رُبَمَا یَوَدُّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَوْ كَانُوْا مُسْلِمِیْنَ۲
(اُهو وقت به ٿيندو جو) ڪافر گھڻو ئي خواهش ڪندا ته ”هائو جي مسلمان هجن ها“.
قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 14 starts at Surah Al-Hijr ayah 2 and ends at Surah 16 ayah 128. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
رُبَمَا یَوَدُّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَوْ كَانُوْا مُسْلِمِیْنَ۲
(اُهو وقت به ٿيندو جو) ڪافر گھڻو ئي خواهش ڪندا ته ”هائو جي مسلمان هجن ها“.
ذَرْهُمْ یَاْكُلُوْا وَ یَتَمَتَّعُوْا وَ یُلْهِهِمُ الْاَمَلُ فَسَوْفَ یَعْلَمُوْنَ۳
انهن کي ڇڏي ڏي ته کائن (پيئن) ۽ مزا ماڻن ۽ انهن کي (ڪوڙي) اميد غافل رکي پوءِ سگھوئي (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.
وَ مَاۤ اَهْلَكْنَا مِنْ قَرْیَةٍ اِلَّا وَ لَهَا كِتَابٌ مَّعْلُوْمٌ۴
۽ اسان ڪوبه ڳوٺ هلاڪ نه ڪيو مگر هي جو ان لاءِ هڪ ڄاتل (مهلت جي مُدت) لکيل هئي.
مَا تَسْبِقُ مِنْ اُمَّةٍ اَجَلَهَا وَ مَا یَسْتَاْخِرُوْنَ۵
ڪوبه گروھ پنهنجي موت (جي مقرر مدت) کان نه اڳتي وڌي سگھي ٿو ۽ نه پوئتي هٽي سگھي ٿو.
وَ قَالُوْا یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْ نُزِّلَ عَلَیْهِ الذِّكْرُ اِنَّكَ لَمَجْنُوْنٌؕ۶
۽ (ڪافرن) چيو: ”اي شخص! جنهن تي قرآن لاٿو ويو آهي بيشڪ تون مجنون آهين.
لَوْ مَا تَاْتِیْنَا بِالْمَلٰٓىِٕكَةِ اِنْ كُنْتَ مِنَ الصّٰدِقِیْنَ۷
تون اسان وٽ ملائڪ ڇو نه ٿو آڻين؟ جي تون سچن مان آهين“.
مَا نُنَزِّلُ الْمَلٰٓىِٕكَةَ اِلَّا بِالْحَقِّ وَ مَا كَانُوْۤا اِذًا مُّنْظَرِیْنَ۸
اسان ملائڪن کي حق سان ئي لاهيون ٿا ۽ (جڏهن اهي لهن ٿا ته) ان وقت انهن (ڏوهارين) کي مهلت نه ڏني ويندي آهي.
اِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَ اِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ۹
بيشڪ اسان ئي قرآن کي نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسان ئي ان جي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون.
وَ لَقَدْ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ فِیْ شِیَعِ الْاَوَّلِیْنَ۱۰
۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ پهرين امتن ۾ به رسول موڪليا هئا.
وَ مَا یَاْتِیْهِمْ مِّنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ یَسْتَهْزِءُوْنَ۱۱
۽ انهن وٽ ڪوبه رسول نه ايندو هيو مگر اهي ان تي مسخريون ڪندا هئا.
كَذٰلِكَ نَسْلُكُهٗ فِیْ قُلُوْبِ الْمُجْرِمِیْنَۙ۱۲
اهڙي طرح اسان ان (گمراهي) کي ڏوهارين جي دلين ۾ داخل ڪيون ٿا.
لَا یُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَ قَدْ خَلَتْ سُنَّةُ الْاَوَّلِیْنَ۱۳
اهي ان (قرآن) تي ايمان ڪونه آڻيندا ۽ بيشڪ پهرين جي رَوشِ به ائين گذري چڪي آهي.
وَ لَوْ فَتَحْنَا عَلَیْهِمْ بَابًا مِّنَ السَّمَآءِ فَظَلُّوْا فِیْهِ یَعْرُجُوْنَۙ۱۴
۽ جي اسان انهن تي آسمان مان ڪو دروازو کوليون ۽ هي ان مان (ڏينهن ڏٺي جو) چڙهندا به رهن.
لَقَالُوْۤا اِنَّمَا سُكِّرَتْ اَبْصَارُنَا بَلْ نَحْنُ قَوْمٌ مَّسْحُوْرُوْنَ۠۱۵
ته به ائين چوندا ته ”اسان جي نظر بندي ڪئي وئي آهي بلڪه اسان جادو ڪيل قوم آهيون“.
وَ لَقَدْ جَعَلْنَا فِی السَّمَآءِ بُرُوْجًا وَّ زَیَّنّٰهَا لِلنّٰظِرِیْنَۙ۱۶
۽ بيشڪ اسان آسمان ۾ مضبوط قلعا بنايا آهن ۽ اسان ان کي ڏسڻ وارن لاءِ (ستارن سان) سينگاريو آهي.
وَ حَفِظْنٰهَا مِنْ كُلِّ شَیْطٰنٍ رَّجِیْمٍۙ۱۷
۽ هر تڙيل شيطان کان اسان ان جي نگهباني ڪئي آهي.
اِلَّا مَنِ اسْتَرَقَ السَّمْعَ فَاَتْبَعَهٗ شِهَابٌ مُّبِیْنٌ۱۸
پر جيڪو لِڪي ٻڌي ٿو ته چمڪندڙ اُماڙي ان جي پويان پوي ٿي.
وَ الْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَ اَلْقَیْنَا فِیْهَا رَوَاسِیَ وَ اَنْۢبَتْنَا فِیْهَا مِنْ كُلِّ شَیْءٍ مَّوْزُوْنٍ۱۹
۽ اسان زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ اسان مضبوط جبل وڌا ۽ اسان ان ۾ هر جنس کي (پوري) توازن سان ڄمايو.
وَ جَعَلْنَا لَكُمْ فِیْهَا مَعَایِشَ وَ مَنْ لَّسْتُمْ لَهٗ بِرٰزِقِیْنَ۲۰
۽ ان ۾ اسان اوهان لاءِ گذران جا سامان (مهيا) ڪيا ۽ ان (مخلوقات) لاءِ به جن کي اوهان رزق مهيا نه ٿا ڪيو.
وَ اِنْ مِّنْ شَیْءٍ اِلَّا عِنْدَنَا خَزَآىِٕنُهٗ١٘ وَ مَا نُنَزِّلُهٗۤ اِلَّا بِقَدَرٍ مَّعْلُوْمٍ۲۱
۽ اهڙي ڪا به شيءِ نه آهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن، ۽ اسان ان کي مقرر اندازي سان ئي لاهيون ٿا.
وَ اَرْسَلْنَا الرِّیٰحَ لَوَاقِحَ فَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَسْقَیْنٰكُمُوْهُ١ۚ وَ مَاۤ اَنْتُمْ لَهٗ بِخٰزِنِیْنَ۲۲
۽ اسان هوائن کي (ڪڪرن جا) بار کڻندڙ ڪري موڪليون ٿا پوءِ اسان آسمان مان پاڻي لاهيون ٿا پوءِ اُهو اوهان کي پياريون ٿا، ۽ اوهان ان کي گڏ ڪرڻ وارا نه آهيو.
وَ اِنَّا لَنَحْنُ نُحْیٖ وَ نُمِیْتُ وَ نَحْنُ الْوٰرِثُوْنَ۲۳
۽ بلاشڪ اسان ئي جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ئي (سڀني جا) وارث آهيون.
وَ لَقَدْ عَلِمْنَا الْمُسْتَقْدِمِیْنَ مِنْكُمْ وَ لَقَدْ عَلِمْنَا الْمُسْتَاْخِرِیْنَ۲۴
۽ بيشڪ اسان انهن کي ڄاڻون ٿا جيڪي اوهان مان اڳ گذري چڪا ۽ بيشڪ اسان پوءِ اچڻ وارن کي به ڄاڻون ٿا.
وَ اِنَّ رَبَّكَ هُوَ یَحْشُرُهُمْ١ؕ اِنَّهٗ حَكِیْمٌ عَلِیْمٌ۠۲۵
۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي انهن کي گڏ ڪندو. بيشڪ اهو حڪمت وارو ڄاڻڻ وارو آهي.
وَ لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَاٍ مَّسْنُوْنٍۚ۲۶
۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو چيڪي (وڄندڙ) مِٽيءَ مان جا (پهريائين) ڪاري (۽) سڙيل (گارو) هئي.
وَ الْجَآنَّ خَلَقْنٰهُ مِنْ قَبْلُ مِنْ نَّارِ السَّمُوْمِ۲۷
۽ جِنن کي ان کان اڳ اسان پيدا ڪيو بنا دونهين واري شديد جلائيندڙ باھ مان.
وَ اِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلٰٓىِٕكَةِ اِنِّیْ خَالِقٌۢ بَشَرًا مِّنْ صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَاٍ مَّسْنُوْنٍ۲۸
۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي فرمايو ته: ”بيشڪ آءٌ هڪ انسان پيدا ڪرڻ وارو آهيان. چيڪي (وڄندڙ) مٽيءَ مان جا ڪاري سڙيل (گارو) هوندي.
فَاِذَا سَوَّیْتُهٗ وَ نَفَخْتُ فِیْهِ مِنْ رُّوْحِیْ فَقَعُوْا لَهٗ سٰجِدِیْنَ۲۹
پوءِ جڏهن ان کي (ٺاهي) برابر ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته اوهان ان جي اڳيان سجدي ۾ڪِري پئجو“.
اِلَّاۤ اِبْلِیْسَ١ؕ اَبٰۤى اَنْ یَّكُوْنَ مَعَ السّٰجِدِیْنَ۳۱
سواءِ ابليس جي. ان سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
قَالَ یٰۤاِبْلِیْسُ مَا لَكَ اَلَّا تَكُوْنَ مَعَ السّٰجِدِیْنَ۳۲
(الله) فرمايو: ”اي ابليس تو کي ڇا ٿيو؟ جو تون سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ نه ٿئين“.
قَالَ لَمْ اَكُنْ لِّاَسْجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقْتَهٗ مِنْ صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَاٍ مَّسْنُوْنٍ۳۳
(ابليس) چيو: ”آءٌ اهڙو ناهيان جو ان بشر کي سجدو ڪيان جنهن کي تو چيڪي (وڄندڙ) مٽي جا ڪاري (۽) سڙيل هئي مان پيدا ڪيو آهي“.
قَالَ فَاخْرُجْ مِنْهَا فَاِنَّكَ رَجِیْمٌۙ۳۴
(الله) فرمايو: ”پوءِ هن (جنت) مان نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين.
وَّ اِنَّ عَلَیْكَ اللَّعْنَةَ اِلٰى یَوْمِ الدِّیْنِ۳۵
۽ بيشڪ تنهنجي مٿان بدلي واري ڏينهن تائين لعنت آهي“.
قَالَ رَبِّ فَاَنْظِرْنِیْۤ اِلٰى یَوْمِ یُبْعَثُوْنَ۳۶
(ابليس) چيو: ”اي منهنجا مالڪ! پوءِ مون کي مُهلت ڏي ان ڏينهن تائين جنهن ۾ (مُردا جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا“.
قَالَ فَاِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِیْنَۙ۳۷
(الله) فرمايو: ”پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين.
قَالَ رَبِّ بِمَاۤ اَغْوَیْتَنِیْ لَاُزَیِّنَنَّ لَهُمْ فِی الْاَرْضِ وَ لَاُغْوِیَنَّهُمْ اَجْمَعِیْنَۙ۳۹
(ابليس) چيو: ”اي پالڻهار! تو جو مون کي گمراھ ڪيو آهي تنهنڪري آءٌ به انهن لاءِ زمين ۾ (بدي) کي سينگاريندس ۽ انهن سڀني کي ضرور گمراھ ڪندس.
اِلَّا عِبَادَكَ مِنْهُمُ الْمُخْلَصِیْنَ۴۰
سواءِ تنهنجي انهن ٻانهن جي جيڪي چونڊيل آهن“. (يعني انبياءُ و اولياء)
قَالَ هٰذَا صِرَاطٌ عَلَیَّ مُسْتَقِیْمٌ۴۱
(الله) فرمايو: ”هي رستو جيڪو مون تائين سڌو آهي.
اِنَّ عِبَادِیْ لَیْسَ لَكَ عَلَیْهِمْ سُلْطٰنٌ اِلَّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الْغٰوِیْنَ۴۲
بيشڪ منهنجي (چونڊيل) ٻانهن تي تنهنجو ڪو زور نه هلندو سواءِ انهن گمراهن جي جيڪي تنهنجي پٺيان هليا.
وَ اِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوْعِدُهُمْ اَجْمَعِیْنَ۫ۙ۴۳
۽ بيشڪ انهن سڀني جي لاءِ وعدي جي جاءِ دوزخ آهي“.
لَهَا سَبْعَةُ اَبْوَابٍ١ؕ لِكُلِّ بَابٍ مِّنْهُمْ جُزْءٌ مَّقْسُوْمٌ۠۴۴
جنهن کي ست دروازا آهن. هر دروازي لاءِ انهن (دوزخين) مان حصو ورهايل آهي.
وَ نَزَعْنَا مَا فِیْ صُدُوْرِهِمْ مِّنْ غِلٍّ اِخْوَانًا عَلٰى سُرُرٍ مُّتَقٰبِلِیْنَ۴۷
۽ انهن جي سينن ۾ جو ڪينو هوندو سو ڪڍي ڇڏينداسين. پاڻ ۾ ڀائر بنجي تختن تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويهندا.
لَا یَمَسُّهُمْ فِیْهَا نَصَبٌ وَّ مَا هُمْ مِّنْهَا بِمُخْرَجِیْنَ۴۸
انهن کي ان (جنت) ۾ نه ڪا تڪليف پهچندي ۽ نه ئي ان مان ڪڍيا ويندا.
نَبِّئْ عِبَادِیْۤ اَنِّیْۤ اَنَا الْغَفُوْرُ الرَّحِیْمُۙ۴۹
(اي نبي) منهنجي ٻانهن کي خبر ڏي ته بيشڪ آءٌ ئي بخشڻهار ٻاجهارو آهيان.
وَ اَنَّ عَذَابِیْ هُوَ الْعَذَابُ الْاَلِیْمُ۵۰
۽ بيشڪ منهنجو عذاب ئي ڏاڍو دردناڪ عذاب آهي.
اِذْ دَخَلُوْا عَلَیْهِ فَقَالُوْا سَلٰمًا١ؕ قَالَ اِنَّا مِنْكُمْ وَ جِلُوْنَ۵۲
جڏهن اُهي وٽس آيا ته سلام چيائون (ابراهيم) چيو ته: ”بيشڪ اسان کي اوهان کان ڊپ لڳي ٿو“.
قَالُوْا لَا تَوْجَلْ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَلِیْمٍ۵۳
چيائون: ”ڊپ نه ڪر بيشڪ اسان تو کي علم واري پُٽ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏيون ٿا“.
قَالَ اَبَشَّرْتُمُوْنِیْ عَلٰۤى اَنْ مَّسَّنِیَ الْكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرُوْنَ۵۴
ابراهيم چيو: ”ڇا اوهان مون کي ان حال ۾ خوشخبري ڏيو ٿا؟ جو مون کي ڪراڙپ اچي چڪي آهي سو اوهان ڇا جي خوشخبري ٿا ڏيو“؟
قَالُوْا بَشَّرْنٰكَ بِالْحَقِّ فَلَا تَكُنْ مِّنَ الْقٰنِطِیْنَ۵۵
چيائون: ”اسان تو کي سچي خوشخبري ڏني آهي، سو تون نا اميدن مان نه ٿيءُ“.
قَالَ وَ مَنْ یَّقْنَطُ مِنْ رَّحْمَةِ رَبِّهٖۤ اِلَّا الضَّآلُّوْنَ۵۶
(ابراهيم) چيو: ”پنهنجي پروردگار جي رحمت مان ڪير ٿو نا اميد ٿئي! سواءِ گمراهن جي“.
قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ اَیُّهَا الْمُرْسَلُوْنَ۵۷
(ابراهيم) پڇيو: ”اي موڪليل (ملائڪو) اوهان جو (ٻيو) ڪهڙو ڪم آهي“؟
قَالُوْۤا اِنَّاۤ اُرْسِلْنَاۤ اِلٰى قَوْمٍ مُّجْرِمِیْنَۙ۵۸
چيائون: ”بيشڪ اسان کي ڏوهاري قوم ڏانهن موڪليو ويو آهي.
اِلَّاۤ اٰلَ لُوْطٍ١ؕ اِنَّا لَمُنَجُّوْهُمْ اَجْمَعِیْنَۙ۵۹
سواءِ لوط جي گهراڻي جي. بيشڪ اسان انهن سڀني کي بچائينداسين.
اِلَّا امْرَاَتَهٗ قَدَّرْنَاۤ١ۙ اِنَّهَا لَمِنَ الْغٰبِرِیْنَ۠۶۰
سواءِ سندس زال جي اسان طئي ڪيو آهي ته بيشڪ اها ضرور پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان آهي“.
فَلَمَّا جَآءَ اٰلَ لُوْطِ اِ۟لْمُرْسَلُوْنَۙ۶۱
پوءِ جڏهن لوط جي خاندان وٽ موڪليل (ملائڪ) آيا.
قَالَ اِنَّكُمْ قَوْمٌ مُّنْكَرُوْنَ۶۲
(لوط) چيو ته: ”بيشڪ اوهان اڻ سڃاتل (اجنبي لڳي رهيا) آهيو“.
قَالُوْا بَلْ جِئْنٰكَ بِمَا كَانُوْا فِیْهِ یَمْتَرُوْنَ۶۳
چيائون: (ائين ناهي) ”بلڪه اسان تو وٽ اهو (عذاب) کڻي آيا آهيون جنهن ۾ اُهي (ڏوهاري) شڪ ڪندا هئا.
وَ اَتَیْنٰكَ بِالْحَقِّ وَ اِنَّا لَصٰدِقُوْنَ۶۴
۽ اسان تو وٽ حق (جو فيصلو) کڻي آيا آهيون ۽ بيشڪ اسان سچار آهيون.
فَاَسْرِ بِاَهْلِكَ بِقِطْعٍ مِّنَ الَّیْلِ وَ اتَّبِعْ اَدْبَارَهُمْ وَ لَا یَلْتَفِتْ مِنْكُمْ اَحَدٌ وَّ امْضُوْا حَیْثُ تُؤْمَرُوْنَ۶۵
سو تون پنهنجي گهراڻي کي رات جي ڪنهن حصي ۾ وٺي نڪر ۽ تون پاڻ انهن جي پويان پويان هل ۽ اوهان مان ڪوبه پوئتي نه واجهائي ۽ اوهان کي جتي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي (اوڏانهن) وڃو“.
وَ قَضَیْنَاۤ اِلَیْهِ ذٰلِكَ الْاَمْرَ اَنَّ دَابِرَ هٰۤؤُلَآءِ مَقْطُوْعٌ مُّصْبِحِیْنَ۶۶
۽ اسان لوط تائين اهو فيصلو پهچايو ته بلاشڪ صبح ٿيندي ئي انهن جي پاڙ پٽجي ويندي.
قَالَ اِنَّ هٰۤؤُلَآءِ ضَیْفِیْ فَلَا تَفْضَحُوْنِۙ۶۸
(لوط) چيو: ”بيشڪ هي منهنجا مهمان آهن پوءِ مون کي شرمسار نه ڪيو.
قَالُوْۤا اَوَ لَمْ نَنْهَكَ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ۷۰
چيائون: ”ڇا اسان تو کي دنيا جي ماڻهن (جي ٽڪائڻ) کان روڪيو نه هيو“.
قَالَ هٰۤؤُلَآءِ بَنٰتِیْۤ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِیْنَؕ۷۱
(لوط) چيو: ”هي منهنجون (قوم جون) نياڻيون آهن جيڪڏهن اوهان (نڪاح) ڪرڻ وارا آهيو“.
لَعَمْرُكَ اِنَّهُمْ لَفِیْ سَكْرَتِهِمْ یَعْمَهُوْنَ۷۲
(اي حبيب!) تنهنجي حياتيءَ جو قسم بيشڪ اهي (به لوط جي قوم وانگر) پنهنجي مستي ۾ (عقل جا) انڌا ٿيا وتن ٿا.
فَاَخَذَتْهُمُ الصَّیْحَةُ مُشْرِقِیْنَۙ۷۳
پوءِ انهن کي سج اڀرڻ جي وقت دهشتناڪ آواز ورتو.
فَجَعَلْنَا عَالِیَهَا سَافِلَهَا وَ اَمْطَرْنَا عَلَیْهِمْ حِجَارَةً مِّنْ سِجِّیْلٍؕ۷۴
پوءِ اسان انهن جي بستي جو مٿيون حصو هيٺيون بنايوسين (يعني اونڌو ڪيوسين) ۽ اسان انهن تي پڪل مِٽيءَ جا ڪُڪرا وسايا.
اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیٰتٍ لِّلْمُتَوَسِّمِیْنَ۷۵
بيشڪ ان (واقعي) ۾ اهلِ فراست لاءِ نشانيون آهن.
وَ اِنَّهَا لَبِسَبِیْلٍ مُّقِیْمٍ۷۶
۽ بيشڪ اُها بستي (جتي اهو واقعو ٿيو سا) هڪ آباد رستي تي واقع آهي.
اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیَةً لِّلْمُؤْمِنِیْنَؕ۷۷
بيشڪ ان (واقعي) ۾ ايمان وارن لاءِ وڏي نشاني آهي.
وَ اِنْ كَانَ اَصْحٰبُ الْاَیْكَةِ لَظٰلِمِیْنَۙ۷۸
۽ بيشڪ ايڪه (ٻيلي) وارا (قومِ شعيب جا ماڻهو به) ظالم هئا.
فَانْتَقَمْنَا مِنْهُمْ١ۘ وَ اِنَّهُمَا لَبِاِمَامٍ مُّبِیْنٍؕ۠۷۹
پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتو، ۽ اُهي ٻئي (لوط ۽ ايڪه جون اجڙيل) بستيون کلي شاهراه تي واقع آهن.
وَ لَقَدْ كَذَّبَ اَصْحٰبُ الْحِجْرِ الْمُرْسَلِیْنَۙ۸۰
۽ بيشڪ حجر (قومِ ثمود جي علائقي) جي رهواسين به رسولن کي ڪوڙو چيو.
وَ اٰتَیْنٰهُمْ اٰیٰتِنَا فَكَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِیْنَۙ۸۱
۽ اسان انهن کي پنهنجون نشانيون ڏنيون پر اُهي انهن کان منهن موڙيندڙ هئا.
وَ كَانُوْا یَنْحِتُوْنَ مِنَ الْجِبَالِ بُیُوْتًا اٰمِنِیْنَ۸۲
۽ بي خوف و خطر جبلن کي ڪَٽي گهر ٺاهيندا هئا.
فَاَخَذَتْهُمُ الصَّیْحَةُ مُصْبِحِیْنَۙ۸۳
پوءِ صبح ٿيندي ئي انهن کي دهشتناڪ آواز پڪڙيو.
فَمَاۤ اَغْنٰى عَنْهُمْ مَّا كَانُوْا یَكْسِبُوْنَؕ۸۴
پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو (مال) کين (عذاب کان) بچائي نه سگهيو.
وَ مَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیْنَهُمَاۤ اِلَّا بِالْحَقِّ١ؕ وَ اِنَّ السَّاعَةَ لَاٰتِیَةٌ فَاصْفَحِ الصَّفْحَ الْجَمِیْلَ۸۵
۽ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي حق سان ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي پوءِ (انهن جي ايذاء رسانين کان) سهڻي نموني درگذر ڪندو رھ.
اِنَّ رَبَّكَ هُوَ الْخَلّٰقُ الْعَلِیْمُ۸۶
بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي (سڀ جو) پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.
وَ لَقَدْ اٰتَیْنٰكَ سَبْعًا مِّنَ الْمَثَانِیْ وَ الْقُرْاٰنَ الْعَظِیْمَ۸۷
۽ بيشڪ اسان تو کي بار بار دهرايون ويندڙ ست آيتون (يعني سورة فاتحه) ۽ وڏي عظمت وارو قرآن عطا ڪيو آهي.
لَا تَمُدَّنَّ عَیْنَیْكَ اِلٰى مَا مَتَّعْنَا بِهٖۤ اَزْوَاجًا مِّنْهُمْ وَ لَا تَحْزَنْ عَلَیْهِمْ وَ اخْفِضْ جَنَاحَكَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ۸۸
۽ تون انهن (دنياوي زيب و زينت جي) شين کي اکيون کڻي به نه نهار جن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو آهي ۽ انهن جي (گمراهي) مٿان غم به نه ڪر ۽ ايمان وارن لاءِ (شفقت ۽ ٻاجھ) جون ٻانهون جهڪيل رک.
وَ قُلْ اِنِّیْۤ اَنَا النَّذِیْرُ الْمُبِیْنُۚ۸۹
۽ چؤ ته: ”بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.
كَمَاۤ اَنْزَلْنَا عَلَى الْمُقْتَسِمِیْنَۙ۹۰
جيئن اسان ورهائڻ وارن (يهود و نصاريٰ) تي (عذاب) لاٿو هيو.
الَّذِیْنَ جَعَلُوا الْقُرْاٰنَ عِضِیْنَ۹۱
جن ماڻهن قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. (يعني ڪجھ مڃن ۽ ڪجھ نه مڃن)
فَوَرَبِّكَ لَنَسْـَٔلَنَّهُمْ اَجْمَعِیْنَۙ۹۲
پوءِ تنهنجي پالڻهار جو قسم ته اسان انهن سڀني کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين.
فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَ اَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِكِیْنَ۹۴
پوءِ (اي نبي) ظاهر (ظهور اعلان) ڪر جنهن جو تو کي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙ.
اِنَّا كَفَیْنٰكَ الْمُسْتَهْزِءِیْنَۙ۹۵
بيشڪ اسان تو لاءِ ٽوڪ ڪرڻ وارن (جي ايذائڻ) کان ڪافي آهيون.
الَّذِیْنَ یَجْعَلُوْنَ مَعَ اللّٰهِ اِلٰهًا اٰخَرَ١ۚ فَسَوْفَ یَعْلَمُوْنَ۹۶
جيڪي الله سان گڏ ٻيو معبود بنائن ٿا اهي جلد (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.
وَ لَقَدْ نَعْلَمُ اَنَّكَ یَضِیْقُ صَدْرُكَ بِمَا یَقُوْلُوْنَۙ۹۷
۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته تنهنجو سينو انهن ڳالهين کان تنگ ٿئي ٿو جيڪي اهي چون ٿا.
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَ كُنْ مِّنَ السّٰجِدِیْنَۙ۹۸
پوءِ پنهنجي پروردگار جي تعريف سان سندس تسبيح پڙھ ۽ سجدي گذارن مان ٿي رھ.
وَ اعْبُدْ رَبَّكَ حَتّٰى یَاْتِیَكَ الْیَقِیْنُ۠۹۹
۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪر ايستائين جو توتي (اها آخري گھڙي) اچي جنهن جو اچڻ يقيني آهي.
اَتٰۤى اَمْرُ اللّٰهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوْهُ١ؕ سُبْحٰنَهٗ وَ تَعٰلٰى عَمَّا یُشْرِكُوْنَ۱
الله جو حڪم اچي ويو پوءِ اوهان ان جي جلد اچڻ جي گهُر نه ڪيو. اهو پاڪ آهي ۽ انهن کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا.
یُنَزِّلُ الْمَلٰٓىِٕكَةَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰى مَنْ یَّشَآءُ مِنْ عِبَادِهٖۤ اَنْ اَنْذِرُوْۤا اَنَّهٗ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّاۤ اَنَا فَاتَّقُوْنِ۲
اهو ملائڪن کي وحي ڏئي پنهنجي حڪم سان موڪلي ٿو پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي (هن لاءِ) ته (ماڻهن کي) ”خبردار ڪيو ته مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ مون کان ڊڄو“.
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ بِالْحَقِّ١ؕ تَعٰلٰى عَمَّا یُشْرِكُوْنَ۳
ان آسمانن ۽ زمين کي حق سان پيدا ڪيو آهي. اهو مٿاهون آهي ان کان جيڪو شرڪ ڪن ٿا.
خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ فَاِذَا هُوَ خَصِیْمٌ مُّبِیْنٌ۴
ان انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اُهو پڌرو جهڳڙالو بنجي پيو.
وَ الْاَنْعَامَ خَلَقَهَا١ۚ لَكُمْ فِیْهَا دِفْءٌ وَّ مَنَافِعُ وَ مِنْهَا تَاْكُلُوْنَ۪۵
۽ ان چوپايا پيدا ڪيا، جن ۾ اوهان لاءِ گرم لباس آهي ۽ (گھڻا) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.
وَ لَكُمْ فِیْهَا جَمَالٌ حِیْنَ تُرِیْحُوْنَ وَ حِیْنَ تَسْرَحُوْنَ۪۶
۽ انهن ۾ اوهان لاءِ رونق به آهي جنهن وقت (شام جو انهن کي) چَرائي وٿاڻ تي آڻيو ٿا ۽ جنهن وقت (صبح جو) چرڻ لاءِ موڪليو ٿا.
وَ تَحْمِلُ اَثْقَالَكُمْ اِلٰى بَلَدٍ لَّمْ تَكُوْنُوْا بٰلِغِیْهِ اِلَّا بِشِقِّ الْاَنْفُسِ١ؕ اِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِیْمٌۙ۷
۽ (اهي چوپايا) اوهان جا بار انهن شهر تائين کڻي وڃن ٿا جتي توهان بنا تڪليف جي پهچڻ وارا نه هيا. بيشڪ اوهان جو پالڻهار وڏي شفقت وارو ٻاجهارو آهي.
وَّ الْخَیْلَ وَ الْبِغَالَ وَ الْحَمِیْرَ لِتَرْكَبُوْهَا وَ زِیْنَةً١ؕ وَ یَخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ۸
۽ گهوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ (پيدا ڪيائين) هن لاءِ ته توهان انهن تي سواري ڪيو ۽ سينگار به آهن. ۽ (اڃا به سواريون) پيدا ڪندو جن کي (هاڻي) اوهان نه ٿا ڄاڻو.
وَ عَلَى اللّٰهِ قَصْدُ السَّبِیْلِ وَ مِنْهَا جَآىِٕرٌ١ؕ وَ لَوْ شَآءَ لَهَدٰىكُمْ اَجْمَعِیْنَ۠۹
۽ الله جي ذمي سڌي راھ (ٻڌائڻ) آهي ۽ انهن مان ڪي ڏنگا رستا آهن. ۽ جيڪڏهن (الله تعاليٰ) چاهي ها ته اوهان سڀني کي هدايت ڪري ها.
هُوَ الَّذِیْۤ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً لَّكُمْ مِّنْهُ شَرَابٌ وَّ مِنْهُ شَجَرٌ فِیْهِ تُسِیْمُوْنَ۱۰
اُهو (الله) ئي آهي جنهن آسمان مان اوهان جي (نفعي) لاءِ پاڻي لاٿو ان مان (اوهان جو) پيئڻ آهي ۽ ان مان وڻڪار آهي جنهن ۾ اوهين مال چاريو ٿا.
یُنْۢبِتُ لَكُمْ بِهِ الزَّرْعَ وَ الزَّیْتُوْنَ وَ النَّخِیْلَ وَ الْاَعْنَابَ وَ مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیَةً لِّقَوْمٍ یَّتَفَكَّرُوْنَ۱۱
ان (پاڻيءَ) ذريعي اوهان لاءِ پوک ڄمائي ٿو ۽ زيتون ۽ کجور ۽ ڊاکون ۽ هر قسم جا ميوا (ڄمائي ٿو.) بيشڪ ان ۾ غور و فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ وڏي نشاني آهي.
وَ سَخَّرَ لَكُمُ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ١ۙ وَ الشَّمْسَ وَ الْقَمَرَ١ؕ وَ النُّجُوْمُ مُسَخَّرٰتٌۢ بِاَمْرِهٖ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوْنَۙ۱۲
۽ اوهان جي (نفعي) لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ کي (قانون جو) تابع ڪيائين. ۽ ستارا به سندس حڪم جا تابع آهن. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
وَ مَا ذَرَاَ لَكُمْ فِی الْاَرْضِ مُخْتَلِفًا اَلْوَانُهٗ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیَةً لِّقَوْمٍ یَّذَّكَّرُوْنَ۱۳
۽ جيڪي (ٻيون گهڻيون شيون) زمين ۾ اوهان لاءِ پيدا ڪيائين جن جا رنگ جدا جدا آهن. بيشڪ ان ۾ نصيحت پرائيندڙ قوم لاءِ وڏي نشاني آهي.
وَ هُوَ الَّذِیْ سَخَّرَ الْبَحْرَ لِتَاْكُلُوْا مِنْهُ لَحْمًا طَرِیًّا وَّ تَسْتَخْرِجُوْا مِنْهُ حِلْیَةً تَلْبَسُوْنَهَا١ۚ وَ تَرَى الْفُلْكَ مَوَاخِرَ فِیْهِ وَ لِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ۱۴
۽ اُهو ئي آهي جنهن دريائن کي مطيع ڪيو ته جيئن اوهان ان مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائو ۽ ان مان زيور ڪڍو جن کي اوهان پايو ٿا. ۽ تون ٻيڙين کي ڏسين ٿو جي درياء ۾ پاڻيءَ کي چيري هلندڙ آهن ۽ هن لاءِ ته اوهان ان جي فضل سان روزي تلاش ڪيو ۽ هن لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو.
وَ اَلْقٰى فِی الْاَرْضِ رَوَاسِیَ اَنْ تَمِیْدَ بِكُمْ وَ اَنْهٰرًا وَّ سُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَۙ۱۵
۽ زمين ۾ ڳرا جبل (ميخن مثل) کوڙيائين ته متان (زمين) اوهان کي لوڏي ۽ نهرون ۽ رستا (بنايائين) ته جيئن اوهان واٽ لهو.
وَ عَلٰمٰتٍ١ؕ وَ بِالنَّجْمِ هُمْ یَهْتَدُوْنَ۱۶
۽ (گهڻيون ئي) نشانيون (بنايائين). ۽ ستارن جي ذريعي به ماڻهو رستو لهن ٿا.
اَفَمَنْ یَّخْلُقُ كَمَنْ لَّا یَخْلُقُ١ؕ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ۱۷
ڇا پوءِ جيڪو پيدا ڪري ان جهڙو آهي جيڪو پيدا ڪري نه سگهي؟ ڇاپوءِ نصيحت نه ٿا پِرايو؟
وَ اِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ لَا تُحْصُوْهَا١ؕ اِنَّ اللّٰهَ لَغَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۱۸
۽ جيڪڏهن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته انهن کي پورو ڳڻي نه سگهندؤ. بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَ مَا تُعْلِنُوْنَ۱۹
۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجھ اوهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا.
وَ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا یَخْلُقُوْنَ شَیْـًٔا وَّ هُمْ یُخْلَقُوْنَؕ۲۰
۽ ماڻهو الله کي ڇڏي جن (بتن) کي سڏن ٿا اُهي ڪابه شيءِ پيدا ڪري نه ٿا سگهن بلڪه اُهي پاڻ پيدا ڪيا ويا آهن.
اَمْوَاتٌ غَیْرُ اَحْیَآءٍ١ۚ وَ مَا یَشْعُرُوْنَ١ۙ اَیَّانَ یُبْعَثُوْنَ۠۲۱
اهي مُردا آهن زنده ناهن ۽ نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن کين (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.
اِلٰهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ١ۚ فَالَّذِیْنَ لَا یُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ قُلُوْبُهُمْ مُّنْكِرَةٌ وَّ هُمْ مُّسْتَكْبِرُوْنَ۲۲
توهان جو معبود هڪڙو ئي معبود آهي. پوءِ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن انهن جون دليون انڪار ڪندڙ آهن. ۽ اُهي وڏائي ڪندڙ آهن.
لَا جَرَمَ اَنَّ اللّٰهَ یَعْلَمُ مَا یُسِرُّوْنَ وَ مَا یُعْلِنُوْنَ١ؕ اِنَّهٗ لَا یُحِبُّ الْمُسْتَكْبِرِیْنَ۲۳
هي ڳالھ پڪي پختي آهي ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي اُهي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اُهو وڏائي چاهيندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.
وَ اِذَا قِیْلَ لَهُمْ مَّا ذَاۤ اَنْزَلَ رَبُّكُمْ١ۙ قَالُوْۤا اَسَاطِیْرُ الْاَوَّلِیْنَۙ۲۴
۽ جڏهن انهن کان پڇيو وڃي ٿو ته اوهان جي پالڻهار ڇا نازل ڪيو آهي؟ چون ٿا ته ”اڳين جون آکاڻيون“.
لِیَحْمِلُوْۤا اَوْزَارَهُمْ كَامِلَةً یَّوْمَ الْقِیٰمَةِ١ۙ وَ مِنْ اَوْزَارِ الَّذِیْنَ یُضِلُّوْنَهُمْ بِغَیْرِ عِلْمٍ١ؕ اَلَا سَآءَ مَا یَزِرُوْنَ۠۲۵
هن لاءِ (چون ٿا) ته قيامت واري ڏينهن پنهنجا (گناهن جا) پورا بار پاڻ کڻن ۽ ڪجھ بار انهن جا به (کڻن) جن کي بنا علم جي گمراھ ڪن ٿا. خبردار! جيڪو بار اُهي کڻن ٿا سو برو آهي.
قَدْ مَكَرَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَاَتَى اللّٰهُ بُنْیَانَهُمْ مِّنَ الْقَوَاعِدِ فَخَرَّ عَلَیْهِمُ السَّقْفُ مِنْ فَوْقِهِمْ وَ اَتٰىهُمُ الْعَذَابُ مِنْ حَیْثُ لَا یَشْعُرُوْنَ۲۶
بيشڪ جيڪي انهن کان اڳي هئا تن به سازشون ڪيون هيون پوءِ الله انهن جي عمارتن کي پاڙان اُکيڙي ڇڏيو پوءِ انهن تي انهن جي مٿان ڇت ڪري پئي ۽ انهن تي اتان عذاب آيو جتان جي کين سُڌِ سمجھ به نه هئي.
ثُمَّ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ یُخْزِیْهِمْ وَ یَقُوْلُ اَیْنَ شُرَكَآءِیَ الَّذِیْنَ كُنْتُمْ تُشَآقُّوْنَ فِیْهِمْ١ؕ قَالَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ اِنَّ الْخِزْیَ الْیَوْمَ وَ السُّوْٓءَ عَلَى الْكٰفِرِیْنَۙ۲۷
وري قيامت جي ڏينهن انهن کي خوار ڪندو ۽ چوندو ته: ”منهنجا اُهي شريڪ ڪٿي آهن؟ جن ڪري اوهان (مؤمنن سان) جھڳڙو ڪندا هئا“؟ اهي ماڻهو جن کي علم ڏنو ويو آهي سي چوندا: ”بيشڪ اڄ خواري ۽ بربادي ڪافرن مٿان آهي“.
الَّذِیْنَ تَتَوَفّٰىهُمُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ ظَالِمِیْۤ اَنْفُسِهِمْ١۪ فَاَلْقَوُا السَّلَمَ مَا كُنَّا نَعْمَلُ مِنْ سُوْٓءٍ١ؕ بَلٰۤى اِنَّ اللّٰهَ عَلِیْمٌۢ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۲۸
اُهي ماڻهو جن جو ملائڪ ان حال ۾ روح قبض ڪن ٿا جو اُهي پنهنجي جانين سان ظلم ڪندڙ آهن اُهي (محشر ڏينهن) فرمانبرداري جو اظهار ڪندا. (چوندا ته): ”اسان دنيا ۾ برائي ڪونه ڪندا هئاسين“. هائو (ڇونه) بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي اوهان جيڪي عمل ڪندا هئا.
فَادْخُلُوْۤا اَبْوَابَ جَهَنَّمَ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا١ؕ فَلَبِئْسَ مَثْوَى الْمُتَكَبِّرِیْنَ۲۹
پوءِ اوهان جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو ان ۾ هميشه رهندؤ. پوءِ وڏائي ڪندڙن جي ڏاڍي بڇڙي جاءِ آهي.
وَ قِیْلَ لِلَّذِیْنَ اتَّقَوْا مَا ذَاۤ اَنْزَلَ رَبُّكُمْ١ؕ قَالُوْا خَیْرًا١ؕ لِلَّذِیْنَ اَحْسَنُوْا فِیْ هٰذِهِ الدُّنْیَا حَسَنَةٌ١ؕ وَ لَدَارُ الْاٰخِرَةِ خَیْرٌ١ؕ وَ لَنِعْمَ دَارُ الْمُتَّقِیْنَۙ۳۰
۽ پرهيزگار ماڻهن کي چيو ويو ته توهان جي پروردگار ڇا نازل ڪيو؟ چيائون ”خير“ (چڱي ڳالھ). انهن ماڻهن لاءِ جن هن دنيا ۾ نيڪي ڪئي ڀلائي آهي. ۽ آخرت جو گهر ته گهڻو ڀلو آهي. ۽ پرهيزگارن جو گهر ته بهترين آهي.
جَنّٰتُ عَدْنٍ یَّدْخُلُوْنَهَا تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ لَهُمْ فِیْهَا مَا یَشَآءُوْنَ١ؕ كَذٰلِكَ یَجْزِی اللّٰهُ الْمُتَّقِیْنَۙ۳۱
سدا بهار باغ آهن جن ۾ اُهي داخل ٿيندا جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون انهن لاءِ ان ۾ جيڪي چاهيندا سو (موجود) هوندو. اهڙي طرح الله پرهيزگارن کي بدلو ڏئي ٿو.
الَّذِیْنَ تَتَوَفّٰىهُمُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ طَیِّبِیْنَ١ۙ یَقُوْلُوْنَ سَلٰمٌ عَلَیْكُمُ١ۙ ادْخُلُوا الْجَنَّةَ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۳۲
اُهي (پرهيزگار) ماڻهو جن جو ملائڪ ان حال ۾ ساھ ڪڍن ٿا جو اُهي پاڪيزه آهن، (ملائڪ) چوندا ته: ”توهان تي سلامتي آهي جنت ۾ داخل ٿيو انهن عملن جي سبب جيڪي توهان ڪندا هئا“.
هَلْ یَنْظُرُوْنَ اِلَّاۤ اَنْ تَاْتِیَهُمُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ اَوْ یَاْتِیَ اَمْرُ رَبِّكَ١ؕ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ١ؕ وَ مَا ظَلَمَهُمُ اللّٰهُ وَ لٰكِنْ كَانُوْۤا اَنْفُسَهُمْ یَظْلِمُوْنَ۳۳
اُهي ڪهڙي شيءِ جو انتظار ڪن ٿا؟ سواءِ هن جو انهن وٽ ملائڪ اچن يا تنهنجي پالڻهار جو حڪمِ (عذاب) اچي. اهڙي طرح انهن کان اڳين به ائين ڪيو هيو. ۽ الله انهن تي ظلم نه ڪيو هيو ۽ پر پاڻ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.
فَاَصَابَهُمْ سَیِّاٰتُ مَا عَمِلُوْا وَ حَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ یَسْتَهْزِءُوْنَ۠۳۴
پوءِ سندن بڇڙن عملن جي سزا کين پهتي ۽ ان (عذاب) کين اچي گهيريو جنهن تي ٺٺول ڪندا هئا.
وَ قَالَ الَّذِیْنَ اَشْرَكُوْا لَوْ شَآءَ اللّٰهُ مَا عَبَدْنَا مِنْ دُوْنِهٖ مِنْ شَیْءٍ نَّحْنُ وَ لَاۤ اٰبَآؤُنَا وَ لَا حَرَّمْنَا مِنْ دُوْنِهٖ مِنْ شَیْءٍ١ؕ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ١ۚ فَهَلْ عَلَى الرُّسُلِ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِیْنُ۳۵
۽ مشرڪ ماڻهو چون ٿا ته: ”اگر الله چاهي ها ته اسان ان کان سواءِ ڪنهن شيءِ جي پوڄا نه ڪيون ها نه اسان ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نه اسان ان جي حڪم کان سواءِ ڪا شيءِ حرام ڪيون ها“. اهڙي طرح انهن کان اڳين ماڻهن به ائين ڪيو هيو. پوءِ رسولن تي (الله جا احڪام) کولي کولي پهچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي؟
وَ لَقَدْ بَعَثْنَا فِیْ كُلِّ اُمَّةٍ رَّسُوْلًا اَنِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَ اجْتَنِبُوا الطَّاغُوْتَ١ۚ فَمِنْهُمْ مَّنْ هَدَى اللّٰهُ وَ مِنْهُمْ مَّنْ حَقَّتْ عَلَیْهِ الضَّلٰلَةُ١ؕ فَسِیْرُوْا فِی الْاَرْضِ فَانْظُرُوْا كَیْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِیْنَ۳۶
۽ بيشڪ اسان هر امت ۾ هڪ رسول موڪليو ته (هن لاءِ ته انهن کي امر ڪري ته) ”الله جي عبادت ڪيو ۽ بتن کان بچو“. پوءِ انهن مان ڪنهن کي الله هدايت ڪئي ۽ انهن مان ئي ڪنهن تي گمراهي ثابت ٿي. پوءِ اوهان زمين ۾ سير ڪيو پوءِ ڏسو ته ڪوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي!!
اِنْ تَحْرِصْ عَلٰى هُدٰىهُمْ فَاِنَّ اللّٰهَ لَا یَهْدِیْ مَنْ یُّضِلُّ وَ مَا لَهُمْ مِّنْ نّٰصِرِیْنَ۳۷
جيڪڏهن تون انهن کي رستي تي آڻڻ جو حرص رکين پوءِ بيشڪ الله جنهن کي گمراھ ڪري ڇڏي ٿو ته ان کي هدايت نه ٿو ڏئي ۽ انهن لاءِ ڪو مددگار نه هوندو آهي.
وَ اَقْسَمُوْا بِاللّٰهِ جَهْدَ اَیْمَانِهِمْ١ۙ لَا یَبْعَثُ اللّٰهُ مَنْ یَّمُوْتُ١ؕ بَلٰى وَعْدًا عَلَیْهِ حَقًّا وَّ لٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوْنَۙ۳۸
۽ اُهي الله جا پڪا پختا قسم کڻن ٿا ته: ”جيڪو مري ٿو الله ان کي جيئرو ڪري نه اٿاريندو“. هائو (ڇونه اٿاريندؤ؟) ان وعدي کي اللهُ پاڻ تي لازم ڪري چڪو آهي پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.
لِیُبَیِّنَ لَهُمُ الَّذِیْ یَخْتَلِفُوْنَ فِیْهِ وَ لِیَعْلَمَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْۤا اَنَّهُمْ كَانُوْا كٰذِبِیْنَ۳۹
هن لاءِ (اٿاريندو) ته جيئن اُها ڳالھ پڌري ڪري جنهن ۾ پاڻ ۾ اختلاف ڪن ٿا ۽ هن لاءِ ته ڪافر ڄاڻن ته (حقيقت ۾) اُهي ڪوڙا هئا.
اِنَّمَا قَوْلُنَا لِشَیْءٍ اِذَاۤ اَرَدْنٰهُ اَنْ نَّقُوْلَ لَهٗ كُنْ فَیَكُوْنُ۠۴۰
اسان جو فرمان ته ڪنهن شيءِ جي لاءِ صرف ايترو هوندو آهي جڏهن اسان ان کي (پيدا ڪرڻ) جو ارادو ڪندا آهيون ته ان کي چوندا آهيون ٿي پؤُ ته ٿي پوندي آهي.
وَ الَّذِیْنَ هَاجَرُوْا فِی اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مَا ظُلِمُوْا لَنُبَوِّئَنَّهُمْ فِی الدُّنْیَا حَسَنَةً١ؕ وَ لَاَجْرُ الْاٰخِرَةِ اَكْبَرُ١ۘ لَوْ كَانُوْا یَعْلَمُوْنَۙ۴۱
۽ اُهي ماڻهو جن الله جي راھ ۾ هجرت ڪئي ان کان پوءِ جو انهن تي ظلم ڪيو ويو ته اسان ضرور انهن کي دنيا ۾ بهترين جاءِ ڏينداسين. ۽ آخرت جو اجر ته اڃا وڏو آهي. هائو جي ڄاڻن!!
الَّذِیْنَ صَبَرُوْا وَ عَلٰى رَبِّهِمْ یَتَوَكَّلُوْنَ۴۲
جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا. (ته تمام وڏو اجر انهن جو منتظر آهي)
وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِیْۤ اِلَیْهِمْ فَسْـَٔلُوْۤا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَۙ۴۳
۽ اسان تو کان اڳ به رڳو مردن کي ئي رسول بنائي موڪليو انهن ڏانهن اسان وحي ڪئي. پوءِ ذڪر وارن کان پڇو جيڪڏهن توهان نه ٿا ڄاڻو.
بِالْبَیِّنٰتِ وَ الزُّبُرِ١ؕ وَ اَنْزَلْنَاۤ اِلَیْكَ الذِّكْرَ لِتُبَیِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ اِلَیْهِمْ وَ لَعَلَّهُمْ یَتَفَكَّرُوْنَ۴۴
(انهن رسولن کي) چِٽن دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪليوسين). ۽ (اي نبي!) اسان تو ڏي ذڪر (قرآن) نازل ڪيو ته جيئن ماڻهن لاءِ پڌرو ڪرين جيڪي (احڪام) انهن ڏانهن نازل ڪيا ويا آهن ته جيئن اهي غور فڪر ڪن.
اَفَاَمِنَ الَّذِیْنَ مَكَرُوا السَّیِّاٰتِ اَنْ یَّخْسِفَ اللّٰهُ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ یَاْتِیَهُمُ الْعَذَابُ مِنْ حَیْثُ لَا یَشْعُرُوْنَۙ۴۵
ڇا بي خوف ٿي ويا آهن؟ اُهي ماڻهو جيڪي بريون سازشون ڪن ٿا هن ڳالھ کان جو الله کين زمين ۾ غرق ڪري يا انهن تي اهڙي جاءِ تان عذاب موڪلي جتان جو کين خيال به نه هجي.
اَوْ یَاْخُذَهُمْ فِیْ تَقَلُّبِهِمْ فَمَا هُمْ بِمُعْجِزِیْنَۙ۴۶
يا انهن کي گهمندي ڦرندي پڪڙي وٺي پوءِ اهي (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهن.
اَوْ یَاْخُذَهُمْ عَلٰى تَخَوُّفٍ١ؕ فَاِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ۴۷
يا انهن کي خوف جي حالت ۾ پڪڙي. پوءِ بيشڪ توهان جو پروردگار گهڻو مهربان وڏي ٻاجھ وارو آهي.
اَوَ لَمْ یَرَوْا اِلٰى مَا خَلَقَ اللّٰهُ مِنْ شَیْءٍ یَّتَفَیَّؤُا ظِلٰلُهٗ عَنِ الْیَمِیْنِ وَ الشَّمَآىِٕلِ سُجَّدًا لِّلّٰهِ وَ هُمْ دٰخِرُوْنَ۴۸
ڇا انهن اهڙين شين کي نه ڏٺو؟ جيڪي الله پيدا ڪيون آهن جن جا پاڇا الله کي سجدو ڪندي ساڄي ۽ کاٻي پاسي لڙن ٿا ۽ اُهي عاجزي جو اظهار ڪن ٿا.
وَ لِلّٰهِ یَسْجُدُ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ مِنْ دَآبَّةٍ وَّ الْمَلٰٓىِٕكَةُ وَ هُمْ لَا یَسْتَكْبِرُوْنَ۴۹
۽ الله جي لاءِ سجدو ڪن ٿا جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن جانورن مان ۽ فرشتا (به سجدو ڪن ٿا) ۽ اُهي وڏائي نه ٿا ڪن.
یَخَافُوْنَ رَبَّهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ وَ یَفْعَلُوْنَ مَا یُؤْمَرُوْنَ۠۩۵۰
۽ پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا جيڪو سندن مٿان (حاڪم) آهي ۽ اهي ائين ڪن ٿا جيئن حڪم ڏنا وڃن ٿا.
وَ قَالَ اللّٰهُ لَا تَتَّخِذُوْۤا اِلٰهَیْنِ اثْنَیْنِ١ۚ اِنَّمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ١ۚ فَاِیَّایَ فَارْهَبُوْنِ۵۱
۽ الله فرمايو ته: ”ٻه معبود نه بنايو. بيشڪ اُهو ئي صرف هڪ معبود آهي پوءِ اوهان مون کان ئي ڊڄو“.
وَ لَهٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ لَهُ الدِّیْنُ وَاصِبًا١ؕ اَفَغَیْرَ اللّٰهِ تَتَّقُوْنَ۵۲
۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ آهي سو سندس آهي ۽ (سڀني کي) لازمي طرح سندس ئي حڪم مڃڻو آهي. ڇا پوءِ الله کان سواءِ ٻين کان ڊڄو ٿا.
وَ مَا بِكُمْ مِّنْ نِّعْمَةٍ فَمِنَ اللّٰهِ ثُمَّ اِذَا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَاِلَیْهِ تَجْـَٔرُوْنَۚ۵۳
۽ اوهان وٽ جا به نعمت آهي سا الله وٽان آهي پوءِ جڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي ته توهان ان جي ئي اڳيان روئو رڙو ٿا.
ثُمَّ اِذَا كَشَفَ الضُّرَّ عَنْكُمْ اِذَا فَرِیْقٌ مِّنْكُمْ بِرَبِّهِمْ یُشْرِكُوْنَۙ۵۴
پوءِ جڏهن اوهان کان تڪليف دور ڪري ٿو ته توهان مان هڪ ٽولو ان وقت ئي پنهنجي پالڻهار سان شرڪ ڪري ٿو.
لِیَكْفُرُوْا بِمَاۤ اٰتَیْنٰهُمْ١ؕ فَتَمَتَّعُوْا١۫ فَسَوْفَ تَعْلَمُوْنَ۵۵
هن لاءِ ته ناشڪري ڪن ان جِي جيڪو اسان انهن کي ڏنو آهي. سو مزا ڪري وٺو. پوءِ سگھوئي ڄاڻي وٺندؤ.
وَ یَجْعَلُوْنَ لِمَا لَا یَعْلَمُوْنَ نَصِیْبًا مِّمَّا رَزَقْنٰهُمْ١ؕ تَاللّٰهِ لَتُسْـَٔلُنَّ عَمَّا كُنْتُمْ تَفْتَرُوْنَ۵۶
۽ اُهي انهن (معبودن) لاءِ جن (جي حقيقت) پاڻ به نه ٿا ڄاڻن ان رزق مان حصو مقرر ڪن ٿا جيڪو اسان کين عطا ڪيو آهي. الله جو قسم! اوهان کان ضرور پڇيو ويندو ان بابت جيڪي اوهان ٺاھ ٺاهيندا هئا.
وَ یَجْعَلُوْنَ لِلّٰهِ الْبَنٰتِ سُبْحٰنَهٗ١ۙ وَ لَهُمْ مَّا یَشْتَهُوْنَ۵۷
۽ الله لاءِ ڌيئرون مقرر ڪن ٿا سبحان الله (الله پاڪ آهي) ۽ انهن لاءِ (وري اهو) جيڪو اهي چاهن. (يعني پُٽَ)
وَ اِذَا بُشِّرَ اَحَدُهُمْ بِالْاُنْثٰى ظَلَّ وَجْهُهٗ مُسْوَدًّا وَّ هُوَ كَظِیْمٌۚ۵۸
۽ جڏهن انهن مان ڪنهن کي ڌيءُ (جي ڄمڻ) جي خبر ڏني وڃي ته سندس منهن ڪاراٽجي وڃي ٿو ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي وڃي ٿو.
یَتَوَارٰى مِنَ الْقَوْمِ مِنْ سُوْٓءِ مَا بُشِّرَ بِهٖ١ؕ اَیُمْسِكُهٗ عَلٰى هُوْنٍ اَمْ یَدُسُّهٗ فِی التُّرَابِ١ؕ اَلَا سَآءَ مَا یَحْكُمُوْنَ۵۹
اُهو ماڻهن کان لڪندو وتي ٿو ان بري خبر جي ڪري جا کيس ٻڌائي وئي. ڇا ان کي ذلت سان (زنده) رکي؟ يا ان کي مٽيءَ ۾ دٻائي ڇڏي. خبردار! ڪيڏو برو فيصلو آهي جيڪو اُهي ڪن ٿا.
لِلَّذِیْنَ لَا یُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ مَثَلُ السَّوْءِ١ۚ وَ لِلّٰهِ الْمَثَلُ الْاَعْلٰى١ؕ وَ هُوَ الْعَزِیْزُ الْحَكِیْمُ۠۶۰
انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن برو مثال (۽ حال) آهي. ۽ الله لاءِ (سڀ کان) مٿاهين صفت آهي. ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.
وَ لَوْ یُؤَاخِذُ اللّٰهُ النَّاسَ بِظُلْمِهِمْ مَّا تَرَكَ عَلَیْهَا مِنْ دَآبَّةٍ وَّ لٰكِنْ یُّؤَخِّرُهُمْ اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى١ۚ فَاِذَا جَآءَ اَجَلُهُمْ لَا یَسْتَاْخِرُوْنَ سَاعَةً وَّ لَا یَسْتَقْدِمُوْنَ۶۱
۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي انهن جي ظلمن سبب (جلدي) پڪڙ ڪري ته زمين تي ڪو جاندار نه ڇڏي ۽ پر انهن کي هڪ مقرر مدت تائين مهلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن انهن جو مقرر وقت پهچي ٿو ته اُهي نه هڪ گهڙي پوئتي ٿي سگهن ٿا ۽ نه اڳتي وڌي سگهن ٿا.
وَ یَجْعَلُوْنَ لِلّٰهِ مَا یَكْرَهُوْنَ وَ تَصِفُ اَلْسِنَتُهُمُ الْكَذِبَ اَنَّ لَهُمُ الْحُسْنٰى١ؕ لَا جَرَمَ اَنَّ لَهُمُ النَّارَ وَ اَنَّهُمْ مُّفْرَطُوْنَ۶۲
۽ اُهي الله لاءِ اُهي شيون مقرر ڪن ٿا جيڪي (پنهنجي لاءِ) پسند نه ٿا ڪن ۽ سندن زبانون ڪوڙ چون ٿيون ته انهن لاءِ چڱائي آهي. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن لاءِ باھ آهي ۽ اُهي (باھ ۾) سڀني کان اڳ پهچايا ويندا.
تَاللّٰهِ لَقَدْ اَرْسَلْنَاۤ اِلٰۤى اُمَمٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَزَیَّنَ لَهُمُ الشَّیْطٰنُ اَعْمَالَهُمْ فَهُوَ وَلِیُّهُمُ الْیَوْمَ وَ لَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌ۶۳
الله جو قسم! ته بيشڪ اسان تو کان اڳ گهڻين امتن ڏانهن رسول موڪليا پوءِ شيطان انهن کي سندن (برا) عمل سهڻا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُهو (شيطان) ئي اڄ انهن جو دوست آهي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
وَ مَاۤ اَنْزَلْنَا عَلَیْكَ الْكِتٰبَ اِلَّا لِتُبَیِّنَ لَهُمُ الَّذِی اخْتَلَفُوْا فِیْهِ١ۙ وَ هُدًى وَّ رَحْمَةً لِّقَوْمٍ یُّؤْمِنُوْنَ۶۴
۽ اسان تو تي ڪتاب رڳو هن لاءِ لاٿو آهي ته تون انهن تي اُهي ڳالهيون چِٽيون ڪرين جن ۾ اهي پاڻ ۾ اختلاف ڪن ٿا ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جن ايمان آندو آهي.
وَ اللّٰهُ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَحْیَا بِهِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیَةً لِّقَوْمٍ یَّسْمَعُوْنَ۠۶۵
۽ الله آسمان مان پاڻي نازل ڪيو (يعني مينهن وسايو) پوءِ ان جي ذريعي زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪيائين. بيشڪ ان ۾ (حق) ٻڌڻ وارن لاءِ هڪ نشاني آهي.
وَ اِنَّ لَكُمْ فِی الْاَنْعَامِ لَعِبْرَةً١ؕ نُسْقِیْكُمْ مِّمَّا فِیْ بُطُوْنِهٖ مِنْۢ بَیْنِ فَرْثٍ وَّ دَمٍ لَّبَنًا خَالِصًا سَآىِٕغًا لِّلشّٰرِبِیْنَ۶۶
۽ بيشڪ چوپاين ۾ (به) اوهان لاءِ هڪ عبرت آهي. انهن جي پيٽن مان ڇيڻي ۽ رت جي وچان اسان اوهان کي (هڪ شيءِ) پياريون ٿا جا خالص کير آهي جيڪو پيئندڙن لاءِ فرحت بخش آهي.
وَ مِنْ ثَمَرٰتِ النَّخِیْلِ وَ الْاَعْنَابِ تَتَّخِذُوْنَ مِنْهُ سَكَرًا وَّ رِزْقًا حَسَنًا١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیَةً لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوْنَ۶۷
۽ کجور جي ميون ۽ انگورن مان اوهان مِٺا مشروب ۽ سُٺا کاڌا تيار ڪيو ٿا. بيشڪ ان ۾ سمجهدار قوم لاءِ هڪ نشاني آهي.
وَ اَوْحٰى رَبُّكَ اِلَى النَّحْلِ اَنِ اتَّخِذِیْ مِنَ الْجِبَالِ بُیُوْتًا وَّ مِنَ الشَّجَرِ وَ مِمَّا یَعْرِشُوْنَۙ۶۸
۽ تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي مَن ۾ اها ڳالھ وڌي ته جبلن ۽ وڻن ۾ ۽ ڇپرن ۾ جن کي ماڻهو (ڇت وانگر) اوچو بنائن ٿا گهر بناءِ. (يعني مانارو ٺاھ)
ثُمَّ كُلِیْ مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسْلُكِیْ سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا١ؕ یَخْرُجُ مِنْۢ بُطُوْنِهَا شَرَابٌ مُّخْتَلِفٌ اَلْوَانُهٗ فِیْهِ شِفَآءٌ لِّلنَّاسِ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیَةً لِّقَوْمٍ یَّتَفَكَّرُوْنَ۶۹
پوءِ هر قسم جي ميون مان رس چوس پوءِ پنهنجي پالڻهار جي رستن تي هلندي رھ جيڪي آسان آهن. انهن (مکين) جي پيٽن مان پيئڻ جي هڪ شيءِ (ماکي) نڪري ٿي جنهن جا رنگ جدا جدا آهن ان ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي. بيشڪ ان ۾ غور و فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ هڪ نشاني آهي.
وَ اللّٰهُ خَلَقَكُمْ ثُمَّ یَتَوَفّٰىكُمْ١ۙ۫ وَ مِنْكُمْ مَّنْ یُّرَدُّ اِلٰۤى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَیْ لَا یَعْلَمَ بَعْدَ عِلْمٍ شَیْـًٔا١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلِیْمٌ قَدِیْرٌ۠۷۰
۽ الله اوهان کي پيدا ڪيو آهي وري اوهان کي موت ڏيندو. ۽ اوهان مان ڪن کي ڪمزور ترين عمر (يعني ڊگهي ڪراڙپ) ڏانهن موٽايو وڃي ٿو هن لاءِ ته ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجھ به نه ڄاڻي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي.
وَ اللّٰهُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلٰى بَعْضٍ فِی الرِّزْقِ١ۚ فَمَا الَّذِیْنَ فُضِّلُوْا بِرَآدِّیْ رِزْقِهِمْ عَلٰى مَا مَلَكَتْ اَیْمَانُهُمْ فَهُمْ فِیْهِ سَوَآءٌ١ؕ اَفَبِنِعْمَةِ اللّٰهِ یَجْحَدُوْنَ۷۱
۽ الله اوهان ۾ هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ روزي ڏني آهي. پوءِ جن کي وڌيڪ روزي ڏني وئي آهي سي ائين ناهن جو پنهنجي روزي کي پنهنجي زر خريد غلامن ڏانهن ڦيرائن ته جيئن اُهي سڀ ان (روزي) ۾ برابر ٿين. ڇا پوءِ اهي الله جي نعمت جو انڪار ڪن ٿا!
وَ اللّٰهُ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا وَّ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ بَنِیْنَ وَ حَفَدَةً وَّ رَزَقَكُمْ مِّنَ الطَّیِّبٰتِ١ؕ اَفَبِالْبَاطِلِ یُؤْمِنُوْنَ وَ بِنِعْمَتِ اللّٰهِ هُمْ یَكْفُرُوْنَۙ۷۲
۽ الله اوهان مان ئي اوهان جا جوڙا بنايا ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا (ڏوهٽا) پيدا ڪيائين ۽ اوهان کي پاڪيزه شين مان روزي ڏنائين. ڇا پوءِ به (حق کي ڇڏي) باطل کي مڃن ٿا؟ ۽ الله جي نعمت جي اُهي ناشڪري ڪن ٿا.
وَ یَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا یَمْلِكُ لَهُمْ رِزْقًا مِّنَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ شَیْـًٔا وَّ لَا یَسْتَطِیْعُوْنَۚ۷۳
۽ الله کي ڇڏي انهن (بتن) جي پوڄا ڪن ٿا جيڪي آسمانن ۽ زمين مان انهن کي روزي ڏيڻ جو ڪجھ به اختيار نه ٿا رکن ۽ نه ئي ڪا طاقت رکن ٿا.
فَلَا تَضْرِبُوْا لِلّٰهِ الْاَمْثَالَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ یَعْلَمُ وَ اَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ۷۴
پوءِ اوهان الله لاءِ مثال نه ڏيو. (اي جاهلو) بيشڪ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو.
ضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا عَبْدًا مَّمْلُوْكًا لَّا یَقْدِرُ عَلٰى شَیْءٍ وَّ مَنْ رَّزَقْنٰهُ مِنَّا رِزْقًا حَسَنًا فَهُوَ یُنْفِقُ مِنْهُ سِرًّا وَّ جَهْرًا١ؕ هَلْ یَسْتَوٗنَ١ؕ اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ١ؕ بَلْ اَكْثَرُهُمْ لَا یَعْلَمُوْنَ۷۵
الله هڪ مثال بيان ڪيو آهي ته هڪ (ڪنهن جي مِلڪيت ۾ آيل) ٻانهو آهي جيڪو (خود) ڪنهن شيءِ تي سگھ نه ٿو رکي ۽ هڪ (ٻيو) شخص آهي جنهن کي اسان پاڻ وٽان سٺي روزي عطا ڪئي آهي پوءِ اهو ان مان ڳُجھ ۾ ۽ ظاهري طرح خرچ ڪري ٿو. ڇا اهي (ٻئي پاڻ ۾) برابر ٿي سگهن ٿا؟ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.
وَ ضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا رَّجُلَیْنِ اَحَدُهُمَاۤ اَبْكَمُ لَا یَقْدِرُ عَلٰى شَیْءٍ وَّ هُوَ كَلٌّ عَلٰى مَوْلٰىهُ١ۙ اَیْنَمَا یُوَجِّهْهُّ لَا یَاْتِ بِخَیْرٍ١ؕ هَلْ یَسْتَوِیْ هُوَ١ۙ وَ مَنْ یَّاْمُرُ بِالْعَدْلِ١ۙ وَ هُوَ عَلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَقِیْمٍ۠۷۶
۽ الله مثال ڏنو آهي ٻن (اهڙن) مردن جو جن مان هڪ گونگو آهي اُهو ڪنهن شيءِ جي سگھ نه ٿو رکي ۽ اُهو پنهنجي مالڪ مٿان بار آهي اُهو (مالڪ) کيس جيڏانهن به موڪلي ٿو ڪو چڱو ڪم ڪري ڪونه ٿو اچي. ته ڇا اُهو ۽ (ٻيو) جيڪو انصاف سان حڪم ڪري ٿو ۽ پاڻ به سڌي واٽ تي آهي ٻئي پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟
وَ لِلّٰهِ غَیْبُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ مَاۤ اَمْرُ السَّاعَةِ اِلَّا كَلَمْحِ الْبَصَرِ اَوْ هُوَ اَقْرَبُ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۷۷
۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله لاءِ آهي. ۽ قيامت برپا ٿيڻ جو امر ته اک ڇنڀڻ وانگر ئي آهي. يا ان کان اڃا به ويجهو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
وَ اللّٰهُ اَخْرَجَكُمْ مِّنْۢ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ شَیْـًٔا١ۙ وَّ جَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَ الْاَبْصَارَ وَ الْاَفْـِٕدَةَ١ۙ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ۷۸
۽ الله اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽن مان (ان حال ۾) ڪڍيو جو اوهان ڪجھ به نه ڄاڻندا هئا ۽ اوهان جي لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دل بنايائين ته جيئن اوهان (سندس نعمتن جو) شڪر ادا ڪيو.
اَلَمْ یَرَوْا اِلَى الطَّیْرِ مُسَخَّرٰتٍ فِیْ جَوِّ السَّمَآءِ١ؕ مَا یُمْسِكُهُنَّ اِلَّا اللّٰهُ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یُّؤْمِنُوْنَ۷۹
ڇا انهن پکين کي نه ڏٺو؟ جيڪي آسمان جي فضا ۾ نظامِ قدرت جا تابع آهن. انهن کي الله کان سواءِ ڪوبه (هيٺ ڪرڻ کان) روڪڻ وارو ناهي. بيشڪ ان ۾ ايمان واري قوم لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.
وَ اللّٰهُ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْۢ بُیُوْتِكُمْ سَكَنًا وَّ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ جُلُوْدِ الْاَنْعَامِ بُیُوْتًا تَسْتَخِفُّوْنَهَا یَوْمَ ظَعْنِكُمْ وَ یَوْمَ اِقَامَتِكُمْ١ۙ وَ مِنْ اَصْوَافِهَا وَ اَوْبَارِهَا وَ اَشْعَارِهَاۤ اَثَاثًا وَّ مَتَاعًا اِلٰى حِیْنٍ۸۰
۽ الله توهان لاءِ توهان جي گهرن کي رهائش گاھ بنايو (۽ سڪون گاھ) ۽ اوهان لاءِ جانورن جي کلن مان گهر (يعني خيما) بنايائين جن کي توهان پنهنجي سفر جي ڏينهن ۽ (منزل انداز ٿيڻ) واري ڏينهن رهڻ وقت هلڪو ڀانيو ٿا ۽ رڍن جي اُن ۽ اُٺن جي پَشَم ۽ ٻڪرين جي ڏاس مان (گهر جو) سامان ۽ هڪ وقت تائين فائدي وٺڻ جو سامان بنايائين.
وَ اللّٰهُ جَعَلَ لَكُمْ مِّمَّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَّ جَعَلَ لَكُمْ مِّنَ الْجِبَالِ اَكْنَانًا وَّ جَعَلَ لَكُمْ سَرَابِیْلَ تَقِیْكُمُ الْحَرَّ وَ سَرَابِیْلَ تَقِیْكُمْ بَاْسَكُمْ١ؕ كَذٰلِكَ یُتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَیْكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْلِمُوْنَ۸۱
۽ الله جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن تن مان اوهان لاءِ ڇانوَ بنايائين ۽ اوهان لاءِ جبلن ۾ پناھ گاهون (يعني غار) بنايائين ۽ اوهان لاءِ لباس بنايائين جيڪي اوهان کي گرمي کان بچائن ٿا ۽ (ڪجھ) اهڙا لباس آهن جيڪي اوهان کي شديد جنگ ۾ (دشمن کان) بچائن ٿا. اهڙي طرح الله اوهان تي پنهنجي نعمت پوري فرمائي ٿو من اوهان فرمانبردار ٿيو.
فَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّمَا عَلَیْكَ الْبَلٰغُ الْمُبِیْنُ۸۲
پوءِ جيڪڏهن اهي مُنهن موڙن ته تو تي صرف (منهنجا احڪام) صاف صاف پهچائڻ آهي.
یَعْرِفُوْنَ نِعْمَتَ اللّٰهِ ثُمَّ یُنْكِرُوْنَهَا وَ اَكْثَرُهُمُ الْكٰفِرُوْنَ۠۸۳
(اهي ماڻهو) الله جي نعمت کي سڃاڻن ٿا پوءِ ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گھڻا ڪافر آهن.
وَ یَوْمَ نَبْعَثُ مِنْ كُلِّ اُمَّةٍ شَهِیْدًا ثُمَّ لَا یُؤْذَنُ لِلَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ لَا هُمْ یُسْتَعْتَبُوْنَ۸۴
۽ جنهن ڏينهن اسان هر امت مان هڪ شاهد اٿارينداسين پوءِ ڪافر ماڻهن کي (عذر پيش ڪرڻ جي) اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي کين توبه ڪرڻ جو چيو ويندو.
وَ اِذَا رَاَ الَّذِیْنَ ظَلَمُوا الْعَذَابَ فَلَا یُخَفَّفُ عَنْهُمْ وَ لَا هُمْ یُنْظَرُوْنَ۸۵
۽ جڏهن ظالم ماڻهو (هڪ ڀيرو) عذاب ڏسندا ته پوءِ نه انهن تان (عذاب) هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه ئِــي اُهي (ڪاگھڙي) مُهلت ڏنا ويندا.
وَ اِذَا رَاَ الَّذِیْنَ اَشْرَكُوْا شُرَكَآءَهُمْ قَالُوْا رَبَّنَا هٰۤؤُلَآءِ شُرَكَآؤُنَا الَّذِیْنَ كُنَّا نَدْعُوْا مِنْ دُوْنِكَ١ۚ فَاَلْقَوْا اِلَیْهِمُ الْقَوْلَ اِنَّكُمْ لَكٰذِبُوْنَۚ۸۶
۽ جڏهن مشرڪ ماڻهو پنهنجي شريڪن کي ڏسندا ته چوندا: ”اي اسان جا پالڻهار! اهي اسان جا شريڪ هئا جن جي اسان تو کي ڇڏي پوڄا ڪندا هئاسين“. پوءِ اهي (شريڪَ) انهن تي هي ڳالھ هڻندا ته: ”پڪ سان اوهان ڪوڙا آهيو“.
وَ اَلْقَوْا اِلَى اللّٰهِ یَوْمَىِٕذِ اِ۟لسَّلَمَ وَ ضَلَّ عَنْهُمْ مَّا كَانُوْا یَفْتَرُوْنَ۸۷
۽ ان ڏينهن (اُهي مشرڪ) الله اڳيان پنهنجي فرمانبرداري پيش ڪندا ۽ انهن کان ڀُلجي ويندا جيڪي ٺاھ ٺاهيندا هئا.
اَلَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ صَدُّوْا عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ زِدْنٰهُمْ عَذَابًا فَوْقَ الْعَذَابِ بِمَا كَانُوْا یُفْسِدُوْنَ۸۸
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راھ کان (ٻين کي) روڪيائون اسان انهن جي عذاب مٿان عذاب وڌائينداسين هن ڪري جو اُهي فساد (برپا) ڪندا هئا.
وَ یَوْمَ نَبْعَثُ فِیْ كُلِّ اُمَّةٍ شَهِیْدًا عَلَیْهِمْ مِّنْ اَنْفُسِهِمْ وَجِئْنَا بِكَ شَهِیْدًا عَلٰى هٰۤؤُلَآءِ١ؕ وَ نَزَّلْنَا عَلَیْكَ الْكِتٰبَ تِبْیَانًا لِّكُلِّ شَیْءٍ وَّ هُدًى وَّ رَحْمَةً وَّ بُشْرٰى لِلْمُسْلِمِیْنَ۠۸۹
۽ ان ڏينهن اسان هر امت منجھان انهن مان ئي هڪ شاهد انهن مٿان اٿارينداسين ۽ (اي نبي!) تو کي اسان انهن (سڀني) تي شاهد ڪري آڻينداسين. ۽ اسان توتي اُهو ڪتاب لاٿو آهي جيڪو هر شيءِ کي چِٽو بيان ڪندڙ آهي ۽ اهو هدايت ۽ رحمت آهي ۽ مسلمانن لاءِ خوشخبري آهي.
اِنَّ اللّٰهَ یَاْمُرُ بِالْعَدْلِ وَ الْاِحْسَانِ وَ اِیْتَآئِ ذِی الْقُرْبٰى وَ یَنْهٰى عَنِ الْفَحْشَآءِ وَ الْمُنْكَرِ وَ الْبَغْیِ١ۚ یَعِظُكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ۹۰
بيشڪ الله حڪم ڪري ٿو انصاف ڪرڻ جو ۽ احسان ڪرڻ جو، ۽ رشتيدارن کي ڏيندو رهڻ جو ۽ منع ڪري ٿو بي حيائين ۽ برن ڪمن ۽ سرڪشي کان. اوهان کي نصيحت ڪري ٿو هن لاءِ ته توهان نصيحت حاصل ڪيو.
وَ اَوْفُوْا بِعَهْدِ اللّٰهِ اِذَا عٰهَدْتُّمْ وَ لَا تَنْقُضُوا الْاَیْمَانَ بَعْدَ تَوْكِیْدِهَا وَ قَدْ جَعَلْتُمُ اللّٰهَ عَلَیْكُمْ كَفِیْلًا١ؕ اِنَّ اللّٰهَ یَعْلَمُ مَا تَفْعَلُوْنَ۹۱
۽ الله جي عهد کي پاڙيو جڏهن اوهان ان سان معاهدو ڪيو هجي ۽ قَسمن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ نه ڀڃو حالانڪه اوهان الله کي پنهنجو شاهد بنايو آهي. بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا.
وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّتِیْ نَقَضَتْ غَزْلَهَا مِنْۢ بَعْدِ قُوَّةٍ اَنْكَاثًا١ؕ تَتَّخِذُوْنَ اَیْمَانَكُمْ دَخَلًۢا بَیْنَكُمْ اَنْ تَكُوْنَ اُمَّةٌ هِیَ اَرْبٰى مِنْ اُمَّةٍ١ؕ اِنَّمَا یَبْلُوْكُمُ اللّٰهُ بِهٖ١ؕ وَ لَیُبَیِّنَنَّ لَكُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ مَا كُنْتُمْ فِیْهِ تَخْتَلِفُوْنَ۹۲
۽ اوهان ان عورت وانگر نه ٿيو جنهن پنهنجو سُٽُ مضبوط ڪَتِڻَ کان پوءِ پاڻ ئي ٽوڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اوهان پنهنجي قَسمن کي پنهنجي وچ ۾ فريب ڪاري جو ذريعو بنايو ٿا هن لاءِ ته هڪ گروھ ٻئي گروھ کان وڌيڪ فائدي وٺڻ وارو بنجي وڃي. الله اوهان کي ان جي ذريعي صرف آزمائي ٿو. ۽ اُهو اوهان جي لاءِ قيامت واري ڏينهن ضرور پڌرو ڪندو انهن ڳالهين کي جن ۾ اختلاف ڪيو ٿا.
وَ لَوْ شَآءَ اللّٰهُ لَجَعَلَكُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً وَّ لٰكِنْ یُّضِلُّ مَنْ یَّشَآءُ وَ یَهْدِیْ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ لَتُسْـَٔلُنَّ عَمَّا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۹۳
۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته اوهان (سڀني) کي هڪ ئي امت بنائي ڇڏي ها ۽ پر جنهن کي چاهي گمراھ ڪري ٿو. ۽ جنهن کي چاهي هدايت ڪري ٿو. ۽ اوهان کان ضرور پڇاڻو ڪيو ويندو انهن ڪمن بابت جيڪي اوهان ڪندا هئا.
وَ لَا تَتَّخِذُوْۤا اَیْمَانَكُمْ دَخَلًۢا بَیْنَكُمْ فَتَزِلَّ قَدَمٌۢ بَعْدَ ثُبُوْتِهَا وَ تَذُوْقُوا السُّوْٓءَ بِمَا صَدَدْتُّمْ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ١ۚ وَ لَكُمْ عَذَابٌ عَظِیْمٌ۹۴
۽ (اي مسلمانو) اوهان پنهنجي قسمن کي پنهنجي وچ ۾ ڌوڪي جو ذريعو نه بنايو متان قدمُ (دين تي) ڄمي وڃڻ بعد تِرڪي وڃي ۽ اوهان الله جي رستي کان روڪڻ جي سبب سزا چکو ۽ اوهان جي لاءِ تمام وڏو عذاب هجي.
وَ لَا تَشْتَرُوْا بِعَهْدِ اللّٰهِ ثَمَنًا قَلِیْلًا١ؕ اِنَّمَا عِنْدَ اللّٰهِ هُوَ خَیْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۹۵
۽ الله جي معاهدي کي ٿورڙي مُلھ جي عيوض وڪڻي نه ڇڏيو. بيشڪ جيڪي الله وٽ آهي سو ئي اوهان لاءِ ڀلو آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو.
مَا عِنْدَكُمْ یَنْفَدُ وَ مَا عِنْدَ اللّٰهِ بَاقٍ١ؕ وَ لَنَجْزِیَنَّ الَّذِیْنَ صَبَرُوْۤا اَجْرَهُمْ بِاَحْسَنِ مَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ۹۶
جيڪي اوهان وٽ آهي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو باقي رهڻ وارو آهي. ۽ جن ماڻهن صبر ڪيو اسان ضرور انهن کي انهن جو بدلو ڏينداسين انهن جي سهڻن عملن جي عيوض جيڪي ڪندا هئا.
مَنْ عَمِلَ صَالِحًا مِّنْ ذَكَرٍ اَوْ اُنْثٰى وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَلَنُحْیِیَنَّهٗ حَیٰوةً طَیِّبَةً١ۚ وَ لَنَجْزِیَنَّهُمْ اَجْرَهُمْ بِاَحْسَنِ مَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ۹۷
جيڪو ماڻهو چڱو عمل ڪري (پوءِ) مرد هجي يا عورت ان حال ۾ جو اهو مؤمن هجي ته اسان ضرور ان کي (دنيا ۾) پاڪيزه زندگي سان جيارينداسين. ۽ (آخرت ۾) انهن ماڻهن کي ضرور انهن جو اجر ڏينداسين انهن سهڻن عملن جي عيوض جيڪي اهي ڪندا هئا.
فَاِذَا قَرَاْتَ الْقُرْاٰنَ فَاسْتَعِذْ بِاللّٰهِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ۹۸
پوءِ جڏهن تون قرآن پڙهين ته پوءِ تڙيل شيطان (جي شرارتن) کان الله جي پناھ طلب ڪر.
اِنَّهٗ لَیْسَ لَهٗ سُلْطٰنٌ عَلَى الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَلٰى رَبِّهِمْ یَتَوَكَّلُوْنَ۹۹
بيشڪ انکي انهن ماڻهن مٿان ڪوبه غلبو ناهي جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پالڻهار مٿان ڀروسو رکن ٿا.
اِنَّمَا سُلْطٰنُهٗ عَلَى الَّذِیْنَ یَتَوَلَّوْنَهٗ وَ الَّذِیْنَ هُمْ بِهٖ مُشْرِكُوْنَ۠۱۰۰
ان جو غلبو ته صرف انهن تي آهي جيڪي کيس دوست بنائن ٿا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ان (الله) سان شرڪ ڪرڻ وارا آهن.
وَ اِذَا بَدَّلْنَاۤ اٰیَةً مَّكَانَ اٰیَةٍ١ۙ وَّ اللّٰهُ اَعْلَمُ بِمَا یُنَزِّلُ قَالُوْۤا اِنَّمَاۤ اَنْتَ مُفْتَرٍ١ؕ بَلْ اَكْثَرُهُمْ لَا یَعْلَمُوْنَ۱۰۱
۽ جڏهن اسان ڪنهن آيت جي جاءِ تي ٻي آيت بدلايون ٿا ۽ الله (ئي) بهتر ڄاڻندڙ آهي جيڪو نازل ڪري ٿو (ڪافر) چون ٿا ته: ”تون ئي هٿ سان ٺاهيندڙ آهين“. بلڪه انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.
قُلْ نَزَّلَهٗ رُوْحُ الْقُدُسِ مِنْ رَّبِّكَ بِالْحَقِّ لِیُثَبِّتَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ هُدًى وَّ بُشْرٰى لِلْمُسْلِمِیْنَ۱۰۲
چؤ ته: ”ان (قرآن) کي روح القدس (جبرائيل) تنهنجي پروردگار وٽان سچائي سان لاٿو آهي هن لاءِ ته جيئن ايمان وارن کي ثابت قدم رکي ۽ مسلمانن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري آهي“.
وَ لَقَدْ نَعْلَمُ اَنَّهُمْ یَقُوْلُوْنَ اِنَّمَا یُعَلِّمُهٗ بَشَرٌ١ؕ لِسَانُ الَّذِیْ یُلْحِدُوْنَ اِلَیْهِ اَعْجَمِیٌّ وَّ هٰذَا لِسَانٌ عَرَبِیٌّ مُّبِیْنٌ۱۰۳
۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪي اُهي (ڪافر ۽ مشرڪ) چون ٿا ته: ”ان (نبي ﷺ) کي ڪو ماڻهو ئي سيکاري ٿو“. (حالانڪه) جنهن ماڻهو ڏي اشارو ڪن ٿا ان جي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) صاف عربي زبان ۾ آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ لَا یُؤْمِنُوْنَ بِاٰیٰتِ اللّٰهِ١ۙ لَا یَهْدِیْهِمُ اللّٰهُ وَ لَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌ۱۰۴
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن تي ايمان نه ٿا آڻن الله انهن کي هدايت نه ٿو ڏئي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
اِنَّمَا یَفْتَرِی الْكَذِبَ الَّذِیْنَ لَا یُؤْمِنُوْنَ بِاٰیٰتِ اللّٰهِ١ۚ وَ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ۱۰۵
ڪوڙ ته صرف اُهي ماڻهو گهڙن ٿا جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نه ٿا آڻن ۽ (حقيقت ۾) اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن.
مَنْ كَفَرَ بِاللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ اِیْمَانِهٖۤ اِلَّا مَنْ اُكْرِهَ وَ قَلْبُهٗ مُطْمَىِٕنٌّۢ بِالْاِیْمَانِ وَ لٰكِنْ مَّنْ شَرَحَ بِالْكُفْرِ صَدْرًا فَعَلَیْهِمْ غَضَبٌ مِّنَ اللّٰهِ١ۚ وَ لَهُمْ عَذَابٌ عَظِیْمٌ۱۰۶
جيڪو ماڻهو پنهنجي ايمان آڻڻ بعد الله سان ڪفر ڪري، سواءِ ان ماڻهو جي جنهن کي انتهائي مجبور ڪيو ويو هجي ۽ ان جي دل ايمان سان مطمئن هجي (ته ان جو خير آهي) ۽ پر جيڪو کليل دل سان ڪفر ڪري ته پوءِ انهن مٿان الله پاران غضب آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
ذٰلِكَ بِاَنَّهُمُ اسْتَحَبُّوا الْحَیٰوةَ الدُّنْیَا عَلَى الْاٰخِرَةِ١ۙ وَ اَنَّ اللّٰهَ لَا یَهْدِی الْقَوْمَ الْكٰفِرِیْنَ۱۰۷
اُهو هن ڪري جو انهن دنيا جي زندگيءَ کي آخرت کان وڌيڪ پيارو رکيو، ۽ بيشڪ الله ڪافر قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ طَبَعَ اللّٰهُ عَلٰى قُلُوْبِهِمْ وَ سَمْعِهِمْ وَ اَبْصَارِهِمْ١ۚ وَ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْغٰفِلُوْنَ۱۰۸
اِهي اُهي ماڻهو آهن جو الله انهن جي دلين ۽ ڪنن ۽ اکين مٿان مُهر لڳائي آهي. ۽ اهي ماڻهو ئي غافل آهن.
لَا جَرَمَ اَنَّهُمْ فِی الْاٰخِرَةِ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ۱۰۹
ڪو شڪ ناهي ته بيشڪ اهي ماڻهو آخرت ۾ نقصان وارا آهن.
ثُمَّ اِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِیْنَ هَاجَرُوْا مِنْۢ بَعْدِ مَا فُتِنُوْا ثُمَّ جٰهَدُوْا وَ صَبَرُوْۤا١ۙ اِنَّ رَبَّكَ مِنْۢ بَعْدِهَا لَغَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۠۱۱۰
پوءِ بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن ماڻهن لاءِ جن آزمائشن ۾ پوڻ بعد هجرت ڪئي پوءِ جهاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنهنجو رب انهن لاءِ انهن ڳالهين کان پوءِ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
یَوْمَ تَاْتِیْ كُلُّ نَفْسٍ تُجَادِلُ عَنْ نَّفْسِهَا وَ تُوَفّٰى كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ وَ هُمْ لَا یُظْلَمُوْنَ۱۱۱
جنهن ڏينهن هر شخص پنهنجي سِرَ (بچائڻ) لاءِ جهڳڙندو ايندو ۽ هر شخص کي جو ڪجھ ان ڪيو هوندو ان جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن مٿان ظلم ڪونه ڪيو ويندو.
وَ ضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا قَرْیَةً كَانَتْ اٰمِنَةً مُّطْمَىِٕنَّةً یَّاْتِیْهَا رِزْقُهَا رَغَدًا مِّنْ كُلِّ مَكَانٍ فَكَفَرَتْ بِاَنْعُمِ اللّٰهِ فَاَذَاقَهَا اللّٰهُ لِبَاسَ الْجُوْعِ وَ الْخَوْفِ بِمَا كَانُوْا یَصْنَعُوْنَ۱۱۲
۽ الله هڪ ڳوٺ جو مثال ڏنو آهي جيڪو امن ۽ اطمينان سان (آباد) هيو ان کي هر هنڌان ڪشادگيءَ سان سندن روزي پهچندي هئي. پوءِ ان الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي پوءِ الله ان کي بک ۽ خوف (جي عذاب) جو لباس ڍڪايو ان عملن سبب جيڪي ڪندا هئا.
وَ لَقَدْ جَآءَهُمْ رَسُوْلٌ مِّنْهُمْ فَكَذَّبُوْهُ فَاَخَذَهُمُ الْعَذَابُ وَ هُمْ ظٰلِمُوْنَ۱۱۳
۽ بيشڪ انهن وٽ انهن مان هڪ رسول آيو پوءِ ان کي ڪوڙو چيائون پوءِ انهن کي عذاب اچي پڪڙيو ان حال ۾ جو اُهي ظلم ڪندڙ هئا.
فَكُلُوْا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللّٰهُ حَلٰلًا طَیِّبًا١۪ وَّ اشْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ اِیَّاهُ تَعْبُدُوْنَ۱۱۴
پوءِ جيڪي الله اوهان کي حلال پاڪيزه روزي ڏني آهي ان مان کائو. ۽ الله جي نعمت جو شڪر ادا ڪيو اگر اوهان ان جي ئي عبادت ڪيو ٿا.
اِنَّمَا حَرَّمَ عَلَیْكُمُ الْمَیْتَةَ وَ الدَّمَ وَ لَحْمَ الْخِنْزِیْرِ وَ مَاۤ اُهِلَّ لِغَیْرِ اللّٰهِ بِهٖ١ۚ فَمَنِ اضْطُرَّ غَیْرَ بَاغٍ وَّ لَا عَادٍ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۱۱۵
ان توهان تي صرف مُردار ۽ رت ۽ سُوئر جو گوشت ۽ اُهو (جانور) جنهن تي ذبح ڪرڻ مهل غيرالله جو نالو ورتو ويو هجي حرام ڪيو آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو مجبور ٿي پوي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه حد کان وڌندڙ هجي ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
وَ لَا تَقُوْلُوْا لِمَا تَصِفُ اَلْسِنَتُكُمُ الْكَذِبَ هٰذَا حَلٰلٌ وَّ هٰذَا حَرَامٌ لِّتَفْتَرُوْا عَلَى اللّٰهِ الْكَذِبَ١ؕ اِنَّ الَّذِیْنَ یَفْتَرُوْنَ عَلَى اللّٰهِ الْكَذِبَ لَا یُفْلِحُوْنَؕ۱۱۶
۽ جن شين بابت اوهان جون زبانون ڪوڙ ڪن ٿيون تن لاءِ ائين نه چئو ته هي حلال آهي ۽ هي حرام آهي جو اوهان الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌو. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙو بهتان ٻَــڌن ٿا اُهي ڇوٽڪارو نه ماڻيندا.
مَتَاعٌ قَلِیْلٌ١۪ وَّ لَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌ۱۱۷
فائدو ٿورو آهي ۽ انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي.
وَ عَلَى الَّذِیْنَ هَادُوْا حَرَّمْنَا مَا قَصَصْنَا عَلَیْكَ مِنْ قَبْلُ١ۚ وَ مَا ظَلَمْنٰهُمْ وَ لٰكِنْ كَانُوْۤا اَنْفُسَهُمْ یَظْلِمُوْنَ۱۱۸
۽ يهودين تي اسان اُهي شيون حرام ڪيون هيون جيڪي اسان اڳي تو کي ٻڌائي چڪا آهيون ۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو ۽ پر اهي خود پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.
ثُمَّ اِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِیْنَ عَمِلُوا السُّوْٓءَ بِجَهَالَةٍ ثُمَّ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَ اَصْلَحُوْۤا١ۙ اِنَّ رَبَّكَ مِنْۢ بَعْدِهَا لَغَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۠۱۱۹
پوءِ بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن ماڻهن لاءِ جن بي خبري ۾ غلطيون ڪيون پوءِ ان کان پوءِ توبه ڪيائون ۽ پاڻُ سڌاريائون بيشڪ تنهنجو پالڻهار ان کان پوءِ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
اِنَّ اِبْرٰهِیْمَ كَانَ اُمَّةً قَانِتًا لِّلّٰهِ حَنِیْفًا١ؕ وَ لَمْ یَكُ مِنَ الْمُشْرِكِیْنَۙ۱۲۰
بيشڪ ابراهيم هڪ رهنما هيو الله جو فرمانبردار هيو هڪ طرفو (يعني سڀني باطل مذهبن کان دور) هيو. ۽ اهو مشرڪن مان نه هيو.
شَاكِرًا لِّاَنْعُمِهٖ١ؕ اِجْتَبٰىهُ وَ هَدٰىهُ اِلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَقِیْمٍ۱۲۱
اهو ان (الله) جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ هيو. الله کيس چونڊيو هيو ۽ کيس سڌي رستي جي هدايت ڏني هئائين.
وَ اٰتَیْنٰهُ فِی الدُّنْیَا حَسَنَةً١ؕ وَ اِنَّهٗ فِی الْاٰخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحِیْنَؕ۱۲۲
۽ اسان ان کي دنيا ۾ ڀلائي ڏني. ۽ بيشڪ اُهو آخرت ۾ به نيڪوڪارن مان هوندو.
ثُمَّ اَوْحَیْنَاۤ اِلَیْكَ اَنِ اتَّبِعْ مِلَّةَ اِبْرٰهِیْمَ حَنِیْفًا١ؕ وَ مَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِیْنَ۱۲۳
پوءِ (اي نبي!) اسان تو ڏانهن وحي ڪئي ته تون ابراهيم جي دين جي پيروي ڪر جيڪو هڪ طرفو (هر باطل کان جدا) هيو ۽ مشرڪن مان نه هيو.
اِنَّمَا جُعِلَ السَّبْتُ عَلَى الَّذِیْنَ اخْتَلَفُوْا فِیْهِ١ؕ وَ اِنَّ رَبَّكَ لَیَحْكُمُ بَیْنَهُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ فِیْمَا كَانُوْا فِیْهِ یَخْتَلِفُوْنَ۱۲۴
ڇنڇر جو ڏينهن صرف انهن ماڻهن لاءِ مقرر ڪيو ويو هيو جن ان ۾ اختلاف ڪيو ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار قيامت واري ڏينهن انهن جي وچ ۾ انهن (ڳالهين) جو فيصلو ڪندو جن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا.
اُدْعُ اِلٰى سَبِیْلِ رَبِّكَ بِالْحِكْمَةِ وَ الْمَوْعِظَةِ الْحَسَنَةِ وَ جَادِلْهُمْ بِالَّتِیْ هِیَ اَحْسَنُ١ؕ اِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِیْلِهٖ وَ هُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِیْنَ۱۲۵
پنهنجي پالڻهار جي رستي ڏانهن حڪمت ۽ سهڻي نصيحت سان سڏ ۽ انهن سان بحث اهڙي انداز ۾ ڪر جيڪو سهڻو هجي. بيشڪ تنهنجو رب ان ماڻهو کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪو سندس راھ کان ڀٽڪي ويو ۽ اُهو هدايت يافتن کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو.
وَ اِنْ عَاقَبْتُمْ فَعَاقِبُوْا بِمِثْلِ مَا عُوْقِبْتُمْ بِهٖ١ؕ وَ لَىِٕنْ صَبَرْتُمْ لَهُوَ خَیْرٌ لِّلصّٰبِرِیْنَ۱۲۶
۽ جيڪڏهن بدلو وٺو ته ايترو بدلو وٺو جيتري اوهان کي تڪليف پهچائي وئي آهي. ۽ جي اوهان صبر ڪندؤ ته اُهو صبر ڪرڻ وارن لاءِ بهتر آهي.
وَ اصْبِرْ وَ مَا صَبْرُكَ اِلَّا بِاللّٰهِ وَ لَا تَحْزَنْ عَلَیْهِمْ وَ لَا تَكُ فِیْ ضَیْقٍ مِّمَّا یَمْكُرُوْنَ۱۲۷
۽ صبر ڪر ۽ تنهنجو صبر ڪرڻ الله (جي توفيق) ساڻ ئي آهي ۽ انهن تي غم نه ڪر ۽ جيڪي مڪر و فريب ڪن ٿا ان کان تنگ دل نه ٿيءُ.
اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الَّذِیْنَ اتَّقَوْا وَّ الَّذِیْنَ هُمْ مُّحْسِنُوْنَ۠۱۲۸
بيشڪ الله انهن ماڻهن سان گڏ آهي جن پرهيزگاري ڪئي ۽ جيڪي ماڻهو احسان ڪندڙ آهن.