وَ اعْلَمُوْۤا اَنَّمَا غَنِمْتُمْ مِّنْ شَیْءٍ فَاَنَّ لِلّٰهِ خُمُسَهٗ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِی الْقُرْبٰى وَ الْیَتٰمٰى وَ الْمَسٰكِیْنِ وَ ابْنِ السَّبِیْلِ١ۙ اِنْ كُنْتُمْ اٰمَنْتُمْ بِاللّٰهِ وَ مَاۤ اَنْزَلْنَا عَلٰى عَبْدِنَا یَوْمَ الْفُرْقَانِ یَوْمَ الْتَقَى الْجَمْعٰنِ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۴۱
۽ ڄاڻو ته غنيمت ۾ توهان جا به شيءِ حاصل ڪئي ته پوءِ ان جي پنجين پتي الله ۽ رسول لاءِ آهي ۽ (رسول جي) رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي به جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي فيصلي واري ڏينهن لاٿو جنهن ڏينهن (ميدانِ بدر ۾) ٻه لشڪر آمهون سامهون هئا. ۽ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.