وَّ الْمُحْصَنٰتُ مِنَ النِّسَآءِ اِلَّا مَا مَلَكَتْ اَیْمَانُكُمْ١ۚ كِتٰبَ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ١ۚ وَ اُحِلَّ لَكُمْ مَّا وَرَآءَ ذٰلِكُمْ اَنْ تَبْتَغُوْا بِاَمْوَالِكُمْ مُّحْصِنِیْنَ غَیْرَ مُسٰفِحِیْنَ١ؕ فَمَا اسْتَمْتَعْتُمْ بِهٖ مِنْهُنَّ فَاٰتُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ فَرِیْضَةً١ؕ وَ لَا جُنَاحَ عَلَیْكُمْ فِیْمَا تَرٰضَیْتُمْ بِهٖ مِنْۢ بَعْدِ الْفَرِیْضَةِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِیْمًا حَكِیْمًا۲۴
۽ شادي شده عورتون (به حرام آهن) سواءِ انهن (جنگي قيدياڻِيُن) جي جيڪي توهان جي ملڪيت ۾ اچي وڃن. (هي حڪم) الله جي طرفان اوهان تي لکيل آهي ۽ انهن کان سواءِ (سڀ عورتون) اوهان لاءِ حلال ڪيون ويون آهن تان جو توهان پنهنجي مالن جي ذريعي (نڪاح) طلب ڪيو پاڪدامن رهندي نه ڪه شهوت پوري ڪرڻ لاءِ. پوءِ جن عورتن مان اوهان نفعو وٺو ته انهن کي سندن مقرر ڪيل مهر ادا ڪيو. ۽ اوهان تي ان (مال) جي باري ۾ ڪو گناھ ناهي جنهن تي توهان مهر مقرر ڪرڻ بعد پاڻ ۾ راضي ٿي وڃو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.