قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 12 with translation
Juz 12 starts at Surah Hud ayah 6 and ends at Surah 12 ayah 52. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهدار ناهي مگر ان جو رزق الله تي آهي ۽ سندس رهڻ جي جاءِ کي ڄاڻي ٿو ۽ سندس امانت رکجڻ واري جاءِ کي (به ڄاڻي ٿو.) سڀ ڪجھ پڌري ڪتاب ۾ آهي.
پوءِ متان تون ان جي ڪجھ حصي کي (بيان ڪرڻ) ڇڏڻ وارو هجين جا تو ڏي وحي ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کان تنهنجو سينو تنگ ٿيندڙ هجي، انهن (ڪافرن) جي هن چوڻ تي ته: ”مٿس خزانو ڇو نه لاٿو ويو؟ يا ساڻس گڏ ڪو ملائڪ ڇونه آيو“؟ تون ته صرف ڊيڄاريندڙ آهين. ۽ الله هر شيءِ مٿان نگهبان آهي.
پوءِ اگر اهي (ڪوڙا معبود) اوهان جي مدد لاءِ نه پهچن ته پوءِ يقين ڄاڻو ته هي قرآن الله جي علم سان لاٿو ويو آهي ۽ هي ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. ڇا پوءِ اوهان فرمانبردار آهيو“؟
ڇا پوءِ اُهو ماڻهو جيڪو پنهنجي پالڻهار پاران چِٽي دليل تي هيو؟ ۽ ان تي الله جي پاران هڪ شاهد (قرآن به) اچي ويو ۽ ان کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب (به شاهد آهي) جيڪو پيشوا ۽ رحمت آهي. ڇا (اهو ٻين جي برابر ٿي سگهي ٿو) ؟ اِهڙا ماڻهو ته ان (قرآن) تي ايمان آڻن ٿا. ۽ (انسانن جي) سڀني ٽولن مان جيڪو به ان (قرآن) سان ڪفر ڪندو ته پوءِ ان جي وعدي جي جاءِ جهنم آهي. پوءِ تون ان بابت ڪنهن شڪ ۾ نه رھ. بيشڪ اهو تنهنجو پالڻهار پاران حق آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا مڃن.
(نوح چيو) ”اي منهنجي قوم! ٻڌايو ته سهي اگر آءٌ پنهنجي پالڻهار پاران روشن دليل تي هجان ۽ ان مون کي پاڻ وٽان رحمت به ڏني هجي پوءِ اُها اوهان تي پوشيده ڪئي وئي هجي. ته ڇا اوهان تي اها زبردستي مڙهي سگهون ٿا حالانڪه اوهان ان کي نا پسند ڪندڙ هجو.
۽ اي منهنجي قوم! آءٌ هن (تبليغ) تي توهان کان مال نه ٿو گهران. منهنجي مزدوري ڪنهن تي ڪونهي سواءِ الله جي ۽ آءٌ ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان. بيشڪ اُهي پنهنجي پالڻهار سان ملڻ وارا آهن ۽ پر آءٌ ته اوهان کي جاهل قوم سمجھان ٿو.
۽ آءٌ اوهان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه آءٌ (ازخود) غيب ڄاڻندڙ آهيان ۽ نه ٿو چوان ته آءٌ ڪو ملائڪ آهيان ۽ جن کي اوهان جون اکيون حقير ڏسن ٿيون تن لاءِ نه ٿو چوان ته الله انهن کي ڪا ڀلائي نه ڏيندو. الله زور ڄاڻندڙ آهي جيڪي انهن جي دلين ۾ آهي (اگر ائين چوان ته) ان وقت بيشڪ آءٌ بي انصافن مان ٿي پوندس“.
۽ اوهان کي منهنجي نصيحت نفعو نه ڏيندي اگر آءٌ اوهان کي نصيحت ڪرڻ چاهيان جي الله اوهان کي گمراھ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هجي. اُهو اوهان جو پالڻهار آهي، ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ“.
ايستائين جو جڏهن اسان جو امر آيو ۽ تنورَ (چشمي وانگر) ٻُنڀُ ڏنو اسان چيو: ”(اي نوح) ان ۾ هر جانور جا جوڙا ٻه ٻه (نر ۽ مادي) کڻ ۽ پنهنجي گهر وارن کي (به کڻ) سواءِ ان جي جنهن تي (هلاڪت جو) فرمان ٿي چڪو آهي ۽ جن به ايمان آندو آهي (تن کي به کڻ.) “ ۽ ان سان گڏ نه ايمان آندو هيو، سواءِ ڪن ٿورڙن جي.
چيائين: ”آءُ هاڻي ئي ڪنهن جبل جي وڃي پناھ ٿو وٺان جيڪو مون کي پاڻي کان بچائيندو“. (نوح) چيو ته: ”اڄ الله جي عذاب کان بچائڻ وارو ڪوبه نه آهي سواءِ ان جي جنهن تي پاڻ رحم ڪري. ۽ ايتري ۾ ٻنهين جي وچ ۾ لهر اچي وئي ۽ اُهو ٻڏڻ وارن مان ٿي ويو“.
فرمايائين: ”اي نوح! اهو تنهنجي گهراڻي مان نه آهي، بلاشڪ ان جا عمل ناشائسته آهن. پوءِ مون کان اهو نه گھر جنهن جي تو وٽ ڄاڻ نه آهي. بيشڪ آءٌ تو کي نصيحت ڪيان ٿو متان تون نادانن مان ٿين“.
نوح چيو: ”اي منهنجا مالڪ! بيشڪ آءٌ تو کان پناھ گهران ٿو جو تو کان اُها (شيءِ) گھران جنهن جو مون کي علم نه آهي. ۽ جيڪڏهن تون مون کي معاف نه ڪندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءٌ نقصان وارن منجھان ٿي پوندس“.
چيو ويو: ”اي نوح! (ٻيڙي مان) لهي وڃ اسان جي طرفان سلامتي ۽ برڪتن سان جيڪي تو تي آهن ۽ انهن جماعتن تي آهن جيڪي تو سان گڏ آهن. ۽ ڪي جماعتون اهڙيون ٿينديون جن کي اسان آسودو ڪنداسين پوءِ انهن کي اسان جي طرفان دردناڪ عذاب پهچندو.
پوءِ جي اوهان مُنهن ڦيريندئو (ته ڀلي ڦيريو) پوءِ بيشڪ مون اوهان کي اُهو پيغام پهچائي ڇڏيو آهي جنهن سان مون کي اوهان ڏانهن موڪليو ويو هيو. ۽ منهنجو پالڻهار اوهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي قوم کي جانشين بنائي ڇڏيندو، ۽ اوهان ان کي ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه سگهندؤ. بيشڪ منهنجو پالڻهار هر شيءِ تي نگهبان آهي“.
۽ هن دنيا ۾ انهن پٺيان لعنت لڳائي وئي ۽ قيامت جي ڏينهن (به لعنتي هوندا.) خبردار! بيشڪ (قومِ) عاد پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو. خبردار! هود جي قوم عاد لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.
۽ ثمود ڏانهن سندن (قومي) ڀاءُ صالح کي (موڪليوسين). ان چيو: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود ناهي. ان اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ ان ۾ اوهان کي آباد ڪيائين پوءِ ان کان بخشش گهرو پوءِ ان ڏانهن رجوع ڪيو. بيشڪ منهنجو پالڻهار تمام ويجهو، دعائون قبول ڪندڙ آهي“.
۽ اي منهنجي قوم! هي الله جي ڏاچي آهي جيڪا اوهان لاءِ نشاني آهي. پوءِ ان کي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين ۾ کائيندي رهي ۽ ان کي بُري ارادي سان هٿ به نه لايو نه ته اوهان کي جلدي عذاب پڪڙيندو“.
پوءِ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) آيو ته اسان صالح کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو هيو تن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ ان ڏينهن جي خواري کان به (بچايوسين.) بيشڪ تنهنجو پالڻهار طاقتور غالب آهي.
(فرشتن) چيو: ”ڇا تون الله جي حڪم تي عجب ٿي ڪرين؟ اي (ابراهيم جي) گهر وارؤ! اوهان تي الله جي رحمت ۽ ان جون برڪتون آهن. بيشڪ اُهو ساراهيل وڏي شان وارو آهي“.
چيائين: ”اي منهنجي قوم! مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار وٽان چِٽي دليل تي هجان ۽ ان مون کي پاڻ وٽان سهڻو رزق به ڏنو هجي. (ته آءٌ ان جو حڪم ڪيئن نه مڃان) ۽ آءٌ نه ٿو چاهيان ته اوهان جي مخالفت ڪري پاڻ اُهو ڪم ڪيان جنهن کان اوهان کي منع ڪيان ٿو. منهنجو ٻيو ڪو ارادو نه آهي سواءِ سُڌاري جي جيتريقدر مون کان ٿي سگھيو. ۽ الله کان سواءِ مون کي ڪا توفيق نه آهي. مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ ان جي طرف موٽان ٿو.
۽ اي منهنجي قوم! ائين نه ٿئي جو منهنجي مخالفت اوهان کي اهي (عذاب) پهچائي جيڪي قومِ نوح يا قومِ هود يا قومِ صالح کي پهتا هئا. ۽ لوط جي قوم ته توهان کان پري ناهي.
چيائون: ”اي شعيب! گهڻيون ڳالهيون اسان کي سمجھ ۾ نه ٿيون اچن جيڪي تون چوين ٿو ۽ بيشڪ اسان تو کي پاڻ ۾ ڪمزور ڏسون ٿا، ۽ جي تنهنجو قبيلو نه هجي ها ته اسان تو کي سنگسار ڪيون ها ۽ تون اسان جي مٿان وڏي حيثيت وارو نه آهين“.
۽ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) آيو ته اسان شعيب کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو هيو تن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن کي خوفناڪ آواز پڪڙيو پوءِ انهن صبح ان حال ۾ ڪيو جو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل هئا.
۽ اسان انهن سان ظلم نه ڪيو ۽ پر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيائون پوءِ انهن کي ڪجھ نه بچائي سگهيا انهن جا اُهي معبود جن کي الله کان سواءِ سڏيندا هئا. جنهن وقت تنهنجي پروردگار جو حڪمِ (عذاب) پهتو. ۽ هلاڪت کان سواءِ انهن جي لاءِ انهن (معبودن) ڪجھ نه وڌايو.
۽ پر جيڪي بختاور ڪيا ويا سي جنت ۾ هوندا. اُهي ان ۾ هميشه رهندا جيستائين (ان وقت وارا) آسمان ۽ زمين قائم رهندا سواءِ ان جي جيڪي تنهنجو پروردگار چاهي. اُهو بي انتها انعام آهي.
۽ انهن ماڻهن ڏانهن نه جهڪو جن ظلم ڪيو ورنه اوهان کي به جهنم جي باھ ڇُهندي ۽ اوهان لاءِ الله کان سواءِ ڪي مددگار نه هوندا پوءِ اوهان جي مدد نه ڪئي ويندي.
سواءِ ان جي جنهن تي تنهنجو پالڻهار رحم ڪري. ۽ ان لاءِ ئي ته انهن کي پيدا ڪيائين. ۽ تنهنجي پالڻهار جو فرمان پورو ٿيو ته: ”آءُ ضرور جهنم کي جِنن ۽ انسانن سان ڀريندس“.
۽ نبين جي واقعن مان سڀ قصا تو تي بيان ڪيون ٿا هن لاءِ ته ان سان تنهنجي دل کي پختو ڪيون. ۽ هن (سورت) ۾ به تو وٽ حق آيو آهي ۽ نصيحت ۽ يادگيرو آهي ايمان وارن لاءِ.
۽ آسمانن ۽ زمين جو غيب الله وٽ آهي ۽ ان ڏانهن هر معاملو موٽايو وڃي ٿو پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ ان تي ڀروسو رک. ۽ تنهنجو پالڻهار بي خبر نه آهي جيڪي اوهين عمل ڪيو ٿا.
۽ اهڙي طرح (ٿيندو جيئن تو خواب ڏٺو آهي) تنهنجو پالڻهار توکي چونڊيندو ۽ توکي ڳالهين جو مطلب (يعني خوابن جي تعبير جو علم) سيکاريندو ۽ تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت پوري ڪندو جيئن هن کان اڳ تنهنجي ٻنهين پيئرن (يعني ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي) ابراهيم ۽ اسحاق تي ان کي پورو ڪيو هئائين. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي“.
پوءِ جڏهن کيس وٺي ويا ۽ متفق ٿيا ته ان کي اونداهي کوھ جي تري ۾ اڇلائن. ۽ اسان ان ڏانهن وحي ڪئي ته (هڪ وقت ايندو جو) تون انهن کي سندن هن ڪم جي خبر ڏيندين ۽ اُهي ان (ڪم جي نتيجن) کي نه ٿا ڄاڻن“.
۽ مصر مان جنهن ان کي خريد ڪيو هيو تنهن پنهنجي زال کي چيو: ”هن کي عزت ۽ احترام سان رهاءِ مَن اسان کي نفعو ڏئي يا اسان کيس پٽيلو بنايون“. ۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي سر زمينِ (مصر) ۾ مضبوطي سان رهايو. هن لاءِ ته اسان کيس ڳالهين جي حقيقت (خوابن جي تعبير جو علم) سيکاريون. ۽ الله پنهنجي ڪم تي غالب آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.
۽ بيشڪ عورت سندس (يعني يوسف) جو ارادو ڪيو ۽ اهو به ان جو ارادو ڪري ها جي پنهنجي رب جو دليل نه ڏسي ها. اهڙي طرح (دليل ڏيکاريوسين ته) جيئن ان کان برائي ۽ بي حيائي کي پري ڪيون. بيشڪ اُهو اسان جي چونڊيل ٻانهن مان هيو.
چيائين: ”جيڪو کاڌو اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو ان جي توهان وٽ اچڻ کان اڳ ئي اوهان کي ان جو تعبير ٻڌائيندس. اهو (تعبير) ان علمن مان آهي جيڪي مون کي منهنجي رب سيکاريا آهن. بيشڪ مون ان قوم جو مذهب ڇڏيو آهي جيڪي الله تي ايمان نه ٿا رکن ۽ اُهي آخرت جا به منڪر آهن.
۽ مون پنهنجي ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي دين جي پيروي ڪئي آهي. اسان کي اهو حق ناهي جو الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪيون. اُهو اسان تي ۽ ماڻهن تي الله جو فضل آهي (جو ان اسان کي پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو بندو نه بنايو آهي) ۽ پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ادا ڪن.
ان (الله) کي ڇڏي اوهان جن جي بندگي ڪيو ٿا سي رڳو ڪجھ نالا آهن جيڪي خود اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله انهن جي باري ۾ ڪو دليل نه لاٿو آهي. حڪم جو اختيار صرف الله کي آهي. ان حڪم ڪيو آهي ته ڪنهن جي پوڄا نه ڪيو سواءِ ان جي. اهو درست دين آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.
اي منهنجا قيدخاني جا ٻئي ساٿيو! اوهان مان هڪ (جي خواب جو تعبير هي آهي ته) اِهو پنهنجي رب (شاهِ مصر) کي شراب پياريندو. ۽ پر ٻيو (ان جي خواب جو تعبير هي آهي ته) اُهو ڦاهي چاڙهيو ويندو پوءِ پکي ان جي مٿي مان (گوشت) کائيندا. ان ڪم جو فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن جي باري ۾ پڇو ٿا“.
۽ اُهو شخص جيڪو انهن ٻنهين مان ڇٽو هيو ۽ مدت کان پوءِ (يوسف سان ڪيل وعدو) ياد آيس ان چيو ته: ”آءٌ ٿو اوهان کي ان جي تعبير جي خبر ٻڌايان سو (جيل ۾ يوسف سان ملڻ لاءِ) مون کي موڪليو.
پوءِ ان کان بعد ست سال سخت ڏڪار جا ايندا. اُهي اَنُ (اناج) کي کائي ويندا جيڪو اوهان انهن (ستن سالن) لاءِ گڏ ڪري رکيو هوندو سواءِ ٿوري (اناج) جي جنهن کي حفاظت سان بچائي رکندؤ.