یَعْتَذِرُوْنَ اِلَیْكُمْ اِذَا رَجَعْتُمْ اِلَیْهِمْ١ؕ قُلْ لَّا تَعْتَذِرُوْا لَنْ نُّؤْمِنَ لَكُمْ قَدْ نَبَّاَنَا اللّٰهُ مِنْ اَخْبَارِكُمْ١ؕ وَ سَیَرَى اللّٰهُ عَمَلَكُمْ وَ رَسُوْلُهٗ ثُمَّ تُرَدُّوْنَ اِلٰى عٰلِمِ الْغَیْبِ وَ الشَّهَادَةِ فَیُنَبِّئُكُمْ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۹۴
اوهان جي سامهون بهانا ڪندا جڏهن اوهان انهن ڏانهن موٽندؤ. چؤ ته: ”بهانا نه بنايو اسان اوهان کي ڪڏهن به سچو نه سمجهنداسين بيشڪ الله اسان کي اوهان جي ڪن ڳالهين جي خبر ڏني آهي. ۽ الله ۽ ان جو رسول جلد اوهان جا عمل ڏسندا پوءِ اوهان ڳجھ ۽ ظاهر ڄاڻڻ واري (الله) جي حضور موٽايا ويندؤ، پوءِ اوهان کي خبر ڏيندو جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا“.