وَ لَوْ اَنَّنَا نَزَّلْنَاۤ اِلَیْهِمُ الْمَلٰٓىِٕكَةَ وَ كَلَّمَهُمُ الْمَوْتٰى وَ حَشَرْنَا عَلَیْهِمْ كُلَّ شَیْءٍ قُبُلًا مَّا كَانُوْا لِیُؤْمِنُوْۤا اِلَّاۤ اَنْ یَّشَآءَ اللّٰهُ وَ لٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ یَجْهَلُوْنَ۱۱۱
۽ جيڪڏهن اسان انهن ڏانهن ملائڪ به لاهيون ها ۽ انهن سان مُردا به ڪلام ڪن ها ۽ اسان انهن وٽ هر شيءِ انهن جي سامهون اٿاريون ها ته به اُهي ايمان نه آڻن ها سواءِ ان جي جو الله چاهي ۽ پر انهن مان گهڻا جهالت ڪن ٿا.