قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 2 with translation
Juz 2 starts at Surah Al-Baqarah ayah 142 and ends at Surah 2 ayah 252. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
۽ اهڙي طرح اسان اوهان کي وچولي (۽ بهترين) امت بنايو آهي ته جيئن توهان ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسولِ (ڪريم) اوهان تي شاهد ٿئي. ۽ (اي نبي!) تون جنهن قبلي تي پهريان هئين اسان ان کي صرف هن لاءِ مقرر ڪيو هيو ته اسان (پرکا وٺي) پڌرو ڪيون ته ڪير رسول (ﷺ) جي پيروي ڪري ٿو (۽) ڪير اُبتي پيرِ ڦِري ٿو. ۽ بيشڪ اها (قبلي مَٽِجَڻَ واري) ڳالھ ضرور ڳَـــرِي هئي مگر انهن تي (ڳري نه هئي) جن کي الله هدايت ڪئي. ۽ الله جو شان ناهي جو اوهان جا ايمان ضايع ڪري. بيشڪ الله ماڻهن سان ضرور وڏو مهربان ٻاجهارو آهي.
(اي نبي!) بيشڪ اسان تنهنجي مُنهن (مبارڪ) جو آسمان ڏانهن (بار بار) کڄڻُ ڏسي رهيا آهيون، سو اسان ضرور تو کي ان قبلي طرف ڦيرينداسين جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. سو پنهنجو منهن (مبارڪ هاڻي ئي) عزت واري مسجد ڏانهن ڦيراءِ. ۽ (اي مسلمانو) اوهان جتي به هجو پنهنجا چهرا ان ڏانهن ڦيرايو. ۽ بيشڪ اُهي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي سي پڪ ڄاڻن ٿا ته اهو (قبلي جي تبديلي جو حڪم) انهن جي پالڻهار پاران حق آهي. ۽ الله ان کان بي خبر نه آهي جيڪي اهي عمل ڪن ٿا.
۽ جي تون ڪتاب وارن وٽ هر نشاني آڻين ته به اُهي تنهنجي قبلي جي پيروي ڪونه ڪندا ۽ نه ئي تون انهن جي قبلي جي پيروي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه ئي اُهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قبلي جي پيروي ڪندڙ آهن. ۽ اگر (بفرضِ محال) تو وٽ علم اچڻ بعد به تو انهن جي سَڌُن جي پيروي ڪئي ته بيشڪ ان وقت تون (پنهنجي جان سان) زيادتي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندين.
۽ هر هڪ لاءِ هڪ رُخُ آهي جيڏانهن اهو مُڙي ٿو پوءِ نيڪين ۾ اڳرائي ڪيو. اوهان جتي به هجو الله اوهان سڀني کي گڏ ڪندو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
۽ تون جتان (سفر تي) نڪرين ته (نماز جي وقت) پنهنجو چهرو مسجد الحرام ڏانهن ڦيراءِ. ۽ بيشڪ اهو ئي تنهنجي پالڻهار پاران حق آهي ۽ الله اوهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.
بيشڪ صفا ۽ مروه (مڪي جون ٻئي پهاڙيون) الله جي نشانين مان آهن، پوءِ جيڪو ماڻهو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو ادا ڪري ته ان تي ڪو گناھ نه آهي جو انهن ٻنهين جي وچ ۾ (سعي جا) چڪر لڳائي. ۽ جيڪو ماڻهو نفلي نيڪي ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله (وڏو) قدردان، ڄاڻــــڻـــــهار آهي.
بيشڪ جيڪي ماڻهو لِڪائن ٿا انهن چِٽِيُن نشانيُن ۽ هدايت کي جي اسان نازل ڪيون آهن، ان کان پوءِ جو اسان ان کي ڪتاب ۾ ماڻهن لاءِ پڌرو (به) ڪري ڇڏيو آهي (ته) اهي اهڙا ماڻهو آهن جن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪرڻ وارا به انهن تي لعنت ڪن ٿا.
سواءِ انهن ماڻهن جي جن توبه ڪئي ۽ (پنهنجو) اصلاح ڪيائون ۽) حق کي (ظاهر ڪيائون ته پوءِ اهي ماڻهو آهن جن جي آءُ توبه قبول ڪندس ۽ آءُ وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهيان.
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي مٽجڻ ۾، ۽ انهن ٻيڙين ۾ جيڪي سمنڊن ۾ ماڻهن جي نفعي جي سامان سميت هلن ٿيون ۽ ان (مينهن جي) پاڻي ۾ جيڪو الله آسمان کان لاهي ٿو، جنهن سان زمين کي مرده ٿي وڃڻ بعد زنده ڪري ٿو، ۽ ان (زمين ۾) هر قسم جي جانورن کي پکيڙي ٿو ۽ هوائن جا رخ مٽائڻ ۾ ۽ ڪڪر ۾ جيڪو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ (الله جي حڪم جو) پائبند آهي (انهن سڀني ڳالهين ۾) عقل وارن لاءِ ضرور نشانيون آهن.
۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي غيرن کي الله جو همسر ڪري وٺن ٿا. انهن سان الله جي محبت جهڙي محبت رکن ٿا. ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو سي الله سان محبت ۾ زور پُختا هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهي ظالم (اڄ ئي) ان وقت کي ڏسن جڏهن عذاب کي سامهون ڏسندا ته پڪ (سمجهندا ته) سڀ طاقتن جو مالڪ الله آهي ۽ بيشڪ الله سزا ڏيڻ ۾ زور سخت آهي.
۽ جڏهن انهن (ڪافرن) کي چيو وڃي ٿو ته جو الله نازل ڪيو آهي ان جي پيروي ڪيوته چون ٿا: ”بلڪه اسان ته ان (طريقي) تي هلنداسين جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو“. توڙي جو انهن جا ابا ڏاڏا نه ڪو عقل رکندا هئا ۽ نه سڌي واٽ تي هئا.
ان اوهان تي صرف مُردار ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ئي حرام ڪيا آهن ۽ اهو جانور (به) جنهن تي ذبح جي وقت غير الله جو نالو وتو ويو هجي، پر جو سخت مجبور ٿي پوي، نه بي فرماني ڪندڙ هجي، نه حد کان وڌندڙ هجي ته پوءِ ان تي ڪو گناھ ناهي بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
اي ايمان وارؤ! اوهان تي (ناحق) قتل ٿي وِيلن جي خون جو بدلو وٺڻ فرض ڪيو ويو آهي. آزاد جي بدلي آزاد ۽ ٻانهي جي بدلي ٻانهو ۽ عورت جي بدلي عورت. پوءِ اگر ڪنهن (قاتل) کي ان جو ڀاءُ (يعني مقتول جو وارثُ، خون بها مان) ڪا شيءِ معاف ڪري ته (مقتول جو وارث) خون بها دستور شرعي مطابق طلب ڪري ۽ (قاتل کي گھرجي) چڱائي سان ادا ڪري. اها توهان جي پالڻهار پاران رعايت ۽ رحمت آهي، سو ان کان بعد اگر ڪو زيادتي ڪري ته پوءِ ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
رمضان جو مهينو (اُهو آهي) جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو. جيڪو ماڻهن لاءِ هدايت آهي ۽ هدايت ۽ (حق ۽ ناحق ۾) فرق ڪرڻ واريون چٽيون نشانيون آهي، پوءِ توهان مان جيڪو هن مهيني کي لهي ته ان جا روزا رکي. ۽ جو بيمار هجي يا سفر تي هجي ته ٻين ڏينهن (جي روزن) سان ڳاڻيٽو پورو ڪري. الله اوهان سان آساني چاهي ٿو ۽ اوهان سان اهنجائي نه ٿو چاهي ۽ هن لاءِ ته اوهان ڳاڻيٽو پورو ڪيو ۽ هن لاءِ ته ان جيڪا اوهان کي هدايت عطا ڪئي آهي ان تي الله جي وڏائي بيان ڪيو ۽ ان لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو.
۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق طريقي سان نه کائو ۽ نه مال کي (ناجائز طريقي سان) حاڪمن وٽ پهچايو هن لاءِ جو ماڻهن جي مال جو ڪجھ حصو اوهان به ناجائز طريقي سان کائي سگهو حالانڪه (اها ڳالھ) اوهان ڄاڻو (به) ٿا.
۽ (جنگ دوران) انهن کي جتي به لهو قتل ڪيو ۽ انهن کي اتان ٻاهر ڪڍو جتان انهن اوهان کي ڪڍيو هيو، ۽ فتنو قتل کان به سخت (ڏوھ) آهي ۽ مسجد الحرام وٽ انهن سان جنگ نه ڪيو جيستائين اُهي ان ۾ اوهان سان جنگ نه ڪن. پوءِ اگر اهي اوهان سان جنگ ڪن ته اوهان به انهن سان جنگ ڪيو. اهڙي طرح ڪافرن جي سزا آهي.
۽ انهن سان جنگ ڪندا رهو ايستائين جو ڪو فتنو (باقي) نه رهي ۽ دين (يعني نظامِ زندگي) الله لاءِ ٿي وڃي. پوءِ جي رڪجي وڃن ته ظالمن کان سواءِ ڪنهن تي زيادتي (ڪرڻي) ناهي.
پوءِ جڏهن اوهان پنهنجي حج جا احڪام پورا ڪري چڪا ته (منيٰ ۾) الله جو ذڪر ڪيو جيئن پنهنجي ابن ڏاڏن جو ذڪر ڪندا هُيَئو يا ان کان به زياده (ذوق سان) ذڪر ڪيو. پوءِ ماڻهن مان ڪو چوي ٿو: ”اي اسان جا پالڻهار اسان کي دنيا ۾ ئي ڏئي ڇڏ“. ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي.
۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جنهن جو ڳالهائڻ دنيا جي زندگي ۾ تو کي سٺو لڳي ٿو ۽ جيڪي سندس دل ۾ آهي ان تي الله کي شاهد بنائي ٿو حالانڪ اهو وڏو جهيڙاڪ آهي.
ماڻهو سڀ هڪ دين تي هئا. (جڏهن اختلاف ۾ پيا ته) پوءِ الله نبين کي موڪليو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي ۽ انهن سان گڏ حق وارو ڪتاب لاٿائين تان ته ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪن ان ڳالهين جو جن ۾ اختلاف ڪيائون ۽ ان (ڪتاب) ۾ اختلاف به صرف انهن ماڻهن ئي وڌو جن کي اهو (ڪتاب) ڏنو ويو هيو هن کان پوءِ جو انهن وٽ پڌرا حڪم (به) اچي چڪا (اختلاف به) هڪ ٻئي ۾ حسد سبب (وڌائون) پوءِ الله ايمان وارن کي حق ڳالھ پنهنجي حڪم سان سمجهائي جنهن ۾ اختلاف ڪري رهيا هئا. ۽ الله جنهن کي چاهي سڌي واٽ جي هدايت ڏئي ٿو.
ڇا اوهان ان گمان ۾ آهيو ته (ائين بنا پرکا جي) جنت ۾ داخل ٿي ويندا؟ حالانڪه اوهان تي ته اوهان کان اڳين جهڙي (حالت) اڃا نه آئي آهي. جو انهن کي سختيون ۽ تڪليفون پهتيون ۽ دُونڌَاڙيا ويا. ايستائين جو (خود) رسول ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو چيائون ”الله جي مدد ڪڏهن ايندي“؟ خبردار! بيشڪ الله جي مدد ويجهي آهي.
توکان عزت واري مهيني ۾ جنگ (جوحڪم) پڇن ٿا. چؤ ته ان ۾ جنگ وڏو ڏوھ آهي. ۽ الله جي راھ کان روڪڻ ۽ ان سان ڪفر ڪرڻ ۽ مسجدِ حرام کان روڪڻ ۽ اتان جي رهواسين کي ان مان ڪڍڻ الله وٽ (ان کان به) وڏا گناھ آهن. ۽ فتنه انگيزي قتل کان به وڏي آهي. جي طاقت هجينِ ته توهان کي توهان جي دين کان ڦيرائڻ تائين توهان سان وڙهندا رهن. ۽ اوهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦري ۽ ڪافر ٿي مري وڃي ته اهڙن ماڻهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ عمل چٽ ٿي ويا ۽ اهي جهنمي آهن اهي ان ۾ هميشه رهندا.
۽ الله (جي نالي) کي پنهنجي اهڙن قَسمن جي لاءِ استعمال نه ڪيو جن جو مقصد نيڪي ۽ پرهيزگاري ۽ ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ کان روڪڻ هجي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
الله اوهان کان بنا ارادي زبان مان نڪتل قسمن جي پڪڙ نه ٿو ڪري ۽ پر انهن (قسمن تي) ضرور پڪڙ ڪندو جن جو توهان جي دلين ارادو ڪيو. ۽ الله بخشڻهار بُردبار آهي.
طلاق يافته عورتون پنهنجو پاڻ کي روڪن ٽن حيضن تائين. ۽ انهن لاءِ حلال ناهي جو ان کي لڪائن جيڪو الله انهن جي پيٽن ۾ پيدا ڪيو آهي اگر اُهي الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون. ۽ انهن جا مڙس وڌيڪ حقدار آهن جو ان مدت ۾ انهن کي واپس موٽائن جي انهن اصلاح جو ارادو ڪيو آهي. ۽ دستور مطابق عورتن جا به مردن مٿان ائين حق آهن جيئن مردن جا عورتن تي آهن ۽ البته مردن کي عورتن تي فضيلت آهي ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.
طلاق (رجعي) ٻه ڀيرا آهي پوءِ ڀلائي سان رکڻ يا احسان سان ڇڏي ڏيڻ آهي. ۽ اوهان لاءِ جائز ناهي جو جي شيون انهن کي ڏئي چڪا آهيو انهن مان ڪجھ واپس وٺو، سواءِ هن جي جو ٻنهين کي ڊپ ٿئي جو الله جون حدون قائم رکي نه سگهندا. پوءِ جي اوهان کي ڊپ هجي ته ٻئي الله جي حدن کي قائم رکي نه سگهندا ته (ان حال ۾) انهن ٻنهين تي ڪو گناھ ناهي جو زال ڪجھ بدلو ڏئي پاڻُ آزاد ڪرائي. اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن پوءِ اوهان اُهي نه اورانگهيو. ۽ جيڪو الله جون حدون اورانگهي ته پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.
پوءِ جيڪڏهن زال کي (ٽئين ڀيري) طلاق ڏنائين ته ان کان پوءِ اها ان تي حلال نه ٿيندي ايستائين جو ان جو نڪاح ڪنهن ٻئي مرد سان ٿئي. پوءِ جي اهو (ٻيو مڙس به) ان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته پوءِ ٻنهين (يعني پهريون مڙس ۽ ساڳي زال) تي گناھ ناهي جو (دوباره) هڪ ٻئي ڏانهن موٽن جي سمجهن ٿا ته الله جون حدون قائم رکي سگهندا. ۽ اهي الله جون حدون آهن، جيڪي علم وارن لاءِ پڌريون ڪري ٿو.
۽ جڏهن توهان پنهنجي زالن کي (رجعي) طلاق ڏيو پوءِ پنهنجي عدت کي پهچن ته (هاڻي) کين چڱي نموني سان (زوجيت ۾) رکو يا چڱي نموني سان ڇڏي ڏيو ۽ انهن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ روڪي نه رکو. جو (انهن سان) زيادتي ڪندا رهو ۽ جيڪو ائين ڪري ٿو ته ان پنهنجي جان تي ظلم ڪيو. ۽ الله جي آيتن کي ڀوڳ نه بنايو. ۽ الله جي نعمت کي ياد ڪيو جا اوهان تي ڪيائين ۽ جيڪو اوهان تي ڪتاب ۽ حڪمت لاٿائين جن سان توهان کي نصيحت ڪري ٿو. ۽ الله کان ڊڄو ۽ پڪ ڄاڻو ته الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.
۽ مائرون پنهنجي اولادن کي پورا ٻه سال کير پيارن هي (حڪم) ان لاءِ آهي جيڪو کير پيارڻ جي مدت پوري ڪرڻ چاهي ٿو. ۽ جنهن جو ٻار آهي ان تي دستور مطابق انهن (کير پياريندڙ مائرن) جي خوراڪ ۽ پوشاڪ آهي. (مگر) ڪنهن جان کي ان جي سهپ کان مٿي تڪليف نه ڏني وڃي. ماءُ کي سندس ٻار جي ڪري تڪليف نه ڏني وڃي ۽ نه پيءُ کي سندس ٻار جي ڪري، ۽ وارثن مٿان به ائين ئي (حڪم) آهي. پر جي ٻئي (ماءُ ۽ پيءُ) هڪ ٻئي جي رضا ۽ مشوري سان کير ڇڏائڻ چاهن ته پوءِ انهن تي ڪو گناھ نه آهي. ۽ جي اوهان پنهنجي اولاد کي (دائي کان) کير پيارڻ جو ارادو ڪيو ته پوءِ اوهان تي ڪو گناھ نه آهي جڏهن اوهان جو ڪجھ دستور مطابق ڏيندا آهيو سو ڏيو. ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻو ته جو ڪجھ توهان ڪيو ٿا الله ان کي ڏسڻ وارو آهي.
۽ اوهان تي ڪو گناھ ناهي هن ڳالھ ۾ جو (دورانِ عدت) اوهان (بيوه) زالن کي اشاري ۾ نڪاح جو پيغام موڪليو يا اهو (خيال) پنهنجي دلين ۾ لڪايو. الله ڄاڻي ٿو ته اوهان جلد انهن سان ذڪر ڪندؤ ۽ پر انهن سان ڳجهي طرح اهڙو ڪو وعدو نه ڪيو سواءِ هن جي جو دستور مطابق انهن سان ڳالھ ڪيو. ۽ نڪاح جو معاملو پڪو نه ڪيو جيستائين مقرر عدت پنهنجي پڄاڻي تي نه پهچي. ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله اوهان جي دلين جي ڳالهين کي ڄاڻي ٿو پوءِ ان کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله بخشڻهار بردبار آهي.
اوهان تي ڪو گناھ نه آهي جي اوهان زالن کي هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏئي ڇڏي آهي يا انهن لاءِ ڪو مهر مقرر نه ڪيو آهي. انهن کي خرچ پکي لاءِ ڪجھ ڏيو. ڪشادگي واري تي ان جي حيثيت مطابق ۽ تنگدست تي ان جي حيثيت مطابق گذر سفر لاءِ ڪجھ ڏيڻ دستور مطابق آهي. اهو ڀلائي ڪرڻ وارن مٿان حق آهي.
پوءِ جيڪڏهن حالتِ خوف ۾ آهيو ته پيادل يا سوار (جيئن به ٿي سگهي نماز ادا ڪيو) وري جڏهن حالتِ امن ۾ اچو ته ان طريقي سان الله کي ياد ڪيو جيئن ان اوهان کي سيکاريو جنهن کي اوهان (اڳ) نه ڄاڻندا هئا.
آهي ڪو جو الله کي قرضِ حسنه ڏئي! پوءِ ان کي ڪيئي دفعا ٻيڻو ڪري وڌائي واپس ڏئي. ۽ الله (رزقن ۾) تنگي ڪري ٿو ۽ ڪشادگي ڪري ٿو ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.
(اي نبي!) ڇا تو بني اسرائيل جي هڪ جماعت کي نه ڏٺو! جيڪي موسيٰ کان پوءِ هيا. جڏهن انهن پنهنجي نبي کي چيو ته: ”اسان لاءِ ڪو بادشاھ مقرر ڪر ته اسان الله جي راھ ۾ جهاد ڪيون“. نبيءَ چيو: ”ڪٿي ائين نه ٿئي جو اوهان تي لڙائي فرض ڪئي وڃي ۽ اوهان نه لڙو“! چيائون: ”اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي راھ ۾ نه لڙون! حالانڪه اسان کي اسان جي گهرن مان ڪڍيو ويو ۽ اسان جي ٻچن کان جدا ڪيو ويو آهي“. پوءِ جڏهن انهن تي جهاد فرض ڪيو ويو ته انهن مان ٿورڙن کان سواءِ باقي سڀ ڦري ويا. ۽ الله ظالمن کي ڄاڻڻ وارو آهي.
۽ انهن کي سندن نبيءَ چيو ته: ”بيشڪ الله اوهان لاءِ طالوت کي بادشاھ مقرر ڪيو آهي“. چوڻ لڳا: ”ان کي وري اسان تي بادشاهي ڪيئن ملي وئي! حالانڪه اسان ان کان وڌيڪ بادشاهي جا حقدار آهيون ۽ ان کي ته مال جي گهڻائي به نه ڏني وئي آهي“. نبيءَ چيو ته: ”بيشڪ الله ان کي چونڊي توهان تي مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي علم ۽ جسم ۾ وڌيڪ ڪشادگي ڏني آهي. ۽ الله پنهنجي بادشاهي جنهن کي چاهي عطا ڪري. ۽ الله ڪشادگي وارو علم وارو آهي“.
پوءِ جڏهن طالوت (پنهنجي) لشڪرن کي وٺي شهر کان نڪتو ته چيائين: ”بيشڪ الله اوهان کي هڪ نهر ذريعي آزمائڻ وارو آهي پوءِ جنهن ان مان پاڻي پيتو سو منهنجي (ساٿين مان) نه هوندو ۽ جنهن نه پيتو سو منهنجي جماعت مان هوندو. سواءِ ان ماڻهوءَ جي جنهن جو پنهنجي هٿ سان هڪ لپ پيئي“ (ان تي گرفت ناهي). پوءِ انهن مان ٿورڙن ماڻهن کان سواءِ سڀني ان (نهر) مان (پاڻي) پيتو. پوءِ جڏهن اهو (طالوت) پاڻ ۽ ان جا ايمان وارا ساٿي نهر ٽپي هليا ته (پاڻي پيئڻ وارا) چوڻ لڳا: ”اڄ اسان ۾ جالوت ۽ ان جي لشڪرن سان مقابلي جي طاقت نه آهي“. (۽) اهي ماڻهو جن کي پڪ هئي ته (شهادت بعد) الله سان ملڻ وارا آهن تن چيو: ”ڪيترا ڀيرا ٿوري جماعت الله جي حڪم سان گهڻي جماعت تي غالب ٿي آهي ۽ الله صبر وارن سان گڏ آهي“.
۽ جڏهن جالوت ۽ ان جي لشڪرن سان آمهون سامهون ٿيا ته چيائون:”اي اسان جا پالڻهار! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسان جي پيرن کي ثابت ڪر ۽ ڪافرن جي قوم مٿان اسان جي مدد ڪر“.
پوءِ الله جي حڪم سان انهن کي ڀڄائي ڪڍيائون ۽ دائود جالوت کي قتل ڪيو ۽ الله ان کي بادشاهي ۽ حڪمت عطا ڪئي ۽ جو چاهيائين ان جو کيس علم ڏنائين. ۽ جيڪڏهن الله ماڻهن جي هڪ گروھ جي ذريعي ٻئي گروه کي نه هٽائي ته زمين ۾ فساد پکڙجي وڃي ۽ پر الله جهانن مٿان فضل فرمائڻ وارو آهي.