قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 4 with translation
Juz 4 starts at Surah Al-Imran ayah 92 and ends at Surah 4 ayah 23. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
توهان هرگز نيڪيءَ کي پهچي نه سگھندئو جيستائين پنهنجي پيارين شين مان (الله جي راھ ۾) خرچ نه ڪندئو، ۽ اوهان جا شيءِ خرچ ڪيو ٿا ته بيشڪ الله ان کي ڄاڻندڙ آهي.
هر کاڌو بني اسرائيل لاءِ حلال هيو سواءِ ان جي جيڪو اسرائيل (يعني يعقوب) پاڻ تي حرام ڪيو تورات جي نازل ٿيڻ کان اڳ. چؤ ته پوءِ تورات (جي ڪا عبارت) کڻي اچو پوءِ ان کي پڙهو اگر اوهان سچا آهيو!
ان ۾ چِٽيون نشانيون آهن (جن مان هڪ) ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ (مقامِ عبادت) آهي ۽ جو به ان ۾ داخل ٿيو اهو امن وارو آهي. ۽ الله جي لاءِ ماڻهن مٿان (فرض آهي) هن گهر جو حج ادا ڪرڻ جنهن کي به ان ڏانهن واٽ وڃڻ جي سگھ آهي. ۽ جنهن به انڪار ڪيو ته بيشڪ الله جهانن کان بي پرواھ آهي.
چؤ: اي ڪتاب وارؤ! اوهان الله جي راھ کان ڇو ٿا روڪيو؟ جنهن ايمان آندو توهان ان جي راھ ۾ ٽيڙاڻ ڳوليو ٿا حالانڪه (ان جي حق تي هجڻ جا) اوهان خود شاهد آهيو. ۽ الله انهن (عملن) کان بي خبر ناهي جيڪي اوهان ڪيو ٿا.
۽ اوهان ڪيئن ڪفر ڪندؤ؟ حالانڪه اوهان مٿان الله جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ۽ اوهان ۾ ان جو رسول موجود آهي. ۽ جيڪو الله (جي دين) کي مضبوط پڪڙي ته بيشڪ ان کي ئي سڌي واٽ ڏانهن هدايت ڪئي ويندي.
۽ توهان سڀئي گڏجي الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ ڇڙوڇڙ نه ٿيو، ۽ پاڻ مٿان الله جي ان نعمت کي ياد ڪيو جڏهن اوهان هڪ ٻئي جا دشمن هيا پوءِ اوهان جي دلين ۾ الفت پيدا ڪيائين پوءِ اوهان ان جي نعمت جي سبب هڪ ٻئي جا ڀاءُ بنجي پيئو، ۽ اوهان جهنم جي کڏ جي ڪناري تي (پهچي چڪا) هيئو پوءِ اوهان کي ان کان بچايائين. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون نشانيون کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن اوهان هدايت وارا ٿيو.
اهي اوهان کي هرگز نقصان پهچائي نه سگھندا سواءِ (زباني) ايذائڻ جي. ۽ جي اوهان سان جنگ ڪندا ته توهان کي پٺي ڏئي (ڀڄي) ويندا پوءِ انهن جي مدد به نه ڪئي ويندي.
انهن مٿان ذلت مڙهي وئي (هر جاءِ تي) جِتي به اهي لڌا ويا سواءِ (ڪٿي) الله جي پناھ جي ۽ (ڪٿي) ماڻهن جي پناھ جي. ۽ اهي الله جي ڏمر ۾ گھيرجي ويا ۽ انهن تي محتاجي مڙهي وئي. اها (سزا) هن ڪري جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اهو هن ڪري (به) جو اهي بي فرمان ٿيا ۽ حدون اورانگهيندا هئا.
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ته انهن جا مال ۽ انهن جا اولاد انهن تان الله جي (عذاب مان) ڪا شيءِ به ٽاري نه سگھندا. ۽ اهي ئي جهنمي آهن، اهي ان ۾ هميشه رهندا.
جيڪي هن دنيا جي زندگي ۾ (رياء ڪاري ۾) خرچ ڪن ٿا، انهن جو مثال هوا وانگر آهي جنهن ۾ پارو هجي اهڙي قوم جي پوک کي پهچي جن پنهنجي جانين سان ظلم ڪيو پوءِ ان کي برباد ڪري ڇڏي. ۽ الله انهن سان ڪو ظلم ڪونه ڪيو ۽ پر اُهي خود پنهنجو پاڻ مٿان ظلم ڪن ٿا.
اگر اوهان کي ڪا ڀلائي پهچي ته انهن کي بُري لڳي ٿي ۽ جي اوهان کي رنج پهچي ته ان تي خوش ٿين ٿا. ۽ جي اوهان صبر ڪندا رهو ۽ تقويٰ اختيار ڪيو ته انهن جو فريب اوهان کي ڪنهن شيءِ جو به نقصان نه ڏيندو. بيشڪ جو ڪجھ اُهي ڪن ٿا الله ان کي گهيرو ڪندڙ آهي.
هائو جي اوهان صبر ڪندا رهو ۽ پرهيزگاري ڪيو ۽ جيڪڏهن هڪدم اُهي (ڪافر) توهان تي اچي ڪڙڪن ته توهان جو رب توهان جي مدد ڪندو پنج هزار صاحبِ نشان ملائڪن جي ذريعي.
۽ الله ان (مدد) کي اوهان لاءِ خوشخبري ئي بنايو آهي ۽ هن لاءِ ته اوهان جون دليون ان سان مطمئن ٿي وڃن. ۽ مدد ته صرف الله وٽان ئي هوندي آهي، جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.
۽ اُهي ماڻهو جيڪي جڏهن ڪا برائي ڪري ويهندا آهن يا پنهنجي جانين سان ظلم ڪري ويهندا آهن ته الله جو ذڪر ڪندا آهن پوءِ پنهنجي گناهن جي معافي طلب ڪندا آهن، ۽ ڪير آهي جو گناھ معاف ڪري سواءِ الله جي. ۽ جيڪا (خطا) ڪيائون ان تي ڄاڻي واڻي هميشگي نه ڪندا آهن.
اهي ماڻهو آهن جن جو بدلو انهن جي پالڻهار پاران بخشش آهي ۽ باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. ۽ (نيڪ) عمل ڪرڻ وارن جو بهترين بدلو آهي.
اگر اوهان کي ڪو زخم رسيو آهي ته بيشڪ ان جهڙو زخم انهن (ڪافرن) کي به پهچي چڪو آهي. ۽ اها ڏينهَنِ جي (وارا ڦيرِي آهي) جنهن کي اسين ماڻهن جي وچ ۾ واري سان بدلايون ٿا. ۽ اهو هن لاءِ ته جيئن الله ايمان وارن جي سُڃاڻ ڪرائي ۽ اوهان مان ڪن کي شهيد بنائي وٺي. ۽ الله ظالمن کي پسند نه ٿو ڪري.
ڇا توهان سمجهو ٿا ته (ائين ئي) بهشت ۾ داخل ٿي ويندؤ! حالانڪه الله اڃا اوهان مان انهن ماڻهن کي پرکيو ئي نه آهي جن جهاد ڪيو ۽ نه ئي صبر وارن کي آزمايو آهي.
۽ محمد (ﷺ به ته) هڪ رسول ئي آهي. بيشڪ ان کان اڳ به رسولَ گذري چڪا آهن. ڇا پوءِ اگر اهو وفات ڪري وڃي يا شهادت ماڻي ته ڇا اوهان پوئين پير ڦِري ويندا؟ ۽ جيڪو پوئين پير ڦِري ويندو سو الله کي ڪنهن شيءِ جو نقصان نه پهچائيندو. ۽ الله سگھوئي شڪرگذارن کي اجر عطا ڪندو.
۽ ڪنهن جان کي مرڻو نه آهي سواءِ الله جي حڪم جي (هر ڪنهن جي موت جو) وقت لکيل آهي. ۽ جيڪو دنيا جو بدلو گهرندو ته ان کي ان مان ڏينداسين. ۽ جيڪو آخرت جو بدلو گهرندو ان کي ان مان ڏينداسين ۽ سگھوئي شڪرگذارن کي بدلو ڏينداسين.
۽ ڪيترائي نبيءَ اهڙا ٿيا جن سان گڏجي گهڻن ئي الله وارن جهاد ڪيو. پوءِ انهن همت نه هارِي انهن مصيبتن سبب جيڪي انهن کي الله جي راھ ۾ آيون ۽ نه ڪمزور ٿيا ۽ نه جُهڪيا. ۽ الله صبر ڪرڻ وارن سان محبت رکي ٿو.
۽ انهن جو چوڻ ٻيو ڪجھ نه هيو سواءِ (هن التجا) جي جو چيائون: ”اي اسان جا مالڪ! اسان جا گناھ بخش ۽ اسان جي ڪمن ۾ اسان کان ٿيل زيادتين کي معاف ڪر ۽ اسان جا پير پختا ڪر ۽ ڪافرن جي قوم مٿان اسان جي مدد فرماءِ“.
اسان جلدي انهن ماڻهن جي دلين ۾ رعب وجھنداسين جن ڪفر ڪيو اهو هن ڪري جو انهن الله سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪيو جنهن تي الله ڪو دليل نه لاٿو آهي ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي. ۽ ظالمن جو ٽڪاڻو تمام بڇڙو آهي.
۽ بيشڪ الله اوهان کي پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو جڏهن اوهان ان جي حڪم سان انهن (ڪافرن) کي قتل پئي ڪيو، ايستائين جو جڏهن اوهان ڪمزوري ڏيکاري ۽ پاڻ ۾ (رسول الله ﷺ جي امر بابت) جهڳڙو ڪرڻ لڳا ۽ اوهان نافرماني ڪئي ان کان پوءِ جو اوهان کي اهو (مالِ غنيمت) ڏيکاريائين جيڪو اوهان چاهيو پيا. اوهان مان ڪو دنيا جو خواهشمند هيو ۽ اوهان مان ڪو آخرت جو خواهشمند هيو. پوءِ اوهان کي انهن کان (مغلوب بنائي) ڦيرايائين هن لاءِ جو اوهان کي آزمائي. ۽ بيشڪ (وري به الله) اوهان کي معاف ڪيو. ۽ الله مؤمنن مٿان فضل فرمائڻ وارو آهي.
جڏهن توهان ڊوڙندا پئي ويئو ۽ ڪنهن کي مُنهن ورائي نه ٿي ڏٺوَ ۽ رسول (ﷺ) اوهان کي پوئين (ثابت قدم بيٺل) جماعت ۾ سڏي رهيو هيو. پوءِ اوهان کي غم مٿان غم ڏنائين ته جيئن (سبق پرايو ته) ان تي ڏک نه ڪيو جا شيءِ هٿان هلي وئي ۽ نه ان تي جا (مصيبت) اوهان کي پهتي ۽ الله خبروار آهي اوهان جيڪي عمل ڪيو ٿا.
بيشڪ اوهان مان اُهي ماڻهو جيڪي ان ڏينهن ڀڳا جنهن ڏينهن ٻه فوجون مُنهن مقابل ٿيون انهن کي صرف شيطان ٿيڙيو انهن جي ڪن ڪردارن سبب. ۽ بيشڪ الله انهن کي معاف ڪيو. بيشڪ الله بخشڻهار بردبار آهي.
اي ايمان وارؤ! اوهان انهن ماڻهن وانگر نه بنجو جن ڪفر ڪيو ۽ پنهنجي انهن ڀائرن جيڪي جڏهن سفر ۾ هئا يا جهاد ۾ هئا (۽ اتي مري ويا ته انهن) بابت چيائون اگر اُهي اسان وٽ هجن ها ته نه مرن ها ۽ نه قتل ڪيا وڃن ها!تان جو الله انهن جي ان (گمان کي) انهن جي دلين ۾ حسرت جو سبب بنائي ٿو. ۽ (حقيقت ۾) الله ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو. ۽ الله جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي.
۽ جيڪڏهن اوهان الله جي راھ ۾ قتل ڪيا وڃو يا مري وڃو ته الله جي پاران بخشش ۽ رحمت (جا اوهان جي حصي ۾ ايندي) اها ان (سڀ شين) کان بهتر آهي، جيڪي اهي گڏ ڪري رکن ٿا.
اگر الله اوهان جي مدد ڪري ته ڪوبه اوهان تي غالب اچي نه سگهندو ۽ اگر اوهان کي بي سهارو ڇڏي ته ڪير آهي جو ان کان پوءِ اوهان جي مدد ڪري؟ ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو رکن.
البته تحقيق الله مؤمنن مٿان احسان ڪيو آهي جڏهن انهن ۾ انهن مان ئي هڪ رسول موڪليائين جيڪو انهن تي ان جون آيتون تلاوت ڪري ٿو ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ توڙي جو ان کان اڳ اُهي پڌري گمراهي ۾ هيا.
۽ جيئن انهن ماڻهن جي به سڃاڻپ ڪرائي جن منافقت ڪئي، ۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته: ”اچو! الله جي راھ ۾ جنگ ڪيو يا (دشمن جي حملي جو) دفاع ڪيو“. ته چيائون: ”جي اسان کي جنگ ٿيڻ جي خبر هجي ها ته اوهان جو ساٿ ڏيون ها“. اُهي ان ڏينهن ايمان کان ڪفر جي وڌيڪ ويجهو هئا. پنهنجي واتن سان اُهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي سندن دلين ۾ نه آهن. ۽ الله زور ڄاڻندڙ آهي جيڪي (دلين ۾) لڪائن ٿا.
اهي خوش آهن ان (نعمتن) تي جيڪي الله انهن کي پنهنجي فضل سان ڏنيون آهن، ۽ اهي خوشيون ڪن ٿا انهن ماڻهن بابت جيڪي انهن جي پوين مان آهن اڃا ساڻن نه مليا آهن، هن ڳالھ تي ته انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.
۽ (اي نبي!) تو کي ڏکارو نه ڪن اُهي ماڻهو جيڪي ڪفر ۾ تڪڙ ڪن ٿا. بيشڪ اُهي الله (جي دين) کي ڪنهن چيز جو نقصان هرگز نه پهچائي نه سگھندا. الله چاهي ٿو ته آخرت (جي نعمتن) ۾ انهن جو ڪو حصو نه رکي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
الله مؤمنن کي ان حال تي هرگز ڪونه ڇڏيندو جنهن تي اوهان آهيو جيستائين ناپاڪ کي پاڪ کان جدا نه ڪري. ۽ الله جو اهو شان نه آهي جو اوهان (مان ڄڻي وڻي) کي غيب جو علم ڏئِي ڇڏي ۽ پر الله پنهنجي رسولن مان جنهن کي چاهي (علمِ غيب جي عطا لاءِ) چونڊيندو آهي. پوءِ الله ۽ ان جي رسولن تي ايمان آڻيو ۽ جيڪڏهن اوهان ايمان آڻيندا ۽ پرهيزگاري ڪندا ته اوهان لاءِ زبردست اجر آهي.
البته تحقيق الله انهن ماڻهن جي ڳالھ ٻڌي جن چيو ته: ”الله محتاج آهي ۽ اسان شاهوڪار آهيون“. سگھوئي اسان لکنداسين جيڪي ڪجھ چيائون. ۽ انهن جو نبين کي ناحق قتل ڪرڻ به (لکي رکنداسين) ۽ (ائين) چونداسين ته: ”ساڙيندڙ (باھ جو) عذاب چکو“.
جن ماڻهن چيو ته: ”الله اسان سان معاهدو ڪيو آهي ته ڪنهن به رسول تي تيستائين ايمان نه آڻيون جيستائين اسان تي اهڙي قرباني آڻي جنهن کي باھ کائي وڃي“. چؤ: ”بيشڪ اوهان وٽ مون کان اڳ به رسول چِٽا دليل کڻي آيا هئا ۽ اُها شيءِ به (کڻي آيا) جيڪا توهان چئو ٿا پوءِ اوهان انهن (نبين) کي قتل ڇو ڪيو؟ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو“.
۽ ياد ڪر جڏهن الله پڪو عهد ورتو هيو انهن کان جن کي ڪتاب ڏنو ويو ته توهان ضرور ماڻهن کي چِٽو پڌرو ٻڌائيندؤ ۽ ان کي نه لڪائيندؤ. پوءِ انهن ان (عهد) کي پُٺِين پويان اڇلايو ۽ ان جي عيوض ٿورڙو مُلھ ورتائون. پوءِ ڪهڙي نه بڇڙي خريداري آهي.
اوهان انهن ماڻهن کي سٺو نه سمجھو جيڪي پنهنجي ڪرتوتن تي خوش ٿين ٿا ۽ چاهن ٿا ته انهن جي نه ڪيل ڪمن تي به سندن ساراھ ڪئي وڃي انهن کي هرگز عذاب کان محفوظ نه سمجھو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
اِهي اُهي آهن جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پاسن ڀر الله جو ذڪر ڪن ٿا ۽ آسمانن ۽ زمين جي تخليق ۾ فڪر ڪن ٿا (چون ٿا ته) ”اي اسان جا پالڻهار تو هي سڀ ڪجھ بي حڪمت نه بنايو آهي. تنهنجي ذات کي پاڪائي آهي پوءِ اسان کي جهنم جي عذاب کان بچاءِ.
اي اسان جا مالڪ! بيشڪ اسان هڪ سَڏِيندڙَ کان ٻُڌو جنهن ايمان لاءِ سڏ ڏنو ته پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو پوءِ اسان به ايمان آندو. اي اسان جا پالڻهار! پوءِ اسان لاءِ اسان جا گناھ بخش ڪر ۽ اسان جون ميرايون ميٽ ۽ اسان کي نيڪ ماڻهن جي سنگت ۾ موت عطا ڪر.
اي اسان جا مالڪ! اسان کي اُهو ڏي جنهن جو تو پنهنجي رسولن جي معرفت اسان سان وعدو ڪيو آهي ۽ قيامت واري ڏينهن اسان کي خوار نه ڪجانءِ. بيشڪ تون وعدي خلافي ڪونه ڪندو آهين“.
۽ يتيمن کي سندن مال واپس ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب مال کي (يتيم) جي سُٺي مال سان نه مَٽايو ۽ انهن جو مال پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. بلاشڪ اهو وڏو گناھ آهي.
۽ پنهنجا مال بي وقوفن جي حوالي نه ڪيو جن (مالن) کي الله اوهان جي گذران کي قائم رکڻ جو ذريعو بنايو آهي ۽ انهن کي ان مان کارايو ۽ انهن کي پهرايو ۽ انهن سان ڀلائي جي ڳالھ ڪندا ڪيو.
۽ يتيمن جي آزمائش ڪندا رهو جيستائين اُهي نڪاح (جي عمر) کي پهچن، پوءِ جي انهن ۾ هوشياري ڏسو ته انهن جا مال انهن جي حوالي ڪيو ۽ ان کي فضول خرچي سان نه کائو ۽ هن تڪڙ ۾ ته متان وڏا ٿي وڃن (۽ حق طلب ڪن) ۽ جيڪو (پرورش ڪندڙ) آسودو هجي ته اهو (يتيم جي مال کان) بلڪل بچيل رهي. ۽ جيڪو خود محتاج هجي ته ان کي مناسب حد تائين کائڻ گهرجي. پوءِ جڏهن انهن جا مال انهن کي واپس ڪيو ته انهن تي شاهد بنايو ۽ حساب وٺڻ وارو الله ئي ڪافي آهي.
۽ اوهان جي لاءِ (ان مال جو) اڌ آهي جيڪو توهان جي زالن ڇڏيو بشرطيڪه انهن کي اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن کين اولاد آهي ته پوءِ اوهان لاءِ انهن جي ڇڏيل مال جي چوٿائي آهي. هي (ورهاست) ان وصيت جي ادائگي بعد آهي جيڪا وصيت ڪيائون يا قرض (ادائگي) جي. ۽ انهن زالن جي لاءِ چوٿائي آهي جيڪو مال اوهان ڇڏيو بشرطيڪه اوهان کي اولاد نه هجي، پوءِ جيڪڏهن اوهان کي اولاد آهي ته پوءِ انهن لاءِ اٺوڳ (اٺين پتي) آهي ان مال مان جيڪو اوهان ڇڏيو ان وصيت جي ادائگي بعد جيڪا وصيت اوهان ڪئي يا قرض (ادائگي جي). ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي مرد يا عورت جو ورثو آهي جيڪو ڪلاله آهي (يعني جنهن کي نه ماءُ پيءُ آهي نه اولاد) ۽ ان کي (مائتو) ڀاءُ يا ڀيڻ آهي ته انهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي. پوءِ جي اُهي (ڀاءُ ڀيڻ) هڪ کان وڌيڪ آهن ته سمورا ٽهائي ۾ شريڪ آهن. (هي ورهاست) ان وصيت بعد ڪبي جا (وارثن کي) نقصان پهچائڻ بغير ڪئي وئي هئي يا قرض جي ادائگي بعد، هي الله جي پاران حڪم آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي.
اهي الله جون حدون آهن. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪندو ته (الله) ان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها زبردست ڪاميابي آهي.
۽ اوهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاري ڪري ويهن ته انهن تي پنهنجن ماڻهن مان چئن مردن جي شاهدي وٺو. پوءِ جي (چار ماڻهو) شاهدي ڏين ته انهن عورتن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو انهن کي موت ماري يا الله انهن جي لاءِ ڪو رستو پيدا ڪري.
الله (جي ذمهءِ ڪرم) تي صرف انهن ماڻهن جي توبه قبول ڪرڻ آهي جيڪي ناداني ۾ گناھ ڪري ويهن ٿا پوءِ جلدي توبه ڪن ٿا پوءِ اُهي ئي آهن جو الله انهن جي توبه قبول ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
اي ايمان وارؤ! اوهان لاءِ اهو حلال نه آهي جو اوهان زبردستي عورتن جا وارث بنجي وڃو. ۽ نه اهو حلال آهي جو انهن تي سختي ڪيو هن لاءِ ته انهن کي ڏنل مهر مان ڪجھ واپس وٺو سواءِ ان صورت جي جو اهي کُليل بي حيائي جو ڪم ڪري ويهن، ۽ انهن سان سهڻي سلوڪ سان زندگي گذاريو. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن کي ناپسند ڪيو ٿا ته ممڪن آهي جو اوهان ڪنهن شيءِ کي ناپسند ڪيو ۽ الله ان ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي.
۽ انهن عورتن سان نڪاح نه ڪيو جن سان اوهان جا پيئر نڪاح ڪري چڪا آهن سواءِ ان جي جو (هن حڪم کان) اڳ گذري چڪو. بلاشڪ اها وڏي بي حيائي ۽ غضب (جو باعث) ۽ بُري واٽ آهي.
توهان تي حرام ڪيون ويون آهن اوهان جون مائرون ۽ اوهان جون نياڻيون ۽ اوهان جون ڀينرون ۽ اوهان جون پڦيون ۽ اوهان جون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻجون ۽ اوهان کي ٿڃ پياريندڙ مائرون ۽ اوهان جون ٿڃ شريڪ ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون (سَسُون) ۽ اوهان جي گود ۾ پلجندڙ اُهي نياڻيون جيڪي اوهان جي انهن زالن (جي پيٽان) آهن جن سان توهان صحبت ڪري چڪا آهيو. پر جيڪڏهن اوهان انهن سان صحبت نه ڪئي آهي ته (انهن جي نياڻين سان نڪاح ڪرڻ ۾) ڪو حرج نه آهي ۽ اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پُٺين مان آهن (يعني نُهون) ۽ (هي به حرام آهي) جو ٻن ڀينرن کي (هڪ مرد جي نڪاح ۾) گڏ ڪيو. سواءِ ان جي جيڪو اڳ گذري چڪو. بيشڪ الله بخشڻهار، ٻاجھارو آهي.