قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Read Juz 13 with translation
Juz 13 starts at Surah Yusuf ayah 53 and ends at Surah 15 ayah 1. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
۽ آءٌ پنهنجي نفس جي پاڪيزگي بيان نه ٿو ڪيان، بيشڪ نفس ته برائيءَ تي گھڻو اڀارڻ وارو آهي سواءِ ان جي جو منهنجو پالڻهار رحم فرمائي. بيشڪ منهنجو پالڻهار بخشڻهار ٻاجهارو آهي“.
(يعقوب) چيو: ”ان کي اوهان سان گڏ هرگز نه موڪليندس جيستائين اوهان الله جو قسم کڻي پڪو عهد نه ڏيندؤ، ته کيس مون وٽ ضرور (موٽائي) وٺي ايندؤ. سواءِ هن جي جو اوهان ڪنهن مصيبت ۾ گھيرجي وڃو“. پوءِ جڏهن ان کي پڪو انجام ڏنائون ته چيائين: ”جيڪي اسان چئون ٿا الله ان تي نگهبان آهي“.
۽ چيائين: ”اي منهنجا پٽئو! (شهر ۾) هڪ دروازي مان داخل نه ٿجو ۽ (پر) جدا جدا دروازن مان داخل ٿجو. ۽ آءٌ اوهان تان الله جي ڪا ڳالھ ٽاري نه ٿو سگهان. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو حڪم نه آهي. مون ان مٿان ڀروسو ڪيو ۽ ڀروسو ڪندڙن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي“.
۽ جڏهن (شهر ۾ جدا جدا دروازن مان) داخل ٿيا جيئن کين سندن والد حڪم ڏنو هيو. اها (احتياطي تدبير) انهن تان الله جي ڪنهن ڳالھ کي ٽاري نه ٿي سگهي مگر يعقوب جي دل جي هڪ خواهش هئي جنهن کي ان پورو ڪيو. ۽ بيشڪ اهو (يعقوب) علم وارو هيو ان ڪري جو اسان کيس علم سيکاريو هيو ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.
پوءِ (يوسف) پنهنجي ڀاءُ جي سامان کان اڳ انهن جي سامان جي تلاشي ورتي پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي سامان مان (گم شده پيالو) ڪڍيائين. اهڙي طرح اسان يوسف لاءِ تدبير ڪئي. (ڇو ته) پنهنجي ڀاءُ کي بادشاهِ (مصر) جي قانون مطابق (قيد ۾) وٺي نه ٿي سگهيو مگر هي ته جيڪي الله چاهي. ۽ اسان جنهن جا چاهيون درجا بلند ڪيون ٿا. ۽ هر علم واري مٿان هڪ علم وارو آهي.
چيائون: ”جي هن چوري ڪئي آهي ته بيشڪ هن جو ڀاءُ (يوسف) به ان کان اڳ چوري ڪري چڪو آهي“. پوءِ يوسف ان ڳالھ کي پنهنجي دل ۾ لڪايو ۽ انهن تي ظاهر نه ڪيائين. چيائين: ”اوهان بدتر حال وارا آهيو ۽ جيڪي اوهان بيان ڪيو ٿا الله ان کي چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي“.
چيائون: ”اي عزيز! هن جو پيءُ وڏي عمر وارو بزرگ آهي سو تون ان جي عيوض اسان مان ڪنهن هڪ کي پڪڙ (يعني قيد ڪر). بيشڪ اسان تو کي احسان ڪرڻ وارن مان ڏسون ٿا“.
پوءِ جڏهن اهي (مصر ۾) يوسف وٽ داخل ٿيا چيائون: ”اي عزيز!”اسان کي ۽ اسان جي گهروارن کي (ڏڪر سبب) تڪليف پهتي آهي ۽ اسان هي ٿورڙي رقم آندي آهي پوءِ تون اسان کي (اناج) پوري تور ڏي ۽ اسان تي خيرات به ڪر. بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي بدلو ڏئي ٿو“.
پوءِ جڏهن (سڀ گهراڻي وارا) يوسف وٽ داخل ٿيا ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ (معزز ترين) جاءِ ڏنائين ۽ چيائين ته:”هلو شهر ۾ داخل ٿيو جيڪڏهن الله گهريو ته شهر ۾ امن سان رهندئو“.
اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ تو مون کي بادشاهت ڏني ۽ تو مون کي ڳالهين جي حقيقت (خوابن جي تعبير) سيکاري. اي آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وارا! تون دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڪارساز آهين. مون کي اسلام تي وفات ڏي ۽ مون کي صالحن سان ملاءِ“.
بيشڪ انهن (رسولن) جي قصن ۾ سمجهدارن لاءِ عبرت آهي. (هي قرآن) هٿ جي ٺاهيل ڳالھ نه آهي ۽ پر انهن (ڪتابن) جي تصديق آهي جي ان کان اڳيان آهن ۽ هر شيءِ جو تفصيل آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا.
الله اُهو آهي جنهن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي مٿاهون ڪيو آهي جنهن کي اوهان ڏسو ٿا پوءِ اهو عرش تي قائم ٿيو (يعني پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو) ۽ سج ۽ چنڊ کي نظام جو پابند ڪيائين. هر هڪ مقرر مدت لاءِ گشت ڪري ٿو. اهو الله ئي نظام جي تدبير ڪري ٿو پنهنجون نشانيون کولي کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان پنهنجي رب جي ملاقات جو يقين ڪيو.
انسان لاءِ هڪ ٻئي پٺيان اچڻ وارا (فرشتا) آهن جيڪي ان جي اڳيان ۽ ان جي پٺيان (هجن ٿا) الله جي حڪم سان ان جي نگهباني ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي (بهتر) حالت کي نه ٿو بدلائي جيستائين اُهي پاڻ (نافرماني ڪري) پنهنجي حالت کي نه بدلائي ڇڏن. ۽ جنهن وقت الله ڪنهن قوم سان برائي (يعني عذاب) جو ارادو ڪري ٿو ته ان کي ڪو ٽارڻ وارو ناهي ۽ نه ئي انهن لاءِ الله کان سواءِ مددگار آهي.
۽ گجگوڙ ان جي تعريف سان گڏ ان جي پاڪائي بيان ڪري ٿي ۽ فرشتا به ان جي خوف کان (لرزندي تسبيح ۽ تعريف ڪن ٿا) ۽ اُهو کنوڻيون موڪلي ٿو پوءِ (ڪڏهن) جنهن تي چاهي اُها ان وقت ڪيرائي ٿو جڏهن اُهي الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪندڙ هجن ٿا ۽ اُهو زبردست قوت وارو آهي.
ان کي ئي سڏڻ بر حق آهي. ۽ جيڪي ماڻهو ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏن ٿا اُهي کين ڪجھ به جواب نه ٿا ڏين مگر جيئن ڪو پنهنجا ٻئي هٿ پاڻيءَ ڏانهن ڊگها ڪري ته پاڻي (پاڻهي) ان جي وات تائين پهچي ۽ اُهو (پاڻي) ان تائين پهچڻ وارو نه آهي. ۽ (ان طرح) ڪافرن جو (بتن کي) سڏڻ به گمراهيءَ ۾ ئي آهي.
ان آسمان مان پاڻي لاٿو (يعني مينهن وسايو) پوءِ نَيُون پنهنجي گنجائش آهر وهي هليون پوءِ وهڪري اڀريل گَـــــجِ کي کنيو. ۽ جن شين کي باھ ۾ گرم ڪن ٿا زيور يا ٻيو سامان بنائڻ لاءِ ته ان مان به اهڙي گج نڪري ٿي. اهڙي طرح الله حق ۽ باطل جو مثال ڏئي ٿو. پوءِ گج ته (پاڻيءَ جي هجي يا لوھ جي) بيڪار بنجي وڃي ٿي ۽ پر جيڪي ماڻهن لاءِ نفعي بخش آهي سو زمين ۾ رهجي وڃي ٿو. الله اهڙي طرح مثال بيان ڪري ٿو.
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي رضا طلب ڪندي صبر ڪن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي روزي ڏني آهي ان مان ڳجهي طرح ۽ ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا ۽ نيڪيءَ ذريعي برائي کي دور ڪن ٿا اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت جو گھر آهي.
هميشه رهڻ وارا باغَ آهن جن ۾ اُهي داخل ٿيندا ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي زالن ۽ انهن جي اولاد مان به جيڪي نيڪوڪار هوندا (سي به انهن باغن ۾ داخل ٿيندا) ۽ فرشتا انهن وٽ هر دروازي کان ايندا.
۽ جيڪي ماڻهو الله جي عهد کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ ان (رابطن) کي ٽوڙن ٿا جن جي جوڙڻ جو الله امر ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد مچائن ٿا، ان ماڻهن لاءِ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر آهي.
۽ ڪافر چون ٿا ته: ”هن (رسول ﷺ) تي سندس پالڻهار وٽان ڪا نشاني ڇو نه لٿي آهي“؟ چؤ ته: ”بيشڪ الله جنهن کي چاهي گمراھ ڪري ٿو ۽ جو ان ڏانهن رجوع ڪري ٿو ان کي پاڻ ڏانهن رهنمائي فرمائي ٿو“.
۽ اگر ڪو قرآن اهڙو هجي ها جنهن سان جبلَ هلائجن ها يا زمين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ها يا ان جي ذريعي مُئلن سان ڳالهرائجي ها (ته به اهي نه مڃن ها). بلڪه هر ڪم الله جي اختيار ۾ آهي. ڇا پوءِ به ايمان وارا نه ٿا سمجهن ته جي الله چاهي ها ته سڀ ماڻهن کي هدايت ڪري ها. ۽ هميشه ڪافرن کي سندس ڪرتوتن سبب ڪانه ڪا مصيبت پهچندي رهندي يا انهن جي گهرن جي آس پاس لهندي رهندي جيستائين الله جو وعدو اچي پهچي. بيشڪ الله وعدي خلافي ڪونه ٿو ڪري.
ڇا پوءِ اُهو (پروردگار) جيڪو هر جان تي ان جي عملن جي نگهباني ڪري رهيو آهي (انهن بتن جهڙو آهي؟) ۽ (اهي بت جيڪي) الله لاءِ شريڪ بنايا اٿن چؤ انهن جا نالا ته ٻڌايو! ڇا اوهان الله کي ان شيءِ جي خبر ڏيو ٿا؟ جيڪا زمين ۾ نه ٿو ڄاڻي. يا (بي حقيقت) ظاهري ڳالهين سان (ان جا شريڪ بنايو ٿا). بلڪه ڪافرن لاءِ انهن جو فريب خوشنما بنايو ويو آهي ۽ انهن کي رستي کان روڪيو ويو آهي. ۽ جنهن کي الله گمراھ ڪري ان لاءِ ڪو هدايت ڪرڻ وارو ناهي.
ان جنت جي صفت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي هي آهي جو ان جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. ان جا ميوا ۽ ان جا پاڇولا هميشه رهڻ وارا آهن. اها پڇاڙي آهي انهن جي جن پرهيزگاري ڪئي ۽ ڪافرن جي پڇاڙي باھ آهي.
۽ اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب (تورات) ڏنو آهي سي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ان تي خوش ٿين ٿا ۽ مختلف گروهن مان ڪجھ ماڻهو آهن جيڪي ان جي ڪجھ حصي جو انڪار ڪن ٿا. چؤ ته: ”مون کي ته صرف اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ الله جي عبادت ڪيان ۽ ان سان شرڪ نه ڪيان. ان ڏانهن سڏيان ٿو ۽ ان ڏانهن ئي منهنجو موٽڻ آهي“.
۽ اهڙي طرح اسان ان (قرآن) کي حڪم (يعني دستور العمل) بنائي عربي ۾ لاٿو آهي. ۽ جيڪڏهن تون انهن (ڪافرن) جي سڌن جي پيروي ڪندين ان کان پوءِ جو تو وٽ علم اچي چڪو ته تو لاءِ الله جي مقابلي ۾ نه ڪو مددگار هوندو ۽ نه ڪو بچائڻ وارو.
۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ ڪيترا رسول موڪلي چڪا آهيون ۽ اسان انهن لاءِ زالون ۽ اولاد به ڪيا. ۽ ڪنهن رسول جو اُهو ڪم ناهي جو ڪا نشاني آڻي سواءِ الله جي حڪم جي. هر مُدي لاءِ هڪ لکت آهي.
۽ انهن سان ڪيل وعدن مان ڪجھ اگر اسان توکي ڏيکاريون يا توکي ان کان اڳ وفات ڏياريون. (اُهو اسان جي وس آهي) تو تي ته صرف پيغام پهچائڻ آهي ۽ حساب وٺڻ اسان تي آهي.
۽ ڇا نه ٿا ڏسن ته اسان ڪيئن زمين کي ان جي پاسن کان گهٽائيندا (يعني سندن گھيرو تنگ ڪندا) اچون ٿا. ۽ الله حڪم ڪري ٿو ڪو به ان جي حڪم کي رد ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ اُهو جلد حساب وٺڻ وارو آهي.
الف لام را. هي ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي ته جيئن تون ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻين. غالب ساراهيل (الله) جي رستي ڏانهن.
۽ اسان ڪو به رسول نه موڪليو مگر سندس قوم جي زبان ۾ هن لاءِ ته انهن لاءِ (حق کي) پڌرو ڪري. پوءِ الله جنهن کي چاهي ٿو گمراھ ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو هدايت ڪري ٿو ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان موڪليو هن لاءِ ته (اي موسيٰ!) پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻ ۽ انهن کي الله جا ڏينهن ياد ڏيار. بيشڪ ان ۾ هر گهڻي صبر ۽ گهڻي شڪر ڪندڙ لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
۽ (ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته: ”پاڻ مٿان الله جي ان انعام کي ياد ڪيو جڏهن اوهان کي فرعون وارن کان نجات ڏنائين جيڪي اوهان کي برو عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پُٽن کي ڪُهندا هئا ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. ۽ ان ۾ توهان جي پالڻهار طرفان تمام وڏي آزمائش هئي.
انهن جي رسولن چيو ته: ”ڇا الله ۾ شڪ آهي؟ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي سڏي ٿو هن لاءِ ته اوهان جي گناهن کي اوهان جي خاطر بخشي ڇڏي ۽ اوهان کي هڪ مقرر وقت تائين مهلت ڏئي“. چيائون: ”اوهان ته رڳو اسان جهڙا بشر آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته اسان کي انهن (بتن) جي پوڄا کان روڪيو جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا. پوءِ اسان وٽ ڪو چِٽو دليل آڻيو“.
سندن رسولن کين چيو ته: ”اسان ته صرف توهان وانگر ماڻهو ئي آهيون ۽ پر الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي احسان ڪري ٿو. ۽ اسان لاءِ اُهو ممڪن نه آهي جو اوهان وٽ ڪو چِٽو دليل آڻيون سواءِ الله جي حڪم جي. ۽ الله تي ئي مؤمنن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.
۽ اسان کي ڇا آهي جو الله تي ڀروسو نه ڪيون؟ حالانڪه ان اسان کي اسان جي (ڪاميابي) جا رستا ڏيکاريا آهن. ۽ اسان ضرور صبر ڪنداسين توهان جي ايذاء رَسانِـــيُن تي. ۽ ڀروسي رکڻ وارن کي الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي“.
ان کي مشڪل سان ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ ان کي آساني سان نڙيءَ کان هيٺ لاهي نه سگهندو ۽ ان کي هر طرف کان موت اچي گهيريندو ۽ پر هو مري نه سگهندو. ۽ ان جي پويان (اڃا ٻيو) زور سخت عذاب هوندو.
جن ماڻهن پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو تن جو مثال هي آهي جو انهن جا عمل اُنَ رَکَ وانگر آهن جنهن تي تيز طوفان واري ڏينهن سخت هوا جو جُهوٽو آيو (سڀ ڪجھ اڏاري ويو.) جو جيڪي ڪجھ به ڪيائون ان مان ڪنهن شيءِ تي قادر ٿي نه سگهندا. اُها ئي پراهين گمراهي آهي.
۽ (محشر ۾) سڀ الله اڳيان پڌرا ٿيندا پوءِ ڪمزور ماڻهو وڏائي ڪندڙن کي چوندا: ”بيشڪ اسان اوهان جا پيروڪار هياسين. پوءِ ڇا اوهان الله جي عذاب مان اسان تان ڪا شيءِ هٽائي سگهو ٿا“؟ چوندا: ”جي الله اسان کي ڇوٽڪاري جي ڪا واٽ ڏيکاري ها ته اسان اوهان کي به ضرور اها واٽ ڏيکاريون ها. اسان لاءِ برابر آهي جي رڙيون دانهون ڪيون يا صبر ڪيون. اسان لاءِ بچڻ جي ڪا صورت ناهي“.
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون سي باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اُهي ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هميشه رهندا. ان ۾ سندن آڌر ڀاءُ ”سلام“ (لفظ سان) هوندو.
ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڪيئن مثال بيان ڪيو آهي؟ ته ڪلمهءِ طيب (پاڪيزه ڳالھ) جو اها پاڪيزھ وڻ وانگر آهي. جنهن جي پاڙ (زمين ۾) مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ آهن.
الله اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين پوءِ ان جي ذريعي اوهان جي رزق جي طور تي ميوا پيدا ڪيائين. ۽ ٻيڙين کي توهان جي مطيع ڪيائين ته جيئن سندس حڪم (نظامِ قدرت) سان سمنڊ ۾ هلنديون رهن ۽ دريائن کي به توهان جي مطيع ڪيائين.
۽ اوهان کي سڀ ڪجھ ان مان ڏنائين جو اوهان ان کان گھريو. ۽ جيڪڏهن اوهان الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته انهن کي پورو ڳڻي به نه سگهندؤ. بيشڪ انسان وڏو ظالم وڏو ناشڪرو آهي.
اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجو ڪجھ اولاد غير آباد وادي ۾ تنهنجي عزت واري گهر وٽ رهايو آهي اي اسان جا پالڻهار! هن لاءِ ته نماز قائم رکن. پوءِ ڪجھ ماڻهن جي دلين کي انهن ڏانهن (محبت سان) مائل ڪر ۽ انهن کي ميوات مان روزي عطا ڪر ته من اهي شڪر ادا ڪن.