سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَیْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِیْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِیَهٗ مِنْ اٰیٰتِنَا١ؕ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِیْعُ الْبَصِیْرُ۱
(هر عيب کان) پاڪ آهي اها ذات جنهن سير ڪرايو پنهنجي ٻانهي (محمد ڪريم ﷺ) کي رات جي ٿوري حصي ۾ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصيٰ تائين جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي هن لاءِ ته ان کي پنهنجون ڪي نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.