اِنَّ الْبَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَیْنَا١ؕ وَ اِنَّاۤ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ لَمُهْتَدُوْنَ۷۰
(وري) چيائون:”پنهنجي رب کان اسان لاءِ سوال ڪر ته اسان کي صاف ٻڌائي ته اها ڍڳي ڪهڙي هجي؟ بيشڪ ان ڍڳي بابت اسان مُنجهي پيا آهيون. ۽ بيشڪ اسان الله گهريو ته ضرور هدايت وارا ٿي وينداسين“.
قَالَ اِنَّهٗ یَقُوْلُ اِنَّهَا بَقَرَةٌ لَّا ذَلُوْلٌ تُثِیْرُ الْاَرْضَ وَ لَا تَسْقِی الْحَرْثَ١ۚ مُسَلَّمَةٌ لَّا شِیَةَ فِیْهَا١ؕ قَالُوا الْـٰٔنَ جِئْتَ بِالْحَقِّ١ؕ فَذَبَحُوْهَا وَ مَا كَادُوْا یَفْعَلُوْنَ۠۷۱
(موسيٰ) چيو اهو (رب) فرمائي ٿو ته: ”اها هڪ ڍڳي آهي جنهن کان نه زمين کيڙڻ ۽ نه پوک کي پاڻي پيارڻ جي محنت ورتي وڃي ٿي، بلڪل تندرست آهي جنهن ۾ ڪو داغ به نه آهي“. چيائون: ”هاڻي ٺيڪ ڳالھ ڪئي اٿئي“. پوءِ ان کي ڪُٺائون حالانڪه نه ٿي لڳو جو ائين ڪندا.
وَ اِذْ قَتَلْتُمْ نَفْسًا فَادّٰرَءْتُمْ فِیْهَا١ؕ وَ اللّٰهُ مُخْرِجٌ مَّا كُنْتُمْ تَكْتُمُوْنَۚ۷۲
۽ (ياد ڪيو اهو واقعو) جڏهن توهان هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، پوءِ توهان ان ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ۽ الله ظاهر ڪرڻ وارو هيو جنهن کي اوهان لڪايو پئي.
فَقُلْنَا اضْرِبُوْهُ بِبَعْضِهَا١ؕ كَذٰلِكَ یُحْیِ اللّٰهُ الْمَوْتٰى١ۙ وَ یُرِیْكُمْ اٰیٰتِهٖ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ۷۳
پوءِ اسان چيو ته ان (ڳئون) جو ڪجھ ٽڪرو ان (ميت) کي هڻو. اهڙي طرح الله مُردن کي جياري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو ته جيئن اوهان عقل کان ڪم وٺو.
ثُمَّ قَسَتْ قُلُوْبُكُمْ مِّنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ فَهِیَ كَالْحِجَارَةِ اَوْ اَشَدُّ قَسْوَةً١ؕ وَ اِنَّ مِنَ الْحِجَارَةِ لَمَا یَتَفَجَّرُ مِنْهُ الْاَنْهٰرُ١ؕ وَ اِنَّ مِنْهَا لَمَا یَشَّقَّقُ فَیَخْرُجُ مِنْهُ الْمَآءُ١ؕ وَ اِنَّ مِنْهَا لَمَا یَهْبِطُ مِنْ خَشْیَةِ اللّٰهِ١ؕ وَ مَا اللّٰهُ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعْمَلُوْنَ۷۴
پوءِ ان کان بعد اوهان جون دليون سخت ٿي ويون پوءِ اُهي پٿرن وانگر آهن يا اڃا به وڌيڪ سخت. ۽ بيشڪ پٿرن مان ڪي اهڙا به آهن جن مان چشما ڦُٽي نِڪرن ٿا. ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي جڏهن ڦاٽي پون ٿا ته انهن مان پاڻي نڪري پوي ٿو. ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله جي خوف کان (لرزندي) هيٺ ڪِري پون ٿا. ۽ الله اوهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.
اَفَتَطْمَعُوْنَ اَنْ یُّؤْمِنُوْا لَكُمْ وَ قَدْ كَانَ فَرِیْقٌ مِّنْهُمْ یَسْمَعُوْنَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُمَّ یُحَرِّفُوْنَهٗ مِنْۢ بَعْدِ مَا عَقَلُوْهُ وَ هُمْ یَعْلَمُوْنَ۷۵
(اي مسلمانو!) ڇا اڃا به اوهان اها اميد رکو ٿا ته اهي (يهودي) اوهان جي ڳالھ مڃن جڏهن ته انهن مان هڪ ٽولو اهڙو به آهي جيڪي الله جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ پوءِ ڄاڻي ٻُجھي ان کي بدلائي ڇڏن ٿا حالانڪه اُهي ڄاڻن به ٿا. (ته اهي غلط ڪري رهيا آهن)
وَ اِذَا لَقُوا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْۤا اٰمَنَّا١ۖۚ وَ اِذَا خَلَا بَعْضُهُمْ اِلٰى بَعْضٍ قَالُوْۤا اَتُحَدِّثُوْنَهُمْ بِمَا فَتَحَ اللّٰهُ عَلَیْكُمْ لِیُحَآجُّوْكُمْ بِهٖ عِنْدَ رَبِّكُمْ١ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ۷۶
۽ جڏهن مؤمنن سان مِلن ٿا ته چون ٿا: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ جڏهن اهي هڪ ٻئي ۾ اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا: ”جيڪي (شانِ محمدي ﷺ) الله اوهان تي ظاهر ڪيو آهي سو انهن (مسلمانن) کي ڇو ٿا چئي ٻڌايو؟ هن لاءِ ته ان جي ذريعي توهان جي پالڻهار وٽ توهان تي حجت قائم ڪن! ڇا پوءِ به اوهان عقل کان ڪم نه ٿا وٺو“!
اَوَ لَا یَعْلَمُوْنَ اَنَّ اللّٰهَ یَعْلَمُ مَا یُسِرُّوْنَ وَ مَا یُعْلِنُوْنَ۷۷
ڇا اهي (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪو اِهي لِڪائن ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪن ٿا.
وَ مِنْهُمْ اُمِّیُّوْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ الْكِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ وَ اِنْ هُمْ اِلَّا یَظُنُّوْنَ۷۸
۽ انهن (يهودين) ۾ ڪي اڻ پڙهيا آهن جي ڪتاب (تورات) جو علم نه ٿا رکن سواءِ سَڌُن (يعني زباني پڙهڻ) جي ۽ اهي رڳو وهم و گمان ۾ پيل آهن.
فَوَیْلٌ لِّلَّذِیْنَ یَكْتُبُوْنَ الْكِتٰبَ بِاَیْدِیْهِمْ١ۗ ثُمَّ یَقُوْلُوْنَ هٰذَا مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ لِیَشْتَرُوْا بِهٖ ثَمَنًا قَلِیْلًا١ؕ فَوَیْلٌ لَّهُمْ مِّمَّا كَتَبَتْ اَیْدِیْهِمْ وَ وَیْلٌ لَّهُمْ مِّمَّا یَكْسِبُوْنَ۷۹
پوءِ بربادي آهي انهن لاءِ جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪتاب لکن ٿا، پوءِ (ماڻهن کي) چون ٿا ته: ”هي الله وٽان آهي“. هن لاءِ ته ان جي عيوض ٿورو ملھ ڪمائي وٺن. پوءِ انهن لاءِ بربادي آهي انهن جي هٿن جي لکئي جي سبب ۽ انهن لاءِ بربادي آهي ان (مُلھ) جي عيوض جيڪو اُهي ڪمائن ٿا.
وَ قَالُوْا لَنْ تَمَسَّنَا النَّارُ اِلَّاۤ اَیَّامًا مَّعْدُوْدَةً١ؕ قُلْ اَتَّخَذْتُمْ عِنْدَ اللّٰهِ عَهْدًا فَلَنْ یُّخْلِفَ اللّٰهُ عَهْدَهٗۤ اَمْ تَقُوْلُوْنَ عَلَى اللّٰهِ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ۸۰
۽ (يهودي هي به) چون ٿا ته: ”اسان کي (جهنم جي) باھ نه ڇُهندي سواءِ ڳاڻيٽي جي چند ڏينهن جي“. چؤ ته: ”ڇا اوهان الله کان (اهڙو ڪو) معاهدو وٺي ڇڏيو آهي؟ جو الله ان معاهدي جي خلاف نه ڪندو يا اوهان الله تي (اهڙو) بهتان ٻڌو ٿا جو توهان پاڻ به نه ٿا ڄاڻو“!
بَلٰى مَنْ كَسَبَ سَیِّئَةً وَّ اَحَاطَتْ بِهٖ خَطِیْٓـَٔتُهٗ فَاُولٰٓىِٕكَ اَصْحٰبُ النَّارِ١ۚ هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ۸۱
هائو (واقعي) جنهن برائي ڪمائي ۽ ان جي گناهن ان کي گهيري ورتو ته اُهي (ئي) دوزخي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.
وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ اُولٰٓىِٕكَ اَصْحٰبُ الْجَنَّةِ١ۚ هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ۠۸۲
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون اهي جنتي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.
وَ اِذْ اَخَذْنَا مِیْثَاقَ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ لَا تَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ١۫ وَ بِالْوَالِدَیْنِ اِحْسَانًا وَّ ذِی الْقُرْبٰى وَ الْیَتٰمٰى وَ الْمَسٰكِیْنِ وَ قُوْلُوْا لِلنَّاسِ حُسْنًا وَّ اَقِیْمُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ١ؕ ثُمَّ تَوَلَّیْتُمْ اِلَّا قَلِیْلًا مِّنْكُمْ وَ اَنْتُمْ مُّعْرِضُوْنَ۸۳
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان بني اسرائيل (يعني يعقوب جي اولاد) کان پڪو انجام ورتو هيو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪجو ۽ پيءُ ماءُ سان احسان ڪجو ۽ رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان (ڀلائي ڪجو) ۽ سڀ ماڻهن سان سهڻو ڳالهائجو ۽ نماز قائم رکجو ۽ زڪواة ڏيندا رهجو. پوءِ اوهان (ان انجام تان) ڦِرِي ويئو سواءِ اوهان مان ٿورڙن ماڻهن جي ۽ اوهان (اڄ تائين حق کان) مُنهن موڙيندڙ آهيو.
وَ اِذْ اَخَذْنَا مِیْثَاقَكُمْ لَا تَسْفِكُوْنَ دِمَآءَكُمْ وَ لَا تُخْرِجُوْنَ اَنْفُسَكُمْ مِّنْ دِیَارِكُمْ ثُمَّ اَقْرَرْتُمْ وَ اَنْتُمْ تَشْهَدُوْنَ۸۴
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کان پڪو انجام ورتو هيو ته توهان هڪ ٻئي جو رت نه هاريندؤ ۽ پنهنجي ماڻهن کي گهرن کان (بي گهر ڪري) نه ڪڍندئو پوءِ اوهان ان (ڳالھ) جو اقرار به ڪيو ۽ اوهان خود ان جي شاهدي (به) ڏيو ٿا.
ثُمَّ اَنْتُمْ هٰۤؤُلَآءِ تَقْتُلُوْنَ اَنْفُسَكُمْ وَ تُخْرِجُوْنَ فَرِیْقًا مِّنْكُمْ مِّنْ دِیَارِهِمْ١٘ تَظٰهَرُوْنَ عَلَیْهِمْ بِالْاِثْمِ وَ الْعُدْوَانِ١ؕ وَ اِنْ یَّاْتُوْكُمْ اُسٰرٰى تُفٰدُوْهُمْ وَ هُوَ مُحَرَّمٌ عَلَیْكُمْ اِخْرَاجُهُمْ١ؕ اَفَتُؤْمِنُوْنَ بِبَعْضِ الْكِتٰبِ وَ تَكْفُرُوْنَ بِبَعْضٍ١ۚ فَمَا جَزَآءُ مَنْ یَّفْعَلُ ذٰلِكَ مِنْكُمْ اِلَّا خِزْیٌ فِی الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا١ۚ وَ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ یُرَدُّوْنَ اِلٰۤى اَشَدِّ الْعَذَابِ١ؕ وَ مَا اللّٰهُ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعْمَلُوْنَ۸۵
پوءِ اوهان اُهي ئي ته آهيو جي پنهنجن کي قتل ڪيو ٿا ۽ پنهنجن مان هڪ ٽولي کي گهرن مان ڪڍو ٿا، ڏوھ ۽ ڏاڍ سان انهن تي چڙهائي ڪيو ٿا. ۽ جيڪڏهن اوهان وٽ قيد ٿي اچن ٿا ته انهن جو فديو ڏئي ڇڏايو ٿا حالانڪه انهن کي (وطن کان) ڪڍڻ توهان تي حرام ڪيو ويو هيو. ڇا پوءِ اوهان ڪتاب جي ڪجھ حصن کي مڃو ٿا ۽ ڪجھ حصن جو انڪار ڪيو ٿا؟ ته پوءِ اوهان مان جيڪو ائين ڪري ان جي ڇا سزا ٿي سگهي ٿي؟ سواءِ هن جي جو (ان لاءِ) دنيا جي زندگي ۾ ذلت هجي ۽ قيامت واري ڏينهن زور سخت عذاب ڏانهن موٽايا وڃن. ۽ الله بي خبر نه آهي انهن عملن کان جيڪي اوهان ڪيو ٿا.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ اشْتَرَوُا الْحَیٰوةَ الدُّنْیَا بِالْاٰخِرَةِ١٘ فَلَا یُخَفَّفُ عَنْهُمُ الْعَذَابُ وَ لَا هُمْ یُنْصَرُوْنَ۠۸۶
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن آخرت وڪڻي ان جي عيوض دنيا جي زندگي خريد ڪئي پوءِ انهن تان نه ته عذاب هلڪو ڪيو ويندو نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.
وَ لَقَدْ اٰتَیْنَا مُوْسَى الْكِتٰبَ وَ قَفَّیْنَا مِنْۢ بَعْدِهٖ بِالرُّسُلِ١٘ وَ اٰتَیْنَا عِیْسَى ابْنَ مَرْیَمَ الْبَیِّنٰتِ وَ اَیَّدْنٰهُ بِرُوْحِ الْقُدُسِ١ؕ اَفَكُلَّمَا جَآءَكُمْ رَسُوْلٌۢ بِمَا لَا تَهْوٰۤى اَنْفُسُكُمُ اسْتَكْبَرْتُمْ١ۚ فَفَرِیْقًا كَذَّبْتُمْ١٘ وَ فَرِیْقًا تَقْتُلُوْنَ۸۷
۽ بي شڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪليا ۽ اسان عيسيٰ پُٽ مريم کي پڌريون نشانيون ڏنيون ۽ اسان پاڪ روح جي ذريعي ان جي مدد ڪئي. ته ڇا (ائين نه ٿيو جو) جڏهن به ڪو رسول اوهان وٽ اِهي (احڪام) کڻي آيو جن کي اوهان جي نفسن پسند نه ڪيو ته توهان وڏائي ڪئي، پوءِ اوهان هڪڙن کي ڪوڙو چيو ۽ هڪڙن کي قتل ڪيو.
وَ قَالُوْا قُلُوْبُنَا غُلْفٌ١ؕ بَلْ لَّعَنَهُمُ اللّٰهُ بِكُفْرِهِمْ فَقَلِیْلًا مَّا یُؤْمِنُوْنَ۸۸
۽ (يهودين) چيو ته: ”اسان جون دليون محفوظ آهن“. بلڪه (حقيقت هي آهي ته) انهن جي ڪفر سبب الله انهن تي لعنت ڪئي پوءِ ٿورڙا آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا.
وَ لَمَّا جَآءَهُمْ كِتٰبٌ مِّنْ عِنْدِ اللّٰهِ مُصَدِّقٌ لِّمَا مَعَهُمْ١ۙ وَ كَانُوْا مِنْ قَبْلُ یَسْتَفْتِحُوْنَ عَلَى الَّذِیْنَ كَفَرُوْا١ۖۚ فَلَمَّا جَآءَهُمْ مَّا عَرَفُوْا كَفَرُوْا بِهٖ١٘ فَلَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَى الْكٰفِرِیْنَ۸۹
۽ جڏهن انهن وٽ الله وٽان هڪ ڪتاب (قرآن) آيو جيڪو ان ڪتاب (تورات) جي تصديق ڪندڙ آهي جو وٽن آهي حالانڪه ان کان اڳ ڪافرن تي (صاحبِ قرآن جي وسيلي سان) فتح جي طلب ڪندا هئا، پوءِ جڏهن انهن وٽ آيو جنهن کي سُڃاتائون (پوءِ به) ان سان ڪفر ڪيائون ته پوءِ ڪافرن مٿان الله جي لعنت آهي.
بِئْسَمَا اشْتَرَوْا بِهٖۤ اَنْفُسَهُمْ اَنْ یَّكْفُرُوْا بِمَاۤ اَنْزَلَ اللّٰهُ بَغْیًا اَنْ یُّنَزِّلَ اللّٰهُ مِنْ فَضْلِهٖ عَلٰى مَنْ یَّشَآءُ مِنْ عِبَادِهٖ١ۚ فَبَآءُوْ بِغَضَبٍ عَلٰى غَضَبٍ١ؕ وَ لِلْكٰفِرِیْنَ عَذَابٌ مُّهِیْنٌ۹۰
اها ڏاڍي بري شيءِ آهي جنهن جي بدلي انهن پنهنجي جانين جو سودو ڪيو جو ان (ڪلام) جو انڪار ڪيائون جيڪو الله نازل ڪيو آهي (رڳو ان) حسد ۾ جو اللهُ پنهنجي فضلَ سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي (ڪتاب) نازل ڪري ٿو، پوءِ ڏمر مٿان ڏمر وِهايائون ۽ ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.
وَ اِذَا قِیْلَ لَهُمْ اٰمِنُوْا بِمَاۤ اَنْزَلَ اللّٰهُ قَالُوْا نُؤْمِنُ بِمَاۤ اُنْزِلَ عَلَیْنَا وَ یَكْفُرُوْنَ بِمَا وَرَآءَهٗ١ۗ وَ هُوَ الْحَقُّ مُصَدِّقًا لِّمَا مَعَهُمْ١ؕ قُلْ فَلِمَ تَقْتُلُوْنَ اَنْۢبِیَآءَ اللّٰهِ مِنْ قَبْلُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ۹۱
۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته جيڪو (قرآن) الله نازل ڪيو ان تي ايمان آڻيو چيائون: ”جيڪو اسان تي نازل ڪيو ويو آهي اسان (صرف) ان تي ايمان آڻيون ٿا“ ۽ ان کان سواءِ (ٻين ڪتابن جو) انڪار ڪن ٿا، حالانڪه اهو (قرآن) حق آهي جو ان (ڪتاب) جي تصديق ڪري ٿو جيڪو وٽن آهي. تون انهن کان پڇ ته: ”پوءِ هن کان اڳ اوهان ڇو نبين کي قتل ڪندا رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهان (ان ڪتاب کي) مڃندڙ آهيو“؟
وَ لَقَدْ جَآءَكُمْ مُّوْسٰى بِالْبَیِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذْتُمُ الْعِجْلَ مِنْۢ بَعْدِهٖ وَ اَنْتُمْ ظٰلِمُوْنَ۹۲
۽ (حقيقت هي آهي ته) بيشڪ موسيٰ اوهان وٽ چِٽيون نشانيون آنديون پوءِ ان کان بعد اوهان گابي کي (معبود ڪري) ورتو ۽ اوهان ته آهيو ئي جفا ڪار.
وَ اِذْ اَخَذْنَا مِیْثَاقَكُمْ وَ رَفَعْنَا فَوْقَكُمُ الطُّوْرَ١ؕ خُذُوْا مَاۤ اٰتَیْنٰكُمْ بِقُوَّةٍ وَّ اسْمَعُوْا١ؕ قَالُوْا سَمِعْنَا وَ عَصَیْنَا١ۗ وَ اُشْرِبُوْا فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْعِجْلَ بِكُفْرِهِمْ١ؕ قُلْ بِئْسَمَا یَاْمُرُكُمْ بِهٖۤ اِیْمَانُكُمْ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ۹۳
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کان پڪو عهد ورتو ۽ (ان وقت) اسان اوهان مٿان طُور (جبل) کي (هڻڻ لاءِ) کنيو هيو ۽ (حڪم ڪيوسين ته) جيڪي اسان اوهان کي ڏنو آهي سو مضبوطيءَ سان وٺو ۽ (اسان جا احڪام) ٻڌو. (اوهان جي وڏن) چيو اسان ٻڌو ۽ نه مڃيوسين ۽ انهن جي ڪفر سبب انهن جي دلين ۾ گابي جي محبت پَـــرٽِــي وئي. چؤ ته ڪيڏي بري (ڳالھ) آهي جيڪا اوهان کي اوهان جو ايمان امر ڪري ٿو، اگر اوهان (واقعي به) ايمان وارا آهيو.
قُلْ اِنْ كَانَتْ لَكُمُ الدَّارُ الْاٰخِرَةُ عِنْدَ اللّٰهِ خَالِصَةً مِّنْ دُوْنِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۹۴
چؤ جيڪڏهن (واقعي) الله وٽ آخرت جو گهر ٻين سڀ انسانن کي ڇڏي صرف اوهان لاءِ ئي مخصوص آهي ته پوءِ توهان کي گُھرجي ته موت جي تمنا ڪيو جي اوهان سچا آهيو!
وَ لَنْ یَّتَمَنَّوْهُ اَبَدًۢا بِمَا قَدَّمَتْ اَیْدِیْهِمْ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌۢ بِالظّٰلِمِیْنَ۹۵
۽ ان (موت) جي تمنا ته اصل ڪونه ڪندا انهن گناهن جي سبب جيڪي اڳ ڪري چڪا آهن ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.
وَ لَتَجِدَنَّهُمْ اَحْرَصَ النَّاسِ عَلٰى حَیٰوةٍ١ۛۚ وَ مِنَ الَّذِیْنَ اَشْرَكُوْا١ۛۚ یَوَدُّ اَحَدُهُمْ لَوْ یُعَمَّرُ اَلْفَ سَنَةٍ١ۚ وَ مَا هُوَ بِمُزَحْزِحِهٖ مِنَ الْعَذَابِ اَنْ یُّعَمَّرَ١ؕ وَ اللّٰهُ بَصِیْرٌۢ بِمَا یَعْمَلُوْنَ۠۹۶
۽ تون پڪ سان انهن کي سڀ ماڻهن کان وڌيڪ جيئڻ جي هوس ۾ مبتلا لهندين. ۽ (ايستائين جو) مشرڪن کان به وڌيڪ، انهن مان هڪ چاهي ٿو ته هائو جي ان کي هڪ هزار سال جي عمر ملي پوي! حالانڪه اها ان کي عذاب کان بچائڻ واري ناهي توڙي ان کي ايتري عمر ملي به وڃي. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي عمل ڪن ٿا.
قُلْ مَنْ كَانَ عَدُوًّا لِّجِبْرِیْلَ فَاِنَّهٗ نَزَّلَهٗ عَلٰى قَلْبِكَ بِاِذْنِ اللّٰهِ مُصَدِّقًا لِّمَا بَیْنَ یَدَیْهِ وَ هُدًى وَّ بُشْرٰى لِلْمُؤْمِنِیْنَ۹۷
چؤ جيڪو جبريل جو دشمن آهي (سو پنهنجي جان جو دشمن آهي) ڇو ته بيشڪ انهيءَ ته ان (قرآن) کي تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان لاٿو آهي، جيڪو اڳين (ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ هدايت ۽ خوشخبري آهي ايمان وارن لاءِ.
مَنْ كَانَ عَدُوًّا لِّلّٰهِ وَ مَلٰٓىِٕكَتِهٖ وَ رُسُلِهٖ وَ جِبْرِیْلَ وَ مِیْكٰىلَ فَاِنَّ اللّٰهَ عَدُوٌّ لِّلْكٰفِرِیْنَ۹۸
جيڪو ماڻهو الله جو دشمن آهي ۽ ان جي ملائڪن جو ۽ ان جي رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو ته پوءِ بيشڪ الله (به انهن) ڪافرن جو دشمن آهي.
وَ لَقَدْ اَنْزَلْنَاۤ اِلَیْكَ اٰیٰتٍۭ بَیِّنٰتٍ١ۚ وَ مَا یَكْفُرُ بِهَاۤ اِلَّا الْفٰسِقُوْنَ۹۹
۽ البته بيشڪ اسان تو ڏانهن روشن آيتون لاٿيون آهن، ان جو نافرمانن کان سواءِ ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.
اَوَ كُلَّمَا عٰهَدُوْا عَهْدًا نَّبَذَهٗ فَرِیْقٌ مِّنْهُمْ١ؕ بَلْ اَكْثَرُهُمْ لَا یُؤْمِنُوْنَ۱۰۰
۽ ڇا هميشه ائين نه ٿيندو رهيو آهي جو جڏهن به انهن ڪو معاهدو ڪيو ته انهن مان هڪ ٽولي ان کي ٽوڙي ڇڏيو. بلڪه انهن مان گهڻا ته ايمان ئي نه ٿا رکن.
وَ لَمَّا جَآءَهُمْ رَسُوْلٌ مِّنْ عِنْدِ اللّٰهِ مُصَدِّقٌ لِّمَا مَعَهُمْ نَبَذَ فَرِیْقٌ مِّنَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ١ۙۗ كِتٰبَ اللّٰهِ وَرَآءَ ظُهُوْرِهِمْ كَاَنَّهُمْ لَا یَعْلَمُوْنَ٘۱۰۱
۽ جڏهن انهن وٽ الله وٽان رسول (محمد ڪريم ﷺ) آيو جيڪو ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪو (ڪتاب تورات) انهن وٽ آهي ته ڪتاب وارن مان هڪ جماعت الله جي ڪتاب کي پنهنجي پُٺِيُن پويان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻڪ اهي ڄاڻن ئي نه ٿا.
وَ اتَّبَعُوْا مَا تَتْلُوا الشَّیٰطِیْنُ عَلٰى مُلْكِ سُلَیْمٰنَ١ۚ وَ مَا كَفَرَ سُلَیْمٰنُ وَ لٰكِنَّ الشَّیٰطِیْنَ كَفَرُوْا یُعَلِّمُوْنَ النَّاسَ السِّحْرَ١ۗ وَ مَاۤ اُنْزِلَ عَلَى الْمَلَكَیْنِ بِبَابِلَ هَارُوْتَ وَ مَارُوْتَ١ؕ وَ مَا یُعَلِّمٰنِ مِنْ اَحَدٍ حَتّٰى یَقُوْلَاۤ اِنَّمَا نَحْنُ فِتْنَةٌ فَلَا تَكْفُرْ١ؕ فَیَتَعَلَّمُوْنَ مِنْهُمَا مَا یُفَرِّقُوْنَ بِهٖ بَیْنَ الْمَرْءِ وَ زَوْجِهٖ١ؕ وَ مَا هُمْ بِضَآرِّیْنَ بِهٖ مِنْ اَحَدٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ١ؕ وَ یَتَعَلَّمُوْنَ مَا یَضُرُّهُمْ وَ لَا یَنْفَعُهُمْ١ؕ وَ لَقَدْ عَلِمُوْا لَمَنِ اشْتَرٰىهُ مَا لَهٗ فِی الْاٰخِرَةِ مِنْ خَلَاقٍ١ؕ۫ وَ لَبِئْسَ مَا شَرَوْا بِهٖۤ اَنْفُسَهُمْ١ؕ لَوْ كَانُوْا یَعْلَمُوْنَ۱۰۲
۽ پٺيان لڳا ان (جادوءَ) جي جيڪو سليمان جي دؤرِ حڪومت ۾ شيطان پڙهندا هئا ۽ سليمان ته ڪفر ڪو نه ڪيو هيو بلڪه ڪفر ته شيطانن ڪيو جيڪي ماڻهن کي جادو سيکاريندا هئا ۽ ان (جادو جي پويان لڳي پيا) جيڪو بابل جي شهر ۾ ٻن ملائڪن هاروت ۽ ماروت تي لاٿو ويو هيو. ۽ اهي ٻئي (ملائڪ) ڪنهن کي ڪجھ نه سيکاريندا هئا ايستائين جو چوندا هئا ته اسان ته صرف آزمائش آهيون سو اوهان (ان تي ويساھ رکي) ڪفر نه ڪيو. ان هوندي به اُهي (يهودي) انهن کان اهڙا (ٽوڻا ڦيڻا) سکندا هئا جن سان زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جدائي وجهن. حالانڪه اُهي ان جي ذريعي ڪنهن کي ڪو نقصان نه ٿي پهچائي سگهيا، سواءِ الله جي اذن جي. ۽ اُهي شيون سکن ٿا جيڪي انهن کي نقصان ڏين ۽ نفعو نه ڏين ۽ بيشڪ اهو به ڄاتائون ته جيڪو ان (جادو) جو خريدارٿيو ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي، ۽ بري شيءِ آهي جنهن جي عيوض پنهنجي جانين جو سودو ڪيائون هائو جي (ان جي اصليت) ڄاڻن ها.
وَ لَوْ اَنَّهُمْ اٰمَنُوْا وَ اتَّقَوْا لَمَثُوْبَةٌ مِّنْ عِنْدِ اللّٰهِ خَیْرٌ١ؕ لَوْ كَانُوْا یَعْلَمُوْنَ۠۱۰۳
۽ جيڪڏهن اُهي ايمان آڻن ها ۽ ڊڄن ها ته الله وٽان ثواب انهن لاءِ بهتر هيو. هائو جي (اصل حقيقت) ڄاڻن ها.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَقُوْلُوْا رَاعِنَا وَ قُوْلُوا انْظُرْنَا وَ اسْمَعُوْا١ؕ وَ لِلْكٰفِرِیْنَ عَذَابٌ اَلِیْمٌ۱۰۴
اي ايمان وارؤ! (نبي سان مخاطب ٿيندي) رَاعِنَا نه چؤ ۽ اُنْظُرْنَا (اسان تي نظرِ ڪرم ڪيو) چؤ ۽ (سندن فرمانَ غور سان) ٻڌو ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
مَا یَوَدُّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَ لَا الْمُشْرِكِیْنَ اَنْ یُّنَزَّلَ عَلَیْكُمْ مِّنْ خَیْرٍ مِّنْ رَّبِّكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ یَخْتَصُّ بِرَحْمَتِهٖ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ اللّٰهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِیْمِ۱۰۵
نه اُهي ماڻهو جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر آهن ۽ نه مشرڪ هن ڳالھ کي پسند ٿا ڪن جو توهان جي رب وٽان توهان تي ڪو خير نازل ٿئي. ۽ الله پنهنجي رحمت سان جنهن کي چاهي ٿو خاص ڪري ڇڏي ٿو. ۽ الله وڏي فضل فرمائڻ وارو آهي.
مَا نَنْسَخْ مِنْ اٰیَةٍ اَوْ نُنْسِهَا نَاْتِ بِخَیْرٍ مِّنْهَاۤ اَوْ مِثْلِهَا١ؕ اَلَمْ تَعْلَمْ اَنَّ اللّٰهَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۱۰۶
اسان جڏهن ڪنهن آيت کي منسوخ ڪيون ٿا يا وسارايون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي آڻيون ٿا، ڇا تو کي خبر نه آهي ته الله هر شيءِ مٿان سگھ رکڻ وارو آهي.
اَلَمْ تَعْلَمْ اَنَّ اللّٰهَ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ وَّلِیٍّ وَّ لَا نَصِیْرٍ۱۰۷
ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت الله لاءِ آهي ۽ الله کان سواءِ توهان لاءِ نه ڪو دوست آهي نه مددگار.
اَمْ تُرِیْدُوْنَ اَنْ تَسْـَٔلُوْا رَسُوْلَكُمْ كَمَا سُىِٕلَ مُوْسٰى مِنْ قَبْلُ١ؕ وَ مَنْ یَّتَبَدَّلِ الْكُفْرَ بِالْاِیْمَانِ فَقَدْ ضَلَّ سَوَآءَ السَّبِیْلِ۱۰۸
(اي مسلمانو!) ڇا اوهان پنهنجي رسول کان اهڙا سوال ڪرڻ گهرو ٿا؟ جيئن اڳ موسيٰ کان سوال ڪيا ويا هئا. ۽ جيڪو ايمان جي بدلي ڪفر حاصل ڪري ته پڪ سان اهو سڌي واٽ کان ڀٽڪي ويو.
وَدَّ كَثِیْرٌ مِّنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ لَوْ یَرُدُّوْنَكُمْ مِّنْۢ بَعْدِ اِیْمَانِكُمْ كُفَّارًا١ۖۚ حَسَدًا مِّنْ عِنْدِ اَنْفُسِهِمْ مِّنْۢ بَعْدِ مَا تَبَیَّنَ لَهُمُ الْحَقُّ١ۚ فَاعْفُوْا وَ اصْفَحُوْا حَتّٰى یَاْتِیَ اللّٰهُ بِاَمْرِهٖ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۱۰۹
گهڻن ڪتاب وارن جي اها خواهش آهي ته اوهان جي ايمان آڻڻ بعد اوهان کي ڪفر ڏانهن موٽائن، پنهنجي اندر واري ساڙ سببان ان کان پوءِ به جو حق انهن تي پڌرو ٿي چڪو آهي، پوءِ اوهان معاف ڪيو ۽ درگذر ڪيو ايستائين جو الله پنهنجو حڪم آڻي، بيشڪ الله هر شيءِ مٿان سگهارو آهي.
وَ اَقِیْمُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ١ؕ وَ مَا تُقَدِّمُوْا لِاَنْفُسِكُمْ مِّنْ خَیْرٍ تَجِدُوْهُ عِنْدَ اللّٰهِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ بِمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِیْرٌ۱۱۰
۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو ۽ اوهان جيڪا نيڪي پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليو ٿا ان کي الله وٽ لهندؤ. بيشڪ الله اوهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.
وَ قَالُوْا لَنْ یَّدْخُلَ الْجَنَّةَ اِلَّا مَنْ كَانَ هُوْدًا اَوْ نَصٰرٰى١ؕ تِلْكَ اَمَانِیُّهُمْ١ؕ قُلْ هَاتُوْا بُرْهَانَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۱۱۱
۽ (اهلِ ڪتاب) چيو ته: ”يهودين ۽ نصارن کان سواءِ ڪو به بهشت ۾ داخل نه ٿيندو“. اهي انهن جون (اجايون) سَڌُون آهن، چؤ ته: ”اگر اوهان سچا آهيو ته دليل آڻيو“!
بَلٰى١ۗ مَنْ اَسْلَمَ وَجْهَهٗ لِلّٰهِ وَ هُوَ مُحْسِنٌ فَلَهٗۤ اَجْرُهٗ عِنْدَ رَبِّهٖ١۪ وَ لَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَ۠۱۱۲
هائو جنهن پنهنجو چهرو الله لاءِ جهڪايو ۽ اهو نيڪي ڪندڙ آهي ته پوءِ ان جو اجر ان جي پالڻهار وٽ آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.
وَ قَالَتِ الْیَهُوْدُ لَیْسَتِ النَّصٰرٰى عَلٰى شَیْءٍ١۪ وَّ قَالَتِ النَّصٰرٰى لَیْسَتِ الْیَهُوْدُ عَلٰى شَیْءٍ١ۙ وَّ هُمْ یَتْلُوْنَ الْكِتٰبَ١ؕ كَذٰلِكَ قَالَ الَّذِیْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ مِثْلَ قَوْلِهِمْ١ۚ فَاللّٰهُ یَحْكُمُ بَیْنَهُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ فِیْمَا كَانُوْا فِیْهِ یَخْتَلِفُوْنَ۱۱۳
۽ يهودين چيو ته: ”نصاريٰ ڪنهن راھ تي نه آهن“ ۽ نصارن چيو ته: ”يهودي ڪنهن راھ تي نه آهن“، حالانڪه اُهي ڪتاب پڙهن ٿا. اهڙي طرح اڻ پڙهين به انهن جهڙي ڳالھ چئي، پوءِ الله انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن (خود) فيصلو ڪندو، جنهن ڳالھ ۾ اختلاف ڪندا هئا.
وَ مَنْ اَظْلَمُ مِمَّنْ مَّنَعَ مَسٰجِدَ اللّٰهِ اَنْ یُّذْكَرَ فِیْهَا اسْمُهٗ وَ سَعٰى فِیْ خَرَابِهَا١ؕ اُولٰٓىِٕكَ مَا كَانَ لَهُمْ اَنْ یَّدْخُلُوْهَاۤ اِلَّا خَآىِٕفِیْنَ١ؕ۬ لَهُمْ فِی الدُّنْیَا خِزْیٌ وَّ لَهُمْ فِی الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ عَظِیْمٌ۱۱۴
۽ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو جيڪو الله جي مسجدن کان روڪي! جو انهن ۾ سندس نالي جو ذڪر ڪيو وڃي ۽ انهن کي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. انهن کي ڪو حق ناهي جو مسجدن ۾ داخل ٿين (ها) مگر ڊڄندي ڊڄندي. انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ تمام وڏو عذاب آهي.
وَ لِلّٰهِ الْمَشْرِقُ وَ الْمَغْرِبُ١ۗ فَاَیْنَمَا تُوَلُّوْا فَثَمَّ وَجْهُ اللّٰهِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ۱۱۵
۽ اوڀر ۽ اولھ (سڀ) الله جا آهن، پوءِ اوهان جيڏانهن به مُنهن ڪيو اوڏانهن الله متوجھ آهي (هر طرف اهو ئي جلوه گر آهي)، بيشڪ الله وڏي ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آهي.
وَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا١ۙ سُبْحٰنَهٗ١ؕ بَلْ لَّهٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ كُلٌّ لَّهٗ قٰنِتُوْنَ۱۱۶
۽ چيائون الله پنهنجو اولاد بنايو آهي، اُهو ان (اولاد کان) پاڪ آهي. بلڪه جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي اُهو ان جي مِلڪ آهي. سڀ ان جا تابعدار آهن.
بَدِیْعُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ اِذَا قَضٰۤى اَمْرًا فَاِنَّمَا یَقُوْلُ لَهٗ كُنْ فَیَكُوْنُ۱۱۷
اُهو آسمانن ۽ زمينن کي وجود ڏيڻ وارو آهي. ۽ اهو جنهن وقت ڪنهن شيءِ (جي خلقڻ) جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي چوي ٿو ”ٿي پؤ“ ته ٿي پوي ٿي.
وَ قَالَ الَّذِیْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ لَوْ لَا یُكَلِّمُنَا اللّٰهُ اَوْ تَاْتِیْنَاۤ اٰیَةٌ١ؕ كَذٰلِكَ قَالَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّثْلَ قَوْلِهِمْ١ؕ تَشَابَهَتْ قُلُوْبُهُمْ١ؕ قَدْ بَیَّنَّا الْاٰیٰتِ لِقَوْمٍ یُّوْقِنُوْنَ۱۱۸
۽ بي علم ماڻهو چون ٿا ته: ”الله اسان سان (سڌو سنئون) ڇو نه ٿو ڳالهائي! يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نه ٿي اچي“ انهن کان اڳين به اهڙي ڳالھ چئي هئي. انهن جون دليون هڪ جهڙيون آهن. بيشڪ اسان يقين وارن لاءِ نشانيون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن.
اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰكَ بِالْحَقِّ بَشِیْرًا وَّ نَذِیْرًا١ۙ وَّ لَا تُسْـَٔلُ عَنْ اَصْحٰبِ الْجَحِیْمِ۱۱۹
بيشڪ اسان (اي نبي!) تو کي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي موڪليو آهي ۽ دوزخين بابت تو کان ڪو نه پڇيو ويندو.
وَ لَنْ تَرْضٰى عَنْكَ الْیَهُوْدُ وَ لَا النَّصٰرٰى حَتّٰى تَتَّبِعَ مِلَّتَهُمْ١ؕ قُلْ اِنَّ هُدَى اللّٰهِ هُوَ الْهُدٰى١ؕ وَ لَىِٕنِ اتَّبَعْتَ اَهْوَآءَهُمْ بَعْدَ الَّذِیْ جَآءَكَ مِنَ الْعِلْمِ١ۙ مَا لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ وَّلِیٍّ وَّ لَا نَصِیْرٍؔ۱۲۰
۽ يهودي ۽ نصاريٰ تو کان اصل راضي نه ٿيندا جيستائين تون انهن جي مذهب جي پيروي اختيار نه ڪرين. چؤ ته: ”بيشڪ الله جي (عطا ڪيل) هدايت ئي (حقيقي) هدايت آهي“. ۽ جيڪڏهن (اي مخاطب) تو انهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي، ان کان پوءِ جو تو وٽ (الله وٽان) علم اچي ويو آهي ته تو لاءِ الله کان بچائڻ وارو نه ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو مددگار.
اَلَّذِیْنَ اٰتَیْنٰهُمُ الْكِتٰبَ یَتْلُوْنَهٗ حَقَّ تِلَاوَتِهٖ١ؕ اُولٰٓىِٕكَ یُؤْمِنُوْنَ بِهٖ١ؕ وَ مَنْ یَّكْفُرْ بِهٖ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ۠۱۲۱
اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي ان کي ائين پڙهن ٿا، جيئن ان جي پڙهڻ جو حق آهي، اُهي ان تي ويساھ رکن ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪن ته اُهي ئي نقصان لهڻ وارا آهن.
یٰبَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ اذْكُرُوْا نِعْمَتِیَ الَّتِیْۤ اَنْعَمْتُ عَلَیْكُمْ وَ اَنِّیْ فَضَّلْتُكُمْ عَلَى الْعٰلَمِیْنَ۱۲۲
اي يعقوب جا اولاد! منهنجي نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان مٿان انعام ڪئي ۽ بيشڪ مون اوهان کي (ان دؤر جي) قومن مٿان فضيلت ڏني.
وَ اتَّقُوْا یَوْمًا لَّا تَجْزِیْ نَفْسٌ عَنْ نَّفْسٍ شَیْـًٔا وَّ لَا یُقْبَلُ مِنْهَا عَدْلٌ وَّ لَا تَنْفَعُهَا شَفَاعَةٌ وَّ لَا هُمْ یُنْصَرُوْنَ۱۲۳
۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص به ڪنهن شخص جي پاران ڪنهن شيءِ جو بدلو نه ڏئي سگھندو ۽ نه ان جي پاران ڪو عيوضُ قبوليو ويندو نه ان کي (بغير اذن الاهي) ڪنهن جي شفاعت نفعو ڏيندي ۽ نه اُهي مدد ڏنا ويندا.
وَ اِذِ ابْتَلٰۤى اِبْرٰهٖمَ رَبُّهٗ بِكَلِمٰتٍ فَاَتَمَّهُنَّ١ؕ قَالَ اِنِّیْ جَاعِلُكَ لِلنَّاسِ اِمَامًا١ؕ قَالَ وَ مِنْ ذُرِّیَّتِیْ١ؕ قَالَ لَا یَنَالُ عَهْدِی الظّٰلِمِیْنَ۱۲۴
۽ (اهو واقعو ياد ڪر) جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ته انهن (سڀني) کي پورو ڪيائين. (رب) فرمايو: ”آءُ تو کي ماڻهن جي لاءِ اڳواڻ بنائڻ وارو آهيان“. چيائين: “(ڇا) منهنجي اولاد مان به“؟ (رب) فرمايو: ”منهنجو عهد ظالمن کي نه ٿو پهچي“.
وَ اِذْ جَعَلْنَا الْبَیْتَ مَثَابَةً لِّلنَّاسِ وَ اَمْنًا١ؕ وَ اتَّخِذُوْا مِنْ مَّقَامِ اِبْرٰهٖمَ مُصَلًّى١ؕ وَ عَهِدْنَاۤ اِلٰۤى اِبْرٰهٖمَ وَ اِسْمٰعِیْلَ اَنْ طَهِّرَا بَیْتِیَ لِلطَّآىِٕفِیْنَ وَ الْعٰكِفِیْنَ وَ الرُّكَّعِ السُّجُوْدِ۱۲۵
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان هن گهر (بيت الله) کي ماڻهن لاءِ (عبادت واسطي) موٽڻ جي جاءِ ۽ امن وارو بنايو ۽ (حڪم ڏنو ته) ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي نماز جو هنڌ بنائي وٺو. ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل کي تاڪيد ڪيو ته منهنجي گهر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ڪندڙن ۽ رڪوع، سجدن ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ بنايو.
وَ اِذْ قَالَ اِبْرٰهٖمُ رَبِّ اجْعَلْ هٰذَا بَلَدًا اٰمِنًا وَّ ارْزُقْ اَهْلَهٗ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَنْ اٰمَنَ مِنْهُمْ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ١ؕ قَالَ وَ مَنْ كَفَرَ فَاُمَتِّعُهٗ قَلِیْلًا ثُمَّ اَضْطَرُّهٗۤ اِلٰى عَذَابِ النَّارِ١ؕ وَ بِئْسَ الْمَصِیْرُ۱۲۶
۽ (ياد ڪيو) جڏهن ابراهيم چيو ته: ”اي پالڻهار هن کي امن وارو شهر بناءِ ۽ اتان جي رهواسين کي قسمان قسمين جا ميوا روزي بنائي ڏي (يعني) انهن مان تن کي جن الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو“. (الله) فرمايو: ”۽ جنهن ڪفر ڪيو ته ان کي (به دنيا جي) ٿوري زندگي جي مدت لاءِ فائدو ڏيندس پوءِ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانهن مجبور ڪندس ۽ اها نهايت بري موٽڻ جي جاءِ آهي“.
وَ اِذْ یَرْفَعُ اِبْرٰهٖمُ الْقَوَاعِدَ مِنَ الْبَیْتِ وَ اِسْمٰعِیْلُ١ؕ رَبَّنَا تَقَبَّلْ مِنَّا١ؕ اِنَّكَ اَنْتَ السَّمِیْعُ الْعَلِیْمُ۱۲۷
۽ (ياد ڪيو) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد پئي بلند ڪيا (ته دعا گهري رهيا هئا) ”اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کان هي (خدمت) قبول ڪر، بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.
رَبَّنَا وَ اجْعَلْنَا مُسْلِمَیْنِ لَكَ وَ مِنْ ذُرِّیَّتِنَاۤ اُمَّةً مُّسْلِمَةً لَّكَ١۪ وَ اَرِنَا مَنَاسِكَنَا وَ تُبْ عَلَیْنَا١ۚ اِنَّكَ اَنْتَ التَّوَّابُ الرَّحِیْمُ۱۲۸
اي اسان جا رب! اسان ٻنهين کي پنهنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان به تنهنجي فرمانبردار امت پيدا ڪر ۽ اسان کي اسان جي عبادت جا قائدا (حج جا احڪام) ٻڌاءِ ۽ اسان تي (رحمت سان) متوجھ ٿيءُ، بيشڪ تون وڏو توبه قبوليندڙ، ٻاجهارو آهين.
رَبَّنَا وَ ابْعَثْ فِیْهِمْ رَسُوْلًا مِّنْهُمْ یَتْلُوْا عَلَیْهِمْ اٰیٰتِكَ وَ یُعَلِّمُهُمُ الْكِتٰبَ وَ الْحِكْمَةَ وَ یُزَكِّیْهِمْ١ؕ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِیْزُ الْحَكِیْمُ۠۱۲۹
اي اسان جا پالڻهار! انهن ۾ انهن مان ئي هڪ (عظمت وارو) رسول موڪل جيڪو انهن تي تنهنجون آيتون تلاوت ڪري انهن کي ڪتاب سيکاري ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ۽ انهن کي پاڪيزه بنائي. بيشڪ تون غالب، حڪمت وارو آهين“.
وَ مَنْ یَّرْغَبُ عَنْ مِّلَّةِ اِبْرٰهٖمَ اِلَّا مَنْ سَفِهَ نَفْسَهٗ١ؕ وَ لَقَدِ اصْطَفَیْنٰهُ فِی الدُّنْیَا١ۚ وَ اِنَّهٗ فِی الْاٰخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحِیْنَ۱۳۰
۽ ابراهيم جي دين کان ڪير ٿو مُنهن موڙي (سگهي) سواءِ ان جي جيڪو پنهنجي نفس جي بي وقوفي ۾ مبتلا آهي. ۽ بيشڪ اسان ان کي دنيا ۾ منتخب فرمايو هيو ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ به نيڪو ڪارن مان هوندو.
اِذْ قَالَ لَهٗ رَبُّهٗۤ اَسْلِمْ١ۙ قَالَ اَسْلَمْتُ لِرَبِّ الْعٰلَمِیْنَ۱۳۱
جنهن وقت کيس سندس پالڻهار چيو ته: ”(مون اڳيان) گردن جهڪاءِ“! ته چيائين: ”مون جهانن جي پروردگار واسطي ڪنڌ جهڪايو“.
وَ وَصّٰى بِهَاۤ اِبْرٰهٖمُ بَنِیْهِ وَ یَعْقُوْبُ١ؕ یٰبَنِیَّ اِنَّ اللّٰهَ اصْطَفٰى لَكُمُ الدِّیْنَ فَلَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَؕ۱۳۲
۽ ان (دين تي ثابت رهڻ) جي ابراهيم ۽ يعقوب پنهنجي پُــٽن کي وصيت ڪئي هئي ته: ”اي منهنجا ٻچڙا! بيشڪ الله اوهان لاءِ دين (اسلام) کي پسند ڪيو آهي. سو توهان نه مرجو مگر مسلمان رَهَندَي“.
اَمْ كُنْتُمْ شُهَدَآءَ اِذْ حَضَرَ یَعْقُوْبَ الْمَوْتُ١ۙ اِذْ قَالَ لِبَنِیْهِ مَا تَعْبُدُوْنَ مِنْۢ بَعْدِیْ١ؕ قَالُوْا نَعْبُدُ اِلٰهَكَ وَ اِلٰهَ اٰبَآىِٕكَ اِبْرٰهٖمَ وَ اِسْمٰعِیْلَ وَ اِسْحٰقَ اِلٰهًا وَّاحِدًا١ۖۚ وَّ نَحْنُ لَهٗ مُسْلِمُوْنَ۱۳۳
ڇا توهان (ان وقت) حاضر هيا؟ جڏهن يعقوب کي موت ويجھو آيو؟ جڏهن پنهنجي پٽن کان پڇيائين ته: ”مون کان پوءِ اوهان ڪنهن جي عبادت ڪندؤ“؟ چيائون: ”اسان تنهنجي معبود جي پوڄا ڪنداسين ۽ تنهنجي اباڻن ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود، هڪ معبود جي (پوڄا ڪنداسين) ۽ اسان ان جي لاءِ گردن جھڪائيندڙ آهيون“.
تِلْكَ اُمَّةٌ قَدْ خَلَتْ١ۚ لَهَا مَا كَسَبَتْ وَ لَكُمْ مَّا كَسَبْتُمْ١ۚ وَ لَا تُسْـَٔلُوْنَ عَمَّا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ۱۳۴
اُها (هڪ) امت هئي جا گذري وئي، انهن لاءِ اهو آهي جيڪو انهن ڪمايو ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جيڪو اوهان ڪمايو ۽ جيڪي اُهي عمل ڪندا هئا انهن جو اوهان کان پڇاڻو نه ٿيندو.
وَ قَالُوْا كُوْنُوْا هُوْدًا اَوْ نَصٰرٰى تَهْتَدُوْا١ؕ قُلْ بَلْ مِلَّةَ اِبْرٰهٖمَ حَنِیْفًا١ؕ وَ مَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِیْنَ۱۳۵
۽ (اهلِ ڪتاب) چيو ته: ”يهودي يا نصارا ٿي وڃو ته هدايت وارا ٿيندؤ“. (اي نبي!) تون چؤ ”اسان ته ابراهيم جي دين تي آهيون جو هر باطل کان جدا، صرف الله ڏانهن متوجھ هيو. ۽ اهو مُشرڪن مان نه هيو“.
قُوْلُوْۤا اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَ مَاۤ اُنْزِلَ اِلَیْنَا وَ مَاۤ اُنْزِلَ اِلٰۤى اِبْرٰهٖمَ وَ اِسْمٰعِیْلَ وَ اِسْحٰقَ وَ یَعْقُوْبَ وَ الْاَسْبَاطِ وَ مَاۤ اُوْتِیَ مُوْسٰى وَ عِیْسٰى وَ مَاۤ اُوْتِیَ النَّبِیُّوْنَ مِنْ رَّبِّهِمْ١ۚ لَا نُفَرِّقُ بَیْنَ اَحَدٍ مِّنْهُمْ١ۖ٘ وَ نَحْنُ لَهٗ مُسْلِمُوْنَ۱۳۶
(اي مسلمانو!) چؤ ته: ”اسان الله تي ايمان آندو ۽ (ان تي) جيڪو اسان طرف نازل ڪيو ويو آهي ۽ (ان تي) جيڪو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ انهن جي اولاد تي نازل ڪيو ويو هيو ۽ (انهن ڪتابن تي به) جيڪي موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏنا ويا ۽ جي ٻين نبين کي سندن رب جي طرفان ڏنا ويا، اسان انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به (ايمان آڻڻ ۾) فرق نه ٿا ڪيون ۽ اسان ان (رب) جا فرمانبردار آهيون“.
فَاِنْ اٰمَنُوْا بِمِثْلِ مَاۤ اٰمَنْتُمْ بِهٖ فَقَدِ اهْتَدَوْا١ۚ وَ اِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّمَا هُمْ فِیْ شِقَاقٍ١ۚ فَسَیَكْفِیْكَهُمُ اللّٰهُ١ۚ وَ هُوَ السَّمِیْعُ الْعَلِیْمُؕ۱۳۷
پوءِ جيڪڏهن اُهي به (ائين) ايمان آڻن جيئن اوهان ايمان آندو آهي ته پوءِ اُهي پڪ سان هدايت وارا ٿي ويندا. ۽ جي اُهي منهن موڙيندا ته پوءِ اُهي ضد تي آهن. پوءِ سگھوئي الله تولاءِ انهن (جي شر) کان (بچائڻ لاءِ) ڪافي ٿيندو ۽ اهو ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.
صِبْغَةَ اللّٰهِ١ۚ وَ مَنْ اَحْسَنُ مِنَ اللّٰهِ صِبْغَةً١٘ وَّ نَحْنُ لَهٗ عٰبِدُوْنَ۱۳۸
(اسين) الله جي رنگ (۾ رنگجي وياسين) ۽ ڪنهن جو رنگ الله جي رنگ کان ڀلو آهي؟ ۽ اسان ان جا عبادتگذار آهيون.
قُلْ اَتُحَآجُّوْنَنَا فِی اللّٰهِ وَ هُوَ رَبُّنَا وَ رَبُّكُمْ١ۚ وَ لَنَاۤ اَعْمَالُنَا وَ لَكُمْ اَعْمَالُكُمْ١ۚ وَ نَحْنُ لَهٗ مُخْلِصُوْنَۙ۱۳۹
(اي نبي!) چؤ: ”ڇا اوهان اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا؟ حالانڪه اهو اسان جو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پالڻهار آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل آهن ۽ اسان خالص ان جا ئي بنجي چڪا آهيون.
اَمْ تَقُوْلُوْنَ اِنَّ اِبْرٰهٖمَ وَ اِسْمٰعِیْلَ وَ اِسْحٰقَ وَ یَعْقُوْبَ وَ الْاَسْبَاطَ كَانُوْا هُوْدًا اَوْ نَصٰرٰى١ؕ قُلْ ءَاَنْتُمْ اَعْلَمُ اَمِ اللّٰهُ١ؕ وَ مَنْ اَظْلَمُ مِمَّنْ كَتَمَ شَهَادَةً عِنْدَهٗ مِنَ اللّٰهِ١ؕ وَ مَا اللّٰهُ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعْمَلُوْنَ۱۴۰
(اي اهلِ ڪتاب!) ڇا توهان چؤ ٿا ته: ”ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ انهن جو اولاد يهودي يا نصارا هئا“؟ چؤ ته: ”ڇا اوهان وڌيڪ ڄاڻو ٿا يا الله“؟ ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جو حق جي شاهدي کي لڪائي جا ان وٽ الله وٽان (ڪتاب ۾) موجود آهي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.
تِلْكَ اُمَّةٌ قَدْ خَلَتْ١ۚ لَهَا مَا كَسَبَتْ وَ لَكُمْ مَّا كَسَبْتُمْ١ۚ وَ لَا تُسْـَٔلُوْنَ عَمَّا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ۠۱۴۱
اُها هڪ جماعت هئي جا گذري چڪي جو انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جو اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ هوندو ۽ توهان کان انهن جي عملن بابت ڪو نه پڇيو ويندو.