قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 3 with translation
Juz 3 starts at Surah Al-Baqarah ayah 253 and ends at Surah 3 ayah 91. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
اهي سڀ رسول (جن کي اسان موڪليو) انهن مان اسان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي. انهن مان ڪو اهڙو هيو جنهن سان الله ڳالهايو ۽ ڪو اُهو هيو جنهن جا سڀني تي درجا بلند ڪيائين (يعني حضرت محمد ﷺ)، ۽ اسان مريم جي پٽ عيسيٰ کي چِٽِيُون نشانيون ڏنيون ۽ پاڪ روح جي ذريعي ان جي مدد ڪئي. ۽ جي الله چاهي ها ته انهن کان پوءِ وارا هڪ ٻئي ۾ نه وڙهن ها هن کان پوءِ جو وٽن پڌريون نشانيون اچي ويون ۽ پر اُهي اختلاف ۾ پئجي ويا. سو انهن مان ڪن ايمان آندو ۽ انهن مان ڪن ڪفر ڪيو. ۽ جي الله چاهي ها ته نه وڙهن ها ۽ پر الله جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو.
الله (اهو آهي جو) ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي. اهو پاڻ هميشه زنده رهندڙ، ٻين کي قائم رکندڙ آهي، نه ان کي اُونگھ اچي ٿي ۽ نه ننڊ. سڀ ڪجھ سندس ملڪيت آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي. ڪير آهي جو ان جي اڳيان ان جي اجازت بنا سفارش ڪري سگهي! اهو ڄاڻي ٿو جو ڪجھ انهن (يعني مخلوقات) جي اڳيان (ٿيو يا ٿي رهيو) آهي ۽ جو ڪجھ انهن جي پويان (ٿيڻ وارو) آهي. اُهي سندس معلومات مان ڪنهن شيءِ جو گهيرو نه ٿا ڪري سگهن مگر جيترو اُهو چاهي. سندس ڪرسي (يعني حڪومت) جي ڪشادگي آسمانن ۽ زمينن تي ڇانيل آهي. انهن ٻنهين (آسمان ۽ زمين) جي حفاظتَ ان لاءِ ڏکي نه آهي ۽ اهو تمام مٿاهون ۽ تمام وڏو آهي.
دين ۾ ڪا به زبردستي ناهي، بيشڪ هدايت گمراهي کان جدا ٿي چڪي آهي، سو جيڪو شيطان جو انڪار ڪري ۽ الله تي ايمان آڻي ته بيشڪ ان هڪ اهڙي مضبوط سهاري کي پڪڙيو جيڪو ٽٽڻ وارو نه آهي ۽ (اهو سهارو) الله (آهي جو) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
(اي نبي!) ڇا تو ان ماڻهو کي نه ڏٺو؟ جنهن ابراهيم سان سندس پروردگار جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو باوجود ان جي جو الله ان کي بادشاهي ڏني. جنهن وقت ابراهيم چيو ته: ”منهنجو پالڻهار اُهو آهي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو“. چيائين: ”آءُ به جياريان ۽ ماريان ٿو“. ابراهيم چيو ته: ”پوءِ بيشڪ الله اُهو آهي جيڪو سج کي اوڀر کان آڻي ٿو، تون ان کي اولھ کان آڻي ڏيکار“! پوءِ ان جي مَتِ مُنجهي پئي جنهن ڪفر ڪيو هيو. ۽ الله ظالمن جي قوم کي سنئين واٽ نه ٿو ڏيکاري.
يا ان ماڻهو وانگر جيڪو هڪ ڳوٺ وٽان ان حال ۾ لنگهيو جو اهو پنهنجي ڇتين ڀرڪِريل هيو. چيائين: ”هي آبادي جا هلاڪ ٿي چڪي آهي ان کي الله ڪيئن وري زندگي ڏيندو“؟ پوءِ الله ان کي سؤ سالن تائين مئل رکيو پوءِ ان کي جياري اٿاريو. الله تعاليٰ پڇيو ته: ”تو تي ڪيترو وقت گذريو آهي“؟ چيائين: ”ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجھ حصو“. فرمايائين: ”بلڪه تون سؤ سال رهيو آهين، هاڻي تون پنهنجي کاڌي ۽ پيتي کي ڏس جو خراب (پاروٿو) به نه ٿيو آهي، ۽ پنهنجي گڏھ ڏانهن نهار (جنهن جون هڏيون به ڳري ويون آهن) ۽ اسان تو کي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بنائينداسين، ۽ هڏين ڏانهن نهار! ته اسان انهن کي ڪيئن اٿاريون ٿا پوءِ انهن تي گوشت چاڙهيون ٿا“. پوءِ جڏهن ان تي ڳالھ پڌري ٿي پئي ته چيائين: (اکئين ڏٺي يقين سان) ”ڄاڻان ٿو ته الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي“.
۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم چيو ته: ”اي پالڻهار مون کي ڏيکار ته تون مُئلن کي ڪيئن جيارين ٿو“؟ الله فرمايو: ”ڇا تو کي يقين نه آهي“؟ عرض ڪيائين: ”هائو پر منهنجي دل مطمئن ٿئي“. الله فرمايو ته: ”پوءِ تون پکين مان چار وٺ پوءِ تون انهن کي پاڻ سان هيراءِ. پوءِ (انهن کي ڪُهي) انهن جو هڪ هڪ ٽڪرو هڪ هڪ جبل تي رک پوءِ انهن کي سڏ ته تو ڏانهن ڊوڙندا ايندا. ۽ ڄاڻ ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي“.
اُهي ماڻهو جيڪي پنهنجا مال الله جي راھ ۾ خرچ ڪن ٿا پوءِ خرچ ڪرڻ پويان نه ٿورو جَتائن ٿا ۽ نه ايذائن ٿا ته انهن جو اجر انهن جي پالڻهار وٽ آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا.
اي ايمان وارؤ! پنهنجا صدقا (خيراتون) ٿورا ٿَـــڦَي ۽ ايذاء رساني ڪري ضايع نه ڪري ڇڏيو، ان ماڻهو وانگر جيڪو پنهنجو مال ماڻهن جي ڏيکاء لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان نه ٿو رکي. پوءِ ان جو مثال ان لسي پٿر وانگر آهي جنهن تي ٿوري مِٽِي هجي پوءِ ان تي زوردار مينهن پوي ته ان کي صاف ڪري ڇڏي. سو پنهنجي ڪمائي مان انهن (رياڪارن) کي ڪا شيءِ هٿ نه ٿي اچي. ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سڌي واٽ نه ٿو ڏيکاري.
۽ انهن ماڻهن جو مثال جيڪي پنهنجا مال الله جي رضا جي طلب لاءِ ۽ پنهنجي دلين کي (الله جي راھ ۾ خرچڻ لاءِ) مضبوط رکڻ خاطر خرچ ڪن ٿا ان باغ وانگر آهي جو مٿاهين تي هجي ان تي زوردار مينهن وسي ته پنهنجو ڦَرُ ٻيڻو ڏئي. پر جي ان تي زوردار مينهن نه پوي ته هلڪي ڦوهار به ڪافي آهي. ۽ الله اوهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.
ڇا اوهان مان ڪو هي ڳالھ پسند ڪندو ته ان جو کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي ۽ ان جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هجن (ان کان سواءِ به) ان لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا هجن ۽ ان کي ڪراڙپ اچي پهچي ۽ (اڃا) ان جو اولاد به هيڻو هجي (ان حال ۾) ان باغ تي هڪ واچوڙو اچي جنهن ۾ باھ هجي پوءِ اهو باغ سڙي وڃي. (ته ان لاءِ ڇا ته پريشاني هوندي!) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ نشانيون بيان ڪري ٿو تان ته توهان غور فڪر ڪيو.
اي ايمان وارؤ! (الله جي راھ ۾) خرچ ڪيو پنهنجي پاڪ ڪمائي مان ۽ ان مان جيڪو اسان زمين مان اوهان لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ خراب مال (الله جي راھ ۾) ڏيڻ جو ارادو نه ڪيو، ان مان خرچ ڪيو ٿا جو اوهان پاڻ وٺڻ وارا نه آهيو سواءِ هن جي جو ان (جي وٺڻ) ۾ اکيون کڻي ٻوٽيو. ۽ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله بي نياز، ساراهيل آهي.
جي اوهان صدقن کي ظاهر ظهور ڪيو ته اهو به ڀلو آهي ۽ جي ان کي لڪائي ڪيو ۽ مسڪينن کي ڏيو ته پوءِ اهو اوهان لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. ۽ الله (ان صدقن سبب) اوهان جي ڪجھ گناهن کي ميٽي ٿو ۽ الله اوهان جي عملن کان باخبر آهي.
(خيرات) انهن محتاجن جو حق آهي، جيڪي الله جي راھ (جي جدوجهد) ۾ اهڙو مشغول رهجي ويا آهن جو زمين ۾ (روزي ڪمائڻ لاءِ) هلي گهمي نه ٿا سگهن. بي سوالي سبب جاهلَ ماڻهو انهن کي شاهوڪار سمجهن ٿا. تون انهن کي سندن پيشانين مان سڃاڻِي وٺندين. اهي ماڻهن جي پٺيان لڳي سوال نه ٿا ڪن. ۽ اوهان مال مان جيڪي به خرچ ڪيو ٿا ته بيشڪ الله ان کي ڄاڻندڙ آهي.
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ نماز قائم رکيائون ۽ زڪــــٰوة ادا ڪندا رهيا انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ انهن جو اجر آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف آهي نه اُهي غم زده ٿيندا.
پوءِ جيڪڏهن ائين نه ٿا ڪيو ته الله ۽ ان جي رسول طرفان توهان لاءِ جنگ جو اعلان آهي. ۽ جي توهان توبه ڪئي ته پوءِ اوهان لاءِ اوهان جا اصل مالَ (جائز) آهن. نه توهان ظلم ڪيو ۽ نه توهان سان ظلم ڪيو وڃي.
اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان مقرر مدت تائين قرض جو معاملو ڪيو ته ان کي لکي ڇڏيو. ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو لکندڙُ ماڻهو انصاف سان لکي ۽ لکڻ وارو لکڻ کان انڪار نه ڪري جيئن الله ان کي لکڻ سيکاريو آهي. پوءِ ان کي لکي ڏيڻ گهرجي. ۽ مضمون اهو لکائي جنهن جي ذمي حق (قرض) آهي ۽ الله کان ڊڄي جيڪو سندس پروردگار آهي، ۽ (لکائڻ ۾) ڪجھ به نه گهٽائي. پر جيڪڏهن اهو شخص جنهن تي حق (يعني قرض) آهي سو بي سمجھ يا ڪمزور آهي يا اهو مضمون لکائڻ جي سگھ نه ٿو رکي ته ان جي وارث (يا ڪاردار) کي گهرجي ته عدل سان لکائي. ۽ پنهنجن مردن مان ٻن کي شاهد بنايو. پر جي ٻه مرد (موجود) نه هجن ته پوءِ هڪ مرد ۽ ٻه زالون هجن. اُهي انهن مان هجن جن کي اوهان شاهدي لاءِ پسند ڪيو ٿا. اهو هن لاءِ ته متان انهن مان هڪ شاهدياڻي وساري ته ٻي ان کي ياد ڏياري ۽ شاهدن کي جڏهن به (شاهدي لاءِ) سڏيو وڃي ته انڪار نه ڪن. ۽ معاملو (قرض وارو) ننڍو هجي يا وڏو ته ان جي مقرر ميعاد تائين ان جي لکڻ ۾ سستي نه ڪيو. توهان جو (اهو لکڻ ۽ دستاويز بنائڻ) الله وٽ وڏي انصاف وارو آهي ۽ شاهدي لاءِ مضبوط (ثبوت) آهي. ۽ ان جي به قريب آهي جو اوهان شڪ ۾ نه پئو. پر جيڪڏهن سودو هٿون هٿ آهي، ان کي پاڻ ۾ ڏيو وٺو ٿا ته جي ان کي نه لکو ته توهان تي ڪو گناھ نه آهي. ۽ (ان وقت به) شاهد بنايو جڏهن خريد فروخت ڪيو ٿا ۽ لکڻ واري ۽ شاهد بنجڻ واري کي نقصان نه پهچايو وڃي. ۽ جي ائين ڪيو ٿا ته اها اوهان جي کُلي بي فرماني آهي. ۽ الله کان ڊڄندا رهو. ۽ الله اوهان کي (مسائل) سيکاري ٿو. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
جو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جو زمين ۾ آهي سڀ الله جو آهي. ۽ جيڪڏهن ظاهر ڪيو جيڪي اوهان جي جيءَ ۾ آهي يا ان کي لڪايو الله ان جو اوهان کان حساب وٺندو. پوءِ جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي عذاب ڪري. ۽ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
رسول (ﷺ) ايمان آندو ان تي جيڪي مٿس نازل ڪيو ويو سندس پالڻهار جي پاران ۽ مؤمنن، سڀني ايمان آندو الله تي ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ ان جي ڪتابن تي ۽ ان جي رسولن تي. (چون ٿا ته) ”اسان ان جي رسولن مان ڪنهن جي وچ ۾ فرق نه ٿا ڪيون“ ۽ چون ٿا ته: ”اسان (حڪم) ٻڌو ۽ فرمانبرداري ڪئي. اي اسان جا پالڻهار اسان تنهنجي بخشش جا طلبگار آهيون ۽ تو ڏانهن ئي موٽڻو آهي“.
الله ڪنهن به جان کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿو ڏئي. ان جا نيڪي ڪمائي ان لاءِ ان جو اجر آهي ۽ ان جو گناھ ڪمايو ان تي ان جو عذاب آهي. اي اسان جا پالڻهار! جي اسان وساريون يا خطا ڪيون ته اسان کان ان جي پڪڙ نه ڪجانءِ! اي اسان جا پالڻهار! ۽ اسان تي اهڙو بار به نه رکجانءِ جهڙو تو اسان کان اڳين تي رکيو هيو. اي اسان جا پالڻهار! اسان تي ايترا (بار) نه رکجانءِ جن جي کڻڻ جي اسان ۾ طاقت نه آهي ۽ اسان کي معاف ڪر ۽ اسان جي (گناهن جي) بخشش ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر تون اسان جو ڪارساز آهين پوءِ تون ئي ڪافرن جي قوم مٿان اسان جي مدد ڪر.
اڳ به (ڪتاب لاٿائين) ماڻهن جي هدايت لاءِ ۽ (هاڻي به) حق ۽ باطل و چ ۾ فرق ڪندڙ (قرآن) لاٿائين. بيشڪ اُهي ماڻهو جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو انهن لاءِ زور سخت عذاب آهي. ۽ الله غالب آهي بدلو وٺڻ وارو آهي.
(دعا گھرن ٿا ته) ”اي اسان جا پالڻهار! اسان جي دلين کي نه ڦيراءِ ان کان پوءِ جو تو اسان کي هدايت ڏني آهي، ۽ اسان کي پاڻ وٽان (خاص) رحمت عطا ڪر، بيشڪ تون وڏو عطائون ڪندڙ آهين.
انهن جو انجام اهڙو ئي ٿيندو جيڪو قومِ فرعون ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا تن جو ٿيو. جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو، پوءِ الله انهن کي انهن جي ڏوهن سبب پڪڙيو ۽ الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي.
الله شاهدي ڏني ته ”بيشڪ ان کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي“ ۽ ملائڪن ۽ علم وارن به انصاف تي قائم رهندي (اها شاهدي ڏني) ته ”ناهي ڪوبه عبادت جي لائق سواءِ ان جي، اهو غالب حڪمت وارو آهي“.
بيشڪ الله وٽ دين صرف ”اسلام“ئي آهي، ۽ اهلِ ڪتاب جيڪو وٽن علم اچڻ کان پوءِ اختلاف ڪيو سو پاڻ ۾ ساڙ سببان ئي هيو. ۽ جيڪو الله جي آيتن جو انڪار ڪندو ته بيشڪ الله حساب ۾ جلدي ڪرڻ وارو آهي.
پوءِ (اي نبي) جيڪڏهن تو سان جهڳڙو ڪن ته چؤ: ”مون خود ۽ جنهن به منهنجي پيروي ڪئي تن به پنهنجو مُنهن الله جي حضور جهڪايو آهي“. ۽ اهلِ ڪتاب ۽ اڻ پڙهين کي چؤ ته: ”ڇا اوهان اسلام آڻيو ٿا“؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام آڻن ته بيشڪ هدايت وارا ٿيا. ۽ جي منهن ڦيرن ته تنهنجي مٿان صرف حڪم پهچائڻ آهي ۽ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله جي آيتن سان ڪفر ڪن ٿا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا ۽ انهن ماڻهن کي قتل ڪن ٿا جيڪي انصاف جو حڪم ڏين ٿا، ته پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌائي ڇڏ.
ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڪتاب جو هڪ حصو ڏنو ويو (اُهي) الله جي ڪتاب ڏانهن سڏيا وڃن ٿا تان ته (ڪتاب) انهن جي وچ ۾ (جهڳڙن جو) فيصلو ڪري ته پوءِ انهن مان هڪ ٽولو مُنهن ڦيرائي ڇڏي ٿو ۽ اُهي منهن مَٽيندڙ آهن.
اهو هن ڪري جو اهي يقيني طرح چون ٿا ته: ”اسان کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي سواءِ ڳاڻيٽي جي چند ڏهاڙن جي“ ۽ انهن کي انهن جي دين ۾ ڌوڪو ڏنو جيڪي اهي ٺاھ ٺاهيندا هئا.
پوءِ ڇا حال هوندو! جڏهن اسان انهن کي گڏ ڪنداسين ان ڏينهن لاءِ جنهن جي (برپا ٿيڻ) ۾ ڪو شڪ ناهي ۽ هر جان کي ان جي ڪمائي جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن سان ظلم ڪو نه ڪيو ويندو.
مؤمنن کي گهرجي ته مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بنائن ۽ جيڪو ائين ڪندو ته ان جو الله سان ڪو تعلق نه رهيو. سواءِ هن جي جو اوهان انهن (جي فتني) کان بچڻ چاهيو. ۽ الله اوهان کي پنهنجي ذات (جي قهر ۽ غضب) کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ڏانهن موٽڻو آهي.
چؤ ته: ”جيڪو اوهان جي سينن ۾ آهي ان کي جي لڪايو يا ان کي ظاهر ڪيو الله ان کي ڄاڻي ٿو. ۽ (اهو به) ڄاڻي ٿو جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي“.
ان ڏينهن هر ساھ جيڪا به چڱائي ڪئي سا حاضر (موجود) لهندو.. ۽ جا به برائي ڪيائين سا به (موجود لهندو) .. ته تمنا ڪندو ته هائو جي مون ۾ ۽ ان (ڏينهن) ۾ ڪو وڏو ويڇو هجي ها، ۽ الله اوهان کي پنهنجي ذات (جي قهر ۽ غضب) کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ٻانهن تي گھڻو مهربان آهي.
پوءِ جڏهن ان کي ڄڻيائين ته چيائين: ”اي منهنجا مالڪ مون ته ڇوڪري ڄڻي آهي“. حالانڪه الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڄڻيائين. (۽ چيائين) ”پُٽ ڌيءُ جهڙو نه آهي ۽ بيشڪ مون ان جو نالو مريم رکيو ۽ آءُ ان (نياڻيءَ) کي ۽ ان جي اولاد کي تڙيل شيطان کان تنهنجي پناھ ۾ ڏيان ٿي“.
پوءِ ان (مريم) کي سندس پالڻهار چڱي قبوليت ساڻ قبوليو ۽ چڱي طرح پالنا سان پالنا ڪيائين ۽ ان جي سارسنڀال زڪريا حوالي ڪيائين. جنهن مهل به زڪريا ان جي نماز پڙهڻ واري جاءِ ۾ ويندو هيو ته ان وٽ (نئون) رزق لهندو هيو. چيائين: ”اي مريم! هي (رزق) تو وٽ ڪٿان اچي ٿو“؟ چيائين: ”اهو الله وٽان آهي. بيشڪ الله جنهن کي چاهي ٿو اڻ ڳڻيو رزق عطا ڪري ٿو“.
پوءِ (اي نبي) تو وٽ علم اچي وڃڻ کان پوءِ به جيڪو ان (عيسيٰ) جي باري ۾ توسان جهڳڙو ڪري ته چؤ: ”اچو (ته گڏجي) سڏيون اسان جي پُٽن ۽ اوهان جي پُٽن کي ۽ اسان جي زالن ۽ اوهان جي زالن کي ۽ اسان جي جانين ۽ اوهان جي جانين کي پوءِ مباهلو ڪيون (يعني زاريءَ سان دعا گھرون) پوءِ ڪوڙن مٿان الله جي لعنت وجهون“.
چؤ: ”اي اهلِ ڪتاب! اچو اهڙي ڳالھ ڏانهن جيڪا اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ هڪ جهڙي آهي (سا هيءَ) ته اسان الله کان سواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪنداسين ۽ ان سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪنداسين ۽ اسان مان هڪڙو ٻئي کي الله کان سواءِ پالڻهار ڪري نه وٺندو“. پوءِ جي منهن ڦيرن ته چؤ: ”توهان هن ڳالھ جا شاهد رهو ته اسان مسلمان آهيون“.
(اي يهوديو!) اوهان اُهي آهيو جو اوهان انهن ڳالهين ۾ (خوب) بحث ڪيو جنهن جو اوهان کي (ڪجھ نه ڪجھ) علم هيو. مگر ان ڳالهين ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪيو جنهن جو اوهان وٽ (ڪجھ به) علم ناهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو اوهان نه ٿا ڄاڻو.
۽ اهلِ ڪتاب جي هڪ ٽولي (ماڻهن کي) چوي ٿي ته ايمان آڻيو ان تي جيڪو ايمان وارن تي (قرآن) نازل ڪيو ويو آهي، ڏينهن جي اڳياڙي ۾ ان کي مڃو ۽ ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ ان جو انڪار ڪيو ته من اُهي به ڦري وڃن.
۽ ڪنهن جي ڳالھ نه مڃو سواءِ ان جي جيڪو اوهان جي دين جي پيروي ڪري. چؤ ته: ”بيشڪ هدايت ته الله جي ئي هدايت آهي“. (۽ هي به چون ٿا ته ان ڳالھ جو يقين به نه ڪيو جو) ڪنهن کي ان جهڙي شيءِ ڏني ويندي جا اوهان کي ڏني وئي آهي، يا هي ته ڪو اوهان جي پالڻهار جي اڳيان اوهان جي خلاف حجت آڻي سگھندو“. چؤ ته بيشڪ فضلُ الله جي هٿ ۾ آهي. اهو جنهن کي چاهي ڏئي. ۽ الله وڏي ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آهي.
۽ اهلِ ڪتاب مان ڪي اهڙا آهن جو اگر خزاني جو ڍير انهن وٽ امانت رکين ته تو کي موٽائي ڏيندا، ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جو جيڪڏهن انهن وٽ هڪ دينار به امانت رکين ته اهي تو کي ادا نه ڪندا. ها مگر جيستائين انهن جي مٿان بيٺو رهين. اهو هن ڪري جو چون ٿا ته: ”اڻ پڙهيلن (جي مال کائڻ) ۾ اسان تي ڪو گناھ ڪونهي“ ۽ الله مٿان ڪوڙ مڙهن ٿا حالانڪه اهي ڄاڻن به ٿا.
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله سان ڪيل پيمان ۽ پنهنجن قسمن جي عيوض ٿورڙو مُلھ وٺن ٿا. اُهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي ۽ قيامت واري ڏينهن نه الله انهن سان ڳالهائيندو ۽ نه انهن طرف نگاهِ (ڪرم) ڪندو ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب هوندو.
ڪنهن ماڻهو کي نه ٿو جڳائي جو الله ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ نبوت ڏئي پوءِ اهو ماڻهن کي چوي ته الله کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿي وڃو ۽ پر (اهو ته چوندو) توهان الله وارا بنجي وڃو (اها هن ڪتاب جي تعليم آهي) جنهن ڪتاب کي توهان سيکاريو ٿا ۽ هن ڪري جو اوهان خود ان کي پڙهو ٿا.
۽ (اهو نبي) اوهان کي اهو حڪم به نه ڪندو جو اوهان ملائڪن ۽ نبين کي رب ڪري مڃو. ڇا (اهو ممڪن آهي جو ڪو نبي) توهان کي ڪفر جو حڪم ڪري ان کان پوءِ جو جڏهن توهان مسلمان به هجو؟
۽ (ياد ڪر) جڏهن الله سڀ نبين کان پختو عهد ورتو ته: ”جڏهن آءُ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڏيان پوءِ اوهان وٽ اهو رسول (ﷺ) اچي جيڪو ان (ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ هجي جيڪي اوهان وٽ هجن. ته توهان ضرور ان تي ايمان آڻيندؤ ۽ ضرور ان جي مدد ڪندؤ“. فرمايائين: ”ڇا اوهان ان جو اقرار ڪيو؟ ۽ اوهان ان تي منهنجي ڳري عهد جو بار کنيو“؟ سڀني چيو: ”اسان اقرار ڪيو“. فرمايائين: ”ته پوءِ اوهان شاهد ٿيو ۽ آءٌ به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان.
ته ڇا الله جي دين کان سواءِ ڪو ٻيو دين ٿا ڳولن؟ حالانڪه جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سڀني الله لاءِ ڪنڌ جهڪايو آهي خوشيءَ سان يا لاچاري سان ۽ ان ڏانهن موٽايا ويندا.
الله اهڙي قوم کي ڪيئن هدايت ڪندو جن ايمان آڻڻ بعد ڪفر ڪيو! ۽ اُهي شاهدي به ڏئي چڪا هئا ته بلاشڪ (هي) رسول سچو آهي ۽ انهن وٽ چِٽيون نشانيون اچي چڪيون آهن. ۽ الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.