قَالَ اَلَمْ اَقُلْ لَّكَ اِنَّكَ لَنْ تَسْتَطِیْعَ مَعِیَ صَبْرًا۷۵
چيائين: ”ڇا مون تو کي نه چيو هيو؟ ته بلاشڪ تون مون سان گڏ (رهي) صبر ڪري نه سگهندين“؟
قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 16 starts at Surah Al-Kahf ayah 75 and ends at Surah 20 ayah 135. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
قَالَ اَلَمْ اَقُلْ لَّكَ اِنَّكَ لَنْ تَسْتَطِیْعَ مَعِیَ صَبْرًا۷۵
چيائين: ”ڇا مون تو کي نه چيو هيو؟ ته بلاشڪ تون مون سان گڏ (رهي) صبر ڪري نه سگهندين“؟
قَالَ اِنْ سَاَلْتُكَ عَنْ شَیْءٍۭ بَعْدَهَا فَلَا تُصٰحِبْنِیْ١ۚ قَدْ بَلَغْتَ مِنْ لَّدُنِّیْ عُذْرًا۷۶
موسيٰ چيو: ”جيڪڏهن آءٌ هن کان پوءِ توکان ڪنهن شيءِ جي باري ۾ پڇان ته پوءِ تون مون کي پاڻ سان گڏ نه رکجانءِ. بيشڪ (هاڻي ته) منهنجي طرفان توکي عذر ملي ويو آهي“.
فَانْطَلَقَا١ٙ حَتّٰۤى اِذَاۤ اَتَیَاۤ اَهْلَ قَرْیَةِ اِ۟سْتَطْعَمَاۤ اَهْلَهَا فَاَبَوْا اَنْ یُّضَیِّفُوْهُمَا فَوَجَدَا فِیْهَا جِدَارًا یُّرِیْدُ اَنْ یَّنْقَضَّ فَاَقَامَهٗ١ؕ قَالَ لَوْ شِئْتَ لَتَّخَذْتَ عَلَیْهِ اَجْرًا۷۷
پوءِ ٻئي هليا. ايستائين جو جڏهن ٻئي هڪ ڳوٺ وارن وٽ اچي پهتا ٻنهين اتان جي رهواسين کان کاڌو طلب ڪيو پوءِ انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ان (ڳوٺ) ۾ هڪ ڀِت ڏٺائون جا ڪِرڻ تي هئي ته ان کي اُن (خضر) سڌو کڙو ڪيو. (موسيٰ) چيو: ”اگر تون چاهين ها ته ان (ڀت ٺاهڻ) تي ڪا مزدوري وٺين ها“!
قَالَ هٰذَا فِرَاقُ بَیْنِیْ وَ بَیْنِكَ١ۚ سَاُنَبِّئُكَ بِتَاْوِیْلِ مَا لَمْ تَسْتَطِعْ عَّلَیْهِ صَبْرًا۷۸
(خضر) چيو: ”هي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جدائي آهي، هاڻي تو کي آءٌ ان ڳالهين جي حقيقت کان آگاھ ڪيان ٿو جن تي تون صبر ڪري نه سگهئين.
اَمَّا السَّفِیْنَةُ فَكَانَتْ لِمَسٰكِیْنَ یَعْمَلُوْنَ فِی الْبَحْرِ فَاَرَدْتُّ اَنْ اَعِیْبَهَا وَ كَانَ وَرَآءَهُمْ مَّلِكٌ یَّاْخُذُ كُلَّ سَفِیْنَةٍ غَصْبًا۷۹
اُها ٻيڙي چند غريبن جي هئي جن درياءَ ۾ محنت مزدوري ٿي ڪئي، سو مون ارادو ڪيو ته ان کي عيبدار ڪيان ۽ سندن اڳيان هڪ بادشاھ هيو جيڪو هر (بي عيب) ٻيڙي کي زبردستي ڦُري رهيو هيو.
وَ اَمَّا الْغُلٰمُ فَكَانَ اَبَوٰهُ مُؤْمِنَیْنِ فَخَشِیْنَاۤ اَنْ یُّرْهِقَهُمَا طُغْیَانًا وَّ كُفْرًاۚ۸۰
۽ هُو ڇوڪرو ان جا ماءُ پيءُ ايمان وارا هئا پوءِ اسان کي انديشو ٿيو ته هي (اگر زنده رهيو ته) انهن ٻنهين کي سرڪشي ۽ ڪفر تي مجبور ڪندو.
فَاَرَدْنَاۤ اَنْ یُّبْدِلَهُمَا رَبُّهُمَا خَیْرًا مِّنْهُ زَكٰوةً وَّ اَقْرَبَ رُحْمًا۸۱
سو اسان ارادو ڪيو ته سندن پالڻهارکين ان جي بدلي ان کان بهتر پاڪيزگي وارو ۽ ان کان وڌيڪ رحم وارو (اولاد) ڏئي.
وَ اَمَّا الْجِدَارُ فَكَانَ لِغُلٰمَیْنِ یَتِیْمَیْنِ فِی الْمَدِیْنَةِ وَ كَانَ تَحْتَهٗ كَنْزٌ لَّهُمَا وَ كَانَ اَبُوْهُمَا صَالِحًا١ۚ فَاَرَادَ رَبُّكَ اَنْ یَّبْلُغَاۤ اَشُدَّهُمَا وَ یَسْتَخْرِجَا كَنْزَهُمَا١ۖۗ رَحْمَةً مِّنْ رَّبِّكَ١ۚ وَ مَا فَعَلْتُهٗ عَنْ اَمْرِیْ١ؕ ذٰلِكَ تَاْوِیْلُ مَا لَمْ تَسْطِعْ عَّلَیْهِ صَبْرًا٢ؕ۠۸۲
۽ اُها ڀِت شهر ۾ (رهڻ وارن) ٻن يتيم ٻارن جي هئي ۽ ان جي هيٺان انهن ٻنهين لاءِ هڪ خزانو (دفن ٿيل) هيو ۽ انهن ٻنهين جو پيءُ صالح هيو. سو تنهنجي پالڻهار ارادو ڪيو ته اُهي ٻئي پنهنجي جواني کي پهچن ۽ اُهي پنهنجو خزانو پاڻ ڪڍن، (اهو سڀ ڪجھ) تنهنجي پالڻهار پاران رحمت سبب آهي. ۽ مون اهو پنهنجي اختيار سان ڪونه ڪيو آهي. اِها انهن ڳالهين جي حقيقت آهي جن تي تون صبر ڪري نه سگهئين“.
وَ یَسْـَٔلُوْنَكَ عَنْ ذِی الْقَرْنَیْنِ١ؕ قُلْ سَاَتْلُوْا عَلَیْكُمْ مِّنْهُ ذِكْرًاؕ۸۳
۽ (اي نبي) تو کان ذوالقرنين بابت پڇن ٿا؟ چؤ ته: ”آءٌ هاڻي ان جو ڪجھ بيان اوهان کي پڙهي ٿو ٻڌايان.
اِنَّا مَكَّنَّا لَهٗ فِی الْاَرْضِ وَ اٰتَیْنٰهُ مِنْ كُلِّ شَیْءٍ سَبَبًاۙ۸۴
بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ اقتدار ڏنو هيو ۽ اسان کيس سڀ قسم جا اسباب (۽ وسيلا) ڏنا هئا.
حَتّٰۤى اِذَا بَلَغَ مَغْرِبَ الشَّمْسِ وَجَدَهَا تَغْرُبُ فِیْ عَیْنٍ حَمِئَةٍ وَّ وَجَدَ عِنْدَهَا قَوْمًا١ؕ۬ قُلْنَا یٰذَا الْقَرْنَیْنِ اِمَّاۤ اَنْ تُعَذِّبَ وَ اِمَّاۤ اَنْ تَتَّخِذَ فِیْهِمْ حُسْنًا۸۶
ايستائين جو جڏهن سج لهڻ جي جاءِ (يعني الهندي طرف آبادي جي آخري ڪناري) تي پهتو ان (سج) کي هڪ پاڻي جي گرم چشمي ۾ لهندو ڏٺائين ۽ اتي هڪ قوم (رهندڙَ) لڌائين“. اسان چيو: ”اي ذوالقرنين (تنهنجي اختيار آهي) يا انهن کي سزا ڏين يا انهن سان سهڻو سلوڪ ڪرين“.
قَالَ اَمَّا مَنْ ظَلَمَ فَسَوْفَ نُعَذِّبُهٗ ثُمَّ یُرَدُّ اِلٰى رَبِّهٖ فَیُعَذِّبُهٗ عَذَابًا نُّكْرًا۸۷
(ذوالقرنين) چيو ته: ”جيڪو ظلم ڪندو تنهن کي جلد سزا ڏينداسين پوءِ اُهو پنهنجي پالڻهار طرف موٽايو ويندو پوءِ اُهو ان کي سخت عذاب ڏيندو.
وَ اَمَّا مَنْ اٰمَنَ وَ عَمِلَ صَالِحًا فَلَهٗ جَزَآءَ اِ۟لْحُسْنٰى١ۚ وَ سَنَقُوْلُ لَهٗ مِنْ اَمْرِنَا یُسْرًاؕ۸۸
۽ پر جيڪو ايمان آڻيندو ۽ صالح عمل ڪندو ته ان جي لاءِ سهڻو بدلو آهي، ۽ عنقريب اسان به ان لاءِ پنهنجي احڪامن مان آسان احڪام ڏينداسين“.
حَتّٰۤى اِذَا بَلَغَ مَطْلِعَ الشَّمْسِ وَجَدَهَا تَطْلُعُ عَلٰى قَوْمٍ لَّمْ نَجْعَلْ لَّهُمْ مِّنْ دُوْنِهَا سِتْرًاۙ۹۰
ايستائين جو اُهو سج اڀرڻ واري جاءِ (يعني اڀرندي طرف آبادي جي آخري ڪناري) تي پهتو. اتي ان سج کي هڪ قوم تي اڀرندي ڏٺو جن لاءِ اسان سج کان (بچاءَ خاطر) ڪو پردو نه ڪيو هيو.
كَذٰلِكَ١ؕ وَ قَدْ اَحَطْنَا بِمَا لَدَیْهِ خُبْرًا۹۱
واقعو ائين ئي آهي. ۽ بيشڪ جو ڪجھ ان وٽ هيو اسان پنهنجي علم سان ان جو گهيرو ڪيو آهي.
حَتّٰۤى اِذَا بَلَغَ بَیْنَ السَّدَّیْنِ وَجَدَ مِنْ دُوْنِهِمَا قَوْمًا١ۙ لَّا یَكَادُوْنَ یَفْقَهُوْنَ قَوْلًا۹۳
ايستائين جو اُهو ٻن جبلن جي وچ ۾ (هڪ جاءِ تي) پهتو انهن پهاڙن جي پويان هڪ قوم آباد لڌائين جيڪي ڪا ڳالھ سمجهڻ جي ويجهو نه هئا.
قَالُوْا یٰذَا الْقَرْنَیْنِ اِنَّ یَاْجُوْجَ وَ مَاْجُوْجَ مُفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِ فَهَلْ نَجْعَلُ لَكَ خَرْجًا عَلٰۤى اَنْ تَجْعَلَ بَیْنَنَا وَ بَیْنَهُمْ سَدًّا۹۴
چيائون: ”اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج زمين ۾ (يعني ان علائقي ۾) فساد مچائيندڙ آهن ڇا پوءِ اسان تنهنجي لاءِ ڪجھ خرچ ڪڍون؟ جو تون اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ديوار بنائين“.
قَالَ مَا مَكَّنِّیْ فِیْهِ رَبِّیْ خَیْرٌ فَاَعِیْنُوْنِیْ بِقُوَّةٍ اَجْعَلْ بَیْنَكُمْ وَ بَیْنَهُمْ رَدْمًاۙ۹۵
(ذوالقرنين) چيو: ”منهنجي اختيار ۾ منهنجي پالڻهار جو ڪجھ ڏنو آهي اُهو بهتر آهي، پوءِ اوهان محنت (مزدوري) سان منهنجي مدد ڪيو ته آءٌ اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ مضبوط ديوار ٺاهيان.
اٰتُوْنِیْ زُبَرَ الْحَدِیْدِ١ؕ حَتّٰۤى اِذَا سَاوٰى بَیْنَ الصَّدَفَیْنِ قَالَ انْفُخُوْا١ؕ حَتّٰۤى اِذَا جَعَلَهٗ نَارًا١ۙ قَالَ اٰتُوْنِیْۤ اُفْرِغْ عَلَیْهِ قِطْرًاؕ۹۶
اوهان مون کي لوھ جا تختا (پَڙڇَ) آڻي ڏيو“. ايستائين جو جڏهن ٻنهين جبلن جي چوٽين وچ ۾ ديوار برابر ڪيائين، تڏهن چيائين ته: ”(ان ۾ باھ) ڦوڪيو“. ايستائين جو جڏهن (لوھ) کي (ڦوڪي ڦوڪي) باھ بنايائين ته چيائين: ”مون وٽ پگهريل ٽامو آڻيو ته ان مٿان پَلٽِيان“.
فَمَا اسْطَاعُوْۤا اَنْ یَّظْهَرُوْهُ وَ مَا اسْتَطَاعُوْا لَهٗ نَقْبًا۹۷
پوءِ انهن (ياجوج ماجوج) ۾ ايتري طاقت نه هئي جو ان تي چڙهي اچي سگهن ۽ نه ايتري همت جو ان ۾ سوراخ ڪري سگهن.
قَالَ هٰذَا رَحْمَةٌ مِّنْ رَّبِّیْ١ۚ فَاِذَا جَآءَ وَعْدُ رَبِّیْ جَعَلَهٗ دَكَّآءَ١ۚ وَ كَانَ وَعْدُ رَبِّیْ حَقًّاؕ۹۸
(ذوالقرنين) چيو: ”هي منهنجي پالڻهار جي طرفان رحمت آهي، پوءِ جڏهن منهنجي پالڻهار جي وعدي وارو وقت ايندو اُهو هن (ديوار) کي (ڪيرائي) هموار ڪري ڇڏيندو ۽ منهنجي پروردگار جو وعدو سچو آهي.
وَ تَرَكْنَا بَعْضَهُمْ یَوْمَىِٕذٍ یَّمُوْجُ فِیْ بَعْضٍ وَّ نُفِخَ فِی الصُّوْرِ فَجَمَعْنٰهُمْ جَمْعًاۙ۹۹
ان ڏينهن اسان ماڻهن کي ڇڏي ڏينداسين (سمنڊ جي موجن وانگر) پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرائيندا رهندا. ۽ صُور ۾ ڦُوڪ ڏني ويندي ته اسان انهن سڀني کي (حشرگاھ ۾) گڏ ڪنداسين.
وَّ عَرَضْنَا جَهَنَّمَ یَوْمَىِٕذٍ لِّلْكٰفِرِیْنَ عَرْضَاۙ۱۰۰
۽ اسان ان ڏينهن دوزخ کي ڪافرن لاءِ ظاهر ظهور ڪري ڇڏينداسين.
اِ۟لَّذِیْنَ كَانَتْ اَعْیُنُهُمْ فِیْ غِطَآءٍ عَنْ ذِكْرِیْ وَ كَانُوْا لَا یَسْتَطِیْعُوْنَ سَمْعًا۠۱۰۱
اُهي ماڻهو جن جون اکيون منهنجي ياد کان پردي ۾ هيون ۽ اُهي ٻڌي به نه سگهندا هئا.
اَفَحَسِبَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْۤا اَنْ یَّتَّخِذُوْا عِبَادِیْ مِنْ دُوْنِیْۤ اَوْلِیَآءَ١ؕ اِنَّاۤ اَعْتَدْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِیْنَ نُزُلًا۱۰۲
ڇا ڪافرن اِهو سمجهيو آهي ته اُهي مون کي ڇڏي منهنجي ٻانهن کي ڪارساز بنائيندا؟ بيشڪ اسان ڪافرن جي مهماني لاءِ دوزخ تيار ڪري رکيو آهي.
قُلْ هَلْ نُنَبِّئُكُمْ بِالْاَخْسَرِیْنَ اَعْمَالًاؕ۱۰۳
چؤ ته ڇا اسين اوهان کي ٻڌايون ته پنهنجي عملن ۾ سڀني کان وڌيڪ نامراد ماڻهو ڪير آهن؟
اَلَّذِیْنَ ضَلَّ سَعْیُهُمْ فِی الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا وَ هُمْ یَحْسَبُوْنَ اَنَّهُمْ یُحْسِنُوْنَ صُنْعًا۱۰۴
اهي ماڻهو آهن جن جي ساري ڪوشش دنيا جي زندگي ۾ گم ٿي وئي ۽ اُهي سمجهندا رهيا ته اُهي سڀ ڪجھ ٺيڪ ڪري رهيا آهن.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا بِاٰیٰتِ رَبِّهِمْ وَ لِقَآىِٕهٖ فَحَبِطَتْ اَعْمَالُهُمْ فَلَا نُقِیْمُ لَهُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ وَزْنًا۱۰۵
هي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار جي آيتن ۽ ساڻس ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ انهن جا عمل چَٽُ ٿي ويا، پوءِ اسان قيامت جي ڏينهن انهن کي ڪو وزن (۽ اهميت) نه ڏينداسين.
ذٰلِكَ جَزَآؤُهُمْ جَهَنَّمُ بِمَا كَفَرُوْا وَ اتَّخَذُوْۤا اٰیٰتِیْ وَ رُسُلِیْ هُزُوًا۱۰۶
اُهو جهنم ئي انهن جو بدلو آهي هن ڪري جو ڪفر ڪيائون ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن کي ڀوڳ ڪري ورتائون.
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَانَتْ لَهُمْ جَنّٰتُ الْفِرْدَوْسِ نُزُلًاۙ۱۰۷
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون، انهن جي ميزباني لاءِ (جنت جي سڀ کان اعليٰ طبقي) فردوس جا باغ هوندا.
خٰلِدِیْنَ فِیْهَا لَا یَبْغُوْنَ عَنْهَا حِوَلًا۱۰۸
انهن ۾ اهي هميشه رهندا اتان (جاءِ) مٽائڻ نه چاهيندا.
قُلْ لَّوْ كَانَ الْبَحْرُ مِدَادًا لِّكَلِمٰتِ رَبِّیْ لَنَفِدَ الْبَحْرُ قَبْلَ اَنْ تَنْفَدَ كَلِمٰتُ رَبِّیْ وَ لَوْ جِئْنَا بِمِثْلِهٖ مَدَدًا۱۰۹
چؤ ته جيڪڏهن سمنڊُ منهنجي پالڻهار جي ڳالهين (لکڻ) لاءِ مَسُ ٿئي ته منهنجي پالڻهار جون ڳالهيون پوريون ٿيڻ کان اڳ سمنڊ ختم ٿي ويندو ۽ توڙي اسان ان جهڙو ٻيو (سمنڊ) مدد لاءِ آڻيون.
قُلْ اِنَّمَاۤ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ یُوْحٰۤى اِلَیَّ اَنَّمَاۤ اِلٰهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ١ۚ فَمَنْ كَانَ یَرْجُوْا لِقَآءَ رَبِّهٖ فَلْیَعْمَلْ عَمَلًا صَالِحًا وَّ لَا یُشْرِكْ بِعِبَادَةِ رَبِّهٖۤ اَحَدًا۠۱۱۰
چؤ ته (معبود نه هجڻ ۾) آءٌ ته صرف اوهان وانگر انسان آهيان (ها) مون ڏانهن وحي ڪئي وڃي ٿي ته بيشڪ اوهان جو معبود صرف هڪ ئي معبود آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي ملاقات جي اميد رکي ٿو ان کي گهرجي ته نيڪ عمل ڪري ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۾ ڪنهن کي شريڪ نه بنائي.
كٓهٰیٰعٓصٓ۫ۚ۱
ڪاف، ها، يا، عين، صاد. (هي حروف مطقعات آهن هنن جو اصلي مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)
ذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِیَّاۖۚ۲
(هي) تنهنجي پروردگار جي رحمت جو ذڪر آهي (جيڪا) پنهنجي ٻانهي زڪريا تي ڪيائين.
قَالَ رَبِّ اِنِّیْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّیْ وَ اشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَیْبًا وَّ لَمْ اَكُنْۢ بِدُعَآىِٕكَ رَبِّ شَقِیًّا۴
چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي جسم جون هڏيون ڪمزور ٿي ويون ۽ مٿو ڪراڙپ سبب شعلي وانگر چمڪي (سفيد ٿي) ويو ۽ اي منهنجا مالڪ آءٌ ڪڏهن به تو کان دعا گهري محروم نه ٿيو آهيان.
وَ اِنِّیْ خِفْتُ الْمَوَالِیَ مِنْ وَّرَآءِیْ وَ كَانَتِ امْرَاَتِیْ عَاقِرًا فَهَبْ لِیْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِیًّاۙ۵
۽ آءٌ پنهنجي (لاڏاڻي) بعد پنهنجي (بي دين) رشتيدارن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سَنڍ آهي. سو تون مون کي پاڻ وٽان وارث (پُٽ) عطا ڪر.
یَّرِثُنِیْ وَ یَرِثُ مِنْ اٰلِ یَعْقُوْبَ١ۖۗ وَ اجْعَلْهُ رَبِّ رَضِیًّا۶
جيڪو منهنجو وارث بنجي ۽ يعقوب جي گھراڻي جو وارث بنجي ۽ اي منهنجا پروردگار! تون ان کي پسنديده (شخصيت) بناءِ“.
یٰزَكَرِیَّاۤ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ اِ۟سْمُهٗ یَحْیٰى١ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِیًّا۷
(جواب مليو): ”اي زڪريا! بيشڪ اسان تو کي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ڏيون ٿا جنهن جو نالو يحيٰ هوندو، هن کان اڳ اسان ان نالي وارو پيدا نه ڪيو آهي“.
قَالَ رَبِّ اَنّٰى یَكُوْنُ لِیْ غُلٰمٌ وَّ كَانَتِ امْرَاَتِیْ عَاقِرًا وَّ قَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِیًّا۸
(زڪريا) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي پُٽُ ڪيئن ٿيندو؟ حالانڪه منهنجي زال سَنڍِ آهي ۽ آءٌ ڪراڙپ جي انتهائي ضعيفي کي پهچي چڪو آهيان“.
قَالَ كَذٰلِكَ١ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَیَّ هَیِّنٌ وَّ قَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَ لَمْ تَكُ شَیْـًٔا۹
الله فرمايو!: ”ائين ئي ٿيندو“. تنهنجي پالڻهار فرمايو ته: ”اهو ڪم مون تي آسان آهي ۽ بيشڪ آءٌ هن کان اڳ تو کي پيدا ڪري چڪو آهيان ان حال ۾ جو تون ڪا شيءِ به نه هئين“.
قَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّیْۤ اٰیَةً١ؕ قَالَ اٰیَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَیَالٍ سَوِیًّا۱۰
زڪريا چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر“. فرمايائين: ”تنهنجي لاءِ نشاني هي آهي جو تون تندرست هوندي به ٽي راتيون ساندھ ڪنهن سان ڳالهائي نه سگهندين“.
فَخَرَجَ عَلٰى قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰۤى اِلَیْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّ عَشِیًّا۱۱
پوءِ (زڪريا) محراب منجھان پنهنجي قوم ڏانهن نڪتو، پوءِ انهن ڏانهن اشارو ڪيائين ته: ”توهان صبح ۽ شام (الله جي) تسبيح بيان ڪيو“.
یٰیَحْیٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ١ؕ وَ اٰتَیْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِیًّاۙ۱۲
(يحيٰ جي ولادت بعد چيوسين) ”اي يحيٰ! ڪتاب (تورات) کي مضبوطي سان وٺ“. ۽ اسان کيس ننڍپڻ ۾ حُڪم (۽ دانائي) ڏني.
وَّ حَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَ زَكٰوةً١ؕ وَ كَانَ تَقِیًّاۙ۱۳
۽ پاڻ وٽان دل جي نرمي ۽ پاڪيزگي ڏني. ۽ اُهو وڏو پرهيزگار هيو.
وَّ بَرًّۢا بِوَالِدَیْهِ وَ لَمْ یَكُنْ جَبَّارًا عَصِیًّا۱۴
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪندڙ هيو ۽ هرگز سرڪش نافرمان نه هيو.
وَ سَلٰمٌ عَلَیْهِ یَوْمَ وُلِدَ وَ یَوْمَ یَمُوْتُ وَ یَوْمَ یُبْعَثُ حَیًّا۠۱۵
۽ ان (يحيٰ) تي سلام هجي ان جي ميلاد جي ڏينهن ۽ جنهن ڏينهن لاڏاڻو ڪندو ۽ جنهن ڏينهن زنده ڪري اُٿاريو ويندو.
وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ مَرْیَمَ١ۘ اِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِیًّاۙ۱۶
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ مريم جو ذڪر ڪر. جڏهن اُها پنهنجي گهر وارن کان الڳ ٿي اوڀر واري جاءِ ۾ آئي.
فَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا١۪۫ فَاَرْسَلْنَاۤ اِلَیْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِیًّا۱۷
پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين، پوءِ اسان ان ڏانهن پنهنجو روحُ (الامين جبريل) موڪليو، پوءِ ان جي سامهون مڪمل بشري صورت ۾ ظاهر ٿيو.
قَالَتْ اِنِّیْۤ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِیًّا۱۸
(مريم) چيو: ”آءٌ تو کان وڏي مهربان (الله) جي پناھ وٺان ٿي جي تون (الله کان) ڊڄڻ وارو آهين“.
قَالَ اِنَّمَاۤ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ١ۖۗ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِیًّا۱۹
(جبرئيل) چيو: ”آءٌ ته صرف تنهنجي پالڻهار جو موڪليل آهيان، (ان لاءِ آيس) جو آءُ تو کي هڪ پاڪيزه پُٽ عطا ڪيان“.
قَالَتْ اَنّٰى یَكُوْنُ لِیْ غُلٰمٌ وَّ لَمْ یَمْسَسْنِیْ بَشَرٌ وَّ لَمْ اَكُ بَغِیًّا۲۰
(مريم) چيو: ”مون کي پُٽ ڪيئن ٿيندو ۽ نه ته مون کي ڪنهن ماڻهو ڇُهيو آهي ۽ نه ئي آءُ ڪا بدڪار عورت آهيان“.
قَالَ كَذٰلِكِ١ۚ قَالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَیَّ هَیِّنٌ١ۚ وَ لِنَجْعَلَهٗۤ اٰیَةً لِّلنَّاسِ وَ رَحْمَةً مِّنَّا١ۚ وَ كَانَ اَمْرًا مَّقْضِیًّا۲۱
(جبريل) چيو: ”ائين ئي ٿيندو“. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي ته: ”اِهو (ڪم) مون تي آسان آهي ۽ هِن لاءِ ته اسان ان کي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بنايون ۽ پاڻ وٽان رحمت بنايون ۽ هي حڪم (اڳ ۾) فيصلو ٿيل آهي“.
فَحَمَلَتْهُ فَانْتَبَذَتْ بِهٖ مَكَانًا قَصِیًّا۲۲
پوءِ (مريم) ان کي پيٽ ۾ کنيو (يعني حمل وارِي ٿي) ۽ ان حمل کي کڻي هڪ پَــرَ ڀَرِي جاءِ ڏانهن هلي وئي.
فَاَجَآءَهَا الْمَخَاضُ اِلٰى جِذْعِ النَّخْلَةِ١ۚ قَالَتْ یٰلَیْتَنِیْ مِتُّ قَبْلَ هٰذَا وَ كُنْتُ نَسْیًا مَّنْسِیًّا۲۳
پوءِ ويم جي سور ان کي هڪ کجيءَ جي ٿڙ ڏانهن آندو، (سُور سبب) چوڻ لڳي: ”هائو جي آءٌ اڳ مري وڃان ها ۽ ڀُلايل وِساريل هجان ها“.
فَنَادٰىهَا مِنْ تَحْتِهَاۤ اَلَّا تَحْزَنِیْ قَدْ جَعَلَ رَبُّكِ تَحْتَكِ سَرِیًّا۲۴
پوءِ ان کي پيراندي جي پاسي کان ان (ملائڪ) آواز ڏنو ته: ”غم نه ڪر بيشڪ تنهنجي پالڻهار تنهنجي هيٺان هڪ چشمو جاري ڪيو آهي.
وَ هُزِّیْۤ اِلَیْكِ بِجِذْعِ النَّخْلَةِ تُسٰقِطْ عَلَیْكِ رُطَبًا جَنِیًّا٘۲۵
۽ تون کجيءَ جي ٿُڙَ کي پاڻ ڏانهن ڌُوڻِ ته تو تي تازيون پڪل کجورون ڪيرائيندو.
فَكُلِیْ وَ اشْرَبِیْ وَ قَرِّیْ عَیْنًا١ۚ فَاِمَّا تَرَیِنَّ مِنَ الْبَشَرِ اَحَدًا١ۙ فَقُوْلِیْۤ اِنِّیْ نَذَرْتُ لِلرَّحْمٰنِ صَوْمًا فَلَنْ اُكَلِّمَ الْیَوْمَ اِنْسِیًّاۚ۲۶
پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ (حسين ٻچي کي ڏسي) اکيون ٿڌيون ڪر، ۽ پوءِ جي تون ماڻهن مان ڪو ڏسين ته پوءِ (اشاري سان) چؤ ته مون وڏي مهربان (الله) لاءِ (چُپِ جي) روزي جي باس باسي آهي سو اڄ آءٌ ڪنهن به انسان سان نه ڳالهائينديس“.
فَاَتَتْ بِهٖ قَوْمَهَا تَحْمِلُهٗ١ؕ قَالُوْا یٰمَرْیَمُ لَقَدْ جِئْتِ شَیْـًٔا فَرِیًّا۲۷
پوءِ ان (عيسيٰ) کي کڻي پنهنجي قوم وٽ آئي. چيائون: ”اي مريم! پڪ سان تون وڏو پاپُ ڪري کــڻي آئي آهين.
یٰۤاُخْتَ هٰرُوْنَ مَا كَانَ اَبُوْكِ امْرَاَ سَوْءٍ وَّ مَا كَانَتْ اُمُّكِ بَغِیًّاۖۚ۲۸
اي هارون جي ڀيڻ! نه تنهنجو پيءُ برو ماڻهو هيو ۽ نه تنهنجي ماءُ بدڪار هئي“.
فَاَشَارَتْ اِلَیْهِ١ؕ قَالُوْا كَیْفَ نُكَلِّمُ مَنْ كَانَ فِی الْمَهْدِ صَبِیًّا۲۹
پوءِ (مريم) ان (ٻار) ڏانهن اشارو ڪيو. چيائون: ”اُن سان ڪيئن ڳالهائينداسين جيڪو گود ۾ پيل هڪ ٻار آهي“.
قَالَ اِنِّیْ عَبْدُ اللّٰهِ١ؕ۫ اٰتٰىنِیَ الْكِتٰبَ وَ جَعَلَنِیْ نَبِیًّاۙ۳۰
(ٻار) چيو: ”بيشڪ آءٌ الله جو ٻانهو آهيان، ان مون کي ڪتاب عطا ڪيو آهي ۽ مون کي نبيءُ بنايو آهي.
وَّ جَعَلَنِیْ مُبٰرَكًا اَیْنَ مَا كُنْتُ١۪ وَ اَوْصٰنِیْ بِالصَّلٰوةِ وَ الزَّكٰوةِ مَا دُمْتُ حَیًّا٢۪ۖ۳۱
۽ مون کي برڪت وارو بنايائين آءٌ جتي به هجان ۽ ان مون کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏنو آهي جيستائين آءٌ جيئرو رهان.
وَّ بَرًّۢا بِوَالِدَتِیْ١٘ وَ لَمْ یَجْعَلْنِیْ جَبَّارًا شَقِیًّا۳۲
۽ (مون کي) پنهنجي جيجل سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ وارو (بنايائين) ۽ ان مون کي سرڪش بدبخت نه بنايو آهي.
وَ السَّلٰمُ عَلَیَّ یَوْمَ وُلِدْتُّ وَ یَوْمَ اَمُوْتُ وَ یَوْمَ اُبْعَثُ حَیًّا۳۳
۽ مون تي سلام هجي جنهن ڏينهن منهنجو ميلاد ٿيو ۽ جنهن ڏينهن آءٌ لاڏاڻو ڪندس ۽ جنهن ڏينهن مون کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو“.
ذٰلِكَ عِیْسَى ابْنُ مَرْیَمَ١ۚ قَوْلَ الْحَقِّ الَّذِیْ فِیْهِ یَمْتَرُوْنَ۳۴
اهو مريم جو پٽ عيسيٰ آهي، (اِها سندس باري ۾) سچي ڳالھ آهي جنهن ۾ اُهي شڪ ڪن ٿا.
مَا كَانَ لِلّٰهِ اَنْ یَّتَّخِذَ مِنْ وَّلَدٍ١ۙ سُبْحٰنَهٗ١ؕ اِذَا قَضٰۤى اَمْرًا فَاِنَّمَا یَقُوْلُ لَهٗ كُنْ فَیَكُوْنُؕ۳۵
اهو الله جي شان جي لائق ناهي جو (ڪنهن کي) پُٽ بنائي اُهو (ان کان) پاڪ آهي. جڏهن اهو ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو پوءِ ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿيءُ پؤُ “ ته اهو ٿي پوي ٿو.
وَ اِنَّ اللّٰهَ رَبِّیْ وَ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُ١ؕ هٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِیْمٌ۳۶
۽ (عيسيٰ چيو هيو ته:) ”بيشڪ الله منهنجو پالڻهار آهي ۽ توهان جو (به) پالڻهار آهي سو اوهان سندس عبادت ڪيو. هيءُ سڌو رستو آهي“.
فَاخْتَلَفَ الْاَحْزَابُ مِنْۢ بَیْنِهِمْ١ۚ فَوَیْلٌ لِّلَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْ مَّشْهَدِ یَوْمٍ عَظِیْمٍ۳۷
پوءِ فِرقن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جي اچڻ تي بربادي آهي.
اَسْمِعْ بِهِمْ وَ اَبْصِرْ١ۙ یَوْمَ یَاْتُوْنَنَا لٰكِنِ الظّٰلِمُوْنَ الْیَوْمَ فِیْ ضَلٰلٍ مُّبِیْنٍ۳۸
ڇا خوب ڏسندڙ هوندا ۽ ڇا خوب ٻڌندڙ هوندا! ان ڏينهن جنهن ۾ اسان وٽ حاضر ٿيندا پر ظالم ماڻهو اڄ کُلي گمراهي ۾ (پِــيَـــــلَ) آهن.
وَ اَنْذِرْهُمْ یَوْمَ الْحَسْرَةِ اِذْ قُضِیَ الْاَمْرُ١ۘ وَ هُمْ فِیْ غَفْلَةٍ وَّ هُمْ لَا یُؤْمِنُوْنَ۳۹
۽ انهن کي ڊيڄار حسرت (۽ پشيماني) واري ڏينهن کان، جڏهن (هر) ڳالھ جو فيصلو ڪيو ويندو. مگر اُهي غفلت ۾ آهن ۽ اُهي ايمان نه ٿا آڻن.
اِنَّا نَحْنُ نَرِثُ الْاَرْضَ وَ مَنْ عَلَیْهَا وَ اِلَیْنَا یُرْجَعُوْنَ۠۴۰
بيشڪ اسان زمين جا ۽ جيڪي ان مٿان آهن تن جا وارث آهيون ۽ (سڀ) اسان ڏانهن موٽايا ويندا.
وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ اِبْرٰهِیْمَ١ؕ۬ اِنَّهٗ كَانَ صِدِّیْقًا نَّبِیًّا۴۱
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ ابراهيم جي ڳالھ بيان ڪر. بيشڪ اُهو وڏو سچار نبي هيو.
اِذْ قَالَ لِاَبِیْهِ یٰۤاَبَتِ لِمَ تَعْبُدُ مَا لَا یَسْمَعُ وَ لَا یُبْصِرُ وَ لَا یُغْنِیْ عَنْكَ شَیْـًٔا۴۲
جنهن وقت پنهنجي پيءُ کي چيائين: ”اي منهنجا بابا! تون انهن (بتن) جي پوڄا ڇو ٿو ڪرين جي نه ٻُڌن ٿا ۽ نه ڏسن ٿا! ۽ نه توکي ڪنهن (ايذائيندڙ) شيءِ کان بچائن ٿا.
یٰۤاَبَتِ اِنِّیْ قَدْ جَآءَنِیْ مِنَ الْعِلْمِ مَا لَمْ یَاْتِكَ فَاتَّبِعْنِیْۤ اَهْدِكَ صِرَاطًا سَوِیًّا۴۳
اي منهنجا پيءَ! بيشڪ مون وٽ اهڙو علم آيو آهي جيڪو تو وٽ نه آيو آهي سو تون منهنجي پيروي ڪر ته آءٌ تو کي سڌي واٽ جي رهنمائي ڪيان.
یٰۤاَبَتِ لَا تَعْبُدِ الشَّیْطٰنَ١ؕ اِنَّ الشَّیْطٰنَ كَانَ لِلرَّحْمٰنِ عَصِیًّا۴۴
اي منهنجا پيءُ! تون شيطان جي پوڄا نه ڪر. بيشڪ شيطان وڏي مهربان (الله) جو بي فرمان آهي.
یٰۤاَبَتِ اِنِّیْۤ اَخَافُ اَنْ یَّمَسَّكَ عَذَابٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ فَتَكُوْنَ لِلشَّیْطٰنِ وَلِیًّا۴۵
اي منهنجا پيءُ! آءٌ ڊڄان ٿو متان وڏي مهربان (الله) پاران تو تي ڪو عذاب پهچي، پوءِ تون شيطان جو سنگتي ٿي پَـــوِين“.
قَالَ اَرَاغِبٌ اَنْتَ عَنْ اٰلِهَتِیْ یٰۤاِبْرٰهِیْمُ١ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهِ لَاَرْجُمَنَّكَ وَ اهْجُرْنِیْ مَلِیًّا۴۶
(آزر) چيو: ”اي ابراهيم! ڇا تون منهنجي معبودن کان منهن ڦيرائيندڙُ آهين؟ اگر تون باز نه آئين ته ضرور آءٌ تو کي سنگسار ڪندس ۽ تون مون کان هميشه لاءِ ڌار ٿي وڃ“.
قَالَ سَلٰمٌ عَلَیْكَ١ۚ سَاَسْتَغْفِرُ لَكَ رَبِّیْ١ؕ اِنَّهٗ كَانَ بِیْ حَفِیًّا۴۷
(ابراهيم) چيو: ”تو تي سلام هجي. آءٌ هاڻي ئي پنهنجي پالڻهار کان تنهنجي لاءِ بخشش گهرندس بيشڪ اُهو مون تي گهڻو مهربان آهي.
وَ اَعْتَزِلُكُمْ وَ مَا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَ اَدْعُوْا رَبِّیْ١ۖ٘ عَسٰۤى اَلَّاۤ اَكُوْنَ بِدُعَآءِ رَبِّیْ شَقِیًّا۴۸
۽ آءٌ اوهان کان جدا ٿيان ٿو ۽ الله کي ڇڏي اوهان جن (بتن) کي پوڄيو ٿا (تن سڀني کان به جدا ٿيان ٿو.) ۽ آءٌ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪندس. اميد آهي ته آءٌ پنهنجي پروردگار جي عبادت سبب محروم نه رهندس.
فَلَمَّا اعْتَزَلَهُمْ وَ مَا یَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ١ۙ وَهَبْنَا لَهٗۤ اِسْحٰقَ وَ یَعْقُوْبَ١ؕ وَ كُلًّا جَعَلْنَا نَبِیًّا۴۹
پوءِ جڏهن (ابراهيم) انهن ماڻهن کان ۽ انهن (بتن) کان جن کي اُهي الله کي ڇڏي پوڄيندا هئا الڳ ٿلڳ ٿي ويو (ته) اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (پُٽ ۽ پوٽو) بخشي ڏنا ۽ اسان انهن سڀني کي نبيءُ بنايو.
وَ وَهَبْنَا لَهُمْ مِّنْ رَّحْمَتِنَا وَ جَعَلْنَا لَهُمْ لِسَانَ صِدْقٍ عَلِیًّا۠۵۰
۽ انهن کي اسان پنهنجي رحمت مان عطائون ڪيون ۽ اسان انهن جي لاءِ سچي ۽ دائمي تعريف جو آواز بُلند ڪيو.
وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ مُوْسٰۤى١٘ اِنَّهٗ كَانَ مُخْلَصًا وَّ كَانَ رَسُوْلًا نَّبِیًّا۵۱
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ موسيٰ جو ذڪر ڪر. بيشڪ اُهو چونڊيل ۽ صاحبِ رسالت نبي هيو.
وَ نَادَیْنٰهُ مِنْ جَانِبِ الطُّوْرِ الْاَیْمَنِ وَ قَرَّبْنٰهُ نَجِیًّا۵۲
۽ اسان کيس (جبل) طُور جي ساڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ کيس ويجهو ڪيو.
وَ وَهَبْنَا لَهٗ مِنْ رَّحْمَتِنَاۤ اَخَاهُ هٰرُوْنَ نَبِیًّا۵۳
۽ اسان پنهنجي رحمت سان سندس ڀاءُ هارون کي نبي بنائي (بطور مددگار) کيس بخشي ڏنو.
وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ اِسْمٰعِیْلَ١٘ اِنَّهٗ كَانَ صَادِقَ الْوَعْدِ وَ كَانَ رَسُوْلًا نَّبِیًّاۚ۵۴
۽ ڪتاب ۾ اسماعيل جو ذڪر (به) ڪر. بيشڪ اُهو وعدي جو سچو هيو ۽ موڪليل نبي هيو.
وَ كَانَ یَاْمُرُ اَهْلَهٗ بِالصَّلٰوةِ وَ الزَّكٰوةِ١۪ وَ كَانَ عِنْدَ رَبِّهٖ مَرْضِیًّا۵۵
۽ اُهو پنهنجي گهر ڀاتين کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏيندو هيو ۽ اهو پنهنجي پاليندڙ وٽ پسند ڪيل هيو.
وَ اذْكُرْ فِی الْكِتٰبِ اِدْرِیْسَ١٘ اِنَّهٗ كَانَ صِدِّیْقًا نَّبِیًّاۗۙ۵۶
۽ ڪتاب (قرآن) ۾ ادريس جو ذڪر (به) ڪر. بيشڪ اُهو وڏو سچار نبي هيو.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ اَنْعَمَ اللّٰهُ عَلَیْهِمْ مِّنَ النَّبِیّٖنَ مِنْ ذُرِّیَّةِ اٰدَمَ١ۗ وَ مِمَّنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ١٘ وَّ مِنْ ذُرِّیَّةِ اِبْرٰهِیْمَ وَ اِسْرَآءِیْلَ١٘ وَ مِمَّنْ هَدَیْنَا وَ اجْتَبَیْنَا١ؕ اِذَا تُتْلٰى عَلَیْهِمْ اٰیٰتُ الرَّحْمٰنِ خَرُّوْا سُجَّدًا وَّ بُكِیًّا۩۵۸
اِهي اُهي آهن جن تي الله انعام ڪيو آهي جيڪي نبين مان آهن جيڪي آدم جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان آهن جن کي اسان نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيو هيو ۽ ابراهيم ۽ اسرائيل (يعني يعقوب) جي اولاد مان آهن. ۽ انهن مان آهن جن کي اسان هدايت ڪئي ۽ اسان پسند ڪيو ۽ جڏهن انهن تي رحمان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته اُهي ڪِري پَوَن ٿا سجدا ڪندي ۽ روئندي.
فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ غَیًّاۙ۵۹
پوءِ انهن کان پوءِ اهڙا نالائق ماڻهو سندن جانشين ٿيا جن نماز ڇڏي ڏني، ۽ نفساني خواهشن جي پُٺيان پيا پوءِ جلد اهي گمراهي (جي سزا) کي ڏسندا. (۽ اهي جهنم جي غَـــيّا ۾ ڦِٽا ڪيا ويندا.)
اِلَّا مَنْ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ صَالِحًا فَاُولٰٓىِٕكَ یَدْخُلُوْنَ الْجَنَّةَ وَ لَا یُظْلَمُوْنَ شَیْـًٔاۙ۶۰
سواءِ انهن ماڻهن جي جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائون ۽ نيڪ عمل ڪيائون پوءِ اُهي بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن تي ڪجھ به ظلم ڪونه ڪيو ويندو.
جَنّٰتِ عَدْنِ اِ۟لَّتِیْ وَعَدَ الرَّحْمٰنُ عِبَادَهٗ بِالْغَیْبِ١ؕ اِنَّهٗ كَانَ وَعْدُهٗ مَاْتِیًّا۶۱
هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جو وڏي مهربان (الله) پنهنجي ٻانهن سان غائبانه وعدو ڪيو آهي بيشڪ ان جو وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي.
لَا یَسْمَعُوْنَ فِیْهَا لَغْوًا اِلَّا سَلٰمًا١ؕ وَ لَهُمْ رِزْقُهُمْ فِیْهَا بُكْرَةً وَّ عَشِیًّا۶۲
اُهي ان ۾ ڪا بيهودي ڳالھ نه ٻڌندا سواءِ ”سلام“ جي. ۽ انهن لاءِ ان ۾ صبح ۽ شام سندن روزي (موجود) هوندي.
تِلْكَ الْجَنَّةُ الَّتِیْ نُوْرِثُ مِنْ عِبَادِنَا مَنْ كَانَ تَقِیًّا۶۳
هي اُها جنت آهي جنهن جو وارث اسان پنهنجي ٻانهن مان ان کي بنائينداسين جيڪو پرهيزگار هوندو.
وَ مَا نَتَنَزَّلُ اِلَّا بِاَمْرِ رَبِّكَ١ۚ لَهٗ مَا بَیْنَ اَیْدِیْنَا وَ مَا خَلْفَنَا وَ مَا بَیْنَ ذٰلِكَ١ۚ وَ مَا كَانَ رَبُّكَ نَسِیًّاۚ۶۴
۽ (اي جبرائيل نبيءَ کي چؤ ته) اسان تنهنجي پالڻهار جي حڪم بنا هيٺ نه ٿا لهون، سڀ ان جو آهي جيڪي اسان جي اڳيان آهي ۽ جيڪي اسان جي پُٺيان آهي ۽ جيڪو ان جي وچ ۾ آهي ۽ تنهنجو پروردگار وسارڻ وارو نه آهي.
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا فَاعْبُدْهُ وَ اصْطَبِرْ لِعِبَادَتِهٖ١ؕ هَلْ تَعْلَمُ لَهٗ سَمِیًّا۠۶۵
(اهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪو ڪجھ انهن جي وچ ۾ آهي (سڀني جو) پوءِ ان جي عبادت ڪر ۽ ان جي عبادت ۾ ثابت قدم رھ. ڇا تون ڪو سندس نالي وارو (ڪو سندس هم نام) ڄاڻين ٿو؟
وَ یَقُوْلُ الْاِنْسَانُ ءَاِذَا مَا مِتُّ لَسَوْفَ اُخْرَجُ حَیًّا۶۶
۽ انسان چوي ٿو ته: ”ڇا (واقعي به) جڏهن آءٌ مري ويندس ته جلدي جيئرو ڪري اٿاريو ويندس“؟
اَوَ لَا یَذْكُرُ الْاِنْسَانُ اَنَّا خَلَقْنٰهُ مِنْ قَبْلُ وَ لَمْ یَكُ شَیْـًٔا۶۷
ڇا انسان کي ياد نه ٿو اچي جو اسان کيس اڳ پيدا ڪري چڪا آهيون جڏهن اُهو ڪا شيءِ ئي نه هيو.
فَوَرَبِّكَ لَنَحْشُرَنَّهُمْ وَ الشَّیٰطِیْنَ ثُمَّ لَنُحْضِرَنَّهُمْ حَوْلَ جَهَنَّمَ جِثِیًّاۚ۶۸
پوءِ تنهنجي پروردگار جو قسم ته اسان ضرور انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسين پوءِ انهن کي ضرور جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀَــــرِ ڪِريَلُ آڻي حاضر ڪنداسين.
ثُمَّ لَنَنْزِعَنَّ مِنْ كُلِّ شِیْعَةٍ اَیُّهُمْ اَشَدُّ عَلَى الرَّحْمٰنِ عِتِیًّاۚ۶۹
پوءِ اسان هر ٽولي مان اهڙي ماڻهو کي ضرور چونڊي جدا ڪنداسين جيڪو وڏي مهربان (الله) جي مقابلي ۾ وڌيڪ سرڪشي ڪرڻ وارو هيو.
ثُمَّ لَنَحْنُ اَعْلَمُ بِالَّذِیْنَ هُمْ اَوْلٰى بِهَا صِلِیًّا۷۰
پوءِ اسان انهن ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي دوزخ ۾ پوڻ جا وڌيڪ حقدار آهن.
وَ اِنْ مِّنْكُمْ اِلَّا وَارِدُهَا١ۚ كَانَ عَلٰى رَبِّكَ حَتْمًا مَّقْضِیًّاۚ۷۱
۽ اوهان مان ڪوبه اهڙو ناهي مگر ان جو ان (دوزخ) تان گذر ٿيڻ وارو آهي، اها طئي ٿيل ڳالھ آهي جنهن جو پورو ڪرڻ تنهنجي پالڻهار جي ذمي آهي.
ثُمَّ نُنَجِّی الَّذِیْنَ اتَّقَوْا وَّ نَذَرُ الظّٰلِمِیْنَ فِیْهَا جِثِیًّا۷۲
پوءِ اسان انهن کي بچائينداسين جن (دنيا ۾) پرهيزگاري ڪئي ۽ ظالمن کي ان ۾ گوڏن ڀَرِ ڪِريل ڇڏينداسين.
وَ اِذَا تُتْلٰى عَلَیْهِمْ اٰیٰتُنَا بَیِّنٰتٍ قَالَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا١ۙ اَیُّ الْفَرِیْقَیْنِ خَیْرٌ مَّقَامًا وَّ اَحْسَنُ نَدِیًّا۷۳
۽ جڏهن انهن تي اسان جون چِٽيون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انڪار ڪرڻ وارا ايمان وارن کي چون ٿا ته: ”(هن دنيا ۾ ئي ڏسو ته) ٻنهين گروهن مان ڪير بهتر حالت ۾ آهي ۽ ڪنهن جي مجلس وڌيڪ سهڻي آهي“؟
وَ كَمْ اَهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْنٍ هُمْ اَحْسَنُ اَثَاثًا وَّ رِءْیًا۷۴
حالانڪه انهن کان اڳ اسان ڪيترين ئي اهڙين قومن کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون جن جو ساز و سامان ۽ ڏيکاءُ (هنن کان) گهڻو بهتر هيو.
قُلْ مَنْ كَانَ فِی الضَّلٰلَةِ فَلْیَمْدُدْ لَهُ الرَّحْمٰنُ مَدًّا١ۚ۬ حَتّٰۤى اِذَا رَاَوْا مَا یُوْعَدُوْنَ اِمَّا الْعَذَابَ وَ اِمَّا السَّاعَةَ١ؕ فَسَیَعْلَمُوْنَ مَنْ هُوَ شَرٌّ مَّكَانًا وَّ اَضْعَفُ جُنْدًا۷۵
چؤ ته جيڪو گمراهي ۾ آهي وڏو مهربان (الله) ان کي خوب ڊگهي مُهلت ڏيندو آهي. ايستائين جو جڏهن اُهي اُها شيءِ ڏسندا جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو وڃي ٿو يا عذاب يا قيامت جي گھڙي تڏهن اُهي ڄاڻندا ته (هاڻي) ڪنهن جو حال وڌيڪ خراب ۽ ڪنهن جو لشڪر وڌيڪ ڪمزور آهي؟
وَ یَزِیْدُ اللّٰهُ الَّذِیْنَ اهْتَدَوْا هُدًى١ؕ وَ الْبٰقِیٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَیْرٌ عِنْدَ رَبِّكَ ثَوَابًا وَّ خَیْرٌ مَّرَدًّا۷۶
۽ الله هدايت يافته ماڻهن جي هدايت ۾ واڌارو ڪري ٿو ۽ باقي رهڻ وارا صالح عملَ تنهنجي پالڻهار وٽ اجر ثواب ۾ ڀلا آهن ۽ انهن جو نتيجو به گهڻو ڀلو آهي.
اَفَرَءَیْتَ الَّذِیْ كَفَرَ بِاٰیٰتِنَا وَ قَالَ لَاُوْتَیَنَّ مَالًا وَّ وَلَدًاؕ۷۷
ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جنهن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مون کي ضرور مال ۽ اولاد ڏنو ويندو.
اَطَّلَعَ الْغَیْبَ اَمِ اتَّخَذَ عِنْدَ الرَّحْمٰنِ عَهْدًاۙ۷۸
ڇا غيب تي آگاھ ٿيو آهي يا وڏي مهربان (الله) کان ڪو معاهدو ورتو اٿس!
كَلَّا١ؕ سَنَكْتُبُ مَا یَقُوْلُ وَ نَمُدُّ لَهٗ مِنَ الْعَذَابِ مَدًّاۙ۷۹
هرگز نه. جيڪي چوي ٿو سو اسان لکندا رهنداسين ۽ ان لاءِ سزا کي ڊگهو ڪندا رهنداسين.
وَّ نَرِثُهٗ مَا یَقُوْلُ وَ یَاْتِیْنَا فَرْدًا۸۰
۽ جيڪي چوي ٿو (مرڻ بعد) ان جا اسان وارث ٿينداسين ۽ اهو اسان وٽ اڪيلو ايندو.
وَ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اٰلِهَةً لِّیَكُوْنُوْا لَهُمْ عِزًّاۙ۸۱
۽ انهن الله کي ڇڏي (ڪيئي ٻيا) معبود بنايا آهن هن لاءِ ته اُهي سندن واسطي عزت جو سبب بنجن.
كَلَّا١ؕ سَیَكْفُرُوْنَ بِعِبَادَتِهِمْ وَ یَكُوْنُوْنَ عَلَیْهِمْ ضِدًّا۠۸۲
هرگز (ائين) ناهي عنقريب اُهي (ڪوڙا معبود) انهن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿي ويندا.
اَلَمْ تَرَ اَنَّاۤ اَرْسَلْنَا الشَّیٰطِیْنَ عَلَى الْكٰفِرِیْنَ تَؤُزُّهُمْ اَزًّاۙ۸۳
ڇا تو نه ڏٺو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي ڇڏيو آهي اُهي کين (گناهن تي) خوب اڀارن ٿا.
فَلَا تَعْجَلْ عَلَیْهِمْ١ؕ اِنَّمَا نَعُدُّ لَهُمْ عَدًّاۚ۸۴
پوءِ تون انهن لاءِ (عذاب اچڻ جي) جلدي نه ڪر. اسان خود انهن جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهيون.
یَوْمَ نَحْشُرُ الْمُتَّقِیْنَ اِلَى الرَّحْمٰنِ وَفْدًاۙ۸۵
جنهن ڏينهن اسان پرهيزگارن کي گڏ ڪري رحمان جي حضور (معزز مهمانن وانگر سوارين تي) آڻينداسين.
وَّ نَسُوْقُ الْمُجْرِمِیْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ وِرْدًاۘ۸۶
۽ اسان ڏوهارين کي جهنم ڏانهن اُڃَايَلُ (جانور وانگر) هڪلي اينداسين.
لَا یَمْلِكُوْنَ الشَّفَاعَةَ اِلَّا مَنِ اتَّخَذَ عِنْدَ الرَّحْمٰنِ عَهْدًاۘ۸۷
(ان ڏينهن) ماڻهو شفاعت جا مالڪ نه هوندا سواءِ ان جي جنهن رحمان کان عهد ورتو هوندو.
وَ قَالُوا اتَّخَذَ الرَّحْمٰنُ وَلَدًاؕ۸۸
۽ اهي چون ٿا ته: رحمان (پنهنجي لاءِ) اولاد بنايو آهي.
لَقَدْ جِئْتُمْ شَیْـًٔا اِدًّاۙ۸۹
بيشڪ اوهان (اي مُشرڪو!) بڇڙي شيءِ (زبان تي گھڙي) آندي آهي.
تَكَادُ السَّمٰوٰتُ یَتَفَطَّرْنَ مِنْهُ وَ تَنْشَقُّ الْاَرْضُ وَ تَخِرُّ الْجِبَالُ هَدًّاۙ۹۰
ان (بهتان) کان قريب آهي جو آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين ڏري پوي ۽ پهاڙ پُرزا پُرزا ٿي ڪِري پون.
اَنْ دَعَوْا لِلرَّحْمٰنِ وَلَدًاۚ۹۱
جو انهن وڏي مهربان (الله) لاءِ اولاد جي دعويٰ ڪئي آهي.
وَ مَا یَنْۢبَغِیْ لِلرَّحْمٰنِ اَنْ یَّتَّخِذَ وَلَدًاؕ۹۲
۽ رحمان لاءِ اِها ڳالھ ٺهي ئي نه ٿي جو (ڪنهن کي پنهنجو) اولاد بنائي.
اِنْ كُلُّ مَنْ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ اِلَّاۤ اٰتِی الرَّحْمٰنِ عَبْدًاؕ۹۳
جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو وڏي مهربان (الله) وٽ ٻانهو بنجي پيش ٿيڻ وارو آهي.
لَقَدْ اَحْصٰىهُمْ وَ عَدَّهُمْ عَدًّاؕ۹۴
بيشڪ انهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو اٿس ۽ انهن کي پوري طرح شمار ڪيو اٿس.
وَ كُلُّهُمْ اٰتِیْهِ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ فَرْدًا۹۵
۽ اهي سڀئي وٽس قيامت واري ڏينهن اڪيلا ايندا.
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَیَجْعَلُ لَهُمُ الرَّحْمٰنُ وُدًّا۹۶
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ته جلد وڏو مهربان (الله) انهن لاءِ (ماڻهن جي دلين ۾) محبت پيدا ڪندو.
فَاِنَّمَا یَسَّرْنٰهُ بِلِسَانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ الْمُتَّقِیْنَ وَ تُنْذِرَ بِهٖ قَوْمًا لُّدًّا۹۷
پوءِ بيشڪ اسان هن (قرآن) کي تنهنجي زبان ۾ آسان ڪيو آهي تان جو تون ان جي ذريعي پرهيزگارن کي خوشخبري ٻڌائين ۽ ان جي ذريعي جهڳڙالو قوم کي ڊيڄارين.
وَ كَمْ اَهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْنٍ١ؕ هَلْ تُحِسُّ مِنْهُمْ مِّنْ اَحَدٍ اَوْ تَسْمَعُ لَهُمْ رِكْزًا۠۹۸
۽ اسان انهن کان اڳ ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون. ڇا تون انهن مان ڪنهن هڪ جو وجود ڏسين ٿو يا انهن جي ڪا ڀُڻڪ ٻڌين ٿو.
مَاۤ اَنْزَلْنَا عَلَیْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰۤىۙ۲
(اي نبيءِ محترم!) اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته تون تڪليف ۾ پئجي وڃين.
تَنْزِیْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَ السَّمٰوٰتِ الْعُلٰىؕ۴
ان (الله) جي طرفان لاٿل آهي جنهن زمين کي ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.
اَلرَّحْمٰنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوٰى۵
(اُهو) وڏو مهربان آهي جو (ڪائنات جي) تختِ سلطنت تي جلوه فرما آهي.
لَهٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا وَ مَا تَحْتَ الثَّرٰى۶
(سڀ) سندس آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي آلي مِٽِي (يعني زمين جي هيٺئين آخري تھ) جي هيٺان آهي.
وَ اِنْ تَجْهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ یَعْلَمُ السِّرَّ وَ اَخْفٰى۷
۽ جي تون ڳالھ ڏاڍيان ڪرين (يا آهستي) ته بيشڪ اهو (هر) ڳُجھ ۽ لِڪل شيءِ کي ڄاڻي ٿو.
اَللّٰهُ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ١ؕ لَهُ الْاَسْمَآءُ الْحُسْنٰى۸
الله اُهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي. ان جا نالا تمام سهڻا آهن.
اِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُثُوْۤا اِنِّیْۤ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّیْۤ اٰتِیْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَى النَّارِ هُدًى۱۰
جڏهن ان هڪ باھ کي ڏٺو پوءِ پنهنجي گهروارن کي چيائين ته: ”ترسو مون هڪ باھ ڏٺي آهي شايد ان مان ڪو ٽانڊو اوهان وٽ کڻي اچان يا باھ وٽ (پهچڻ سان) مون کي رستي جي رهنمائي ملي“.
اِنِّیْۤ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَیْكَ١ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًىؕ۱۲
بيشڪ آءٌ تنهنجو پالڻهار آهيان سو تون پنهنجي جُتي لاھ، بيشڪ تون طُويٰ جي پاڪ وادي ۾ آهين.
وَ اَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا یُوْحٰى۱۳
مون تو کي (رسالت لاءِ) چونڊيو آهي پوءِ تون ٻُڌ جا تو کي وحي ڪئي وڃي ٿي.
اِنَّنِیْۤ اَنَا اللّٰهُ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّاۤ اَنَا فَاعْبُدْنِیْ١ۙ وَ اَقِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِیْ۱۴
بيشڪ آءٌ الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ تون منهنجي عبادت ڪر ۽ منهنجي يادگيري لاءِ نماز قائم ڪر.
اِنَّ السَّاعَةَ اٰتِیَةٌ اَكَادُ اُخْفِیْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا تَسْعٰى۱۵
بيشڪ (قيامت جي) گهڙي اچڻ واري آهي آءٌ ان (جي وقت) کي لڪل رکڻ چاهيان ٿو هن لاءِ ته هر شخص کي ان جو بدلو ملي جنهن لاءِ اهو ڪوشش ڪري ٿو.
فَلَا یَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا یُؤْمِنُ بِهَا وَ اتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى۱۶
پوءِ تو کي ان (قيامت جي فڪر) کان اُهو ماڻهو روڪي نه وجهي جيڪو ان تي ويساھ نه ٿو رکي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو آهي ورنه تون (به) هلاڪ ٿي ويندين.
قَالَ هِیَ عَصَایَ١ۚ اَتَوَكَّؤُا عَلَیْهَا وَ اَهُشُّ بِهَا عَلٰى غَنَمِیْ وَ لِیَ فِیْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى۱۸
(موسيٰ) چيو: ”هيءَ منهنجي لٺِ آهي، جنهن تي ٽيڪ لڳايان ٿو ۽ اُن سان پنهنجي ٻڪرين لاءِ پَنَ ڇاڻيان ٿو ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ٻيا به (گهڻا) فائدا آهن“.
فَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِیَ حَیَّةٌ تَسْعٰى۲۰
پوءِ ان کي اڇلايائين ته اُتي جو اُتي نانگ ٿي پئي (جو) ڊوڙڻ لڳو.
قَالَ خُذْهَا وَ لَا تَخَفْ١ٙ سَنُعِیْدُهَا سِیْرَتَهَا الْاُوْلٰى۲۱
(الله) فرمايو: ”ان کي پڪڙ ۽ نه ڊڄ، اسان ان کي هاڻي ئي پهرين شڪل ۾ موٽائينداسين.
وَ اضْمُمْ یَدَكَ اِلٰى جَنَاحِكَ تَخْرُجْ بَیْضَآءَ مِنْ غَیْرِ سُوْٓءٍ اٰیَةً اُخْرٰىۙ۲۲
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ دٻاءِ اُهو ڪنهن بيماري کان سواءِ سفيد (چمڪدار) ٿي نڪرندو، (اِها) ٻي نشاني آهي.
لِنُرِیَكَ مِنْ اٰیٰتِنَا الْكُبْرٰىۚ۲۳
هن لاءِ ته اسان تو کي پنهنجي وڏين نشانين مان ڏيکاريون.
قَالَ رَبِّ اشْرَحْ لِیْ صَدْرِیْۙ۲۵
(موسيٰ) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ منهنجو سينو ڪشادو ڪر.
وَ اجْعَلْ لِّیْ وَزِیْرًا مِّنْ اَهْلِیْۙ۲۹
۽ منهنجي لاءِ منهنجي گهر وارن مان هڪ وزير بناءِ.
قَالَ قَدْ اُوْتِیْتَ سُؤْلَكَ یٰمُوْسٰى۳۶
(الله) فرمايو: ”بلاشڪ اي موسيٰ جو تو سوال ڪيو سو توکي ڏنو ويو.
وَ لَقَدْ مَنَنَّا عَلَیْكَ مَرَّةً اُخْرٰۤىۙ۳۷
۽ بيشڪ اسان تو تي هڪ ٻيو ڀيرو به احسان ڪيو هيو.
اِذْ اَوْحَیْنَاۤ اِلٰۤى اُمِّكَ مَا یُوْحٰۤىۙ۳۸
جڏهن اسان تنهنجي ماءُ جي دل ۾ اُها ڳالھ وڌي جيڪا وحي ڪئي ويندي آهي.
اَنِ اقْذِفِیْهِ فِی التَّابُوْتِ فَاقْذِفِیْهِ فِی الْیَمِّ فَلْیُلْقِهِ الْیَمُّ بِالسَّاحِلِ یَاْخُذْهُ عَدُوٌّ لِّیْ وَ عَدُوٌّ لَّهٗ١ؕ وَ اَلْقَیْتُ عَلَیْكَ مَحَبَّةً مِّنِّیْ١ۚ۬ وَ لِتُصْنَعَ عَلٰى عَیْنِیْۘ۳۹
ته تون ان (موسيٰ) کي صندوق ۾ رک پوءِ ان کي درياء ۾ لوڙهي ڇڏ پوءِ درياء ان کي ڪناري سان آڻي لڳائيندو ان کي منهنجو دشمن ۽ سندس دشمن کڻندو. ۽ مون تو تي پاڻ وٽان محبت (۽ مقبوليت) وڌي (جيئن تو سان هرڪو محبت ڪري) ۽ اُهو هن لاءِ ته تون منهنجي نگراني ۾ پاليو وڃين.
اِذْ تَمْشِیْۤ اُخْتُكَ فَتَقُوْلُ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰى مَنْ یَّكْفُلُهٗ١ؕ فَرَجَعْنٰكَ اِلٰۤى اُمِّكَ كَیْ تَقَرَّ عَیْنُهَا وَ لَا تَحْزَنَ١ؕ۬ وَ قَتَلْتَ نَفْسًا فَنَجَّیْنٰكَ مِنَ الْغَمِّ وَ فَتَنّٰكَ فُتُوْنًا١۫۬ فَلَبِثْتَ سِنِیْنَ فِیْۤ اَهْلِ مَدْیَنَ١ۙ۬ ثُمَّ جِئْتَ عَلٰى قَدَرٍ یّٰمُوْسٰى۴۰
ياد ڪر جڏهن تنهنجي ڀيڻ هلندي آئي پوءِ (فرعون جي گهر وارن کي) چوڻ لڳي ڇا آءٌ اوهان کي ڪنهن (اهڙي عورت) جي خبر ڏيان جا هن (ٻار) جي پالنا ڪري؟ پوءِ اسان تو کي تنهنجي جيجل ڏانهن موٽايو، تانجو سندس اکيون ٿڌيون ٿين ۽ غم به نه ڪري. ۽ تو (فرعونين جو) هڪ ماڻهو ماريو هيو پوءِ اسان توکي (ان) غم کان نجات ڏني ۽ اسان تو کي گهڻين آزمائشن مان گذاري جانچيو. پوءِ تون ڪيترا سال مَديَن وارن ۾ رهئين پوءِ هاڻي تون ٺيڪ پنهنجي وقت تي آيو آهين، اي موسيٰ!
اِذْهَبْ اَنْتَ وَ اَخُوْكَ بِاٰیٰتِیْ وَ لَا تَنِیَا فِیْ ذِكْرِیْۚ۴۲
تون ۽ تنهنجو ڀاءُ (هارون) منهنجون نشانيون کڻي وڃو ۽ منهنجي ياد ۾ سستي نه ڪجو.
اِذْهَبَاۤ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰىۚۖ۴۳
توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو بيشڪ اُهو سرڪش ٿي ويو آهي.
فَقُوْلَا لَهٗ قَوْلًا لَّیِّنًا لَّعَلَّهٗ یَتَذَكَّرُ اَوْ یَخْشٰى۴۴
پوءِ اوهان ٻئي ان سان نرمي سان ڳالهائجو شايد اُهو نصيحت قبول ڪري يا ڊڄي“.
قَالَا رَبَّنَاۤ اِنَّنَا نَخَافُ اَنْ یَّفْرُطَ عَلَیْنَاۤ اَوْ اَنْ یَّطْغٰى۴۵
ٻنهين عرض ڪيو: ”اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان کي انديشو آهي ته اُهو اسان تي زيادتي ڪري يا (وڌيڪ) سرڪشي ڪري“.
قَالَ لَا تَخَافَاۤ اِنَّنِیْ مَعَكُمَاۤ اَسْمَعُ وَ اَرٰى۴۶
الله فرمايو: ”توهان ٻئي نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوهان ٻنهين سان گڏ آهيان (سڀ ڪجھ) ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.
فَاْتِیٰهُ فَقُوْلَاۤ اِنَّا رَسُوْلَا رَبِّكَ فَاَرْسِلْ مَعَنَا بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ١ۙ۬ وَ لَا تُعَذِّبْهُمْ١ؕ قَدْ جِئْنٰكَ بِاٰیَةٍ مِّنْ رَّبِّكَ١ؕ وَ السَّلٰمُ عَلٰى مَنِ اتَّبَعَ الْهُدٰى۴۷
پوءِ ٻئي ان وٽ وڃو پوءِ چئو ته اسان تنهنجي پالڻهار جا موڪليل (رسول) آهيون، پوءِ تون بني اسرائيل کي (غلاميءَ مان آزاد ڪري) اسان سان گڏ وڃڻ ڏي ۽ تون انهن کي نه ايذاءِ. بيشڪ اسان تو وٽ تنهنجي پروردگار کان نشاني کڻي آيا آهيون ۽ ان ماڻهو تي سلامتي آهي جنهن هدايت جي پيروي ڪئي.
اِنَّا قَدْ اُوْحِیَ اِلَیْنَاۤ اَنَّ الْعَذَابَ عَلٰى مَنْ كَذَّبَ وَ تَوَلّٰى۴۸
بيشڪ اسان ڏانهن وحي ڪئي وئي آهي ته بلاشڪ عذاب ان شخص تي آهي جيڪو (رسول کي) ڪوڙو چوي ۽ (حق کان) منهن ڦيري“.
قَالَ فَمَنْ رَّبُّكُمَا یٰمُوْسٰى۴۹
(فرعون) چيو: ”اي موسيٰ! ته پوءِ اوهان ٻنهين جو پالڻهار ڪير آهي“؟
قَالَ رَبُّنَا الَّذِیْۤ اَعْطٰى كُلَّ شَیْءٍ خَلْقَهٗ ثُمَّ هَدٰى۵۰
(موسيٰ) چيو: ”اسان جو پالڻهار اُهو آهي جنهن هر شيءِ کي ان جو وجود ڏنو پوءِ (ان کي) راھ ڏَسيائين“.
قَالَ فَمَا بَالُ الْقُرُوْنِ الْاُوْلٰى۵۱
(فرعون) چيو ته: ”اڳ گذري ويل قومن جو ڇا حال ٿيو“؟
قَالَ عِلْمُهَا عِنْدَ رَبِّیْ فِیْ كِتٰبٍ١ۚ لَا یَضِلُّ رَبِّیْ وَ لَا یَنْسَى٘۵۲
(موسيٰ) چيو: ”ان جو علم منهنجي پروردگار وٽ ڪتاب ۾ (محفوظ) آهي. منهنجو پروردگار نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀُلجي ٿو“.
الَّذِیْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا وَّ سَلَكَ لَكُمْ فِیْهَا سُبُلًا وَّ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً١ؕ فَاَخْرَجْنَا بِهٖۤ اَزْوَاجًا مِّنْ نَّبَاتٍ شَتّٰى۵۳
اهو ئي جنهن زمين کي توهان لاءِ وڇاڻو بنايو ۽ ان ۾ توهان لاءِ رستا بنايائين ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين. پوءِ اسان ان (پاڻيءَ) ذريعي (ڌرتي مان) قسمين قسمين جي ساوڪ جا جوڙا ڪڍيا.
كُلُوْا وَ ارْعَوْا اَنْعَامَكُمْ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیٰتٍ لِّاُولِی النُّهٰى۠۵۴
اوهان کائو ۽ پنهنجي جانورن کي چاريو. بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن.
مِنْهَا خَلَقْنٰكُمْ وَ فِیْهَا نُعِیْدُكُمْ وَ مِنْهَا نُخْرِجُكُمْ تَارَةً اُخْرٰى۵۵
ان (زمين) مان اسان اوهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ ان ۾ اوهان کي موٽائينداسين ۽ ان مان اوهان کي ٻيو ڀيرو ڪڍنداسين.
وَ لَقَدْ اَرَیْنٰهُ اٰیٰتِنَا كُلَّهَا فَكَذَّبَ وَ اَبٰى۵۶
۽ بيشڪ اسان ان (فرعون) کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون پر اُن ڪوڙو چيو ۽ (مڃڻ کان) انڪار ڪيائين.
قَالَ اَجِئْتَنَا لِتُخْرِجَنَا مِنْ اَرْضِنَا بِسِحْرِكَ یٰمُوْسٰى۵۷
(فرعون) چيو: ”اي موسيٰ! ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته پنهنجي جادوءَ سان اسان کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر ڪڍين؟
فَلَنَاْتِیَنَّكَ بِسِحْرٍ مِّثْلِهٖ فَاجْعَلْ بَیْنَنَا وَ بَیْنَكَ مَوْعِدًا لَّا نُخْلِفُهٗ نَحْنُ وَ لَاۤ اَنْتَ مَكَانًا سُوًى۵۸
پوءِ اسان به ضرور تو وٽ ان جي مقابلي ۾ اهڙو ئي جادو آڻينداسين پوءِ تون اسان جي ۽ پنهنجي وچ ۾ (مقابلي لاءِ) وقت طئي ڪر جنهن جي خلاف ورزي نه اسان ڪنداسين ۽ نه تون ڪجانءِ (اُها جاءِ) کليل ميدان هجي“.
قَالَ مَوْعِدُكُمْ یَوْمُ الزِّیْنَةِ وَ اَنْ یُّحْشَرَ النَّاسُ ضُحًى۵۹
(موسيٰ) چيو: ”توهان جي وعدي جو ڏينهن جشن وارو ڏينهن آهي ۽ هي ته ماڻهو ڪچڙي منجهند جو گڏ ٿين“.
فَتَوَلّٰى فِرْعَوْنُ فَجَمَعَ كَیْدَهٗ ثُمَّ اَتٰى۶۰
پوءِ فرعون واپس مُڙيو پوءِ ان پنهنجون (فريبي) سازشون گڏ ڪيون پوءِ (مقرر ٿيل وقت) تي آيو.
قَالَ لَهُمْ مُّوْسٰى وَیْلَكُمْ لَا تَفْتَرُوْا عَلَى اللّٰهِ كَذِبًا فَیُسْحِتَكُمْ بِعَذَابٍ١ۚ وَ قَدْ خَابَ مَنِ افْتَرٰى۶۱
(موسيٰ) انهن کي چيو: ”اوهان تي افسوس! الله تي ڪوڙو بهتان نه ٻَڌو ورنه ته اُهو اوهان کي عذاب جي ذريعي تباھ و برباد ڪري ڇڏيندو ۽ بيشڪ اُهو شخص برباد ٿي ويو جنهن (الله تي) بهتان ٻڌو“.
فَتَنَازَعُوْۤا اَمْرَهُمْ بَیْنَهُمْ وَ اَسَرُّوا النَّجْوٰى۶۲
پوءِ اُهي (جادوگر) پاڻ ۾ پنهنجي معاملي ۾ جهڳڙي پيا ۽ لِڪَ ڇپ ۾ مشورا ڪرڻ لڳا.
قَالُوْۤا اِنْ هٰذٰىنِ لَسٰحِرٰنِ یُرِیْدٰنِ اَنْ یُّخْرِجٰكُمْ مِّنْ اَرْضِكُمْ بِسِحْرِهِمَا وَ یَذْهَبَا بِطَرِیْقَتِكُمُ الْمُثْلٰى۶۳
چيائون: ”بيشڪ هي ٻئي جادوگر آهن چاهن ٿا پنهنجي جادو جي زور تي توهان کي توهان جي سرزمين مان ٻاهر ڪڍن ۽ توهان جي مثالي طريقهءِ (مذهب ۽ ثقافت) جو خاتمو ڪن.
فَاَجْمِعُوْا كَیْدَكُمْ ثُمَّ ائْتُوْا صَفًّا١ۚ وَ قَدْ اَفْلَحَ الْیَوْمَ مَنِ اسْتَعْلٰى۶۴
پوءِ پنهنجون سڀ تدبيرون گڏ ڪيو پوءِ قطار ٻڌي ميدان ۾ اچو ۽ بيشڪ اڄ ڏينهن اُهو ڪامياب ٿيندو جيڪو غالب ٿيندو“.
قَالُوْا یٰمُوْسٰۤى اِمَّاۤ اَنْ تُلْقِیَ وَ اِمَّاۤ اَنْ نَّكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَلْقٰى۶۵
(جادوگرن) چيو: ”اي موسيٰ (جادو) تون ٿو اڇلائين يا اول اسان اڇلائڻ وارا ٿيون“.
قَالَ بَلْ اَلْقُوْا١ۚ فَاِذَا حِبَالُهُمْ وَ عِصِیُّهُمْ یُخَیَّلُ اِلَیْهِ مِنْ سِحْرِهِمْ اَنَّهَا تَسْعٰى۶۶
(موسيٰ) چيو: ”بلڪه اوهان اڇلايو“. پوءِ ان ئي وقت انهن جون رسيون ۽ انهن جون لٺيون انهن جي جادو جي اثر سبب موسيٰ کي خيال ۾ ڊوڙندڙ محسوس ٿيون.
قُلْنَا لَا تَخَفْ اِنَّكَ اَنْتَ الْاَعْلٰى۶۸
اسان چيو: ”(اي موسيٰ) خوف نه ڪر بيشڪ تون ئي غالب آهين.
وَ اَلْقِ مَا فِیْ یَمِیْنِكَ تَلْقَفْ مَا صَنَعُوْا١ؕ اِنَّمَا صَنَعُوْا كَیْدُ سٰحِرٍ١ؕ وَ لَا یُفْلِحُ السَّاحِرُ حَیْثُ اَتٰى۶۹
۽ اڇلاءِ جا (لٺ) تنهنجي ساڄي هٿ ۾ آهي اُها ڳِهي ويندي جو ڪجھ انهن (ٺاھ) ٺاهيو آهي. جيڪو انهن ٺاهيو آهي سو رڳو جادوگر جو فريب آهي. ۽ جادوگر ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿو ٿئي ڀلي ڪهڙي به شان سان اچي“.
فَاُلْقِیَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قَالُوْۤا اٰمَنَّا بِرَبِّ هٰرُوْنَ وَ مُوْسٰى۷۰
پوءِ جادوگر سڀ سجدي ۾ ڪيرايا ويا چيائون: ”اسان هارون ۽ موسيٰ جي پالڻهار کي مڃيوسين“.
قَالَ اٰمَنْتُمْ لَهٗ قَبْلَ اَنْ اٰذَنَ لَكُمْ١ؕ اِنَّهٗ لَكَبِیْرُكُمُ الَّذِیْ عَلَّمَكُمُ السِّحْرَ١ۚ فَلَاُقَطِّعَنَّ اَیْدِیَكُمْ وَ اَرْجُلَكُمْ مِّنْ خِلَافٍ وَّ لَاُصَلِّبَنَّكُمْ فِیْ جُذُوْعِ النَّخْلِ١٘ وَ لَتَعْلَمُنَّ اَیُّنَاۤ اَشَدُّ عَذَابًا وَّ اَبْقٰى۷۱
(فرعون) چيو: ”اوهان ان تي ايمان آندو آهي ان کان اڳ جو آءٌ اوهان کي اجازت ڏيان بيشڪ اِهو اوهان جو وڏو (استاد) آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. پوءِ (هاڻي) ضرور آءٌ اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس. ۽ ضرور اوهان کي کجيءَ جي ٿُڙن ۾ ڦاهي چاڙهيندس ۽ اوهان ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنهن جو عذاب زياده سخت ۽ گھڻي مُدتَ تائين باقي رهڻ وارو آهي“. (يعني منهنجي سزا سخت ۽ ديرپا آهي يا موسيٰ جي)
قَالُوْا لَنْ نُّؤْثِرَكَ عَلٰى مَا جَآءَنَا مِنَ الْبَیِّنٰتِ وَ الَّذِیْ فَطَرَنَا فَاقْضِ مَاۤ اَنْتَ قَاضٍ١ؕ اِنَّمَا تَقْضِیْ هٰذِهِ الْحَیٰوةَ الدُّنْیَاؕ۷۲
(جادوگرن) چيو: ”اسان تو کي هرگز انهن چِٽن دليلن تي ترجيح نه ڏينداسين جيڪي اسان وٽ اچي چڪا آهن ۽ نه ان ذات تي (ترجيح ڏينداسين) جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي، پوءِ تون جو به فيصلو ڪرڻ واور آهين سو ڪر. تون فقط هن (ٿورن ڏينهن واري) دنياوي زندگي جي باري ۾ فيصلو ڪري سگهين ٿو.
اِنَّاۤ اٰمَنَّا بِرَبِّنَا لِیَغْفِرَ لَنَا خَطٰیٰنَا وَ مَاۤ اَكْرَهْتَنَا عَلَیْهِ مِنَ السِّحْرِ١ؕ وَ اللّٰهُ خَیْرٌ وَّ اَبْقٰى۷۳
بيشڪ اسان پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هن لاءِ ته اسان جون خطائون بخشي ۽ ان کي به (بخشي) جيڪو جادو تو اسان کان زبردستي ڪرايو. الله ئي بهتر آهي ۽ هميشه باقي رهڻ وارو آهي“.
اِنَّهٗ مَنْ یَّاْتِ رَبَّهٗ مُجْرِمًا فَاِنَّ لَهٗ جَهَنَّمَ١ؕ لَا یَمُوْتُ فِیْهَا وَ لَا یَحْیٰى۷۴
بيشڪ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار وٽ ڏوهاري بڻجي ايندو ته پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم آهي. ان ۾ نه مرندو ۽ نه جيئندو.
وَ مَنْ یَّاْتِهٖ مُؤْمِنًا قَدْ عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَاُولٰٓىِٕكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ الْعُلٰىۙ۷۵
۽ جيڪو ان وٽ مؤمن بنجي ايندو (۽) بلاشڪ ان نيڪ عمل ڪيا هوندا ته انهن ماڻهن لاءِ بلند درجا آهن.
جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا١ؕ وَ ذٰلِكَ جَزٰٓؤُا مَنْ تَزَكّٰى۠۷۶
(اُهي) هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون ان ۾ هميشه رهندا. ۽ اُهو (انعام) ان شخص جو بدلو آهي جنهن پاڪيزگي اختيار ڪئي.
وَ لَقَدْ اَوْحَیْنَاۤ اِلٰى مُوْسٰۤى١ۙ۬ اَنْ اَسْرِ بِعِبَادِیْ فَاضْرِبْ لَهُمْ طَرِیْقًا فِی الْبَحْرِ یَبَسًا١ۙ لَّا تَخٰفُ دَرَكًا وَّ لَا تَخْشٰى۷۷
۽ بيشڪ اسان موسيٰ ڏانهن وحي ڪئي ته منهنجي ٻانهن کي وٺي رات جو نڪر پوءِ انهن لاءِ سمنڊ ۾ (لٺ) هڻي سُڪل رستو بناءِ، نه پڪڙجڻ کان ڊڄ ۽ نه (ٻڏڻ) جو انديشو ڪر.
فَاَتْبَعَهُمْ فِرْعَوْنُ بِجُنُوْدِهٖ فَغَشِیَهُمْ مِّنَ الْیَمِّ مَا غَشِیَهُمْؕ۷۸
پوءِ فرعون پنهنجي لشڪرن سان سندن پٺيان پيو پوءِ سمنڊ انهن تي ڇانئجي ويو جيئن ڇانئجڻ جو حق آهي.
وَ اَضَلَّ فِرْعَوْنُ قَوْمَهٗ وَ مَا هَدٰى۷۹
۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراھ ئي ڪيو هيو ۽ صحيح رهنمائي نه ڪئي هيائين.
یٰبَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ قَدْ اَنْجَیْنٰكُمْ مِّنْ عَدُوِّكُمْ وَ وٰعَدْنٰكُمْ جَانِبَ الطُّوْرِ الْاَیْمَنَ وَ نَزَّلْنَا عَلَیْكُمُ الْمَنَّ وَ السَّلْوٰى۸۰
اي يعقوب جا اولاد بيشڪ اسان اوهان کي اوهان جي دشمن کان نجات ڏني ۽ اسان اوهان سان (جبل) طور جي برڪت واري پاسي (اچڻ جو) وعدو ڪيو ۽ اسان اوهان تي من ۽ سلويٰ لاٿو.
كُلُوْا مِنْ طَیِّبٰتِ مَا رَزَقْنٰكُمْ وَ لَا تَطْغَوْا فِیْهِ فَیَحِلَّ عَلَیْكُمْ غَضَبِیْ١ۚ وَ مَنْ یَّحْلِلْ عَلَیْهِ غَضَبِیْ فَقَدْ هَوٰى۸۱
ان پاڪيزه شين مان کائو جي اسان اوهان کي روزي ڪري ڏنيون آهن ۽ ان ۾ سرڪشي نه ڪيو نه ته توهان تي منهنجو غضب پوندو. ۽ جنهن مٿان منهنجو غضب پيو سو واقعي برباد ٿيو.
وَ اِنِّیْ لَغَفَّارٌ لِّمَنْ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ صَالِحًا ثُمَّ اهْتَدٰى۸۲
۽ بيشڪ آءٌ گهڻو بخشڻهار آهيان ان شخص لاءِ جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ ڀلا عمل ڪيائين پوءِ هدايت وارو ٿي ويو.
وَ مَاۤ اَعْجَلَكَ عَنْ قَوْمِكَ یٰمُوْسٰى۸۳
۽ اي موسيٰ ڪهڙي شيءِ توکي تنهنجي قوم کان اڳ ئي (طُور تي) وٺي آئي؟
قَالَ هُمْ اُولَآءِ عَلٰۤى اَثَرِیْ وَ عَجِلْتُ اِلَیْكَ رَبِّ لِتَرْضٰى۸۴
(موسيٰ) عرض ڪيو: ”اُهي منهنجي پويان اچي رهيا آهن ۽ مون (محبت وچان) تو ڏي اچڻ ۾ جلدي ڪئي اي پالڻهار تان ته تون راضي ٿين“.
قَالَ فَاِنَّا قَدْ فَتَنَّا قَوْمَكَ مِنْۢ بَعْدِكَ وَ اَضَلَّهُمُ السَّامِرِیُّ۸۵
الله فرمايو: ”بيشڪ اسان تنهنجي پويان تنهنجي قوم کي آزمائش ۾ وڌو ۽ انهن کي سامري گمراھ ڪيو“.
فَرَجَعَ مُوْسٰۤى اِلٰى قَوْمِهٖ غَضْبَانَ اَسِفًا١ۚ۬ قَالَ یٰقَوْمِ اَلَمْ یَعِدْكُمْ رَبُّكُمْ وَعْدًا حَسَنًا١ؕ۬ اَفَطَالَ عَلَیْكُمُ الْعَهْدُ اَمْ اَرَدْتُّمْ اَنْ یَّحِلَّ عَلَیْكُمْ غَضَبٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ فَاَخْلَفْتُمْ مَّوْعِدِیْ۸۶
پوءِ موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن ڏاڍو ڏمرجي (۽) ڏکارو بنجي موٽيو. چيائين: ”اي منهنجي قوم! ڇا اوهان سان اوهان جي پالڻهار هڪ سهڻو وعدو نه ڪيو هيو؟ ڇا توهان تي (عهد پوري ٿيڻ ۾) وڏو عرصو گذري ويو؟ يا اوهان چاهيو ته اوهان مٿان اوهان جي پالڻهار پاران ڏمر پوي؟ جو اوهان مون سان وعدي خلافي ڪئي“!
قَالُوْا مَاۤ اَخْلَفْنَا مَوْعِدَكَ بِمَلْكِنَا وَ لٰكِنَّا حُمِّلْنَاۤ اَوْزَارًا مِّنْ زِیْنَةِ الْقَوْمِ فَقَذَفْنٰهَا فَكَذٰلِكَ اَلْقَى السَّامِرِیُّۙ۸۷
چيائون: ”اسان پنهنجي اختيار سان توسان وعدي خلافي ڪونه ڪئي آهي ۽ پر قوم جي زيورن جا ڳرا بار اسان تي وڌا ويا هئا سو اسان انهن کي (باھ ۾) اڇلايو پوءِ سامري به اهڙي طرح اڇلايو“.
فَاَخْرَجَ لَهُمْ عِجْلًا جَسَدًا لَّهٗ خُوَارٌ فَقَالُوْا هٰذَاۤ اِلٰهُكُمْ وَ اِلٰهُ مُوْسٰى١۬ فَنَسِیَؕ۸۸
پوءِ ان (سامري) انهن لاءِ (زيورن مان) هڪ گابي جي مُورت ڪڍي آندي جنهن مان رنڀڻ جو آواز نڪرندڙ هيو پوءِ چيائون: ”هي اوهان جو معبود ۽ موسيٰ جو معبود آهي پوءِ اُهو (موسيٰ) وساري ويو آهي“.
اَفَلَا یَرَوْنَ اَلَّا یَرْجِعُ اِلَیْهِمْ قَوْلًا١ۙ۬ وَّ لَا یَمْلِكُ لَهُمْ ضَرًّا وَّ لَا نَفْعًا۠۸۹
ڇا اهو به نه پئي ڏٺائون ته اُهو (گابو) کين ڪنهن ڳالھ جو ڪو جواب نه ٿو ڏئي ۽ نه انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ نه نفعي پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو.
وَ لَقَدْ قَالَ لَهُمْ هٰرُوْنُ مِنْ قَبْلُ یٰقَوْمِ اِنَّمَا فُتِنْتُمْ بِهٖ١ۚ وَ اِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحْمٰنُ فَاتَّبِعُوْنِیْ وَ اَطِیْعُوْۤا اَمْرِیْ۹۰
۽ بيشڪ انهن کي هارون (موسيٰ جي اچڻ کان) اڳ چيو هيو ته: ”اي منهنجي قوم! توهان ان جي ذريعي صرف آزمائش ۾ وڌا ويا آهيو ۽ بيشڪ توهان جو پالڻهار وڏو مهربان (الله) آهي پوءِ منهنجي پيروي ڪيو ۽ منهنجي حڪم جي فرمانبرداري ڪيو“.
قَالُوْا لَنْ نَّبْرَحَ عَلَیْهِ عٰكِفِیْنَ حَتّٰى یَرْجِعَ اِلَیْنَا مُوْسٰى۹۱
چيائون: ”اسان ان تي (مُجاور بڻجي) ڄميا ويٺا رهنداسين جيستائين اسان ڏانهن موسيٰ موٽي اچي“.
قَالَ یٰهٰرُوْنُ مَا مَنَعَكَ اِذْ رَاَیْتَهُمْ ضَلُّوْۤاۙ۹۲
(موسيٰ) چيو: ”اي هارون تو کي ڪهڙي ڳالھ روڪيو جڏهن تو انهن کي ڏٺو ته گمراھ ٿي رهيا آهن.
اَلَّا تَتَّبِعَنِ١ؕ اَفَعَصَیْتَ اَمْرِیْ۹۳
جو تو منهنجي تابعداري نه ڪئي؟ ڇا تو منهنجي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي“؟
قَالَ یَبْنَؤُمَّ لَا تَاْخُذْ بِلِحْیَتِیْ وَ لَا بِرَاْسِیْ١ۚ اِنِّیْ خَشِیْتُ اَنْ تَقُوْلَ فَرَّقْتَ بَیْنَ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ وَ لَمْ تَرْقُبْ قَوْلِیْ۹۴
(هارون) چيو: ”اي منهنجي ماءُ جا پُٽ! تون منهنجي ڏاڙهي نه پڪڙ ۽ نه منهنجي مٿي (جي وارن) کي پڪڙ. بلاشڪ مون کي خدشو ٿي پيو ته متان تون (اچي) چوين ته تو بني اسرائيل جي وچ ۾ فرقه بندي ڪئي ۽ تو منهنجي ڳالھ جي نگهداشت نه ڪئي“.
قَالَ بَصُرْتُ بِمَا لَمْ یَبْصُرُوْا بِهٖ فَقَبَضْتُ قَبْضَةً مِّنْ اَثَرِ الرَّسُوْلِ فَنَبَذْتُهَا وَ كَذٰلِكَ سَوَّلَتْ لِیْ نَفْسِیْ۹۶
چيائين: ”مون اُها شيءِ ڏٺي جا انهن نه ڏٺي پوءِ مون موڪليل (ملائڪ) جي نقشِ قدم مان هڪ مُٺِ (مِٽي جي) ورتي پوءِ مون اُها ان (گابي جي مجسمي) ۾ وڌي ۽ ان طرح منهنجي نفس مون کي (اِها ڳالھ) سُٺي ڪري ڏيکاري“.
قَالَ فَاذْهَبْ فَاِنَّ لَكَ فِی الْحَیٰوةِ اَنْ تَقُوْلَ لَا مِسَاسَ١۪ وَ اِنَّ لَكَ مَوْعِدًا لَّنْ تُخْلَفَهٗ١ۚ وَ انْظُرْ اِلٰۤى اِلٰهِكَ الَّذِیْ ظَلْتَ عَلَیْهِ عَاكِفًا١ؕ لَنُحَرِّقَنَّهٗ ثُمَّ لَنَنْسِفَنَّهٗ فِی الْیَمِّ نَسْفًا۹۷
(موسيٰ) چيو: ”پوءِ تون (نڪري) وڃ! پوءِ بلاشڪ تو لاءِ عمر ڀر (سزا) آهي جو تون (هرڪنهن کي) چوندين ته مون کي هٿ نه لايو. (ڇو ته ڪنهن جي هٿ لائڻ سان کيس ۽ ان کي بخار چڙهي ويندو هيو) ۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ هڪ (عذاب جو) وعدو آهي جو تو تان ٽري نه سگهندو. تون پنهنجي معبود (گابي) ڏانهن ڏس جنهن تي تون (مُجاور ٿي) ڄمي ويٺو هئين اسان ان کي ضرور ساڙينداسين پوءِ ان کي ذرا ذرا ڪري سمنڊ ۾ وهائي ڇڏينداسين.
اِنَّمَاۤ اِلٰهُكُمُ اللّٰهُ الَّذِیْ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ١ؕ وَسِعَ كُلَّ شَیْءٍ عِلْمًا۹۸
توهان جو معبود صرف اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. ان جو علم سڀ شين تي حاوي آهي“.
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَیْكَ مِنْ اَنْۢبَآءِ مَا قَدْ سَبَقَ١ۚ وَ قَدْ اٰتَیْنٰكَ مِنْ لَّدُنَّا ذِكْرًاۖۚ۹۹
(اي نبي!) اهڙي طرح اسان تو کي ان (قومن) جون خبرون ڏيون ٿا جي گذري ويون. بلاشڪ اسان تو کي پاڻ وٽان ذڪر (يعني نصيحت نامو) ڏنو آهي.
مَنْ اَعْرَضَ عَنْهُ فَاِنَّهٗ یَحْمِلُ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ وِزْرًاۙ۱۰۰
جيڪو ان کان مُنهن موڙيندو پوءِ بيشڪ اُهو قيامت واري ڏينهن (گناهن جو) ڳرو بار کڻندو.
خٰلِدِیْنَ فِیْهِ١ؕ وَ سَآءَ لَهُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ حِمْلًاۙ۱۰۱
(اهڙا ماڻهو) ان (عذاب) ۾ هميشه رهندا. ۽ انهن لاءِ قيامت واري ڏينهن ڏاڍو بُرو بار هوندو.
یَّوْمَ یُنْفَخُ فِی الصُّوْرِ وَ نَحْشُرُ الْمُجْرِمِیْنَ یَوْمَىِٕذٍ زُرْقًاۚۖ۱۰۲
جنهن ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي ان ڏينهن اسان ڏوهارين کي ائين گڏ ڪنداسين جو انهن جون اکيون (شديد غم سبب) نيريون هونديون.
یَّتَخَافَتُوْنَ بَیْنَهُمْ اِنْ لَّبِثْتُمْ اِلَّا عَشْرًا۱۰۳
پاڻ ۾ هڪ ٻئي ۾ آهستي آهستي چوندا ته: ”توهان (دنيا ۾) ڏهاڪو کن ڏهاڙا رهيا هوندا“.
نَحْنُ اَعْلَمُ بِمَا یَقُوْلُوْنَ اِذْ یَقُوْلُ اَمْثَلُهُمْ طَرِیْقَةً اِنْ لَّبِثْتُمْ اِلَّا یَوْمًا۠۱۰۴
اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي اُهي ڳالهيون ڪندا، جڏهن ته انهن مان هڪ محطاط اندازي لڳائڻ وارو ماڻهو چوندو ته: ”توهان (دنيا ۾) رڳو هڪ ڏينهن ئي رهيا آهيو“.
وَ یَسْـَٔلُوْنَكَ عَنِ الْجِبَالِ فَقُلْ یَنْسِفُهَا رَبِّیْ نَسْفًاۙ۱۰۵
۽ تو کان ماڻهو جبلن جي باري ۾ پڇن ٿا؟ (ان ڏينهن اهي ڪاڏي ويندا) سو چؤ ته منهنجو پروردگار انهن کي پُرزا پُرزا ڪري اُڏاري ڇڏيندو.
لَّا تَرٰى فِیْهَا عِوَجًا وَّ لَاۤ اَمْتًاؕ۱۰۷
جنهن ۾ نه ته تون ڪو موڙ ڏسندين نه هيٺ مٿاهين.
یَوْمَىِٕذٍ یَّتَّبِعُوْنَ الدَّاعِیَ لَا عِوَجَ لَهٗ١ۚ وَ خَشَعَتِ الْاَصْوَاتُ لِلرَّحْمٰنِ فَلَا تَسْمَعُ اِلَّا هَمْسًا۱۰۸
ان ڏينهن ماڻهو سڏڻ واري جي پٺيان هلندا ان (هلڻ) ۾ ڪا ڏنگائي نه هوندي، ۽ رحمان جي جلال سبب سڀ آواز جِهيڻا ٿي ويندا پوءِ سواءِ ڀُڻ ڀُڻ جي ٻيو ڪو آواز نه ٻڌندين.
یَوْمَىِٕذٍ لَّا تَنْفَعُ الشَّفَاعَةُ اِلَّا مَنْ اَذِنَ لَهُ الرَّحْمٰنُ وَ رَضِیَ لَهٗ قَوْلًا۱۰۹
ان ڏينهن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي سواءِ ان ماڻهو جي (سفارش جي) جنهن کي رحمان اجازت ڏني هجي. ۽ جنهن جي ڳالھ کان اُهو راضي ٿيو هجي.
یَعْلَمُ مَا بَیْنَ اَیْدِیْهِمْ وَ مَا خَلْفَهُمْ وَ لَا یُحِیْطُوْنَ بِهٖ عِلْمًا۱۱۰
اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي انهن (ماڻهن) جي اڳيان آهي ۽ جو انهن جي پٺيان آهي ۽ اُهي (پنهنجي) علم سان ان (جي علم) جو احاطو ڪري نه ٿا سگهن.
وَ عَنَتِ الْوُجُوْهُ لِلْحَیِّ الْقَیُّوْمِ١ؕ وَ قَدْ خَابَ مَنْ حَمَلَ ظُلْمًا۱۱۱
۽ چهرا ان هميشه زنده قائم رهڻ واري (الله) جي حضور ۾ جُهڪي ويندا. بيشڪ اُهو نامراد ٿيندو جنهن ظلم جو بار کنيو.
وَ مَنْ یَّعْمَلْ مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَلَا یَخٰفُ ظُلْمًا وَّ لَا هَضْمًا۱۱۲
۽ جو شخص چڱا عمل ڪري ۽ اُهو ايمان وارو به آهي ته ان کي نه ڪنهن ظلم جو خوف هوندو ۽ نه حق تلفيءَ جو.
وَ كَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ قُرْاٰنًا عَرَبِیًّا وَّ صَرَّفْنَا فِیْهِ مِنَ الْوَعِیْدِ لَعَلَّهُمْ یَتَّقُوْنَ اَوْ یُحْدِثُ لَهُمْ ذِكْرًا۱۱۳
۽ اهڙي طرح اسان ان کي عربي قرآن بنائي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ان ۾ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون بار بار بيان ڪيون آهن ته جيئن پرهيزگار بنجن يا انهن (جي دلين ۾) سوچ سمجھ پيدا ڪري.
فَتَعٰلَى اللّٰهُ الْمَلِكُ الْحَقُّ١ۚ وَ لَا تَعْجَلْ بِالْقُرْاٰنِ مِنْ قَبْلِ اَنْ یُّقْضٰۤى اِلَیْكَ وَحْیُهٗ١٘ وَ قُلْ رَّبِّ زِدْنِیْ عِلْمًا۱۱۴
پوءِ الله بلند شان وارو آهي اُهو حقيقي بادشاھ آهي. ۽ تون قرآن (پڙهڻ) ۾ جلدي نه ڪر ان کان اڳ جو ان جي وحي تو تي پوري طرح لهي وڃي، ۽ چؤ ته: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي علم ۾ اڃا وڌاءِ“.
وَ لَقَدْ عَهِدْنَاۤ اِلٰۤى اٰدَمَ مِنْ قَبْلُ فَنَسِیَ وَ لَمْ نَجِدْ لَهٗ عَزْمًا۠۱۱۵
۽ بيشڪ اسان ان کان (گهڻو) اڳ آدم کي تاڪيدي حڪم ڪيو هيو سو اُهو وساري ويٺو اسان ان جو (بي فرماني جو) ڪو به پُختو ارادو نه ڏٺو.
وَ اِذْ قُلْنَا لِلْمَلٰٓىِٕكَةِ اسْجُدُوْا لِاٰدَمَ فَسَجَدُوْۤا اِلَّاۤ اِبْلِیْسَ١ؕ اَبٰى۱۱۶
۽ (اُهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته اوهان آدم کي سجدو ڪيو سو انهن سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. ان انڪار ڪيو.
فَقُلْنَا یٰۤاٰدَمُ اِنَّ هٰذَا عَدُوٌّ لَّكَ وَ لِزَوْجِكَ فَلَا یُخْرِجَنَّكُمَا مِنَ الْجَنَّةِ فَتَشْقٰى۱۱۷
پوءِ اسان چيو ته: ”اي آدم بيشڪ هي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي سو اُهو متان اوهان ٻنهين کي جنت مان نه ڪڍي ڇڏي پوءِ توهان تڪليف ۾ پئجي ويندؤ.
اِنَّ لَكَ اَلَّا تَجُوْعَ فِیْهَا وَ لَا تَعْرٰىۙ۱۱۸
بيشڪ تو لاءِ ان (بهشت) ۾ هي آهي جو نه تو کي بک لڳندي ۽ نه بي لباس ٿيندين.
وَ اَنَّكَ لَا تَظْمَؤُا فِیْهَا وَ لَا تَضْحٰى۱۱۹
۽ هي ته تو کي ان ۾ نه اُڃَ لڳندي ۽ نه اُس ستائيندي“.
فَوَسْوَسَ اِلَیْهِ الشَّیْطٰنُ قَالَ یٰۤاٰدَمُ هَلْ اَدُلُّكَ عَلٰى شَجَرَةِ الْخُلْدِ وَ مُلْكٍ لَّا یَبْلٰى۱۲۰
پوءِ شيطان ان کي هڪ خيال ڏنو چيائين: ”اي آدم ڇا تو کي اهو وڻ ٻڌايان جنهن سان هميشه واري زندگي ۽ لازوال بادشاهي حاصل ٿئي ٿي“.
فَاَكَلَا مِنْهَا فَبَدَتْ لَهُمَا سَوْاٰتُهُمَا وَ طَفِقَا یَخْصِفٰنِ عَلَیْهِمَا مِنْ وَّرَقِ الْجَنَّةِ١٘ وَ عَصٰۤى اٰدَمُ رَبَّهٗ فَغَوٰى۪ۖ۱۲۱
پوءِ ٻنهين ان مان کاڌو پوءِ ٻنهين تي سندن شرمگاهون ظاهر ٿي پيون (يعني بي لباس ڪيا ويا) ۽ پنهنجو پاڻ تي جنت (جي وڻن) جا پن ويڙهڻ لڳا. ۽ آدم پنهنجي پالڻهار جي فرمان جي خلاف ڪيو سو اُهو ڀلجي ويو.
ثُمَّ اجْتَبٰهُ رَبُّهٗ فَتَابَ عَلَیْهِ وَ هَدٰى۱۲۲
وري کيس سندس پروردگار (خلافتِ ارضي لاءِ) چونڊيو پوءِ مٿس رحمت سان رجوع ٿيو ۽ هدايت ڪيائين.
قَالَ اهْبِطَا مِنْهَا جَمِیْعًۢا بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ١ۚ فَاِمَّا یَاْتِیَنَّكُمْ مِّنِّیْ هُدًى١ۙ۬ فَمَنِ اتَّبَعَ هُدَایَ فَلَا یَضِلُّ وَ لَا یَشْقٰى۱۲۳
(الله) فرمايو: ”اوهان سڀ هتان هيٺ هليا وڃو، اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا. پوءِ جڏهن اوهان وٽ منهنجي طرفان رهنمائي پهچي، پوءِ جيڪو ماڻهو منهنجي هدايت جي پيروي ڪندو ته نه (دنيا ۾) گمراھ ٿيندو ۽ نه (آخرت ۾) بدنصيب ٿيندو.
وَ مَنْ اَعْرَضَ عَنْ ذِكْرِیْ فَاِنَّ لَهٗ مَعِیْشَةً ضَنْكًا وَّ نَحْشُرُهٗ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ اَعْمٰى۱۲۴
۽ جيڪو ماڻهو منهنجي ذڪر کان مُنهن موڙيندو ته پوءِ بلاشڪ ان لاءِ گذران تنگ ڪيو ويندو ۽ قيامت واري ڏينهن اسان ان کي انڌو ڪري اٿارينداسين“.
قَالَ رَبِّ لِمَ حَشَرْتَنِیْۤ اَعْمٰى وَ قَدْ كُنْتُ بَصِیْرًا۱۲۵
چوندو: ”اي منهنجا پالڻهار! تو مون کي انڌو ڇو اٿاريو آهي؟ حالانڪه (دنيا ۾) آءٌ ڏسندڙ هيس“.
قَالَ كَذٰلِكَ اَتَتْكَ اٰیٰتُنَا فَنَسِیْتَهَا١ۚ وَ كَذٰلِكَ الْیَوْمَ تُنْسٰى۱۲۶
الله فرمائيندو: ”ائين ئي ٿيو (جو دنيا ۾) تو وٽ اسان جون آيتون آيون پوءِ تو انهن کي وساري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح اڄ تون به وساريو ويندين.
وَ كَذٰلِكَ نَجْزِیْ مَنْ اَسْرَفَ وَ لَمْ یُؤْمِنْۢ بِاٰیٰتِ رَبِّهٖ١ؕ وَ لَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَشَدُّ وَ اَبْقٰى۱۲۷
۽ اهڙي طرح اسان ان شخص کي بدلو ڏيون ٿا جيڪو حد کان لنگهيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن تي ايمان نه آندائين. ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب زور سخت ۽ گهڻو وقت رهڻ وارو آهي.
اَفَلَمْ یَهْدِ لَهُمْ كَمْ اَهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِّنَ الْقُرُوْنِ یَمْشُوْنَ فِیْ مَسٰكِنِهِمْ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیٰتٍ لِّاُولِی النُّهٰى۠۱۲۸
ڇا انهن جي هن ڳالھ به رهنمائي نه ڪئي ته اسان انهن کان اڳ ڪيترين ئي امتن کي برباد ڪري چڪا آهيون جن جي رهائش گاهن ۾ (هاڻي) اُهي هَلن گهمن ٿا. بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ (گهڻيون) نشانيون آهن.
وَ لَوْ لَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ لَكَانَ لِزَامًا وَّ اَجَلٌ مُّسَمًّىؕ۱۲۹
۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڳالھ جا مقرر ٿي چڪي آهي سا نه هجي ها ۽ مهلت جو هڪ مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (انهن تي عذاب لهڻ هاڻي ئي) لازم ٿي پوي ها.
فَاصْبِرْ عَلٰى مَا یَقُوْلُوْنَ وَ سَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ قَبْلَ طُلُوْعِ الشَّمْسِ وَ قَبْلَ غُرُوْبِهَا١ۚ وَ مِنْ اٰنَآئِ الَّیْلِ فَسَبِّحْ وَ اَطْرَافَ النَّهَارِ لَعَلَّكَ تَرْضٰى۱۳۰
پوءِ صبر ڪر ان تي جيڪي چون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي ساراھ سان گڏ سندس تسبيح پڙھ سج اڀرڻ کان اڳ (يعني نمازِ فجر ۾) ۽ ان جي لهڻ کان اڳ (يعني ٽپهري نماز ۾) ۽ رات جي پهرين گهڙين ۾ (يعني مغرب ۽ عشاء ۾) به تسبيح ڪر ۽ ڏينهن جي ڪنارن تي به ته جيئن تون خوش رهين.
وَ لَا تَمُدَّنَّ عَیْنَیْكَ اِلٰى مَا مَتَّعْنَا بِهٖۤ اَزْوَاجًا مِّنْهُمْ زَهْرَةَ الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا١ۙ۬ لِنَفْتِنَهُمْ فِیْهِ١ؕ وَ رِزْقُ رَبِّكَ خَیْرٌ وَّ اَبْقٰى۱۳۱
۽ پنهنجون ٻئي اکيون کڻي هرگز به انهن شين ڏانهن نه نهار جن سان اسان انهن مان مختلف ماڻهن کي دنيا جي آرائش ۽ زيبائش جو فائدو پهچايو آهي. هن لاءِ جو انهن ۾ کين آزمايون. ۽ تنهنجي پالڻهار جي عطا بهتر ۽ باقي رهڻ واري آهي.
وَ اْمُرْ اَهْلَكَ بِالصَّلٰوةِ وَ اصْطَبِرْ عَلَیْهَا١ؕ لَا نَسْـَٔلُكَ رِزْقًا١ؕ نَحْنُ نَرْزُقُكَ١ؕ وَ الْعَاقِبَةُ لِلتَّقْوٰى۱۳۲
۽ تون پنهنجي گهروارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ پاڻ به ان تي پابند رھ. اسان تو کان رزق نه ٿا گهرون. (بلڪه) اسان تو کي رزق ڏيون ٿا. ۽ (چڱي) پڇاري پرهيزگاري لاءِ آهي.
وَ قَالُوْا لَوْ لَا یَاْتِیْنَا بِاٰیَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ١ؕ اَوَ لَمْ تَاْتِهِمْ بَیِّنَةُ مَا فِی الصُّحُفِ الْاُوْلٰى۱۳۳
۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”هي (رسول) اسان ڏانهن پنهنجي پالڻهار کان ڪا نشاني (معجزو) ڇونه ٿو آڻي“؟ ڇا جيڪي پهرين ڪتابن ۾ آهي تنهن مان ظاهر نشاني (قرآن) وٽن نه آيو آهي.
وَ لَوْ اَنَّاۤ اَهْلَكْنٰهُمْ بِعَذَابٍ مِّنْ قَبْلِهٖ لَقَالُوْا رَبَّنَا لَوْ لَاۤ اَرْسَلْتَ اِلَیْنَا رَسُوْلًا فَنَتَّبِعَ اٰیٰتِكَ مِنْ قَبْلِ اَنْ نَّذِلَّ وَ نَخْزٰى۱۳۴
۽ جيڪڏهن اسان انهن کي رسول (موڪلڻ) کان اڳ عذاب ذريعي هلاڪ ڪيون ها ته اُهي چون ها: ”اي اسان جا پروردگار! تو اسان تي ڪو رسول ڇو نه موڪليو ته ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان اڳ اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪيون ها“.
قُلْ كُلٌّ مُّتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصُوْا١ۚ فَسَتَعْلَمُوْنَ مَنْ اَصْحٰبُ الصِّرَاطِ السَّوِیِّ وَ مَنِ اهْتَدٰى۠۱۳۵
چؤ ته: ”هر هڪ انتظار ڪندڙ آهي پوءِ اوهان به انتظار ڪيو، پوءِ اوهان جلد ئي ڄاڻي وٺندؤ ته ڪير سڌي رستي وارا آهن ۽ ڪير هدايت يافته آهن“.