قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 7 with translation
Juz 7 starts at Surah Al-Ma'idah ayah 83 and ends at Surah 6 ayah 110. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
۽ جڏهن اهي ان ڪلام (قرآن) کي ٻڌن ٿا جيڪو رسول (عربي ﷺ) ڏانهن لاٿو ويو آهي ته تون انهن جي اکين کي ڏسندين ڳوڙها ڳاڙن ٿيون هن ڪري جو انهن حق کي سڃاتو. چون ٿا ته: ”اي اسان جا مالڪ! اسان ايمان آندو پوءِ اسان کي (حق جي) شاهدي ڏيڻ وارن ۾ لکي ڇڏ.
۽ اسان کي ڇا آهي؟ جو اسان الله تي ۽ جيڪو حق اسان وٽ پهتو آهي ان تي ايمان نه آڻيون. حالانڪه اسان اها اميد رکون ٿا ته اسان جو پالڻهار اسان کي نيڪ ماڻهن ۾ داخل فرمائي“.
الله اوهان جي اجاين قَسمن ۾ اوهان جي پڪڙ نه ڪندو ۽ پر اوهان کي (انهن تي) پڪڙيندو جيڪي پڪي نيت سان اوهان قسم کنيا. (اگر قسم ڀڃي ڇڏيو ته) پوءِ ان جو ڪفارو ڏھ مسڪينن کي کارائڻ آهي اهڙو وچولو (کاڌو) جيڪو پنهنجي گهروارن کي کارايو ٿا. يا انهن (مسڪينن) کي ڪپڙا ڍڪائڻا آهن. يا هڪ ڪنڌُ (يعني غلامُ) آزادُ ڪرڻ آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو اهي (ٽئي شيون) نه لهي ته پوءِ ٽي ڏينهن جا روزا رکڻ آهي. اهو توهان جي قَسمن جو ڪفارو آهي جڏهن توهان قسم کڻي (وري ڀڃي) ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي قَسمن جي حفاظت ڪيو. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو ته جيئن توهان شڪر ڪيو.
شيطان ته صرف اهو ئي چاهي ٿو ته شراب ۽ جُوا جي سبب اوهان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجهي ۽ اوهان کي الله جي ذڪر ۽ نماز کان روڪي. ڇا پوءِ اوهان (انهن ڪمن کان) رڪجڻ وارا آهيو؟
۽ الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ (بي فرمانين کان) بچو، پوءِ جي توهان منهن موڙيو ته پڪ ڄاڻو اسان جي رسول مٿان صرف روشن پيغام پهچائڻ آهي.
اي ايمان وارؤ! الله اوهان کي شڪار جي ڪنهن شيءِ سان ضرور آزمائيندو جنهن تائين توهان جا هٿ ۽ توهان جا نيزا پهچن ٿا هن لاءِ ته الله ان ماڻهو جي سُڃاڻ ڪرائي جيڪو ان کان پرپُٺ ڊڄي ٿو. پوءِ ان کان پوءِ جيڪو حد اورانگھيندو ته ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
اي ايمان وارؤ! (وحشي) شڪار کي قتل نه ڪيو جڏهن اوهان احرام جي حالت ۾ هجو. ۽ اوهان مان جنهن به ان کي ڄاڻي واڻي ماريو ته ان جو بدلو جانورن مان ان (جانور) جي برابر آهي جنهن کي ماريائين جنهنجو فيصلو اوهان مان ٻه انصاف وارا ڪن ان کي هديه طور ڪعبي تائين پهچايو ويندو. يا ان جو ڪفارو ڪجھ مسڪينن جو کاڌو آهي. يا ان جي برابر روزا رکڻا آهن تان جو اُهو پنهنجي ڪئي جي سزا چکي. جو ڪجھ گذري چڪو الله اهو معاف ڪيو. ۽ جيڪو دوبارو ائين ڪندو ته پوءِ الله ان کان بدلو وٺندو. ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي.
عزت واري گهر ڪعبي کي الله ماڻهن جي قيام جو ذريعو بنايو آهي ۽ عزت واري مهيني کي ۽ ڪعبي جي قرباني کي ۽ ڳچيءَ ۾ نشاني طور پٽي ٻڌل جانورن کي به (عزت وارو بنايو آهي) اهو هن لاءِ ته اوهان ڄاڻو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ بلاشڪ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
چؤ ته: ناپاڪ ۽ پاڪ (پاڻ ۾) برابر ناهن. توڙي جو توکي ناپاڪن جي گهڻائي سُٺي لڳي. پوءِ الله جي بي فرماني کان بچندا رهو اي عقل وارؤ تان ته توهان ڪامياب ٿي وڃو.
اي ايمان وارؤ! اهڙين شين جي باري ۾ نه پڇو جيڪي اگر اوهان لاءِ ظاهر ٿين ته اوهان کي خراب لڳن، ۽ جي انهن جي باري ۾ ان وقت پڇندؤ جنهن وقت قرآن نازل ٿي رهيو آهي ته (اُهي) اوهان لاءِ ظاهر ڪيون وينديون. الله ان کان (جي سوال ٿي چڪا) معاف ڪيو آهي ۽ الله بخشڻهار بردبار آهي.
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته: ”اچو ان (قرآن) ڏانهن جيڪو الله لاٿو آهي ۽ رسول (ﷺ) ڏانهن“! ته چون ٿا ته: ”اسان لاءِ اهو (طريقو) ڪافي آهي جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو“. ڇا جيتوڻيڪ انهن جا ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هجن ۽ نه هدايت تي هجن؟
اي ايمان وارؤ! اوهان جي وچ ۾ شاهدي (جو نصاب) هي آهي جو جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت (جي مَهَلَ) اچي وڃي (۽ اهو وصيت ڪري رهيو هجي) ته وصيت ڪرڻ وقت اوهان (جي جماعت) مان ٻه عدل وارا ماڻهو هجن. يا جيڪڏهن اوهان زمين ۾ سفر ڪري رهيا آهيو (ان حال ۾) اوهان تي موت جي مصيبت اچي پهچي ته توهان جي غيرن مان ٻه شخص شاهد ڪيا وڃن اگر اوهان کي انهن ۾ شڪ پوي ته انهن ٻنهين کي نماز کان پوءِ (شاهديءَ لاءِ) روڪيو ۽ اهي ٻئي الله جو قسم کڻن ته: ”اسان ان (شاهدي) جي عيوض ڪا قيمت نه وٺنداسين توڙي ويجهو قرابت دار هجي ۽ نه اسان شاهدي لڪائينداسين (اگر لڪايون ته) اسان ان وقت گنهگارن مان ٿينداسين“.
پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته اُهي ٻئي (شاهدي لڪائڻ سبب) گنهگار ٿي چڪا آهن ته پوءِ ٻه ڄڻا ٻيا (ميت جا ويجھا مائٽ) انهن جي جاءِ تي بيهاريا وڃن جن جو حق پهرين ٻن (شاهدن) لڪايو آهي پوءِ الله جو قسم کڻن ته: ”اسان جي شاهدي انهن ٻنهين جي شاهدي کان وڌيڪ سچي آهي ۽ جي اسان حد ٽپياسين ته ان وقت اسان ظالمن مان ٿينداسين“.
اهو (طريقو) ان لاءِ ويجهو آهي ته (ماڻهو) صحيح طرح شاهدي ڏين يا اُهي ڊڄن ته متان سندن قَسَمَ ٻين جي قَسَمَن کان پوءِ رد نه ٿين. ۽ الله کان ڊڄو ۽ (ان جا حڪم) ٻڌو ۽ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.
الله فرمايو:”بيشڪ آءُ اهو اوهان تي نازل ڪرڻ وارو آهيان، پوءِ جيڪو ان کان پوءِ اوهان مان ناشڪري ڪندو ته پڪ سان آءُ ان کي اهڙو عذاب ڪندس جو جهان وارن مان ڪنهن کي اهڙو عذاب نه ڪندس“.
۽ جڏهن الله فرمائيندو ته: ”اي عيسيٰ پُٽ مريم جا! ڇا تو ماڻهن کي چيو هيو ته مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي الله کان سواءِ معبود بنائي وٺو“؟ عرض ڪندو: ”تون پاڪ آهين مون کي اهو (لائق) ناهي جو اها ڳالھ چوان جنهن جي چوڻ جو مون کي حق ناهي. اگر مون اها ڳالھ چئي هجي ها ته تو کي ضرور اها معلوم هوندي. جو ڪجھ منهنجي جيءَ ۾ آهي تون ان کي ڄاڻين ٿو ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان جيڪي تنهنجي جيءَ (يعني علم) ۾ آهي. بيشڪ تون ئي وڏو غيب جي ڳالهين جو ڄاڻندڙ آهين.
مون انهن کي ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه چيو هيو جنهن جو تو مون کي حڪم ڏنو هيو ته الله جي عبادت ڪيو جيڪو منهنجو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو پالڻهار آهي ۽ آءٌ جيستائين انهن ۾ رهيس انهن تي خبر رکندڙ هيس پوءِ جڏهن تو مون کي کڻي ورتو تڏهن تون ئي انهن تي نگهبان هئين ۽ تون هر شيءِ تي گواھ آهين“.
۽ (اي نبي) جيڪڏهن اسان تو تي ڪاغذ تي لکيل ڪتاب به نازل ڪيون ها پوءِ اُهي ان کي پنهنجي هٿن سان ڇُهن ها ته به ڪافر ماڻهو چون ها ته هي کلئي جادو کان سواءِ ڪجھ نه آهي.
۽ اگر الله تو کي ڪو نقصان پهچائي ته ان کان سواءِ ان جو لاهيندڙ ڪوبه نه آهي ۽ جيڪڏهن اهو تو کي ڪو خير (سک) پهچائي ته پوءِ اهو هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي. ۽ اهو پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي.
انهن کان پڇ ته ڪنهن جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي؟ چؤ ته الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي ۽ مون ڏانهن هي قرآن ان لاءِ وحي ڪيو ويو آهي ته ان جي ذريعي اوهان کي ۽ جنهن تائين (قرآن) پهچي تن کي ڊيڄاريان. ڇا اوهان شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا به عبادت جي لائق آهن؟ چؤ ته آءٌ شاهدي نه ٿو ڏيان. چؤ ته صرف اهو اڪيلو معبود آهي ۽ آءٌ انهن (ڪوڙن معبودن) کان بيزار آهيان، جن کي اوهان شريڪ بنايو ٿا.
۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي تو ڏانهن (ڪن لائي) ٻڌن ٿا ۽ اسان انهن جي دلين تي پردا وڌا آهن جو ان (قرآن) کي سمجهن ۽ انهن جي ڪنن ۾ ٻوڙائپ وِڌي آهي. ۽ جي سڀ نشانيون ڏسندا ته به ان تي ايمان نه آڻيندا. ايستائين جو جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته تو سان جهڳڙو ڪن ٿا ڪافر چون ٿا ته: ”هي (قرآن) اڳين ماڻهن جي ڪهاڻين کان سواءِ ڪجھ نه آهي“.
۽ جي تون (انهن کي ان وقت) ڏسين جڏهن اُهي پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهاريا ويندا، ته الله پڇندو: ”ڇا هي حق نه آهي“؟ چوندا: ”هائو اسان جي پالڻهار جو قسم (هي حق آهي). الله فرمائيندو: ”پوءِ عذاب (جو مزو) چکو ان ڪري جو اوهان ڪفر ڪندا هئا“.
بيشڪ اُهي ماڻهو نقصان ۾ پئجي ويا جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو چيو. تانجو جڏهن اوچتو انهن تي قيامت ايندي، چوندا: ”هاءِ افسوس اسان تي! جو اسان ان (قيامت کي مڃڻ) ۾ ڪوتاهي ڪئي“ ۽ اُهي پنهنجي پُٺين تي پنهنجا (گناهن جا) بار کڻندا. خبردار! اهو برو بار آهي جيڪو کڻندا.
(اي نبي!) تحقيق اسان ڄاڻون ٿا ته بيشڪ تو کي ڏکارو ڪري ٿي (اها ڳالھ) جيڪي اهي چون ٿا پوءِ بيشڪ اُهي تو کي ڪوڙو نه ٿا چون ۽ پر (حقيقت ۾) ظالم ماڻهو الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا.
۽ البته تحقيق تو کان اڳ به رسولن کي ڪوڙو چيو ويو پوءِ انهن صبر ڪيو ان تي جو کين ڪوڙو چيو ويو ۽ کين ايذايو ويو تانجو انهن وٽ اسان جي مدد پهتي. ۽ الله جي ڳالهين (وعدن) کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي ۽ البته تحقيق تو وٽ رسولن جون خبرون اچي چڪيون آهن.
۽ جيڪڏهن انهن جو مُنهن موڙڻ تو کي ڏکيو لڳي ٿو پوءِ اگر زمين ۾ (هيٺ لهڻ واري) سُرنگ ڪڍي سگهين يا آسمان ۾ (مٿي چڙهڻ واري) ڏاڪڻ ٺاهين پوءِ (انهن کي مڃائڻ لاءِ) ڪا نشاني آڻي سگهين. (ته آڻ، پر اهي ايمان ڪو نه آڻيندا) ۽ جي الله چاهي ها ته انهن سڀني کي هدايت تي گڏ ڪري ها پوءِ تون (انهن جي بدبختي کان) بي خبر نه ٿيءُ.
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو اُهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ (ڀٽڪندڙ) آهن. الله جنهن کي چاهي ان کي گمراھ ڪري. ۽ جنهن کي چاهي ته ان کي سڌي واٽ تي هلائي.
۽ اسان رسولن کي نه ٿا موڪليون مگر خوشخبريون ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي. پوءِ جنهن ايمان آندو ۽ پاڻُ سڌاريائين ته پوءِ نه انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.
۽ انهن ماڻهن کي (پاڻان) پري نه ڪر جيڪي صبح سانجهي پنهنجي پالڻهار کي سڏن ٿا ان جي ئي رضا چاهين ٿا. تو تي انهن جي حساب مان ڪا شيءِ ناهي ۽ نه انهن تي تنهنجي حساب مان ڪا شيءِ آهي. پوءِ (به) جي تون انهن کي (پنهنجي قرب کان) پري ڪندين ته تون نا انصافي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندين.
چؤ ته مون کي روڪيو ويو آهي جو انهن (معبودانِ باطل) جي پوڄا ڪيان جن جي توهان الله کان سواءِ پوڄا ڪيو ٿا. چؤ ته آءٌ اوهان جي خواهشن جي پيروي نه ڪندس (جي ائين ڪيان) ته پڪ سان گمراھ ٿي ويندس ۽ ان وقت آءٌ هدايت يافته ماڻهن مان به نه رهندس.
چؤ (اي ڪافرو!) آءٌ پنهنجي پالڻهار جي پاران روشن دليل تي آهيان ۽ توهان ان کي ڪوڙو چئو ٿا. مون وٽ اهو (عذاب) نه آهي جنهن جي توهان جلدي مچايو ٿا. حڪم رڳو الله جو ئي آهي. اهو حق بيان ڪري ٿو ۽ اهو ئي بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.
۽ ان (الله) وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن جن کي ان کان سواءِ (از خود) ٻيو ڪو به نه ٿو ڄاڻي. ۽ جيڪي به سُڪي ۽ سمنڊ ۾ آهي (سڀ کي) اهو ڄاڻي ٿو ۽ ڪو به پَنُ نه ٿو ڪِري مگر ان کي اُهو ڄاڻي ٿو ۽ ڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ناهي ۽ نه ڪا آلي ۽ نه ڪا سُڪي شيءِ آهي مگر پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) آهي.
۽ جڏهن تون انهن ماڻهن کي ڏسين جيڪي اسان جي آيتن ۾ (اجايو) بحث ڪن ٿا ته پوءِ تون انهن کان منهن موڙ جيستائين اُهي ڪنهن ٻي ڳالھ ۾ بحث ڪن. اگر شيطان تو کان (اُها ڳالھ) وسارائي ته پوءِ ياد اچڻ بعد ظالمن جي قوم سان گڏجي نه ويھ.
۽ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏي جن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو بنايو آهي ۽ دنياوي زندگي انهن کي دوکي ۾ وڌو آهي ۽ تون (قرآن) جي ذريعي نصيحت ڪندو رھ ته متان ڪو نفس پنهنجي ڪيل گناھ سبب (عذاب ۾) پوي. الله کان سواءِ ان جو نه ڪو مددگار هوندو نه سفارشي ۽ جي (پنهنجي گناهن عيوض) هر شيءِ ڏيندو ته ان کان اها نه ورتي ويندي. اِهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڪئي سبب هلاڪت ۾ پيا. انهن لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي جو پيتو آهي ۽ دردناڪ عذاب آهي ان ڪري جو ڪفر ڪندا هئا.
چؤ ته ڇا الله کان سواءِ اهڙين شين جي عبادت ڪيون جيڪي نه اسان کي نفعو ڏئي سگهن ۽ نه نقصان ڏئي سگهن؟ ۽ اسان پنهنجي کُڙين تي الٽي پير ڦرون! ان کان پوءِ جو الله اسان کي هدايت ڏني، ان ماڻهو وانگر جنهن کي زمين ۾ شيطانن واٽ ڀُلائي حيران ڪري ڇڏيو هجي جنهن جا ساٿي ان کي سڌي واٽ ڏانهن سڏن ٿا ته اسان ڏي اچ. چؤ ته بيشڪ الله جي هدايت ئي (حقيقي) هدايت آهي. ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ جهانن جي پالڻهار جي فرمانبرداري ڪيون.
۽ ان سان سندس قوم تڪرار ڪيو. چيائين: ”ڇا اوهان مون سان الله جي باري ۾ تڪرار ڪيو ٿا؟ حالانڪه ان مون کي هدايت بخشي آهي ۽ آءٌ انهن کان نه ٿو ڊڄان جن کي ساڻس شريڪ ڪيو ٿا سواءِ ان جي جا شيءِ منهنجو پالڻهار چاهي. منهنجي پالڻهار هر شيءِ کي (پنهنجي) علم سان گهيري رکيو آهي. پوءِ توهان ڇو نه ٿا نصيحت حاصل ڪيو.
۽ اسان ان (ابراهيم) کي اسحاق ۽ يعقوب (پُٽ ۽ پوٽو) ڏنوسين. اسان انهن سڀني کي هدايت ڏني ۽ اسان ان کان اڳ نوح کي هدايت ڏني ۽ ان جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي (هدايت ڏني سين) ۽ اهڙي طرح اسان نيڪوڪارن کي بدلو ڏيون ٿا.
اِهي (انبياءِ ڪرام) اُهي آهن جن کي الله هدايت ڪئي آهي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر. چؤ ته آءٌ اوهان کان ان (قرآن سيکارڻ) تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. ناهي اهو (قرآن) مگر جهانن وارن لاءِ نصيحت آهي.
۽ (يهودين) الله جو اهڙو قدر ڪونه ڪيو جهڙو ان جي قدر ڪرڻ جو حق هيو جڏهن انهن چيو ته: ”الله ڪنهن انسان تي ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي“. چؤ ته: اُهو ڪتاب ڪنهن لاٿو هيو؟ جيڪو موسيٰ کڻي آيو جيڪو ماڻهن لاءِ روشني ۽ هدايت هيو. توهان ان جا جدا جدا ورق ڪيا آهن توهان ان مان (ڪجھ) ظاهر ڪيو ٿا ۽ گهڻن کي لڪايو ٿا. ۽ اوهان کي اهو سيکاريو ويو جيڪو نه اوهان ڄاڻندا هئا نه اوهان جا ابا ڏاڏا ڄاڻندا هئا. چؤ ”الله“ (ئي نازل ڪيو) پوءِ انهن کي ڇڏي ڏي پنهنجي اجائِي بحث بازي ۾ کيڏندا رهن.
۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن آسمان مان پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان (مينهن) سان هر قسم جا سلا ڄمايا. پوءِ اسان ان جي ذريعي ساوڪ ڄمائي ان مان هڪ ٻئي مٿان تھ به تھ داڻا ڪڍون ٿا. ۽ کجين جي ڳڀ مان لڙڪندڙ ڇُڳن جا ڇڳا ۽ انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهن جا باغ (ڄمايون ٿا. جن جا ميوا) هڪ ٻئي جهڙا به آهن ته (ذائقي ۽ تاثير ۾) جدا آهن. انهن جي ڦَرجڻ ۽ پچڻ ڏانهن نهاريو. بيشڪ ان ۾ ايمان واري قوم لاءِ نشانيون آهن.
۽ (ڪافرن) جِنن کي الله جو شريڪ بنايو حالانڪه انهن کي ان (الله) پيدا ڪيو آهي ۽ انهن الله لاءِ بغير علم (سمجھ) جي پُٽ ۽ ڌيئون ٺاهيون. اُهو پاڪ ۽ مٿاهون آهي ان کان جيڪي بيان ڪن ٿا.
آسمانن ۽ زمين جو ايجاد ڪندڙ آهي. ڀلا ان جو اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ حالانڪه ان جي ڪا زال (ئي) نه آهي ۽ ان هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي ۽ اُهو هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.
۽ (اي مسلمانو) اوهان انهن کي گاريون نه ڏيو جن جي اُهي الله کان سواءِ پوڄا ڪن ٿا پوءِ اُهي دشمني ۽ جهالت جي سبب الله جي (شان ۾) ناشائسته لفظ ڳالهائيندا. اهڙي طرح اسان هر جماعت لاءِ سندن عمل سينگاريو آهي پوءِ سندن پالڻهار ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي پوءِ اهو کين خبر ڏيندو جيڪي عمل ڪندا هئا.
۽ اسان اهڙي طرح انهن جي دلين ۽ انهن جي نگاهن کي ڦيريون ٿا جهڙي طرح انهن پهرئين ڀيري ان (قرآن) کي نه مڃيو هيو ۽ اسان انهن کي ڇڏيون ٿا ته پنهنجي سرڪشي ۾ ئي ڀٽڪندا رهن.