قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 9 with translation
Juz 9 starts at Surah Al-A'raf ayah 88 and ends at Surah 8 ayah 40. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
سندس قوم جي سردارن مان جن وڏائي ڪئي چيائون: ”اي شعيب! اسان توکي ۽ جن تو سان گڏ ايمان آندو آهي تن کي ضرور پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍنداسين يا ته اوهان کي اسان جي دين ڏانهن موٽڻو پوندو“. (شعيب) چيو ته: ”توڙي جو اسان (اوهان جي دين کي) ناپسند ڪندڙ هجون.
بيشڪ اسان الله تي ڪوڙو بهتان گھڙيو جي اسان اوهان جي مذهب ۾ موٽون ان ڳالھ کان پوءِ جو الله اسان کي ان کان بچايو آهي. ۽ اسان لاءِ ممڪن نه آهي جو ان ۾ موٽون سواءِ هن جي جو الله چاهي جيڪو اسان جو پالڻهار آهي. اسان جي پالڻهار پنهنجي علم سان هر شيءِ کي گهيري رکيو آهي. اسان الله تي ڀروسو ڪيو. اي اسان جا پالڻهار! تون اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق وارو فيصلو ڪر ۽ تون ئي سڀ کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهين“.
وري اسان (انهن جي) بدحالي کي مَٽائي ان جي جاءِ تي خوشحالي ڏني تانجو اهي گھڻا ٿيا ۽ چيائون: ”اسان جي ابن ڏاڏن کي به اهڙي طرح رنج ۽ راحت پهچندي رهي آهي“ (ڇا جو عذاب؟ اها ته زماني جي گردش آهي!) پوءِ اسان اچانڪ انهن جي پڪڙ ڪئي ۽ انهن کي خبر به نه هئي.
ڇا (هن ڳالھ) انهن ماڻهن کي هدايت نه ڏني؟ جيڪي زمين جا وارث ٿيا آهن (اتان جي اصل) رهواسين (جي هلاڪت) کان پوءِ جو جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهن جي گناهن سبب انهن کي (به) سزا ڏيون ۽ انهن جي دلين تي مُــهرون هڻون پوءِ اُهي ٻُڌي به نه سگهن.
اهي بستيون آهن جن جون خبرون اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون ۽ بيشڪ انهن وٽ انهن جا رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا. پوءِ به جنهن ڳالھ کي انهن اڳ (هڪ ڀيرو) ڪوڙو چيو هيو تنهن تي اُهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اهڙي طرح الله ڪافرن جي دلين تي مهر هڻي ٿو.
پوءِ اسان انهن کان پوءِ موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردار جماعت ڏانهن موڪليو پوءِ انهن به ان (نشانين) سان ظلم ڪيو. پوءِ ڏس ته فسادين جو انجام ڇا ٿيو؟
مون لاءِ اهو ئي شايان شان آهي جو الله جي باري ۾ حق ڳالھ کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه چوان. بيشڪ آءٌ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان چِٽي نشاني سان آيو آهيان. سو تون بني اسرائيل کي مون سان گڏ وڃڻ ڏي“.
تون رڳو هن ڪري اسان کان انتقام ٿو وٺين جو اسان پنهنجي پالڻهار جي نشانين تي ايمان آندو آهي جڏهن اسان وٽ آيون آهن. اي اسان جا پالڻهار! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار“.
موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته: ”توهان الله کان مدد وٺو ۽ صبر ڪيو. بيشڪ ڌرتي الله جي آهي اُهو پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهي ٿو ان جو وارث بنائي ٿو ۽ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي“.
چيائون: ”(اي موسيٰ!) اسان کي تنهنجي اچڻ کان اڳ به اذيتون ڏنيون ويون ۽ تنهنجي اچڻ کان پوءِ به“. فرمايائين: ”(پڪ سان) قريب آهي جو اوهان جو پالڻهار اوهان جي دشمن کي هلاڪ ڪري ۽ انهن جي جاءِ تي توهان کي زمين ۾ جانشين ڪري ۽ پوءِ ڏسي ته (زمين جا مالڪ ٿيڻ بعد) توهان ڪهڙي طرح عمل ڪيو ٿا“.
پوءِ جڏهن انهن کي خوشحالي آئي ته چيائون: ”اها اسان لاءِ هجڻ گهرجي“ ۽ جي انهن کي بدحالي پهتي ته موسيٰ ۽ جيڪي ان سان گڏ آهن انهن ڏانهن نڀاڳ جي نسبت ڪرڻ لڳا. خبردار! انهن (فرعونين) جو نڀاڳ الله وٽ ثابت آهي ۽ پر انهن مان گھڻا نه ٿا ڄاڻن.
۽ جڏهن به انهن تي عذاب واقع ٿيو ته چوڻ لڳا: ”اي موسيٰ! اسان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان ان معاهدي جي بنياد تي دعا گهر جيڪو تو وٽ آهي. جيڪڏهن تو اسان تان عذاب ٽارايو ته اسان ضرور تو تي ايمان آڻينداسين ۽ بني اسرائيل کي ضرور تو سان گڏ موڪلينداسين“.
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون وارن کان نجات ڏني جيڪي اوهان کي ڏاڍو برو عذاب ڏيندا هئا، جو اوهان جي پُٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار پاران اوهان جي تمام وڏي آزمائش هئي.
۽ اسان ان جي لاءِ (تورات جي) تختين مٿان هر شيءِ بابت نصيحت ۽ هر شيءِ جو تفصيل لکي ڏنو. پوءِ (چيوسين اي موسيٰ!) ”ان کي مضبوطي سان وٺ ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُهي ان جي سهڻين ڳالهين کي اختيار ڪن. جلد آءٌ اوهان کي بدڪارن جو گهر ڏيکاريندس.
سگھوئي آءٌ پنهنجي آيتن کان انهن ماڻهن کي پاسائتو رکندس جيڪي ڌرتي ۾ ناحق وڏائي ڪن ٿا. ۽ جي سڀ آيتون ڏسن ته به ان تي ايمان نه آڻيندا ۽ جي هدايت وارو رستو ڏسن ته ان کي (پنهنجو) رستو نه بنائيندا ۽ جيڪڏهن گمراهي جي واٽ ڏسندا ته ان کي پنهنجي راھ بنائي وٺندا. اهو هن لاءِ جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ ان کان غافل هيا.
۽ موسيٰ جِي قوم سندس (طُور تي وڃڻ) بعد پنهنجي زيورن مان گابي جو بوتو بنايو جنهن ۾ رنڀڻ (جو آواز) هيو. ڇا نه ڏٺائون ته اُهو نه انهن سان ڳالهائي ٿو ۽ نه انهن کي رستو ڏيکاري ٿو. (پوءِ به) ان کي (معبود بنائي) ورتائون ۽ اُهي ظالم هئا.
چؤ: ”اي انسانو! بيشڪ آءُ اوهان سڀني ڏانهن ان الله جو رسول آهيان جنهن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي، اهو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ الله تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول تي (ايمان آڻيو) جيڪو امي (لقب وارو) نبي آهي جيڪو الله تي ۽ ان جي احڪامن تي ايمان رکي ٿو ۽ اوهان ان جي پيروي ڪيو ته توهان هدايت وارا ٿيو.
۽ انهن کان ان ڳوٺ جي باري ۾ پڇ جيڪو سمنڊ جي ڪناري واقع هيو. جڏهن ڇنڇر جي ڏينهن جي باري ۾ حد کان وڌڻ لڳا جڏهن انهن جون مڇيون ڇنڇر ڏينهن انهن اڳيان (پاڻيءَ جي سطح تي) ظاهر ٿي اينديون هيون ۽ (جڏهن) ڇنڇر جو ڏينهن نه هوندو هيو ته (سطح تي) نه اينديون هيون..اهڙي طرح.. اسان انهن کي آزمايو پئي ان ڪري جو اهي نا فرماني ڪندا هئا.
۽ جنهن وقت انهن مان هڪ جماعت چيو ته: ”ان قوم کي ڇو ٿا نصيحت ڪيو؟ جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو آهي يا انهن کي سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي“ ته چيائون: ”اوهان جي پالڻهار جي حضور معذرت پيش ڪرڻ لاءِ ۽ هن لاءِ ته من اُهي پرهيزگار بنجي وڃن“.
پوءِ انهن کان بعد (نا اهل ماڻهو) انهن جي جاءِ تي آيا جي ڪتاب جا وارث ٿي ڪري به هن خسيس دنيا جو سامان (بطور رشوت) وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته: جلد اسان جي بخشش ڪئي ويندي. (ٻيهر ائين نه ڪنداسين) حالانڪه انهن وٽ جي اهڙو مال (ٻيو به) اچي ته ان کي به وٺندا. ڇا انهن کان ڪتاب ۾ هي عهد نه ورتو ويو هيو ته اُهي الله تي حق کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه چوندا ۽ انهن خود پڙهيو به آهي جو ڪجھ ان (ڪتاب) ۾ آهي. ۽ آخرت جو گهر انهن لاءِ ڀلو آهي جيڪي پرهيزگار آهن ڇا پوءِ نه ٿا سمجهو.
۽ انهن کي ان ماڻهو جو قصو به پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون آيتون ڏنيون پوءِ انهن کان (بلڪل) نڪري ويو. پوءِ شيطان ان جي پويان لڳو پوءِ گمراهن مان ٿي ويو.
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن (آيتن) جي ذريعي ان کي بلند ڪيون ها ۽ پر اهو زمين ڏانهن (پستين ۾) ڪِري پيو ۽ پنهنجي خواهشن پٺيان لڳو. پوءِ ان جو مثال ان ڪتي وانگر آهي، جيڪڏهن ان تي سختي ڪرين ته سهڪندو يا جي ان کي ڇڏي ڏين ته به سهڪندو. اهو اهڙي قوم جو مثال آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو. پوءِ تون قصا بيان ڪر من اهي فڪر ڪن.
۽ تحقيق اسان جِنن ۽ انسانن مان گهڻن کي جهنم لاءِ پيدا ڪيو آهي انهن کي دليون آهن پر انهن سان سمجهن نه ٿا ۽ انهن کي اکيون آهن پر انهن سان ڏسن نه ٿا ۽ انهن کي ڪن آهن پر انهن سان ٻڌن نه ٿا. اهي جانورن وانگر آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ گمراھ آهن. اهي ئي غافل آهن.
تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته ان جو اچڻ ڪڏهن ٿيندو؟ چؤ: ”ان جو علم صرف منهنجي پروردگار وٽ آهي. ان جي مقرر وقت کي ان کان سواءِ ٻيو ڪو پڌرو ڪونه ڪندو. اُها آسمانن ۽ زمين تي ڳري آهي. اُها اوهان تي نه ايندي مگر اوچتو“. اُهي توکان ائين پڇن ٿا ڄڻڪ تون ان جِي تحقيق ڪري چڪو آهين. چؤ ته: ”ان جو علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن“.
چؤ ته: ”آءٌ پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن به نفعي ۽ نقصان جو مالڪ نه آهيان سواءِ ان جي جيڪو الله چاهي. ۽ جيڪڏهن آءٌ (ازخود) غيب جو علم ڄاڻان ها ته گهڻو خير گڏ ڪيان ها. ۽ مون کي ڪو نقصان نه پهچي ها.. آءُ ته رُڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان ان قوم کي جيڪي ايمان رکن ٿا“.
اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جو جوڙ پيدا ڪيائين جيئن ان مان سڪون حاصل ڪري. پوءِ جڏهن مردَ ان (زال) کي ڍڪيو، (يعني مرد زال سان گڏيو) ته هلڪڙي بار سان حمل واري ٿي پئي پوءِ ان سان گُھمندي رهي. پوءِ جڏهن ڳري بار واري ٿي ته ٻنهين پنهنجي پالڻهار الله کي سڏيو ته: ”جيڪڏهن تو اسان کي صحيح سالم ٻار ڏنو ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿينداسين“.
ڇا انهن کي پَير آهن؟ جن سان هلن، ڇا انهن کي هٿ آهن؟ جن سان پڪڙن، ڇا انهن کي اکيون آهن؟ جن سان ڏسن، ڇا انهن کي ڪن آهن؟ جن سان ٻڌن. چؤ ته پنهنجي شريڪن کي سڏيو پوءِ مون تي پنهنجي سازش هلايو پوءِ مون کي مُهلت نه ڏيو.
۽ جڏهن تون انهن وٽ ڪا آيت نه ٿو آڻين ته چون ٿا ”تون پاڻ وٽان ان کي ڇو نه ٿو ٺاهي آڻين“؟ چؤ: ”آءٌ ته صرف ان وحي جي پيروي ڪيان ٿو، جيڪا منهنجي پالڻهار وٽان اچي ٿي. هي (قرآن) اوهان جي پالڻهار پاران قطعي دليل آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان وارا آهن.
(اي نبي) تو کان لُٽ جي مال جي باري ۾ پڇن ٿا؟ چؤ ته: ”لُٽ جي مال جو مالڪ الله ۽ رسول آهي. سو الله کان ڊڄو ۽ هڪ ٻئي ۾ صلح اختيار ڪيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو جي اوهان ايمان وارا آهيو“.
ايمان وارا صرف اُهي آهن جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته انهن جون دليون ڪنبي وڃن ٿيون ۽ جڏهن انهن تي ان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انهن جي ايمان ۾ واڌارو آڻن ٿيون ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکن ٿا.
۽ (ياد ڪر) جڏهن الله اوهان سان (مڪي جي ڪافرن جي) ٻن جماعتن مان هڪ جو وعدو ڪيو ته اها يقيناً اوهان جي هٿ لڳندي ۽ اوهان چاهيو پئي ته بنا هٿيارن واري جماعت توهان کي ملي ۽ الله چاهيو ته پنهنجي ڪلام سان حقَ کي حقُ ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي.
۽ جيڪو ان (مقابلي واري) ڏينهن انهن کي پُٺي ڏئي ڀڄندو، سواءِ ان جي جو ڪا جنگي چال هلندڙ هجي يا (پنهنجي لشڪر) جي ڪنهن ٽولي سان گڏ ٿيندڙ هجي (ته اهو بي ميار آهي، باقي ٻيو جيڪو ائين ڪندو) سو واقعي الله جو ڏمر وِهائي موٽندو ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي ۽ بُري موٽڻ جي جاءِ آهي.
پوءِ اوهان انهن کي قتل نه ڪيو ۽ پر الله انهن کي قتل ڪيو ۽ (اي نبي!) تو (پٿرين جي مُٺ) نه اڇلائي جنهن وقت تو اڇلائي ۽ پر الله اڇلائي ۽ هن لاءِ ته اُهو (الله) مؤمنن کي چڱي طرح سان آزمائي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
اي ايمان وارؤ! الله ۽ رسول جو چيو مڃو جڏهن رسول اوهان کي ان ڪم ڏي سڏي جنهن ۾ اوهان جي زندگي آهي ۽ ڄاڻو ته الله ماڻهو ۽ ان جي دل جي وچ ۾ حائل هجي ٿو ۽ هي ته بلاشڪ توهان ان ڏانهن گڏ ڪيا ويندا.
۽ ان عذاب کان ڊڄو جيڪو رڳو خاص انهن کي نه پهچندو جن اوهان مان ظلم ڪيو (مگر طاقت هوندي ظلم کان نه روڪڻ وارن کي به پهچندو) ۽ ڄاڻو بلاشڪ الله سخت سزا ڏيندڙ آهي.
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهان الله کان ڊڄندا رهندؤ ته اهو اوهان لاءِ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪندو ۽ اوهان کان اوهان جا گناھ ميٽائي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو ۽ الله زبردست فضل (فرمائڻ) وارو آهي.
۽ ياد ڪر جڏهن ڪافرن تنهنجي خلاف خفيه سازش پئي ڪئي هن لاءِ ته تو کي قيد ڪن يا تو کي قتل ڪن يا تو کي (وطن کان) ڪڍن. ۽ اهي خفيه سازشون ڪري رهيا هئا ۽ الله خفيه تدبير ڪري رهيو هيو. ۽ الله سڀ کان بهتر خفيه تدبير ڪرڻ وارو آهي.
۽ جڏهن انهن تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان ٻڌوسين جي اسان چاهيون ته اسان به ان (ڪلام) وانگر چئي سگهون ٿا. هي ته رڳو اڳين جون آکاڻيون ئي آهن“.
۽ (هاڻي تنهنجي مڪو ڇڏي وڃڻ بعد) الله انهن کي ڇو نه عذاب ڏئي جو اُهي مسجد الحرام کان روڪن ٿا حالانڪه اُهي ان جا ولي (سنڀالڻ وارا) به نه آهن. ان جا وليءَ ڪير ناهن سواءِ پرهيزگارن جي ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.
هن لاءِ ته الله ناپاڪ کي پاڪ کان جدا ڪري ۽ ناپاڪن کي هڪ ٻئي سان ملائي پوءِ انهن سڀني کي گڏ ڍير بنائي پوءِ ان (ڍير) کي جهنم حوالي ڪري. اهي ئي خساري وارا آهن.