قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 6 with translation
Juz 6 starts at Surah An-Nisa ayah 148 and ends at Surah 5 ayah 82. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله سان ۽ ان جي رسولن سان ڪفر ڪن ٿا ۽ چاهن ٿا ته الله ۽ ان جي رسولن جي وچ ۾ فرق پيدا ڪن ۽ (اهو هن طرح جو) چون ٿا ته ڪن کي مڃون ٿا ۽ ڪن جو انڪار ڪيون ٿا ۽ چاهن ٿا ته ان (ايمان ۽ ڪفر) جي وچ ۾ ڪا واٽ ڪڍن.
۽ اُهي ماڻهو جن الله ۽ ان جي (سڀ) رسولن تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن هڪ جي وچ ۾ (ايمان آڻڻ ۾) فرق ڪونه ڪيائون، اُهي آهن جو جلد الله انهن کي سندن اجورا ڏيندو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
پوءِ (جي سزائون کين مليون سي سڀ) سندن معاهدن ٽوڙڻ سبب ۽ سندن الله جي آيتن سان ڪفر ڪرڻ ۽ سندن نبين کي ناحق قتل ڪرڻ (سبب) ۽ سندن هن قول (سبب) ته ”اسان جي دلين تي غلاف چڙهيل آهن“. بلڪه الله سندن ڪفر سبب انهن تي مُهر هنئي پوءِ ٿورن کان سواءِ ايمان نه آڻيندا.
۽ سندن هن قول سبب ته”اسان الله جي رسول مسيح عيسيٰ پٽ مريم کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.“ حالانڪه نه ته انهن کيس قتل ڪيو هيو ۽ نه ئي سوريءَ تي چاڙهيو هيو مگر (ٿيو ائين جو) انهن جي لاءِ (ڪنهن کي عيسيٰ جو) هم شڪل بنايو ويو هيو. ۽ بيشڪ اُهي ماڻهو جي ان جي باري ۾ اختلاف ڪن ٿا اُهي (سندس قتل جي باري ۾) شڪ ۾ پيل آهن. انهن کي (اصل حقيقت جو) ڪجھ به علم نه آهي مگر گمان جي پيروي ڪن ٿا ۽ انهن پڪ سان کيس (يعني عيسيٰ) کي قتل نه ڪيو هيو.
۽ انهن رسولن (ڏانهن به وحي ڪئي) جن جا حالات اسان توکي هن کان اڳ ٻڌايا آهن ۽ ڪن رسولن جا حالات اڃا توکي نه ٻڌايا آهن. ۽ الله موسيٰ سان ائين ڪلام ڪيو جيئن ڪلام ڪبو آهي.
اي انسانو! تحقيق اوهان جي پالڻهار وٽان اوهان وٽ (هي) رسول حق کڻي آيو آهي پوءِ ايمان آڻيو اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي. ۽ جي توهان ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بلاشڪ جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سڀ الله جو آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
اي ڪتاب وارؤ! پنهنجي دين ۾ وڌاءُ نه ڪيو ۽ الله جي باري ۾ حق کان سواءِ ڪجھ نه چئو. مسيح عيسيٰ پٽ مريم جو ته صرف الله جو هڪ رسول آهي ۽ ان جو هڪ فرمان آهي، جيڪو مريم طرف موڪليائين ۽ ان جي طرفان روح آهي. پوءِ الله تي ۽ ان جي سڀ رسولن تي ايمان آڻيو. ۽ ائين نه چئو ته (معبود) ٽي آهن. (ان عقيدي کان) رڪجي وڃو ته اهو اوهان ڪاڻ ڀلو آهي. صرف الله ئي اڪيلو معبود آهي. اُهو هن ڳالھ کان پاڪ آهي جو کيس اولاد هجي. اهو (سڀ ڪجھ) سندس ئي آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ الله جو ڪارساز هجڻ ڪافي آهي.
پوءِ اُهي ماڻهو جن الله تي ايمان آندو ۽ ان سان مضبوطي سان چنبڙي پيا ته پوءِ جلد (الله) انهن کي پنهنجي رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پنهنجي طرف سڌي واٽ ڏيکاريندو.
(اي نبي) تو کان شرعي حڪم پڇن ٿا؟ چؤ ته الله اوهان کي ڪلاله جي (ترڪي) جي باري ۾ فتويٰ ڏئي ٿو ته اگر ڪو مرد مري ويو جنهن کي ڪو اولاد نه آهي پر ان کي هڪ (سَڳِي يا پيئيتي) ڀيڻ آهي ته جيڪي ڇڏيائين ان جو اڌ ان (ڀيڻ) لاءِ آهي ۽ (ان جي ابتڙ ڀيڻ ڪلاله هجي ته ان جي مرڻ بعد ان جو سڳو يا پيئيتو) ڀاءُ ان جو (مڪمل) وارث ٿيندو. اگر ان کي ڪو اولاد نه آهي. پر جي (ڪلاله ڀاءُ جي موت تي) ٻه ڀيڻون (وارث) هجن ته انهن لاءِ ٻه ٽهايون آهن جيڪو ان ڇڏيو. ۽ جيڪڏهن (ڪلاله جا) چند ڀاءُ ڀيڻ مرد ۽ عورتون (وارث) آهن ته پوءِ هڪ مرد لاءِ ٻن عورتن جي حصي برابر ٿيندو. (هي حڪم) الله اوهان لاءِ کولي کولي بيان ڪيا آهن ته جيئن توهان گمراھ نه ٿيو. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
اي ايمان وارؤ! بندشن جي پائبندي ڪيو. توهان لاءِ چوپايا جانور حلال ڪيا ويا آهن سواءِ انهن جي جيڪي توهان کي (اڳتي) ٻڌايا ويندا، مگر جڏهن توهان احرام ۾ هجو ته شڪار کي حلال نه ڄاڻجو. بيشڪ الله جو چاهي حڪم فرمائي ٿو.
اي ايمان وارؤ! الله جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪيو ۽ نه عزت وارن مهينن (يعني رجب، ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم) جي ۽ نه (حرمِ ڪعبه ڏانهن موڪليل) قرباني جي جانورن جي ۽ نه ڳچين ۾ (قرباني جي) نشاني طور پَٽو ٻڌل جانورن جي ۽ نه عزت واري گهر (مسجد الحرام) ڏانهن ارادو ڪري ايندڙ ماڻهن (جي عزت مال ۽ جان) جي (بي حرمتي ڪجو جيڪي) پنهنجي پالڻهار جي فضل ۽ رضا جا طالب آهن. ۽ جڏهن احرام کولي ڇڏيو ته پوءِ شڪار ڪري سگهو ٿا. ۽ توهان کي ڪنهن قوم جي (اها) دشمني جو انهن اوهان کي مسجد الحرام کان روڪيو هيو هن ڳالھ تي نه اُڀاري جو توهان (انهن سان) زيادتي ڪيو. ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاري ۾ هڪ ٻئي سان مدد ڪيو ۽ گناھ ۽ زيادتي ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪيو ۽ الله کان ڊڄو. بلاشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي.
اي ايمان وارؤ! الله جي حڪم تي قائم رهندي انصاف سان شاهدي ڏيندڙ هجو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني اوهان کي هن ڳالھ تي نه اڀاري جو (ان سان) انصاف نه ڪيو (بلڪه دشمن سان به) انصاف ڪيو. اهو پرهيزگاري جي وڌيڪ ويجهو آهي. ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله خبروار آهي توهان جيڪي عمل ڪيو ٿا.
اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جي اُها نعمت ياد ڪيو جڏهن (ڪافر) قوم پڪو پھ ڪيو ته (اوهان کي مارڻ لاءِ) اوهان ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگها ڪن ته پوءِ انهن جا هٿ اوهان کان روڪيائين. الله کان ڊڄندا رهو. ۽ مؤمنن کي الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي.
الله ان جي ذريعي انهن کي جيڪي سندس رضا جا طالب آهن سلامتي جي واٽن جي هدايت ڏئي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي حڪم سان (گمراهي جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشني طرف وٺي وڃي ٿو ۽ انهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو.
البته بيشڪ انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته: ”بيشڪ الله اهو مسيح پٽ مريم ئي آهي“. چؤ ته: ”ته ڪير آهي جو الله کان انهن کي بچائي سگهندو؟ جيڪڏهن الله چاهي ته عيسيٰ پٽ مريم ۽ سندس ماءُ ۽ جيڪي به زمين ۾ آهن انهن سڀني کي هلاڪ ڪري ڇڏي. ۽ الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي. اهو جيڪي چاهي پيدا ڪري ۽ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
۽ يهودين ۽ نصارن چيو ته: ”اسان الله جا پُٽ ۽ ان جا محبوب آهيون“. انهن کان پڇ (جي ائين آهي ته) پوءِ اوهان کي اوهان جي گناهن سزا ڇو ٿو ڏئي؟ بلڪه (حقيقت هي آهي ته) اوهان به (خلقيل) ماڻهو آهيو ان جي پيدا ڪيل مخلوقات مان. اهو جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي عذاب ڪري. ۽ الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي.
۽ (ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اي منهنجي قوم! پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪيو جڏهن ان اوهان ۾ نبيءَ پيدا ڪيا ۽ اوهان کي بادشاھ بنايائين ۽ اوهان کي اها (نعمت) ڏنائين جيڪا جهانن ۾ ڪنهن کي نه ڏنائين.
چيائون: ”اي موسيٰ بلاشڪ ان ۾ ته ڏاڍي طاقتور قوم (رهندڙ) آهي ۽ اسان ان ۾ تيستائين داخل نه ٿينداسين جيستائين اُهي ان مان نه نڪرندا پوءِ جي اُهي ان مان نڪرندا ته اسان داخل ٿيڻ وارا آهيون“.
انهن (الله کان) ڊڄڻ وارن مان ٻه ڄڻا اهڙا به هئا جن کي الله نعمت سان نوازيو هيو تن چيو ته: ”انهن (قومِ جبارين) تي دروازي مان داخل ٿيو. پوءِ جڏهن توهان داخل ٿي ويندؤ ته پوءِ پڪ سان اوهان غالب آهيو ۽ الله مٿان ئي ڀروسو رکو جي اوهان ايمان وارا آهيو“.
(موسيٰ) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! آءُ پنهنجي سر ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) کان سواءِ ڪنهن جو به مالڪ نه آهيان سو تون اسان جي ۽ نافرمان قوم جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏ“.
۽ (اي نبي!) انهن کي آدم جي ٻن پٽن (هابيل ۽ قابيل) جي خبر پڙهي ٻڌاءِ جا بلڪل سچي آهي. جڏهن ٻنهين (الله اڳيان) قرباني پيش ڪئي پوءِ انهن مان هڪ (هابيل) جي قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي (قابيل) جي قبول نه ڪئي وئي ته (قابيل ساڙ ۾) چيو ته: ”آءُ تو کي ضرور قتل ڪندس“. (هابيل) چيو ته: ”بيشڪ الله پرهيزگارن کان ئي قبول ڪري ٿو“.
(هابيل) چيو جيڪڏهن تون پنهنجو هٿ مون کي مارڻ لاءِ مون ڏانهن وڌائيندين (ته به) آءُ پنهنجو هٿ تو کي قتل ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن نه وڌائيندس، بيشڪ آءُ الله کان ڊڄان ٿو جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.
..ان جي ڪري.. اسان بني اسرائيلن تي (تورات ۾) لکي ڇڏيو ته: ”جنهن ماڻهو ڪنهن کي بنا قصاص (يعني خون جي بدلي خون) يا زمين ۾ فساد (پکيڙڻ جي سزا) جي قتل ڪيو ته ان ڄڻڪ سڀ انسانذات کي قتل ڪيو. ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڪ جي زندگي بچائِـــي ته ان ڄڻڪ ساري انسانذات جي زندگي بچائي. ۽ بيشڪ انهن وٽ اسان جا رسول چِٽن دليلن سان آيا پوءِ ان کان بعد به بلاشڪ انهن مان گهڻا زمين ۾ زيادتيون ڪرڻ وارا آهن.
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد (پکيڙڻ) جي ڪوشش ڪن ٿا انهن جي سزا اهائي آهي جو اُهي قتل ڪيا وڃن يا ڦاهي چاڙهيا وڃن يا انهن جا هٿ ۽ انهن جا پير مخالف طرفن ۾ ڪاٽيا وڃن (يعني هڪ طرف جو هٿ ۽ ٻئي طرف جو پير) يا ڌرتي کان ڌار ڪيا وڃن. (يعني کين ملڪ نيڪالي ڏني وڃي) اِها انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي.
ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي. اهو جنهن کي چاهي عذاب ڪري ۽ جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي. ۽ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
اي پيغمبر! تو کي اُهي ماڻهو غمزده نه ڪن جيڪي ڪفر ۾ تيزي سان ڪوشان آهن (توڙي) انهن (منافق) ماڻهن مان هجن جيڪي واتن سان ته چون ٿا ته ”اسان ايمان آندو“، حالانڪه انهن جي دلين ايمان نه آندو آهي ۽ (توڙي انهن) يهودين مان هجن جيڪي ڪوڙ گھڙڻ لاءِ گهڻو ٻڌندڙ آهن اهي ٻي قوم جي لاءِ گھڻو ٻڌندڙ آهن جيڪي تو وٽ (اڃا) آيا ناهن. اهي (الله جي) الفاظن کي انهن جي جاين کان مَٽائن ٿا، چون ٿا ته: ”جي اوهان کي هي (حڪم) ڏنو وڃي ته پوءِ ان کي قبول ڪجو، ۽ جي اهو (حڪم) نه ڏنو وڃي ته ان کان ڪنارو ڪجو. ۽ الله جنهن کي فتني ۾ وجهڻ جو ارادو ڪري ته تون ان جي لاءِ الله (جي ارادي کان بچڻ لاءِ) ڪنهن شيءِ جي مالڪي نه لهندين. اِهي ئي آهن جو الله انهن جي دلين کي پاڪ ڪرڻ نه ٿو چاهي. دنيا ۾ انهن لاءِ خواري آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
اهي گهڻو ٻڌندڙ آهن ڪوڙ گهڙڻ لاءِ گهڻو حرام کائيندڙ آهن. پوءِ جي اهي تو وٽ (فيصلي لاءِ) اچن ته (تو کي اختيار آهي) انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين يا انهن کان مُنهن موڙين، ۽ جي تون انهن کان مُنهن موڙيندين ته توکي ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه سگهندا ۽ جي تون فيصلو ڪرين ته انهن جي وچ ۾ عدل سان فيصلو ڪر. بيشڪ الله عدل وارن سان محبت رکي ٿو.
۽ اهي تو کي حاڪم ڪيئن مڃندا؟ حالانڪه انهن وٽ تورات موجود آهي، جنهن ۾ الله جو حڪم (لکيل) آهي پوءِ اهي ان کان پوءِ به ڦري وڃن ٿا. ۽ اهي ايمان رکڻ وارا ئي نه آهن.
بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي، ان مطابق نبيءَ (سڳورا) جيڪي الله جا فرمانبردار هئا يهودين جا فيصلا ڪندا هئا ۽ الله وارا ۽ عالم به (ان مطابق فيصلا ڪندا هئا) ان ڪري جو اُهي الله جي ڪتاب جا محافظ بنايا ويا هئا ۽ اهي ان تي شاهد هئا. پوءِ اوهان ماڻهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي ٿورڙي مُلھ تي نه وڪڻو. ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون جي مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي ڪافر آهن.
۽ اسان انهن تي ان (تورات) ۾ هي حڪم لکي ڇڏيو هيو ته جان جي عيوض جان ۽ اک جي عيوض اک ۽ نڪ جي بدلي نڪ ۽ ڪن جي بدلي ۾ ڪن ۽ ڏند جي عيوض ڏند ۽ زخمن جو (به) بدلو آهي. پوءِ جيڪو هن (قصاص) کي صدقو ڪري (يعني معاف ڪري) ته اهو ان جي (گناهن) لاءِ ڪفارو آهي. ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون جي مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.
۽ (اسان جو حڪم هيو ته) انجيل وارا به ان قانون مطابق فيصلو ڪن جيڪو الله ان ۾ نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو الله جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نه ڪري ته پوءِ اُهي ئي نافرمان آهن.
۽ (اي نبي) اسان تو ڏانهن حق سان ڪتاب نازل ڪيو آهي جيڪو پاڻ کان اڳين ڪتاب مان جو ڪجھ سندس اڳيان (موجود) آهي ان جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ ان تي محافظ آهي سو تون انهن جي وچ ۾ ان قانون مطابق فيصلو ڪر جيڪو الله لاٿو آهي ۽ انهن جي سَڌُن جي پيروي نه ڪر ان حق کي ڇڏي جيڪو تو وٽ آيو آهي. اسان اوهان مان هرهڪ لاءِ هڪ دستور ۽ هڪ راهِ عمل بنائي آهي. ۽ اگر الله چاهي ها ته اوهان کي هڪ ئي امت بنائي ها ۽ پر جيڪي اوهان کي ڏنائين ان ۾ اوهان کي آزمائي ٿو پوءِ نيڪين ۾ جلدي ڪيو. اوهان سڀني جو موٽڻ الله ڏانهن آهي پوءِ اوهان کي آگاھ ڪندو جن (ڳالهين) ۾ اوهان پاڻ ۾ اختلاف ڪندا هئا.
۽ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪر ان قانون مطابق جيڪو الله نازل ڪيو آهي ۽ انهن جي سَڌن جي پيروي نه ڪر ۽ انهن کان هوشيار رھ متان اُهي تو کي ان (حڪم) کان هيڏي هوڏي نه ڪن جيڪو الله تو ڏانهن لاٿو آهي. پوءِ جيڪڏهن اهي مُنهن موڙن ته پڪ ڄاڻ ته الله انهن کي انهن جي ڪن گناهن سبب سزا ڏيڻ چاهي ٿو. ۽ بلاشڪ ماڻهن مان گهڻا نا فرمان آهن.
اي ايمان وارؤ! يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو دوست نه بنائي وٺو. اُهي هڪ ٻئي جا يار آهن. ۽ اوهان مان جيڪو انهن سان دوستي رکندو ته بلاشڪ اُهو (به) انهن منجهان آهي. بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.
پوءِ تون انهن ماڻهن کي ڏسندين جن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري آهي ته اُهي ڊوڙي انهن سان ملن ٿا چون ٿا ته: ”اسان ڊڄون ٿا ته اسان تي (زماني جي) ڪا گردش نه اچي وڃي“. پوءِ پڪ آهي جو الله فتح آڻي يا پاڻ وٽان ڪو حڪم آڻي ته پوءِ انهن پنهنجي دلين ۾ جيڪو (نفاق) لڪايو آهي ان تي پشيمان ٿي پوندا.
اي ايمان وارؤ! اوهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦري ٿو ته (ڀلي ڦري) جلد الله اهڙي قوم آڻيندو جن سان اهو (الله خود) محبت رکندو ۽ اُهي (به) ان سان محبت ڪندا. اهي مؤمنن مٿان نرم هوندا ڪافرن مٿان سخت هوندا. الله جي راھ ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو الله جو فضل آهي جنهن کي چاهي ٿو عطا ڪري ٿو. ۽ الله ڪشادگي ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.
اي ايمان وارؤ! اوهان انهن ماڻهن کي دوست بنائي نه وٺو جن اوهان جي دين کي ڀوڳ ۽ راند (تماشو) ڪري ورتو آهي (اُهي) انهن مان آهن جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو ۽ (ٻيا) ڪافر آهن (انهن کي به دوست نه بنايو). ۽ الله کان ڊڄندا رهو جي اوهان مؤمن آهيو.
چؤ: ”اي ڪتاب وارؤ! توهان کي اسان جي ڪهڙي ڳالھ ڏُکي لڳي آهي! سواءِ هن جي جو اسان ايمان آندو آهي الله تي ۽ ان تي جيڪو اسان تي نازل ڪيو ويو آهي ان تي ۽ جيڪو اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ بلاشڪ اوهان مان گھڻا نافرمان آهن“.
۽ جڏهن اهي اوهان وٽ اچن ٿا ته چون ٿا اسان ايمان آندو آهي. حالانڪه اُهي (اوهان وٽ) ڪفر سان داخل ٿيا ۽ اُهي ان (ڪفر) سان ئي نڪتا. ۽ جيڪي اُهي لڪائن ٿا الله ان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.
اي پيغمبر! جو ڪجھ تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار طرفان نازل ٿيو آهي سو پهچاءِ. ۽ جي تو ائين نه ڪيو ته تو (ڄڻڪ) ان جو پيغام پهچايو ئي ڪونه. ۽ الله تو کي ماڻهن کان بچائڻ وارو آهي. بيشڪ الله ڪافرن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.
بلاشڪ جن ماڻهن ايمان آندو (يعني مسلمان) ۽ جي يهودي ٿيا ۽ صابي (ستارن کي پوڄڻ وارا) ۽ نصاريٰ (انهن مان) جن به الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪندا رهيا ته نه انهن مٿان ڪو خوف آهي نه اُهي غمگين ٿيندا.
البته تحقيق اسان بني اسرائيل کان پڪو عهد ورتو ۽ انهن ڏانهن (گهڻا) رسول موڪلياسين. (پر) جڏهن به انهن وٽ ڪو رسول اهڙو حڪم کڻي آيو جنهن کي سندن دلين پسند نه ٿي ڪيو ته (نبين جي) هڪ جماعت کي ڪوڙو چيائون ۽ هڪ جماعت کي قتل ڪيائون.
البته تحقيق انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته بيشڪ ”الله“ ته مريم جو پٽ مسيح ئي آهي ۽ مسيح چيو ته: ”اي بني اسرائيل! الله جي عبادت ڪيو جيڪو منهنجو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پالڻهار آهي“. بيشڪ ڳالھ هي آهي ته جيڪو الله سان شرڪ ڪندو ته بلاشڪ ان مٿان الله جنت حرام ڪئي آهي ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي. ۽ (اهڙن) ظالمن جا ڪي به مددگار نه آهن.
مسيح پٽ مريم رسول ئي آهي (يعني نه الله نه الله جو پُٽ نه الله جو شريڪ آهي) پڪ سان ان کان اڳ به گھڻا رسول گذري چڪا آهن. ۽ ان جي ماءُ هڪ سچار (عورت) هئي. اهي ٻئي کاڌو کائيندا هئا. ڏس ڪيئن نه اسان انهن لاءِ کولي کولي آيتون بيان ڪيون ٿا وري ڏس ته اهي ڪيئن (حق کان) ڦريا وڃن ٿا.
۽ جي ايمان آڻن ها الله تي ۽ نبي (محمد ﷺ) تي ۽ جيڪو (ڪتاب) ان تي نازل ڪيو ويو آهي (ان تي) ته انهن (ڪافرن) کي دوست نه بنائن ها ۽ پر انهن مان گهڻا نافرمان آهن.