اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَ هُمْ فِیْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَۚ۱
ماڻهن لاءِ سندن حساب جو وقت ويجهو اچي ويو ۽ اُهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن.
قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 17 starts at Surah Al-Anbiya ayah 1 and ends at Surah 22 ayah 78. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَ هُمْ فِیْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَۚ۱
ماڻهن لاءِ سندن حساب جو وقت ويجهو اچي ويو ۽ اُهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن.
مَا یَاْتِیْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَمَعُوْهُ وَ هُمْ یَلْعَبُوْنَۙ۲
انهن وٽ جڏهن به سندن پالڻهار وٽان ڪا نئين نصيحت اچي ٿي مگر اُهي ان کي راند رُوند ۾ ئي ٻڌن ٿا.
لَاهِیَةً قُلُوْبُهُمْ١ؕ وَ اَسَرُّوا النَّجْوَى١ۖۗ الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا١ۖۗ هَلْ هٰذَاۤ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ١ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَ اَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ۳
انهن جون دليون غافل آهن. ۽ ظالم ماڻهو لِڪي لِڪي ڳالهيون ڪن ٿا ته: ”هي ته رُڳو اوهان جهڙو هڪ بشر آهي، ڇا پوءِ توهان ڏسي وائسي (ان جي) جادو ۾ ڦاسندئو“؟
قٰلَ رَبِّیْ یَعْلَمُ الْقَوْلَ فِی السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ١٘ وَ هُوَ السَّمِیْعُ الْعَلِیْمُ۴
(نبي ڪريم ﷺ) چيو ته: ”منهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو جا ڳالھ آسمان ۽ زمين ۾ چئي وڃي ۽ اُهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي“.
بَلْ قَالُوْۤا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۭ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ١ۖۚ فَلْیَاْتِنَا بِاٰیَةٍ كَمَاۤ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ۵
بلڪه (ايستائين به) چيائون ته: ”اهو (قرآن) پريشان خواب آهن، بلڪه اُهو پاڻ ٺاهيو اٿس، بلڪه اُهو شاعر آهي. (اگر سچو آهي) ته پوءِ اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جيئن پهريان رسول (نشانين سان) موڪليا ويا هئا“.
مَاۤ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْیَةٍ اَهْلَكْنٰهَا١ۚ اَفَهُمْ یُؤْمِنُوْنَ۶
(حالانڪه) انهن کان اڳ ڪنهن به بستي جنهن کي اسان هلاڪ ڪيو ايمان نه آندو هيو ته ڇا اهي ايمان آڻيندا؟
وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِیْۤ اِلَیْهِمْ فَسْـَٔلُوْۤا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ۷
۽ (اي نبي!) اسان تو کان اڳ صرف مردن کي ئي رسول بنائي موڪليو هيو جن ڏانهن اسان وحي ڪندا هئا سين (انسانو!) توهان ذڪر وارن کان پڇو جيڪڏهن اوهان نه ٿا ڄاڻو.
وَ مَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا یَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَ مَا كَانُوْا خٰلِدِیْنَ۸
۽ اسان انهن (نبين) کي اهڙي جسم وارو نه بنايو هيو جو کاڌو نه کائن ۽ نه ئي اُهي (دنيا ۾ ظاهري زندگي ۾) سدائين جيئڻ وارا هئا.
ثُمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَیْنٰهُمْ وَ مَنْ نَّشَآءُ وَ اَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِیْنَ۹
پوءِ اسان انهن کي پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو پوءِ اسان انهن کي ۽ جنهن کي اسان چاهيو نجات بخشي ۽ اسان حد کان لنگهڻ وارن کي برباد ڪري ڇڏيو.
لَقَدْ اَنْزَلْنَاۤ اِلَیْكُمْ كِتٰبًا فِیْهِ ذِكْرُكُمْ١ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ۠۱۰
بيشڪ اسان اوهان ڏانهن هڪ اهڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي. جنهن ۾ اوهان لاءِ نصيحت آهي. ڇا پوءِ به نه ٿا سمجهو!
وَ كَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْیَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّ اَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِیْنَ۱۱
۽ ڪيتريون ئي ظالم بستيون هيون جن کي اسان پيڙهي ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون سين.
فَلَمَّاۤ اَحَسُّوْا بَاْسَنَاۤ اِذَا هُمْ مِّنْهَا یَرْكُضُوْنَؕ۱۲
پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب (ايندي) محسوس ڪيو ته ان ئي وقت اتان تيزي سان ڀڄڻ لڳا.
لَا تَرْكُضُوْا وَ ارْجِعُوْۤا اِلٰى مَاۤ اُتْرِفْتُمْ فِیْهِ وَ مَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْـَٔلُوْنَ۱۳
(چيو ويو:) ”جلدي نه ڀڄو ۽ پنهنجي انهن ماڳن مڪانن تي موٽي وڃو جتي اوهان آسودا هئا ته جيئن توهان کان پڇاڻو ڪيو وڃي“.
قَالُوْا یٰوَیْلَنَاۤ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِیْنَ۱۴
چيائون: ”هاءِ اسان جي بربادي بيشڪ اسان ظالم هئاسين“.
فَمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِیْدًا خٰمِدِیْنَ۱۵
پوءِ اهي ائين ئي پڪاريندا رهيا تانجو اسان کين لابارو ٿيل پوک (۽) اجھايل باھ وانگر ڪيوسين.
وَ مَا خَلَقْنَا السَّمَآءَ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیْنَهُمَا لٰعِبِیْنَ۱۶
۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي راند جي طور تي نه بنايو آهي.
لَوْ اَرَدْنَاۤ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّاۤ١ۖۗ اِنْ كُنَّا فٰعِلِیْنَ۱۷
اگر اسان ڪو رانديڪو بنائڻ چاهيون ها ته ان کي پاڻ وٽان ئي بنائي وٺون ها (ڪير هيو اسان کي روڪڻ وارو) جيڪڏهن اسان کي (ائين) ڪرڻو ئي هجي ها.
بَلْ نَقْذِفُ بِالْحَقِّ عَلَى الْبَاطِلِ فَیَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ١ؕ وَ لَكُمُ الْوَیْلُ مِمَّا تَصِفُوْنَ۱۸
بلڪه اسان حقَ جِي باطلَ مٿان پُوري قُوت سان چوٽَ لڳايون ٿا جو اُهو (حق) ان (باطل) جو مٿو ڦاڙي وجھي ٿو پوءِ اهو (باطل) برباد ٿي وڃي ٿو. ۽ توهان لاءِ انهن (نازيبا) ڳالهين سبب تباهي آهي جيڪي اوهان بنايو ٿا.
وَ لَهٗ مَنْ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا یَسْتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا یَسْتَحْسِرُوْنَۚ۱۹
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ سندس مِلڪَ آهن. ۽ جيڪي (فرشتا) وٽس آهن سي سندس عبادت ڪرڻ کان وڏائي نه ٿا ڪن ۽ نه ئي ٿڪجن ٿا.
یُسَبِّحُوْنَ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ لَا یَفْتُرُوْنَ۲۰
اهي رات ڏينهن (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ سستي نه ٿا ڪن.
اَمِ اتَّخَذُوْۤا اٰلِهَةً مِّنَ الْاَرْضِ هُمْ یُنْشِرُوْنَ۲۱
ڇا انهن ماڻهن جن کي زمين ۾ معبود قرار ڏنو آهي اهي (مُردن کي) زنده ڪري اٿاري سگهندا؟
لَوْ كَانَ فِیْهِمَاۤ اٰلِهَةٌ اِلَّا اللّٰهُ لَفَسَدَتَا١ۚ فَسُبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعَرْشِ عَمَّا یَصِفُوْنَ۲۲
اگر (آسمان ۽ زمين انهن) ٻنهين ۾ الله کان سواءِ ٻيا معبود هجن ها ته ٻنهين جو نظام بگڙي وڃي ها. پوءِ الله جيڪو عرش جو مالڪ آهي انهن (ڳالهين) کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.
لَا یُسْـَٔلُ عَمَّا یَفْعَلُ وَ هُمْ یُسْـَٔلُوْنَ۲۳
اُهو جو ڪجھ به ڪري ٿو ان کان ان بابت پڇا نه ڪئي ويندي ۽ انهن کان (هر ڳالھ جي) پڇا ڪئي ويندي.
اَمِ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖۤ اٰلِهَةً١ؕ قُلْ هَاتُوْا بُرْهَانَكُمْ١ۚ هٰذَا ذِكْرُ مَنْ مَّعِیَ وَ ذِكْرُ مَنْ قَبْلِیْ١ؕ بَلْ اَكْثَرُهُمْ لَا یَعْلَمُوْنَ١ۙ الْحَقَّ فَهُمْ مُّعْرِضُوْنَ۲۴
ڇا انهن (مشرڪن) ان جي مقابلي ۾ معبود بنايا آهن؟ چؤ پنهنجو دليل آڻيو. هي (قرآن) انهن ماڻهن جو ذڪر آهي جي مون سان گڏ آهن ۽ انهن جو (به) ذڪر آهي جي مون کان اڳ هئا. بلڪه انهن مان گهڻا حق کي نه ٿا ڄاڻن انڪري اُهي منهن ڦيريندڙ آهن.
وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا نُوْحِیْۤ اِلَیْهِ اَنَّهٗ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّاۤ اَنَا فَاعْبُدُوْنِ۲۵
(اي نبي!) اسان تو کان اڳ ڪو به رسول اهڙو نه موڪليو جنهن ڏانهن اسان هي وحي نه ڪئي هجي ته: ”مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ اوهان منهنجي عبادت ڪيو“.
وَ قَالُوا اتَّخَذَ الرَّحْمٰنُ وَلَدًا سُبْحٰنَهٗ١ؕ بَلْ عِبَادٌ مُّكْرَمُوْنَۙ۲۶
۽ چيائون ته رحمان پنهنجو اولاد بنايو آهي، اُهو پاڪ آهي. بلڪه اُهي (ملائڪ الله جا) معزز ٻانها آهن.
لَا یَسْبِقُوْنَهٗ بِالْقَوْلِ وَ هُمْ بِاَمْرِهٖ یَعْمَلُوْنَ۲۷
اُهي ڪا ڳالھ (ڪرڻ ۾) ان کان اڳرائي نه ٿا ڪن ۽ اُهي سندس حڪم مطابق عمل ڪن ٿا.
یَعْلَمُ مَا بَیْنَ اَیْدِیْهِمْ وَ مَا خَلْفَهُمْ وَ لَا یَشْفَعُوْنَ١ۙ اِلَّا لِمَنِ ارْتَضٰى وَ هُمْ مِّنْ خَشْیَتِهٖ مُشْفِقُوْنَ۲۸
اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي انهن جي پٺيان آهي ۽ اُهي سفارش رڳو ان جي ڪن ٿا جنهن سان اُهو راضي ٿي ويو ۽ اُهي سندس خوف کان ڊڄندڙ آهن.
وَ مَنْ یَّقُلْ مِنْهُمْ اِنِّیْۤ اِلٰهٌ مِّنْ دُوْنِهٖ فَذٰلِكَ نَجْزِیْهِ جَهَنَّمَ١ؕ كَذٰلِكَ نَجْزِی الظّٰلِمِیْنَ۠۲۹
۽ انهن مان جيڪو به چوي ته الله کان سواءِ آءٌ به هڪ معبود آهيان ته پوءِ ان کي اسان دوزخ جي سزا ڏينداسين. اهڙي طرح اسان ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون.
اَوَ لَمْ یَرَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْۤا اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ كَانَتَا رَتْقًا فَفَتَقْنٰهُمَا١ؕ وَ جَعَلْنَا مِنَ الْمَآءِ كُلَّ شَیْءٍ حَیٍّ١ؕ اَفَلَا یُؤْمِنُوْنَ۳۰
ڇا ڪافرن اهو نه ڏٺو ته بيشڪ آسمانَ ۽ زمين سڀ (هڪ اِڪائي جي شڪل ۾ پاڻ ۾) مليل هئا پوءِ اسان انهن کي ڇني جدا ڪيو. ۽ اسان پاڻيءَ مان هر شيءِ کي زندگي ڏني. ڇا پوءِ اُهي ايمان نه ٿا آڻن.
وَ جَعَلْنَا فِی الْاَرْضِ رَوَاسِیَ اَنْ تَمِیْدَ بِهِمْ١۪ وَ جَعَلْنَا فِیْهَا فِجَاجًا سُبُلًا لَّعَلَّهُمْ یَهْتَدُوْنَ۳۱
۽ اسان زمين ۾ مضبوط جبل بنايا تان جو اُها انهن (يعني ڌرتي وارن) کي لوڏي نه سگهي ۽ اسان ان ۾ ڪشادا رستا بنايا تان ته اُهي (منزل تي پهچڻ جو) رستو حاصل ڪن.
وَ جَعَلْنَا السَّمَآءَ سَقْفًا مَّحْفُوْظًا١ۖۚ وَّ هُمْ عَنْ اٰیٰتِهَا مُعْرِضُوْنَ۳۲
۽ اسان آسمان کي محفوظ ڇت بنايو آهي ۽ اُهي ان (ڪائنات) جي نشانين کان مُنهن موڙيندڙ آهن.
وَ هُوَ الَّذِیْ خَلَقَ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ وَ الشَّمْسَ وَ الْقَمَرَ١ؕ كُلٌّ فِیْ فَلَكٍ یَّسْبَحُوْنَ۳۳
۽ اُهو ئي (الله) آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي پيدا ڪيو ۽ سِجُ ۽ چنڊُ (خلقيائين.) سڀ (ستارا ۽ سيارا) پنهنجي پنهنجي مدار ۾ تَرِي رهيا آهن.
وَ مَا جَعَلْنَا لِبَشَرٍ مِّنْ قَبْلِكَ الْخُلْدَ١ؕ اَفَاۡىِٕنْ مِّتَّ فَهُمُ الْخٰلِدُوْنَ۳۴
۽ اسان تو کان پهريائين ڪنهن انسان کي (دنيا ۾) هميشگي نه ڏني آهي. ته ڇا جيڪڏهن تون (هِتان) انتقال ڪري وڃين ته اُهي هميشه رهڻ وارا آهن؟
كُلُّ نَفْسٍ ذَآىِٕقَةُ الْمَوْتِ١ؕ وَ نَبْلُوْكُمْ بِالشَّرِّ وَ الْخَیْرِ فِتْنَةً١ؕ وَ اِلَیْنَا تُرْجَعُوْنَ۳۵
هر جان کي موت جو مزو چکڻو آهي. ۽ اسان اوهان کي چڱي طرح برائي ۽ ڀلائي سان آزمايون ٿا ۽ توهان اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ.
وَ اِذَا رَاٰكَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْۤا اِنْ یَّتَّخِذُوْنَكَ اِلَّا هُزُوًا١ؕ اَهٰذَا الَّذِیْ یَذْكُرُ اٰلِهَتَكُمْ١ۚ وَ هُمْ بِذِكْرِ الرَّحْمٰنِ هُمْ كٰفِرُوْنَ۳۶
۽ جڏهن ڪافر تو کي ڏسن ٿا ته تو بابت صرف مسخري ئي ڪن ٿا. (چون ٿا ته:) ”ڇا هي اُهو شخص آهي جيڪو توهان جي معبودن جو (نفرت سان) ذڪري ڪري ٿو“. ۽ اُهي خود رحمان جي ذڪر کان انڪاري آهن.
خُلِقَ الْاِنْسَانُ مِنْ عَجَلٍ١ؕ سَاُورِیْكُمْ اٰیٰتِیْ فَلَا تَسْتَعْجِلُوْنِ۳۷
انسان جلد باز پيدا ڪيو ويو آهي. آءٌ جلد اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندس سو اوهان مون سان جلدبازي نه ڪيو.
وَ یَقُوْلُوْنَ مَتٰى هٰذَا الْوَعْدُ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ۳۸
۽ چون ٿا ته: ”هي (قيامت جو) وعدو ڪڏهن (پورو) ٿيندو جي اوهان سچا آهيو“.
لَوْ یَعْلَمُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا حِیْنَ لَا یَكُفُّوْنَ عَنْ وُّجُوْهِهِمُ النَّارَ وَ لَا عَنْ ظُهُوْرِهِمْ وَ لَا هُمْ یُنْصَرُوْنَ۳۹
هائو جي ڪافر اُهو وقت ڄاڻن ها جڏهن اُهي (جهنم جي) باھ کي نه پنهنجي چهرن کان روڪي سگهندا. ۽ نه پنهنجي پُــــٺِــيُــن کان ۽ نه ئي انهن جي مدد ڪئي ويندي.
بَلْ تَاْتِیْهِمْ بَغْتَةً فَتَبْهَتُهُمْ فَلَا یَسْتَطِیْعُوْنَ رَدَّهَا وَ لَا هُمْ یُنْظَرُوْنَ۴۰
بلڪه (قيامت) انهن کي اوچتو اچي پهچندي ته انهن کي بدحواس ڪري وجهندي پوءِ نه ان جي موٽائڻ جي طاقت رکندا نه انهن کي مهلت ڏني ويندي.
وَ لَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِیْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ یَسْتَهْزِءُوْنَ۠۴۱
۽ بيشڪ تو کان اڳ به رسولن سان ٺٺول ڪئي وئي هئي پوءِ انهن مان جيڪي به ٺٺول ڪندا هئا تن کي (عذاب) گهيريو جنهن بابت اُهي ٺٺولون ڪندا هئا.
قُلْ مَنْ یَّكْلَؤُكُمْ بِالَّیْلِ وَ النَّهَارِ مِنَ الرَّحْمٰنِ١ؕ بَلْ هُمْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهِمْ مُّعْرِضُوْنَ۴۲
چَـــؤُ ته رات ۽ ڏينهن جو رحمان (جي عذاب) کان اوهان جي نگهباني ڪير ڪري سگھي ٿو؟ بلڪه اُهي پنهنجي پالڻهار جي ياد کان مُنهن موڙيندڙ آهن.
اَمْ لَهُمْ اٰلِهَةٌ تَمْنَعُهُمْ مِّنْ دُوْنِنَا١ؕ لَا یَسْتَطِیْعُوْنَ نَصْرَ اَنْفُسِهِمْ وَ لَا هُمْ مِّنَّا یُصْحَبُوْنَ۴۳
ڇا انهن جا اسان کان سواءِ ڪي ٻيا معبود آهن؟ جيڪي کين (اسان جي عذاب کان) بچائيندا. اُهي ته خود پنهنجي مدد جي سگھ نه ٿا رکن نه وري اسان جي طرفان کين ڪا رفاقت ميسر هوندي.
بَلْ مَتَّعْنَا هٰۤؤُلَآءِ وَ اٰبَآءَهُمْ حَتّٰى طَالَ عَلَیْهِمُ الْعُمُرُ١ؕ اَفَلَا یَرَوْنَ اَنَّا نَاْتِی الْاَرْضَ نَنْقُصُهَا مِنْ اَطْرَافِهَا١ؕ اَفَهُمُ الْغٰلِبُوْنَ۴۴
بلڪه اسان انهن کي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو انهن تي ڊگهو عرصو گذري ويو. (۽ اهي سرڪش ٿي ويا) ته ڇا اُهي نه ٿا ڏسن ته اسان (ڪافرن جي) زمين کي سندن حدن کان گهٽائيندا اچون ٿا! ڇا پوءِ به اُهي غالب ٿيندا.
قُلْ اِنَّمَاۤ اُنْذِرُكُمْ بِالْوَحْیِ١ۖ٘ وَ لَا یَسْمَعُ الصُّمُّ الدُّعَآءَ اِذَا مَا یُنْذَرُوْنَ۴۵
چؤ ته: ”آءٌ اوهان کي صرف وحي جي موافق ڊيڄاريان ٿو“. ۽ ٻوڙا سڏ نه ٿا ٻڌن جڏهن به کين ڊيڄاريو وڃي ٿو.
وَ لَىِٕنْ مَّسَّتْهُمْ نَفْحَةٌ مِّنْ عَذَابِ رَبِّكَ لَیَقُوْلُنَّ یٰوَیْلَنَاۤ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِیْنَ۴۶
۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگارجي طرف کان کين هَلڪي ڦُلڪي تڪليف به ڇُهي ته ضرور چوندا: ”هاءِ اسان جي بربادي بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين“!
وَ نَضَعُ الْمَوَازِیْنَ الْقِسْطَ لِیَوْمِ الْقِیٰمَةِ فَلَا تُظْلَمُ نَفْسٌ شَیْـًٔا١ؕ وَ اِنْ كَانَ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ اَتَیْنَا بِهَا١ؕ وَ كَفٰى بِنَا حٰسِبِیْنَ۴۷
۽ قيامت جي ڏينهن اسان انصاف جي تارازي رکنداسين پوءِ ڪنهن به جان تي ڪنهن شيءِ جو به ظلم نه ڪيو ويندو. ۽ جيڪڏهن (ڪنهن جو عمل) اَهُـــرِجي داڻي برابر به هوندو ته ان کي به آڻينداسين. ۽ اسان حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون.
وَ لَقَدْ اٰتَیْنَا مُوْسٰى وَ هٰرُوْنَ الْفُرْقَانَ وَ ضِیَآءً وَّ ذِكْرًا لِّلْمُتَّقِیْنَۙ۴۸
۽ اسان بيشڪ موسيٰ ۽ هارون کي فُرقان (يعني حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪندڙ ڪتاب) ڏنو ۽ روشني ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت ڏني.
الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ وَ هُمْ مِّنَ السَّاعَةِ مُشْفِقُوْنَ۴۹
(اهي پرهيزگار) جيڪي پنهنجي پالڻهارکان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا ۽ اُهي قيامت (جي حساب) کان ڊڄندڙ آهن.
وَ هٰذَا ذِكْرٌ مُّبٰرَكٌ اَنْزَلْنٰهُ١ؕ اَفَاَنْتُمْ لَهٗ مُنْكِرُوْنَ۠۵۰
۽ هي (قرآن) برڪت وارو ذڪر آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي. ڇا پوءِ اوهان ان جا انڪاري آهيو؟
وَ لَقَدْ اٰتَیْنَاۤ اِبْرٰهِیْمَ رُشْدَهٗ مِنْ قَبْلُ وَ كُنَّا بِهٖ عٰلِمِیْنَۚ۵۱
۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ ابراهيم کي سندس (شان موافق) هوشمندي ڏني ۽ اسان سندس حال کان آگاھ هئاسين.
اِذْ قَالَ لِاَبِیْهِ وَ قَوْمِهٖ مَا هٰذِهِ التَّمَاثِیْلُ الَّتِیْۤ اَنْتُمْ لَهَا عٰكِفُوْنَ۵۲
جڏهن ان پنهنجي پيءُ ۽ سندس قوم کي چيو ته: ”هي ڪهڙيون مُورتيون آهن جن جي (پوڄا مٿان مجاور بنجي) ڄميا ويٺا آهيو“؟
قَالُوْا وَجَدْنَاۤ اٰبَآءَنَا لَهَا عٰبِدِیْنَ۵۳
چيائون: ”اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي انهن جي پوڄا ڪندي ڏٺو“.
قَالَ لَقَدْ كُنْتُمْ اَنْتُمْ وَ اٰبَآؤُكُمْ فِیْ ضَلٰلٍ مُّبِیْنٍ۵۴
(ابراهيم) چيو: ”بيشڪ اوهان ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا کُلي گمراهي ۾ آهيو“.
قَالُوْۤا اَجِئْتَنَا بِالْحَقِّ اَمْ اَنْتَ مِنَ اللّٰعِبِیْنَ۵۵
چيائون: ”ڇا تو اسان وٽ حق آندو آهي؟ يا تون راند (تماشي) گرن مان آهين“.
قَالَ بَلْ رَّبُّكُمْ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ الَّذِیْ فَطَرَهُنَّ١ۖ٘ وَ اَنَا عَلٰى ذٰلِكُمْ مِّنَ الشّٰهِدِیْنَ۵۶
(ابراهيم) چيو: ”بيشڪ اوهان جو مالڪ آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ آءٌ اوهان اڳيان ان ڳالھ تي شاهدي ڏيندڙن مان آهيان.
وَ تَاللّٰهِ لَاَكِیْدَنَّ اَصْنَامَكُمْ بَعْدَ اَنْ تُوَلُّوْا مُدْبِرِیْنَ۵۷
۽ الله جو قسم آءٌ ضرور اوهان جي بُـــتَـــن خلاف رِٿ رٿيندس، جڏهن توهان پُٺي ڦيري ويندؤ ان کان پوءِ“. (يعني اوهان جي غير موجودگي ۾)
فَجَعَلَهُمْ جُذٰذًا اِلَّا كَبِیْرًا لَّهُمْ لَعَلَّهُمْ اِلَیْهِ یَرْجِعُوْنَ۵۸
پوءِ (ابراهيم) انهن (بتن) کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو سواءِ وڏي (ٺاڪر) جي تان جو اُهي ان ڏانهن رجوع ڪن.
قَالُوْا مَنْ فَعَلَ هٰذَا بِاٰلِهَتِنَاۤ اِنَّهٗ لَمِنَ الظّٰلِمِیْنَ۵۹
چيائون: ”اسان جي معبودن جو هي حال ڪنهن ڪيو آهي؟ بيشڪ اُهو ضرور ظالمن مان آهي“.
قَالُوْا سَمِعْنَا فَتًى یَّذْكُرُهُمْ یُقَالُ لَهٗۤ اِبْرٰهِیْمُؕ۶۰
چيائون: ”اسان هڪ نوجوان کي انهن جي ڳالھ ڪندي ٻڌو آهي جنهن کي ابراهيم چيو وڃي ٿو“.
قَالُوْا فَاْتُوْا بِهٖ عَلٰۤى اَعْیُنِ النَّاسِ لَعَلَّهُمْ یَشْهَدُوْنَ۶۱
چيائون: ”ان کي ماڻهن جي نگاهن اڳيان آڻيو شايد اهي به (سندس باري ۾ ڪا) شاهدي ڏين“.
قَالُوْۤا ءَاَنْتَ فَعَلْتَ هٰذَا بِاٰلِهَتِنَا یٰۤاِبْرٰهِیْمُؕ۶۲
چيائون: ”اي ابراهيم! ڇا تو ئي اسان جي معبودن جو هي حال ڪيو آهي؟ “
قَالَ بَلْ فَعَلَهٗ١ۖۗ كَبِیْرُهُمْ هٰذَا فَسْـَٔلُوْهُمْ اِنْ كَانُوْا یَنْطِقُوْنَ۶۳
(ابراهيم) چيو: ”بلڪه اِهو (ڪم) انهن جي هن وڏي (بت) ڪيو هوندو پوءِ اوهان انهن (بتن) کان پڇي ڏسو جيڪڏهن اُهي ڳالهائي سگهن ٿا“.
فَرَجَعُوْۤا اِلٰۤى اَنْفُسِهِمْ فَقَالُوْۤا اِنَّكُمْ اَنْتُمُ الظّٰلِمُوْنَۙ۶۴
پوءِ اُهي پنهنجي ضميرن ڏانهن رجوع ٿيا پوءِ چوڻ لڳا ته: ”ظالم ته توهان ئي آهيو“.
ثُمَّ نُكِسُوْا عَلٰى رُءُوْسِهِمْ١ۚ لَقَدْ عَلِمْتَ مَا هٰۤؤُلَآءِ یَنْطِقُوْنَ۶۵
پوءِ انهن (شرم کان) مَٿا جُهڪايا (۽ چيائون) ”تون ته ڄاڻين ٿو ته هي (بت) ڳالهائن نه ٿا“.
قَالَ اَفَتَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا یَنْفَعُكُمْ شَیْـًٔا وَّ لَا یَضُرُّكُمْؕ۶۶
(ابراهيم) چيو: ”ڇا پوءِ اوهان الله کي ڇڏي انهن (بتن) کي پوڄيو ٿا جيڪي نه توهان کي ڪجھ نفعو ڏئي سگهن ٿا ۽ نه نقصان پهچائي سگهن ٿا.
اُفٍّ لَّكُمْ وَ لِمَا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ١ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ۶۷
توهان تي تُف آهي ۽ ان (بتن) تي به جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا. ڇا توهان عقل نه ٿا رکو“؟
قَالُوْا حَرِّقُوْهُ وَ انْصُرُوْۤا اٰلِهَتَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِیْنَ۶۸
چيائون: ”ان (ابراهيم) کي ساڙيو ۽ پنهنجي معبودن جي مدد ڪيو جيڪڏهن اوهان ڪجھ ڪرڻ وارا آهيو“.
قُلْنَا یٰنَارُ كُوْنِیْ بَرْدًا وَّ سَلٰمًا عَلٰۤى اِبْرٰهِیْمَۙ۶۹
اسان چيو: ”اي باھ! تون ابراهيم تي ٿڌي ٿي وڃ ۽ سلامتي واري.“
وَ اَرَادُوْا بِهٖ كَیْدًا فَجَعَلْنٰهُمُ الْاَخْسَرِیْنَۚ۷۰
۽ انهن (ابراهيم) سان هڪ چال چلڻ چاهي پر اسان انهن کي ناڪام ڪيوسين.
وَ نَجَّیْنٰهُ وَ لُوْطًا اِلَى الْاَرْضِ الَّتِیْ بٰرَكْنَا فِیْهَا لِلْعٰلَمِیْنَ۷۱
۽ اسان ان (ابراهيم) کي ۽ لوط کي بچائي (شام جي) ان سرزمين تي آندو جنهن ۾ اسان جهان وارن لاءِ برڪتون رکيون آهن.
وَ وَهَبْنَا لَهٗۤ اِسْحٰقَ١ؕ وَ یَعْقُوْبَ نَافِلَةً١ؕ وَ كُلًّا جَعَلْنَا صٰلِحِیْنَ۷۲
۽ اسان کيس (پُٽ) اسحاق بخشيو. ۽ (پوٽو) يعقوب اضافي بخشيو. اسان انهن سڀني کي صالح بنايو هيو.
وَ جَعَلْنٰهُمْ اَىِٕمَّةً یَّهْدُوْنَ بِاَمْرِنَا وَ اَوْحَیْنَاۤ اِلَیْهِمْ فِعْلَ الْخَیْرٰتِ وَ اِقَامَ الصَّلٰوةِ وَ اِیْتَآءَ الزَّكٰوةِ١ۚ وَ كَانُوْا لَنَا عٰبِدِیْنَۚۙ۷۳
۽ اسان انهن کي اڳواڻ بنايو اُهي (ماڻهن کي) اسان جي حڪم سان هدايت ڪندا هئا ۽ اسان انهن ڏانهن چڱن ڪمن ۽ نماز قائم رکڻ ۽ زڪواة ڏيڻ جي وحي ڪئي هئي، ۽ اُهي اسان جا عبادت گذار هئا.
وَ لُوْطًا اٰتَیْنٰهُ حُكْمًا وَّ عِلْمًا وَّ نَجَّیْنٰهُ مِنَ الْقَرْیَةِ الَّتِیْ كَانَتْ تَّعْمَلُ الْخَبٰٓىِٕثَ١ؕ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمَ سَوْءٍ فٰسِقِیْنَۙ۷۴
۽ اسان لوط کي حڪمت ۽ علم ڏنو ۽ اسان کيس ان ڳوٺ کان بچائي ڪڍيو جتي جا ماڻهو بڇڙا ڪم ڪندا هئا. بيشڪ اُها بيحد بُري نافرمان قوم هئي.
وَ اَدْخَلْنٰهُ فِیْ رَحْمَتِنَا١ؕ اِنَّهٗ مِنَ الصّٰلِحِیْنَ۠۷۵
۽ اسان ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اُهو نيڪوڪارن مان هيو.
وَ نُوْحًا اِذْ نَادٰى مِنْ قَبْلُ فَاسْتَجَبْنَا لَهٗ فَنَجَّیْنٰهُ وَ اَهْلَهٗ مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِیْمِۚ۷۶
۽ نوح (کي به اها نعمت ڏني) ياد ڪر جڏهن ان هن کان اڳ اسان کي سڏيو هيو پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي، پوءِ اسان کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي وڏي ڏک کان نجات ڏني.
وَ نَصَرْنٰهُ مِنَ الْقَوْمِ الَّذِیْنَ كَذَّبُوْا بِاٰیٰتِنَا١ؕ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمَ سَوْءٍ فَاَغْرَقْنٰهُمْ اَجْمَعِیْنَ۷۷
۽ اسان ان جي مدد ڪئي اهڙي قوم جي مقابلي ۾ جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوندا هئا. بيشڪ اها بيحد بري قوم هئي پوءِ اسان انهن سڀني کي ٻوڙي ڇڏيو.
وَ دَاوٗدَ وَ سُلَیْمٰنَ اِذْ یَحْكُمٰنِ فِی الْحَرْثِ اِذْ نَفَشَتْ فِیْهِ غَنَمُ الْقَوْمِ١ۚ وَ كُنَّا لِحُكْمِهِمْ شٰهِدِیْنَۗۙ۷۸
۽ دائود ۽ سليمان (کي به اها نعمت ڏني) ياد ڪر جڏهن پوک جي معاملي ۾ فيصلو پئي ڪيائون جڏهن هڪ قوم جون ٻڪريون رات جو ان (پوک) کي ڀيلي ويون هيون ۽ اسان انهن جي فيصلي (عدالت) جو مشاهدو ڪرڻ وارا هئاسين.
فَفَهَّمْنٰهَا سُلَیْمٰنَ١ۚ وَ كُلًّا اٰتَیْنَا حُكْمًا وَّ عِلْمًا١٘ وَّ سَخَّرْنَا مَعَ دَاوٗدَ الْجِبَالَ یُسَبِّحْنَ وَ الطَّیْرَ١ؕ وَ كُنَّا فٰعِلِیْنَ۷۹
پوءِ اسان اُهو (صحيح فيصلو) سليمان کي سمجهايو هيو، حالانڪه اسان انهن سڀني کي حُڪم ۽ علم ڏنو هيو ۽ اسان دائود سان گڏ جبلن ۽ پکين کي تابع ڪيو هيو جيڪي تسبيح پڙهندا هئا. ۽ (اُهو سڀ ڪجھ) ڪرڻ وارا اسان هئاسين.
وَ عَلَّمْنٰهُ صَنْعَةَ لَبُوْسٍ لَّكُمْ لِتُحْصِنَكُمْ مِّنْۢ بَاْسِكُمْ١ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ شٰكِرُوْنَ۸۰
۽ اسان ان (دائود) کي توهان جي (فائدي) لاءِ زِرهُن (ڍالُن) بنائڻ جو فن سيکاريو هن لاءِ ته اوهان کي هڪ ٻئي جي لڙائي ۾ (دشمن جي وار کان) بچائي، ڇا پوءِ توهان شڪر گذار آهيو؟
وَ لِسُلَیْمٰنَ الرِّیْحَ عَاصِفَةً تَجْرِیْ بِاَمْرِهٖۤ اِلَى الْاَرْضِ الَّتِیْ بٰرَكْنَا فِیْهَا١ؕ وَ كُنَّا بِكُلِّ شَیْءٍ عٰلِمِیْنَ۸۱
۽ سليمان لاءِ تيز هوا کي (تابع ڪيوسين) جا سندس حڪم سان ان سرزمينِ (شام) ڏانهن هلندي هئي جنهن ۾ اسان برڪتون رکيون آهن. ۽ اسان هر شيءِ جا ڄاڻڻ وارا هئاسين.
وَ مِنَ الشَّیٰطِیْنِ مَنْ یَّغُوْصُوْنَ لَهٗ وَ یَعْمَلُوْنَ عَمَلًا دُوْنَ ذٰلِكَ١ۚ وَ كُنَّا لَهُمْ حٰفِظِیْنَۙ۸۲
۽ ڪجھ شيطانن (يعني جنن) مان به (سندس تابع ڪياسين) جي ان لاءِ (دريائن ۾) ٽُٻيون هڻندا هئا ۽ ان کان سواءِ ٻيون خدمتون به ڪندا هئا، ۽ اسان سندن نگهبان هئاسين.
وَ اَیُّوْبَ اِذْ نَادٰى رَبَّهٗۤ اَنِّیْ مَسَّنِیَ الضُّرُّ وَ اَنْتَ اَرْحَمُ الرّٰحِمِیْنَۚۖ۸۳
۽ ايوب (کي علم ۽ حڪمت ڏني سين) ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو: ”بيشڪ مون کي تڪليف پهتي آهي ۽ تون سڀ رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين“.
فَاسْتَجَبْنَا لَهٗ فَكَشَفْنَا مَا بِهٖ مِنْ ضُرٍّ وَّ اٰتَیْنٰهُ اَهْلَهٗ وَ مِثْلَهُمْ مَّعَهُمْ رَحْمَةً مِّنْ عِنْدِنَا وَ ذِكْرٰى لِلْعٰبِدِیْنَ۸۴
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي پوءِ کيس جا تڪليف هئي سا لاٿي سين ۽ اسان کيس صرف سندس اهل و عيال ئي عطا نه ڪيو بلڪه انهن سان گڏ اوترائي ٻيا به ڏنا اها اسان جي طرفان (خاص) رحمت هئي ۽ عبادت گذارن لاءِ نصيحت آهي.
وَ اِسْمٰعِیْلَ وَ اِدْرِیْسَ وَ ذَا الْكِفْلِ١ؕ كُلٌّ مِّنَ الصّٰبِرِیْنَۚۖ۸۵
۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل (کي به اسان ان نعمت سان نوازيو) اُهي سڀ صبر وارا هئا.
وَ اَدْخَلْنٰهُمْ فِیْ رَحْمَتِنَا١ؕ اِنَّهُمْ مِّنَ الصّٰلِحِیْنَ۸۶
اسان انهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اُهي نيڪوڪارن مان هئا.
وَ ذَا النُّوْنِ اِذْ ذَّهَبَ مُغَاضِبًا فَظَنَّ اَنْ لَّنْ نَّقْدِرَ عَلَیْهِ فَنَادٰى فِی الظُّلُمٰتِ اَنْ لَّاۤ اِلٰهَ اِلَّاۤ اَنْتَ سُبْحٰنَكَ١ۖۗ اِنِّیْ كُنْتُ مِنَ الظّٰلِمِیْنَۚۖ۸۷
۽ مڇي واري (نبي يونس کي به نوازيو) ياد ڪر جڏهن اُهو (قوم تي) ڪاوڙجي هليو پوءِ هي گمان ڪيائين ته اسان ان مٿان هرگز تنگي نه ڪنداسين پوءِ ان (رات، مڇي جي پيٽ ۽ درياء جي تري جي) اونداهين ۾ پڪاريو هي ته: ”تو کان سواءِ ڪو معبود ناهي تون پاڪ آهين، بيشڪ آءٌ ئي (پنهنجي پاڻ تي) زيادتي ڪرڻ وارن مان آهيان“.
فَاسْتَجَبْنَا لَهٗ١ۙ وَ نَجَّیْنٰهُ مِنَ الْغَمِّ١ؕ وَ كَذٰلِكَ نُـْۨجِی الْمُؤْمِنِیْنَ۸۸
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس غم مان نجات ڏني. ۽ اهڙي طرح اسان مؤمنن کي نجات ڏيندا آهيون.
وَ زَكَرِیَّاۤ اِذْ نَادٰى رَبَّهٗ رَبِّ لَا تَذَرْنِیْ فَرْدًا وَّ اَنْتَ خَیْرُ الْوٰرِثِیْنَۚۖ۸۹
۽ زڪريا (کي به نوازيو) ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي اڪيلو نه ڇڏ ۽ تون سڀ وارثن کان بهتر وارث آهين“.
فَاسْتَجَبْنَا لَهٗ١٘ وَ وَهَبْنَا لَهٗ یَحْیٰى وَ اَصْلَحْنَا لَهٗ زَوْجَهٗ١ؕ اِنَّهُمْ كَانُوْا یُسٰرِعُوْنَ فِی الْخَیْرٰتِ وَ یَدْعُوْنَنَا رَغَبًا وَّ رَهَبًا١ؕ وَ كَانُوْا لَنَا خٰشِعِیْنَ۹۰
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي. ۽ اسان کيس يحيٰ (پُٽُ) بخشيو. ۽ اسان سندس واسطي سندس گهروارِي کي به درست (قابلِ اولاد) بنايو. بيشڪ اُهي (سڀ) نيڪي جي ڪمن ۾ جلدي ڪندا هئا ۽ اسان کي اميد ۽ خوف سان سڏيندا هئا. ۽ اسان جي سامهون عاجزي ڪرڻ وارا هئا.
وَ الَّتِیْۤ اَحْصَنَتْ فَرْجَهَا فَنَفَخْنَا فِیْهَا مِنْ رُّوْحِنَا وَ جَعَلْنٰهَا وَ ابْنَهَاۤ اٰیَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ۹۱
۽ اها عورت (بيبي مريم) جنهن پنهنجي پاڪيزگي جي حفاظت ڪئي پوءِ اسان ان ۾ پنهنجي روح سان ڦوڪيو ۽ اسان ان کي ۽ سندس پُٽ (عيسيٰ) کي جهان وارن لاءِ نشاني بنايو.
اِنَّ هٰذِهٖۤ اُمَّتُكُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً١ۖ٘ وَّ اَنَا رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْنِ۹۲
هيءَ اوهان جي امت آهي جا (حقيقت ۾) هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ اوهان جو پالڻهار آهيان پوءِ منهنجي عبادت ڪيو.
وَ تَقَطَّعُوْۤا اَمْرَهُمْ بَیْنَهُمْ١ؕ كُلٌّ اِلَیْنَا رٰجِعُوْنَ۠۹۳
۽ ماڻهن پاڻ ۾ پنهنجي دين ۾ ڌڙي بندي ڪئي سڀ اسان ڏانهن موٽي اچڻ وارا آهن.
فَمَنْ یَّعْمَلْ مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَلَا كُفْرَانَ لِسَعْیِهٖ١ۚ وَ اِنَّا لَهٗ كٰتِبُوْنَ۹۴
پوءِ جو به چڱا عمل ڪري ۽ اُهو مؤمن (به) هجي ته ان جي ڪوشش جي بي قدري ڪونه ڪئي ويندي، ۽ بيشڪ اسان ان جي لکڻ وارا آهيون.
وَ حَرٰمٌ عَلٰى قَرْیَةٍ اَهْلَكْنٰهَاۤ اَنَّهُمْ لَا یَرْجِعُوْنَ۹۵
۽ جنهن ڳوٺ (وارن) کي اسان هلاڪ ڪيو ان جو (دنيا ۾) موٽي اچڻ محال آهي.
حَتّٰۤى اِذَا فُتِحَتْ یَاْجُوْجُ وَ مَاْجُوْجُ وَ هُمْ مِّنْ كُلِّ حَدَبٍ یَّنْسِلُوْنَ۹۶
ايستائين جو جڏهن ياجوج ماجوج کوليا ويندا ۽ اُهي هر مٿاهين کان ڊوڙندا ايندا.
وَ اقْتَرَبَ الْوَعْدُ الْحَقُّ فَاِذَا هِیَ شَاخِصَةٌ اَبْصَارُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا١ؕ یٰوَیْلَنَا قَدْ كُنَّا فِیْ غَفْلَةٍ مِّنْ هٰذَا بَلْ كُنَّا ظٰلِمِیْنَ۹۷
۽ (قيامت جو) سچو وعدو ويجهو اچي ويندو ته ان ئي وقت انهن ماڻهن جون اکيون کليل رهجي وينديون جن ڪفر ڪيو. (چوندا ته) ”هاءِ اسان جي بربادي! اسان هن کان غفلت ۾ پيل هئاسين بلڪه اسان ظالم هئاسين“.
اِنَّكُمْ وَ مَا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ١ؕ اَنْتُمْ لَهَا وٰرِدُوْنَ۹۸
بيشڪ توهان ۽ اُهي (بت) جن جي اوهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا (سڀ) دوزخ جو ٻارڻ آهن توهان ان ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيو.
لَوْ كَانَ هٰۤؤُلَآءِ اٰلِهَةً مَّا وَرَدُوْهَا١ؕ وَ كُلٌّ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ۹۹
اگر اُهي (واقعي) معبود هجن ها ته جهنم ۾ نه گهڙن ها. ۽ اُهي سڀ ان ۾ هميشه رهندا.
لَهُمْ فِیْهَا زَفِیْرٌ وَّ هُمْ فِیْهَا لَا یَسْمَعُوْنَ۱۰۰
انهن جون ان ۾ دانهون هونديون ۽ ان ۾ ڪجھ (ٻيو) نه ٻڌي سگهندا.
اِنَّ الَّذِیْنَ سَبَقَتْ لَهُمْ مِّنَّا الْحُسْنٰۤى١ۙ اُولٰٓىِٕكَ عَنْهَا مُبْعَدُوْنَۙ۱۰۱
بيشڪ اُهي ماڻهو جن لاءِ اسان جي طرفان اڳ ئي ڀلائي مقرر ٿي چڪي آهي، اُهي ان (جهنم) کان پري هوندا.
لَا یَسْمَعُوْنَ حَسِیْسَهَا١ۚ وَ هُمْ فِیْ مَا اشْتَهَتْ اَنْفُسُهُمْ خٰلِدُوْنَۚ۱۰۲
اُهي ان (دوزخ جي) سَرسَراهَٽَ به نه ٻڌندا، ۽ اُهي انهن (نعمتن) ۾ هميشه رهندا جن جي انهن جي دل خواهش ڪندي.
لَا یَحْزُنُهُمُ الْفَزَعُ الْاَكْبَرُ وَ تَتَلَقّٰىهُمُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ١ؕ هٰذَا یَوْمُكُمُ الَّذِیْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ۱۰۳
(قيامت جي) وڏي گهٻراهٽ به انهن کي غمزده ڪونه ڪندي ۽ ملائڪ انهن جو استقبال ڪندا. (۽ چوندا) ”هي توهان جو اهو ڏينهن آهي جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو ويندو هيو“.
یَوْمَ نَطْوِی السَّمَآءَ كَطَیِّ السِّجِلِّ لِلْكُتُبِ١ؕ كَمَا بَدَاْنَاۤ اَوَّلَ خَلْقٍ نُّعِیْدُهٗ١ؕ وَعْدًا عَلَیْنَا١ؕ اِنَّا كُنَّا فٰعِلِیْنَ۱۰۴
ان ڏينهن اسان آسمان کي (ائين) ويڙهينداسين جيئن لکيل ڪاغذن جي دفتر کي ويڙهيو ويندو آهي جيئن اسان (ڪائنات کي) پهريائين پيدا ڪيو هيو اسان وري پيدائش وارو عمل دهرائينداسين. اُهو وعدو اسان تي لازم آهي. بيشڪ اسان اُهو ضرور ڪرڻ وارا آهيون.
وَ لَقَدْ كَتَبْنَا فِی الزَّبُوْرِ مِنْۢ بَعْدِ الذِّكْرِ اَنَّ الْاَرْضَ یَرِثُهَا عِبَادِیَ الصّٰلِحُوْنَ۱۰۵
۽ بيشڪ اسان زبور ۾ نصيحت کان پوءِ هيءُ به لکي ڇڏيو هيو ته: ”بيشڪ زمين جا وارث منهنجا نيڪوڪار ٻانها ٿيندا“.
اِنَّ فِیْ هٰذَا لَبَلٰغًا لِّقَوْمٍ عٰبِدِیْنَؕ۱۰۶
بيشڪ هن (قرآن) ۾ عبادت گذارن لاءِ وڏو پيغام آهي.
وَ مَاۤ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ۱۰۷
۽ (اي نبي) اسان تو کي نه موڪليو آهي مگر جهانن لاءِ رحمت بنائي.
قُلْ اِنَّمَا یُوْحٰۤى اِلَیَّ اَنَّمَاۤ اِلٰهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ١ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ۱۰۸
چؤ ته مون ڏانهن ته هي وحي ڪئي وڃي ٿي ته: ”اوهان جو معبود صرف هڪ معبود آهي، پوءِ ڇا توهان اسلام قبولڻ وارا آهيو؟ “
فَاِنْ تَوَلَّوْا فَقُلْ اٰذَنْتُكُمْ عَلٰى سَوَآءٍ١ؕ وَ اِنْ اَدْرِیْۤ اَقَرِیْبٌ اَمْ بَعِیْدٌ مَّا تُوْعَدُوْنَ۱۰۹
پوءِ جيڪڏهن ڦِرن ته چؤ: ”مون اوهان (سڀني) کي يڪسان طرح خبروار ڪيو آهي، آءٌ نه ٿو ڄاڻان اُهو (عذاب) ويجهو آهي يا پري جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.
اِنَّهٗ یَعْلَمُ الْجَهْرَ مِنَ الْقَوْلِ وَ یَعْلَمُ مَا تَكْتُمُوْنَ۱۱۰
بيشڪ اُهو (الله) ڏاڍيان واري ڳالھ کي به ڄاڻي ٿو ۽ اُهو (به) ڄاڻي ٿو جو اوهان لڪايو ٿا.
وَ اِنْ اَدْرِیْ لَعَلَّهٗ فِتْنَةٌ لَّكُمْ وَ مَتَاعٌ اِلٰى حِیْنٍ۱۱۱
۽ آءٌ (ازخود) نه ٿو ڄاڻان شايد ته (عذاب ۾ دير) اوهان جي حق ۾ آزمائش هجي ۽ هڪ مقرر وقت تائين توهان کي فائدو پهچائڻو هجي“.
قٰلَ رَبِّ احْكُمْ بِالْحَقِّ١ؕ وَ رَبُّنَا الرَّحْمٰنُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰى مَا تَصِفُوْنَ۠۱۱۲
(نبي ڪريم ﷺ) چيو ته: ”اي منهنجا پروردگار! انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (اي انسانو!) اسان جو پالڻهار وڏو مهربان آهي ان کان مدد طلب ڪئي ويندي آهي ان (ڏکوئيندڙ) ڳالهين تي جيڪي اوهان ڪيو ٿا“.
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ١ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَیْءٌ عَظِیْمٌ۱
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، بيشڪ قيامت جو زلزلو ڏاڍي سخت شيءِ آهي.
یَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّاۤ اَرْضَعَتْ وَ تَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَ تَرَى النَّاسَ سُكٰرٰى وَ مَا هُمْ بِسُكٰرٰى وَ لٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِیْدٌ۲
جنهن ڏينهن اوهان ان کي ڏسندؤ هر کير پيارڻ وارِي (ماءُ) پنهنجي کير پياڪ ٻچن کي وساري ويهندي ۽ هر حمل وارِي پنهنجو حمل ڪيرائي وجهندي ۽ تون ماڻهن کي نشي (جي حالت) ۾ ڏسندين حالانڪه اُهي نشي ۾ نه هوندا ۽ پر الله جو عذاب سخت هوندو.
وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یُّجَادِلُ فِی اللّٰهِ بِغَیْرِ عِلْمٍ وَّ یَتَّبِعُ كُلَّ شَیْطٰنٍ مَّرِیْدٍۙ۳
ڪي ماڻهو الله جي باري ۾ بنا علم (۽ سمجھ) جي جهڳڙو ڪن ٿا ۽ هر سرڪش شيطان جي پيروي ڪن ٿا.
كُتِبَ عَلَیْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ یُضِلُّهٗ وَ یَهْدِیْهِ اِلٰى عَذَابِ السَّعِیْرِ۴
ان جي ته مقدر ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪو به ان کي دوست بنائيندو ته ضرور اُهو ان کي گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب جو رستو ڏيکاريندو.
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنْ كُنْتُمْ فِیْ رَیْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَاِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُمَّ مِنْ مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَّ غَیْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَیِّنَ لَكُمْ١ؕ وَ نُقِرُّ فِی الْاَرْحَامِ مَا نَشَآءُ اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُمَّ لِتَبْلُغُوْۤا اَشُدَّكُمْ١ۚ وَ مِنْكُمْ مَّنْ یُّتَوَفّٰى وَ مِنْكُمْ مَّنْ یُّرَدُّ اِلٰۤى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَیْلَا یَعْلَمَ مِنْۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَیْـًٔا١ؕ وَ تَرَى الْاَرْضَ هَامِدَةً فَاِذَاۤ اَنْزَلْنَا عَلَیْهَا الْمَآءَ اهْتَزَّتْ وَ رَبَتْ وَ اَنْۢبَتَتْ مِنْ كُلِّ زَوْجٍۭ بَهِیْجٍ۵
اي انسانو! جي اوهان ٻيهر جيئري ٿيڻ بابت شڪ ۾ آهيو ته پوءِ (غور ته ڪيو) بيشڪ اسان اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، وري نطفي مان، وري رت جي دِڳ مان، وري گوشت جي ٻوٽي مان جا صورت ڏنل به هوندي آهي ۽ غير صورت ڏنل به، هي ان لاءِ (ٻڌايون پيا) ته اوهان تي حقيقت ظاهر ڪيون. ۽ جنهن (نطفي) کي چاهيون ٿا ته هڪ مقرر مدت تائين رِحِمَن ۾ ترسايون ٿا پوءِ اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ڪڍون ٿا پوءِ (اوهان جي پالنا ڪيون ٿا) تانجو اوهان پنهنجي جواني کي پهچو، ۽ اوهان مان اُهي به آهن جي (جلد) فوت ٿي وڃن ٿا ۽ اوهان مان ڪي اُهي به آهن جي ناڪاره عمر تائين موٽايا وڃن ٿا هن لاءِ ته سڀ ڪجھ ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجھ به نه ڄاڻي ۽ تون زمين کي بلڪل خشڪ (غير آباد) ڏسين ٿو پوءِ جڏهن اسان ان تي پاڻي وسايون ٿا ته اُها تَحَرّڪَ ۾ اچي ٿي ۽ اُها اڀامڻ وڌڻ لڳي ٿي ۽ رونقدار نباتات مان هر قسم جا جوڙا ڄمائي ٿي.
ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْحَقُّ وَ اَنَّهٗ یُحْیِ الْمَوْتٰى وَ اَنَّهٗ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌۙ۶
اِهو سڀ هن لاءِ آهي ته الله ئي حق آهي ۽ بيشڪ اُهو مُردن کي جياري ٿو ۽ بيشڪ اُهو هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
وَّ اَنَّ السَّاعَةَ اٰتِیَةٌ لَّا رَیْبَ فِیْهَا١ۙ وَ اَنَّ اللّٰهَ یَبْعَثُ مَنْ فِی الْقُبُوْرِ۷
۽ بيشڪ (قيامت جي) گھڙي اچڻ واري آهي ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ۽ بيشڪ الله انهن ماڻهن کي زنده ڪري اٿاريندو جيڪي قبرن ۾ آهن.
وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یُّجَادِلُ فِی اللّٰهِ بِغَیْرِ عِلْمٍ وَّ لَا هُدًى وَّ لَا كِتٰبٍ مُّنِیْرٍۙ۸
۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بنا علم جي ۽ بنا هدايت جي ۽ بغير ڪنهن روشن ڪتاب جي.
ثَانِیَ عِطْفِهٖ لِیُضِلَّ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ١ؕ لَهٗ فِی الدُّنْیَا خِزْیٌ وَّ نُذِیْقُهٗ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ عَذَابَ الْحَرِیْقِ۹
پنهنجي ڪنڌ کي (تڪبر سان) موڙيندي تان ته (ٻين کي به) الله جي راھ کان گمراھ ڪري. ان جي لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ قيامت واري ڏينهن اسان ان کي ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکائينداسين.
ذٰلِكَ بِمَا قَدَّمَتْ یَدٰكَ وَ اَنَّ اللّٰهَ لَیْسَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِیْدِ۠۱۰
(چيو ويندو) هي (سزا) تنهنجي انهن عملن سبب آهي جيڪي تنهنجا هٿ اڳتي موڪلي چڪا هئا ۽ بيشڪ الله ٻانهن تي هرگز ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.
وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یَّعْبُدُ اللّٰهَ عَلٰى حَرْفٍ١ۚ فَاِنْ اَصَابَهٗ خَیْرُ اِ۟طْمَاَنَّ بِهٖ١ۚ وَ اِنْ اَصَابَتْهُ فِتْنَةُ اِ۟نْقَلَبَ عَلٰى وَجْهِهٖ١ۚ۫ خَسِرَ الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةَ١ؕ ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِیْنُ۱۱
۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو (دين جي) ڪناري تي (رهي) الله جي عبادت ڪري ٿو. (يعني اڻپوري يقين سان) پوءِ جيڪڏهن ان کي ڪا (دنياوي) ڀلائي پهچي ٿي ته اُهو هن (دين) کان مطمئن ٿي وڃي ٿو. ۽ اگر ان کي ڪا آزمائش پهچي ٿي ته اُهو مُنهن ڀر (دين کان) پلٽو کائي وڃي ٿو. اُهو دنيا ۾ به نقصان وارو ٿيو ۽ آخرت ۾ (به.) اهو ئي ته پڌرو نقصان آهي.
یَدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا یَضُرُّهٗ وَ مَا لَا یَنْفَعُهٗ١ؕ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِیْدُۚ۱۲
اُهو الله کي ڇڏي ان جي پوڄا ڪري ٿو جو نه ان کي نقصان ڏئي سگهي ۽ نه ئي ان کي نفعو پهچائي سگهي. اها ئي ته پري جي (انتهائي) گمراهي آهي.
یَدْعُوْا لَمَنْ ضَرُّهٗۤ اَقْرَبُ مِنْ نَّفْعِهٖ١ؕ لَبِئْسَ الْمَوْلٰى وَ لَبِئْسَ الْعَشِیْرُ۱۳
اُهو ان کي پوڄي ٿو جنهن جو نقصان ان جي نفعي کان ويجهو آهي. ڪهڙو بدترين مددگار آهي ۽ ڪهڙو بدترين ساٿي آهي.
اِنَّ اللّٰهَ یُدْخِلُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ یَفْعَلُ مَا یُرِیْدُ۱۴
بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن. بيشڪ الله جيڪو ارادو ڪري ٿو سو ڪري ٿو.
مَنْ كَانَ یَظُنُّ اَنْ لَّنْ یَّنْصُرَهُ اللّٰهُ فِی الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةِ فَلْیَمْدُدْ بِسَبَبٍ اِلَى السَّمَآءِ ثُمَّ لْیَقْطَعْ فَلْیَنْظُرْ هَلْ یُذْهِبَنَّ كَیْدُهٗ مَا یَغِیْظُ۱۵
جيڪو ماڻهو هي گمان ڪري ٿو ته الله ان (يعني رسول) جي دنيا ۽ آخرت ۾ هرگز مدد نه ڪندو سو هڪ رسي آسمان (يعني گهر جي ڇت) سان ٻڌي ان ۾ لٽڪي پوي (يعني پاڻ کي ڦاهو ڏئي) پوءِ ان رسي کي ڪَٽي ڇڏي پوءِ ڏسي ته ان جي ان (خودڪُشي جي) تدبير سندس غصي (۽ ڪاوڙ) کي پري ڪيو آهي (يا نه؟)
وَ كَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ اٰیٰتٍۭ بَیِّنٰتٍ١ۙ وَّ اَنَّ اللّٰهَ یَهْدِیْ مَنْ یُّرِیْدُ۱۶
۽ اهڙي طرح اسان هن (قرآن) کي چِٽين آيتن جي صورتن ۾ لاٿو آهي ۽ بيشڪ الله جنهن کي چاهي ٿو هدايت ڪري ٿو.
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ الَّذِیْنَ هَادُوْا وَ الصّٰبِـِٕیْنَ وَ النَّصٰرٰى وَ الْمَجُوْسَ وَ الَّذِیْنَ اَشْرَكُوْۤا١ۖۗ اِنَّ اللّٰهَ یَفْصِلُ بَیْنَهُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ شَهِیْدٌ۱۷
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿي ويا ۽ صابئي (يعني ستارن جا پوڄاري) ۽ عيسائي ۽ باھ جا پوڄاري ۽ جن ماڻهن شرڪ ڪيو، بيشڪ الله قيامت واري ڏينهن انهن (سڀني گروهن) جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. بيشڪ الله هر شيءِ جو مشاهدو ڪندڙ آهي.
اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ یَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَنْ فِی الْاَرْضِ وَ الشَّمْسُ وَ الْقَمَرُ وَ النُّجُوْمُ وَ الْجِبَالُ وَ الشَّجَرُ وَ الدَّوَآبُّ وَ كَثِیْرٌ مِّنَ النَّاسِ١ؕ وَ كَثِیْرٌ حَقَّ عَلَیْهِ الْعَذَابُ١ؕ وَ مَنْ یُّهِنِ اللّٰهُ فَمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ یَفْعَلُ مَا یَشَآءُؕ۩۱۸
ڇا تو نه ڏٺو ته الله جي لاءِ سجدو ڪن ٿا جي آسمانن ۾ آهن ۽ جي زمين ۾ آهن ۽ سج ۽ چنڊ ۽ ستارا ۽ جَبلَ ۽ وَڻَ ۽ چوپايا جانور ۽ ماڻهن مان به گهڻا. ۽ گهڻا (ماڻهو) اهڙا به آهن جن تي عذاب ثابت ٿي چڪو آهي. ۽ جنهن کي الله ذليل ڪري ته ان کي ڪو عزت ڏيڻ وارو ناهي. بيشڪ الله جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو.
هٰذٰنِ خَصْمٰنِ اخْتَصَمُوْا فِیْ رَبِّهِمْ١٘ فَالَّذِیْنَ كَفَرُوْا قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِیَابٌ مِّنْ نَّارٍ١ؕ یُصَبُّ مِنْ فَوْقِ رُءُوْسِهِمُ الْحَمِیْمُۚ۱۹
هي ٻه ڌريون آهن جيڪي پاڻ ۾ پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ جهڳڙو ڪندڙ آهن. پوءِ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ دوزخ جي باھ جا ڪپڙا ڪٽيا (تيارڪيا) ويا آهن. ۽ انهن جي مٿن مٿان ٽهڪندڙ پاڻي پَلٽيو ويندو.
یُصْهَرُ بِهٖ مَا فِیْ بُطُوْنِهِمْ وَ الْجُلُوْدُؕ۲۰
ان سان سندن پيٽن ۾ جيڪي آهي سو ڳري ويندو ۽ کلون به.
كُلَّمَاۤ اَرَادُوْۤا اَنْ یَّخْرُجُوْا مِنْهَا مِنْ غَمٍّ اُعِیْدُوْا فِیْهَا١ۗ وَ ذُوْقُوْا عَذَابَ الْحَرِیْقِ۠۲۲
۽ جڏهن به تڪليف جي شدت کان اتان نڪرڻ جو ارادو ڪندا (ته) ان ۾ واپس موٽايا ويندا (۽ چيو ويندو ته) جلائيندڙ عذاب کي چکو.
اِنَّ اللّٰهَ یُدْخِلُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ یُحَلَّوْنَ فِیْهَا مِنْ اَسَاوِرَ مِنْ ذَهَبٍ وَّ لُؤْلُؤًا١ؕ وَ لِبَاسُهُمْ فِیْهَا حَرِیْرٌ۲۳
بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نديون وهندڙ آهن اتي کين سون جي ڪنگڻن ۽ موتين سان سينگاريو ويندو. ۽ اتي سندن لباس ريشم جو هوندو.
وَ هُدُوْۤا اِلَى الطَّیِّبِ مِنَ الْقَوْلِ١ۖۚ وَ هُدُوْۤا اِلٰى صِرَاطِ الْحَمِیْدِ۲۴
۽ انهن کي (دنيا ۾) پاڪيزه قول قبول ڪرڻ جي هدايت بخشي وئي ۽ انهن کي (اسلام جي) پسنديده رستي ڏانهن رهنمائي ڪئي وئي.
اِنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ یَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ وَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ الَّذِیْ جَعَلْنٰهُ لِلنَّاسِ سَوَآءَ اِ۟لْعَاكِفُ فِیْهِ وَ الْبَادِ١ؕ وَ مَنْ یُّرِدْ فِیْهِ بِاِلْحَادٍۭ بِظُلْمٍ نُّذِقْهُ مِنْ عَذَابٍ اَلِیْمٍ۠۲۵
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (اڄ) الله جي راھ کان ۽ مسجدِ حرام (بيت الله) کان روڪن ٿا جنهن کي اسان (سڀ) انسانن لاءِ (مرڪزِ هدايت) بنايو آهي، اتي رهڻ وارو ۽ ٻاهران اچڻ وارو ان ۾ (سڀ) برابر آهن. ۽ جيڪو ان (مسجد الحرام) ۾ ناحق طريقي سان ڏنگي هلڻ جو ارادو ڪندو اسان ان کي دردناڪ عذاب چکائينداسين.
وَ اِذْ بَوَّاْنَا لِاِبْرٰهِیْمَ مَكَانَ الْبَیْتِ اَنْ لَّا تُشْرِكْ بِیْ شَیْـًٔا وَّ طَهِّرْ بَیْتِیَ لِلطَّآىِٕفِیْنَ وَ الْقَآىِٕمِیْنَ وَ الرُّكَّعِ السُّجُوْدِ۲۶
۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان ابراهيم لاءِ بيت الله (جي تعمير خاطِر) جڳھ مقرر ڪئي (۽ هدايت ڪئي ته) مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪجانءِ ۽ منهنجي گهر کي پاڪ رکجانءِ طواف ڪرڻ وارن لاءِ ۽ قيام ڪرڻ وارن لاءِ ۽ رڪوع سجدن ڪندڙن لاءِ.
وَ اَذِّنْ فِی النَّاسِ بِالْحَجِّ یَاْتُوْكَ رِجَالًا وَّ عَلٰى كُلِّ ضَامِرٍ یَّاْتِیْنَ مِنْ كُلِّ فَجٍّ عَمِیْقٍۙ۲۷
۽ تون ماڻهن ۾ حج جو عام اعلان ڪر اُهي تو وٽ پري پري جي رستن کان پيادل ۽ هر ڏٻري ڏاچي تي (سوار ٿي) حاضر ٿيندا.
لِّیَشْهَدُوْا مَنَافِعَ لَهُمْ وَ یَذْكُرُوا اسْمَ اللّٰهِ فِیْۤ اَیَّامٍ مَّعْلُوْمٰتٍ عَلٰى مَا رَزَقَهُمْ مِّنْۢ بَهِیْمَةِ الْاَنْعَامِ١ۚ فَكُلُوْا مِنْهَا وَ اَطْعِمُوا الْبَآىِٕسَ الْفَقِیْرَ٘۲۸
هن لاءِ ته اُهي پنهنجي فائدي جي جاين تي حاضر ٿين ۽ الله جو نالو ياد ڪن (قرباني جي) مقرر ڏينهن ۾ انهن بي زبان جانورن تي (ذبح ڪرڻ وقت) جيڪي الله انهن کي عطا فرمايا آهن. پوءِاوهان ان مان پاڻ به کائو ۽ تنگدست محتاج کي به کارايو.
ثُمَّ لْیَقْضُوْا تَفَثَهُمْ وَ لْیُوْفُوْا نُذُوْرَهُمْ وَ لْیَطَّوَّفُوْا بِالْبَیْتِ الْعَتِیْقِ۲۹
پوءِ انهن کي گهرجي ته بدن جي مَرُ مِٽِي لاهن ۽ پنهنجون منتائون پوريون ڪن ۽ (الله جي) قديم گهر جو طوافِ (زيارت) ڪن.
ذٰلِكَ١ۗ وَ مَنْ یُّعَظِّمْ حُرُمٰتِ اللّٰهِ فَهُوَ خَیْرٌ لَّهٗ عِنْدَ رَبِّهٖ١ؕ وَ اُحِلَّتْ لَكُمُ الْاَنْعَامُ اِلَّا مَا یُتْلٰى عَلَیْكُمْ فَاجْتَنِبُوا الرِّجْسَ مِنَ الْاَوْثَانِ وَ اجْتَنِبُوْا قَوْلَ الزُّوْرِۙ۳۰
اِهو حڪم آهي. ۽ جيڪو الله جي عزت ڏنل شين جي تعظيم ڪري ٿو ته اُهو ان جي پروردگار وٽ ان لاءِ ڀلو آهي. ۽ اوهان جي لاءِ سڀ جانور حلال ڪيا ويا آهن سواءِ انهن جي جن جو حرام هجڻ توهان کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي پوءِ اوهان بتن جي پليتي کان بچو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان به پرهيز ڪيو.
حُنَفَآءَ لِلّٰهِ غَیْرَ مُشْرِكِیْنَ بِهٖ١ؕ وَ مَنْ یُّشْرِكْ بِاللّٰهِ فَكَاَنَّمَا خَرَّ مِنَ السَّمَآءِ فَتَخْطَفُهُ الطَّیْرُ اَوْ تَهْوِیْ بِهِ الرِّیْحُ فِیْ مَكَانٍ سَحِیْقٍ۳۱
هر باطل کان پري صرف الله جا ٿي رهو ان سان (ڪنهن کي) شريڪ نه ڪيو. ۽ جيڪو الله سان شرڪ ڪري ٿو سو ڄڻڪ آسمان تان ڪِري پيو پوءِ ان کي (مُردار خور) پکي کڻي وڃن يا هوا ان کي ڪنهن پري جاءِ ۾ وڃي ڪيرائي.
ذٰلِكَ١ۗ وَ مَنْ یُّعَظِّمْ شَعَآىِٕرَ اللّٰهِ فَاِنَّهَا مِنْ تَقْوَى الْقُلُوْبِ۳۲
اِها حقيقت آهي. ۽ جيڪو الله جي نشانين جي عزت ڪري ٿو ته اِها (تعظيم) دلين جي پرهيزگاري مان آهي.
لَكُمْ فِیْهَا مَنَافِعُ اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّهَاۤ اِلَى الْبَیْتِ الْعَتِیْقِ۠۳۳
اوهان لاءِ ان (قرباني جي جانورن) ۾ هِڪَ مقرر وقت تائين فائدن وٺڻ جو حق آهي پوءِ انهن (جي قربان ڪرڻ) جي جڳھ ان قديم گهر (بيت الله) وٽ آهي.
وَ لِكُلِّ اُمَّةٍ جَعَلْنَا مَنْسَكًا لِّیَذْكُرُوا اسْمَ اللّٰهِ عَلٰى مَا رَزَقَهُمْ مِّنْۢ بَهِیْمَةِ الْاَنْعَامِ١ؕ فَاِلٰهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَلَهٗۤ اَسْلِمُوْا١ؕ وَ بَشِّرِ الْمُخْبِتِیْنَۙ۳۴
۽ اسان هر امت لاءِ قرباني جو هڪ قائدو مقرر ڪيو آهي هن لاءِ ته اهي الله جي ڏنل بي زبان چوپاين تي (ذبح وقت) الله جو نالو وٺن. پوءِ اوهان جو معبود هڪ (ئي) معبود آهي سو توهان ان جا فرمانبردار ٿيو. ۽ (اي نبي!) عاجزي ڪرڻ وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ.
الَّذِیْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَ جِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَ الصّٰبِرِیْنَ عَلٰى مَاۤ اَصَابَهُمْ وَ الْمُقِیْمِی الصَّلٰوةِ١ۙ وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَ۳۵
(اِهي) اُهي ماڻهو آهن جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته انهن جون دليون ڪنبي پون ٿيون ۽ جي مصيبتون انهن مٿان اچن ٿيون ان تي صبر ڪندڙ آهن ۽ نماز قائم رکندڙ آهن ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.
وَ الْبُدْنَ جَعَلْنٰهَا لَكُمْ مِّنْ شَعَآىِٕرِ اللّٰهِ لَكُمْ فِیْهَا خَیْرٌ١ۖۗ فَاذْكُرُوا اسْمَ اللّٰهِ عَلَیْهَا صَوَآفَّ١ۚ فَاِذَا وَجَبَتْ جُنُوْبُهَا فَكُلُوْا مِنْهَا وَ اَطْعِمُوا الْقَانِعَ وَ الْمُعْتَرَّ١ؕ كَذٰلِكَ سَخَّرْنٰهَا لَكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ۳۶
۽ (قرباني جي) اُٺن کي اسان اوهان لاءِ الله جي نشانين مان بنايو آهي ان ۾ اوهان لاءِ ڀلائي آهي. پوءِ (نحرڪرڻ مهل) قطار ۾ بيهاري انهن تي الله جو نالو وٺو، پوءِ جڏهن پاسن ڀر ڪِري پون ته پوءِ انهن مان پاڻ به کائو ۽ انهن کي به کارايو جيڪي قناعت ڪرڻ وارا آهن ۽ انهن کي به جيڪي حاجت پيش ڪرڻ وارا آهن. (يعني سوالي ۽ پينو) اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي اوهان جي وس ۾ ڪيو آهي تان جو توهان شڪر ادا ڪيو.
لَنْ یَّنَالَ اللّٰهَ لُحُوْمُهَا وَ لَا دِمَآؤُهَا وَ لٰكِنْ یَّنَالُهُ التَّقْوٰى مِنْكُمْ١ؕ كَذٰلِكَ سَخَّرَهَا لَكُمْ لِتُكَبِّرُوا اللّٰهَ عَلٰى مَا هَدٰىكُمْ١ؕ وَ بَشِّرِ الْمُحْسِنِیْنَ۳۷
الله کي هرگز انهن (قربانين) جو نه گوشت پهچي ٿو ۽ نه انهن جو رت پهچي ٿو ۽ پر ان کي توهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي. ان طرح (الله) انهن کي توهان جي وس ۾ ڪيو آهي ته توهان الله جي وڏائي بيان ڪيو ان (شڪراني ۾) جو اوهان کي هدايت ڏنائين. ۽ (اي نبي!) نيڪي ڪرڻ وارن کي خوشخبري ڏي.
اِنَّ اللّٰهَ یُدٰفِعُ عَنِ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا١ؕ اِنَّ اللّٰهَ لَا یُحِبُّ كُلَّ خَوَّانٍ كَفُوْرٍ۠۳۸
بيشڪ الله ايمان وارن کان (سندن دشمن) ٽاري ٿو. بيشڪ الله هر خيانت ڪندڙ بي شڪر کي پسند نه ٿو ڪري.
اُذِنَ لِلَّذِیْنَ یُقٰتَلُوْنَ بِاَنَّهُمْ ظُلِمُوْا١ؕ وَ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰى نَصْرِهِمْ لَقَدِیْرُۙ۳۹
انهن ماڻهن کي (جهاد جي) اجازت ڏني وئي آهي جن جي خلاف جنگ ڪئي وڃي ٿي ڇو ته انهن تي ظلم ڪيو ويو آهي. ۽ بيشڪ الله انهن جي مدد ڪرڻ تي قادر آهي.
اِ۟لَّذِیْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ بِغَیْرِ حَقٍّ اِلَّاۤ اَنْ یَّقُوْلُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ١ؕ وَ لَوْ لَا دَفْعُ اللّٰهِ النَّاسَ بَعْضَهُمْ بِبَعْضٍ لَّهُدِّمَتْ صَوَامِعُ وَ بِیَعٌ وَّ صَلَوٰتٌ وَّ مَسٰجِدُ یُذْكَرُ فِیْهَا اسْمُ اللّٰهِ كَثِیْرًا١ؕ وَ لَیَنْصُرَنَّ اللّٰهُ مَنْ یَّنْصُرُهٗ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ لَقَوِیٌّ عَزِیْزٌ۴۰
هي اهي ماڻهو آهن جن کي انهن جي گهرن مان ناحق ڪڍيو ويو صرف ان قصور تي جو اُهي چون ٿا ته: ”اسان جو پالڻهار الله آهي“ ۽ جيڪڏهن الله هڪڙن ماڻهن کي ٻين جي هٿان نه هٽائي ها ته ڊاٿيون (۽ ويران ڪيون) وڃن ها خانقاهون ۽ گرجا ۽ ڪليسا ۽ مسجدون (يعني سڀ مذهبن جون عبادتگاهون) ڊاٿيون (۽ ويران ڪيون) وڃن ها جن ۾ ڪثرت سان الله جو نالو ورتو وڃي ٿو ۽ الله ضرور بالضرور مدد ڪندو ان ماڻهو جي جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو. بيشڪ الله وڏي طاقت وارو غالب آهي.
اَلَّذِیْنَ اِنْ مَّكَّنّٰهُمْ فِی الْاَرْضِ اَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتَوُا الزَّكٰوةَ وَ اَمَرُوْا بِالْمَعْرُوْفِ وَ نَهَوْا عَنِ الْمُنْكَرِ١ؕ وَ لِلّٰهِ عَاقِبَةُ الْاُمُوْرِ۴۱
(هي) اُهي ماڻهو آهن جن کي جيڪڏهن اسين زمين ۾ اقتدار ڏيون ته اهي نماز قائم رکندا ۽ زڪواة ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا ۽ برن ڪمن کان منع ڪندا. ۽ سڀ ڪمن جو انجام الله جي اختيار ۾ آهي.
وَ اِنْ یُّكَذِّبُوْكَ فَقَدْ كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّ عَادٌ وَّ ثَمُوْدُۙ۴۲
۽ جيڪڏهن (اي نبي) اهي (ڪافر) تو کي ڪوڙو چون ته (غم نه ڪر) ان کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود به ڪوڙو چيو هيو.
وَّ اَصْحٰبُ مَدْیَنَ١ۚ وَ كُذِّبَ مُوْسٰى فَاَمْلَیْتُ لِلْكٰفِرِیْنَ ثُمَّ اَخَذْتُهُمْ١ۚ فَكَیْفَ كَانَ نَكِیْرِ۴۴
۽ مدين جي رهواسين (به پنهنجي نبين کي ڪوڙو چيو هيو) ۽ موسيٰ کي به ڪوڙو چيو ويو هيو پوءِ مون ڪافرن کي ڪجھ مُهلت ڏني پوءِ مون انهن کي پڪڙيو پوءِ (ٻڌايو ته) منهنجي سزا ڪيئن هئي؟
فَكَاَیِّنْ مِّنْ قَرْیَةٍ اَهْلَكْنٰهَا وَ هِیَ ظَالِمَةٌ فَهِیَ خَاوِیَةٌ عَلٰى عُرُوْشِهَا وَ بِئْرٍ مُّعَطَّلَةٍ وَّ قَصْرٍ مَّشِیْدٍ۴۵
پوءِ ڪيترا ئي ڳوٺ آهن جن کي اسان برباد ڪيو ان حال ۾ جو اُهي ظالم هئا پوءِ اُهي (ڳوٺ اڄ) ڇتين ڀر ڪِريل آهن ۽ ڪيترا کوه بي ڪار پيا آهن ۽ ڪيترا مضبوط محل اجڙيا پيا آهن.
اَفَلَمْ یَسِیْرُوْا فِی الْاَرْضِ فَتَكُوْنَ لَهُمْ قُلُوْبٌ یَّعْقِلُوْنَ بِهَاۤ اَوْ اٰذَانٌ یَّسْمَعُوْنَ بِهَا١ۚ فَاِنَّهَا لَا تَعْمَى الْاَبْصَارُ وَ لٰكِنْ تَعْمَى الْقُلُوْبُ الَّتِیْ فِی الصُّدُوْرِ۴۶
ڇا پوءِ زمين جو سير نه ڪيو اٿن (ظالمن جا کنڊرات ڏسي) انهن جون دليون اهڙيون ٿين جن سان اُهي سمجهن يا اهڙا ڪَنَ ٿين جن سان ٻُڌن. سو حقيقت اِها آهي ته اکيون انڌيون نه ٿيون ٿين پر دليون انڌيون ٿي وڃن ٿيون جيڪي سينن ۾ آهن.
وَ یَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالْعَذَابِ وَ لَنْ یُّخْلِفَ اللّٰهُ وَعْدَهٗ١ؕ وَ اِنَّ یَوْمًا عِنْدَ رَبِّكَ كَاَلْفِ سَنَةٍ مِّمَّا تَعُدُّوْنَ۴۷
۽ اهي تو کان عذاب گُهرَڻَ ۾ تڪڙِ ڪن ٿا ۽ الله هرگز پنهنجي وعدي جي خلاف نه ڪندو. ۽ بيشڪ (عذاب وارو) ڏينهن تنهنجي پروردگار وٽ توهان جي ڳاڻيٽي مطابق هڪ هزار سالن برابر آهي.
وَ كَاَیِّنْ مِّنْ قَرْیَةٍ اَمْلَیْتُ لَهَا وَ هِیَ ظَالِمَةٌ ثُمَّ اَخَذْتُهَا١ۚ وَ اِلَیَّ الْمَصِیْرُ۠۴۸
۽ ڪيترا ئي اهڙا ڳوٺ هئا جن کي مون مهلت ڏني حالانڪه اُهي ظالم هئا پوءِ مون ان کي پڪڙيو ۽ (هرهڪ) مون ڏانهن موٽڻو آهي.
قُلْ یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّمَاۤ اَنَا لَكُمْ نَذِیْرٌ مُّبِیْنٌۚ۴۹
چؤ ته: ”اي انسانو! آءٌ اوهان لاءِ (عذاب کان) صرف پڌرو ڊيڄارڻ وارو آهيان.
فَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّ رِزْقٌ كَرِیْمٌ۵۰
سو جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن لاءِ بخشش آهي ۽ عزت واري روزي آهي.
وَ الَّذِیْنَ سَعَوْا فِیْۤ اٰیٰتِنَا مُعٰجِزِیْنَ اُولٰٓىِٕكَ اَصْحٰبُ الْجَحِیْمِ۵۱
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ ڪوشش ڪئي ان خيال سان ته (اسان کي) عاجز ڪندا اُهي ئي جهنمي آهن.
وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ مِنْ رَّسُوْلٍ وَّ لَا نَبِیٍّ اِلَّاۤ اِذَا تَمَنّٰۤى اَلْقَى الشَّیْطٰنُ فِیْۤ اُمْنِیَّتِهٖ١ۚ فَیَنْسَخُ اللّٰهُ مَا یُلْقِی الشَّیْطٰنُ ثُمَّ یُحْكِمُ اللّٰهُ اٰیٰتِهٖ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌ حَكِیْمٌۙ۵۲
۽ اسان تو کان اڳ نه ڪو رسول ۽ نه ڪو نبيءُ موڪليو مگر ان سان هي (معاملو) ٿيو جو جڏهن ان (ماڻهن تي) ڪجھ (ڪلام الاهي) پڙهيو ته شيطان (ماڻهن جي ذهنن ۾) ان جي پڙهيل ۾ ڪجھ (شڪن ۽ شبهن کي) ملائي ڇڏيو. پوءِ الله شيطان جي دخل اندازي کي مٽائي ٿو پوءِ الله پنهنجي آيتن کي پختو ڪري ٿو ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
لِّیَجْعَلَ مَا یُلْقِی الشَّیْطٰنُ فِتْنَةً لِّلَّذِیْنَ فِیْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ وَّ الْقَاسِیَةِ قُلُوْبُهُمْ١ؕ وَ اِنَّ الظّٰلِمِیْنَ لَفِیْ شِقَاقٍۭ بَعِیْدٍۙ۵۳
هن لاءِ ته الله انهن (شڪن ۽ شبهن) کي جيڪي شيطان (ماڻهن جي ذهنن ۾) ملائي ٿو تن کي اهڙن ماڻهن لاءِ آزمائش بنائي جن جي دلين ۾ (منافقت جو) مرض آهي ۽ جن جون دليون سخت آهن. ۽ بيشڪ ظالم ماڻهو ڏورانهين بدبختي ۾ آهن.
وَّ لِیَعْلَمَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ اَنَّهُ الْحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ فَیُؤْمِنُوْا بِهٖ فَتُخْبِتَ لَهٗ قُلُوْبُهُمْ١ؕ وَ اِنَّ اللّٰهَ لَهَادِ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَقِیْمٍ۵۴
۽ هن لاءِ ته جن کي علم ڏنو ويو آهي سي ڄاڻن اِهو (وحيءِ الاهي) تنهنجي پالڻهار جي پاران حق آهي. پوءِ ان تي ايمان آڻن پوءِ ان (الله) لاءِ سندن دليون عاجزي ڪن. ۽ بيشڪ الله ايمان وارن کي سڌي رستي جي هدايت ڪرڻ وارو آهي.
وَ لَا یَزَالُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فِیْ مِرْیَةٍ مِّنْهُ حَتّٰى تَاْتِیَهُمُ السَّاعَةُ بَغْتَةً اَوْ یَاْتِیَهُمْ عَذَابُ یَوْمٍ عَقِیْمٍ۵۵
۽ ڪافر هميشه هن (قرآن) جي باري ۾ شڪ ۾ رهندا ايستائين جو اچانڪ انهن تي (قيامت جي) گھڙي اچي پهچي يا انهن تي هڪ منحوس ڏينهن جو عذاب اچي.
اَلْمُلْكُ یَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ١ؕ یَحْكُمُ بَیْنَهُمْ١ؕ فَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فِیْ جَنّٰتِ النَّعِیْمِ۵۶
بادشاهي ان ڏينهن صرف الله جي هوندي. اُهو سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون سي نعمت وارن باغن ۾ هوندا.
وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ كَذَّبُوْا بِاٰیٰتِنَا فَاُولٰٓىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِیْنٌ۠۵۷
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون پوءِ انهن ماڻهن لاءِ خواري وارو عذاب هوندو.
وَ الَّذِیْنَ هَاجَرُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ثُمَّ قُتِلُوْۤا اَوْ مَاتُوْا لَیَرْزُقَنَّهُمُ اللّٰهُ رِزْقًا حَسَنًا١ؕ وَ اِنَّ اللّٰهَ لَهُوَ خَیْرُ الرّٰزِقِیْنَ۵۸
۽ جن ماڻهن الله جي راھ ۾ هجرت ڪئي پوءِ قتل ڪيا ويا يا (آزمائشون سَهندي) مري ويا ته الله انهن کي ضرور سهڻو رزق ڏيندو. ۽ بيشڪ الله ئي سڀ کان بهتر رزق ڏيڻ وارو آهي.
لَیُدْخِلَنَّهُمْ مُّدْخَلًا یَّرْضَوْنَهٗ١ؕ وَ اِنَّ اللّٰهَ لَعَلِیْمٌ حَلِیْمٌ۵۹
اُهو کين ضرور اهڙي جاءِ ۾ داخل ڪندو جنهن سان اُهي راضي ٿي ويندا. ۽ بيشڪ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي.
ذٰلِكَ١ۚ وَ مَنْ عَاقَبَ بِمِثْلِ مَا عُوْقِبَ بِهٖ ثُمَّ بُغِیَ عَلَیْهِ لَیَنْصُرَنَّهُ اللّٰهُ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ لَعَفُوٌّ غَفُوْرٌ۶۰
اهو ته انهن بابت فيصلو آهي. ۽ جنهن ماڻهو ايتري ئي اذيت پهچائِــي جيتري ان کي اذيت ڏني وئي هئي وري ان تي (ٻيهر) زيادتي ڪئي وڃي ته الله ضرور ان جي مدد ڪندو. بيشڪ الله وڏو معافي ڏيندڙ بخشڻهار آهي.
ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ یُوْلِجُ الَّیْلَ فِی النَّهَارِ وَ یُوْلِجُ النَّهَارَ فِی الَّیْلِ وَ اَنَّ اللّٰهَ سَمِیْعٌۢ بَصِیْرٌ۶۱
اُهو هن لاءِ آهي ته الله رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ بيشڪ الله ٻڌڻ وارو ڏسڻ وارو آهي.
ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْحَقُّ وَ اَنَّ مَا یَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ هُوَ الْبَاطِلُ وَ اَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْعَلِیُّ الْكَبِیْرُ۶۲
اُهو هن لاءِ ته الله ئي حق آهي ۽ بيشڪ اهي سڀ باطل آهن جن جي اهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا ۽ بيشڪ الله ئي سڀ کان مٿاهون تمام وڏو آهي.
اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً١٘ فَتُصْبِحُ الْاَرْضُ مُخْضَرَّةً١ؕ اِنَّ اللّٰهَ لَطِیْفٌ خَبِیْرٌۚ۶۳
ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي وسائي ٿو ته زمين سرسبز شاداب ٿي پوي ٿي. بيشڪ الله مهرباني ڪندڙ خبر رکندڙ آهي.
لَهٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ١ؕ وَ اِنَّ اللّٰهَ لَهُوَ الْغَنِیُّ الْحَمِیْدُ۠۶۴
ان جو آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ بيشڪ الله وڏو بي نياز ساراهيل آهي.
اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ سَخَّرَ لَكُمْ مَّا فِی الْاَرْضِ وَ الْفُلْكَ تَجْرِیْ فِی الْبَحْرِ بِاَمْرِهٖ١ؕ وَ یُمْسِكُ السَّمَآءَ اَنْ تَقَعَ عَلَى الْاَرْضِ اِلَّا بِاِذْنِهٖ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ بِالنَّاسِ لَرَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ۶۵
ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو توهان (جي نفعي) لاءِ مطيع ڪيو آهي ۽ ٻيڙين کي به جيڪي درياءَ ۾ سندس حڪم (يعني جوڙيل قائدي سان) هلن ٿيون. ۽ آسمان کي روڪي ٿو هن ڳالھ کان جو زمين تي ڪِري پوي پر جي سندس حڪم هوندو (ته ڪِري پوندو.) بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ وڏي ٻاجھ ڪندڙ آهي.
وَ هُوَ الَّذِیْۤ اَحْیَاكُمْ١٘ ثُمَّ یُمِیْتُكُمْ ثُمَّ یُحْیِیْكُمْ١ؕ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَكَفُوْرٌ۶۶
اُهو ئي آهي جنهن اوهان کي زندگي ڏني پوءِ اوهان کي موت ڏيندو پوءِ اوهان کي (دوبارو) جياريندو. بيشڪ انسان وڏو ناشڪر آهي.
لِكُلِّ اُمَّةٍ جَعَلْنَا مَنْسَكًا هُمْ نَاسِكُوْهُ فَلَا یُنَازِعُنَّكَ فِی الْاَمْرِ وَ ادْعُ اِلٰى رَبِّكَ١ؕ اِنَّكَ لَعَلٰى هُدًى مُّسْتَقِیْمٍ۶۷
هر امت لاءِ اسان عبادت جو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن موجب اُهي عبادت ڪندڙ آهن پوءِ انهن کي گهرجي ته هن ڪم (يعني اسلام جي طريقي) ۾ تو سان جهڳڙو نه ڪن ۽ تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن (ماڻهن کي) سڏ. بيشڪ تون ئي سڌي رستي تي آهين.
وَ اِنْ جٰدَلُوْكَ فَقُلِ اللّٰهُ اَعْلَمُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ۶۸
۽ جيڪڏهن اُهي تو سان جهڳڙو ڪن ته تون چؤُ ته: ”الله چڱي طرح ڄاڻي ٿو اوهان جيڪي ڪيو ٿا.
اَللّٰهُ یَحْكُمُ بَیْنَكُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ فِیْمَا كُنْتُمْ فِیْهِ تَخْتَلِفُوْنَ۶۹
الله قيامت واري ڏينهن اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اوهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا هئا“.
اَلَمْ تَعْلَمْ اَنَّ اللّٰهَ یَعْلَمُ مَا فِی السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ١ؕ اِنَّ ذٰلِكَ فِیْ كِتٰبٍ١ؕ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللّٰهِ یَسِیْرٌ۷۰
ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته الله اُهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي. بيشڪ اُهو سڀ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. بيشڪ اُهو الله تي آسان آهي.
وَ یَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَمْ یُنَزِّلْ بِهٖ سُلْطٰنًا وَّ مَا لَیْسَ لَهُمْ بِهٖ عِلْمٌ١ؕ وَ مَا لِلظّٰلِمِیْنَ مِنْ نَّصِیْرٍ۷۱
۽ اهي الله کي ڇڏي انهن (بتن) کي پوڄن ٿا جنهن جو ان (الله) ڪو دليل نه لاٿو آهي ۽ نه ئي وٽن ان (شرڪ جي انجام) جو ڪو علم آهي. ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ڪونهي.
وَ اِذَا تُتْلٰى عَلَیْهِمْ اٰیٰتُنَا بَیِّنٰتٍ تَعْرِفُ فِیْ وُجُوْهِ الَّذِیْنَ كَفَرُوا الْمُنْكَرَ١ؕ یَكَادُوْنَ یَسْطُوْنَ بِالَّذِیْنَ یَتْلُوْنَ عَلَیْهِمْ اٰیٰتِنَا١ؕ قُلْ اَفَاُنَبِّئُكُمْ بِشَرٍّ مِّنْ ذٰلِكُمْ١ؕ اَلنَّارُ١ؕ وَعَدَهَا اللّٰهُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا١ؕ وَ بِئْسَ الْمَصِیْرُ۠۷۲
۽ جڏهن انهن (ڪافرن) تي اسان جون روشن آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته تون انهن ڪافرن جي چهرن ۾ نا پسنديدگي سُڃاڻي وٺندين. لڳندو ته اهي کين اسان جي آيتن پڙهي ٻڌائڻ واري مٿان حملو ڪرڻ وارا آهن، چؤ ته ڇا اوهان کي ان کان به بري خبر ٻڌايان! اُها باھ آهي. جنهن جو الله ڪافرن سان ان جو وعدو ڪيو آهي. ۽ ڏاڍو برو ٽڪاڻو آهي.
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَاسْتَمِعُوْا لَهٗ١ؕ اِنَّ الَّذِیْنَ تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَنْ یَّخْلُقُوْا ذُبَابًا وَّ لَوِ اجْتَمَعُوْا لَهٗ١ؕ وَ اِنْ یَّسْلُبْهُمُ الذُّبَابُ شَیْـًٔا لَّا یَسْتَنْقِذُوْهُ مِنْهُ١ؕ ضَعُفَ الطَّالِبُ وَ الْمَطْلُوْبُ۷۳
اي انسانو! هڪ مثال ڏجي ٿو اُهو غور سان ٻڌو. بيشڪ جن (بتن) کي اوهان الله کان سواءِ پوڄيو ٿا اُهي هرگز هڪ مَکِ (به) پيدا ڪري نه ٿا سگهن توڙي جو ان (ڪم) لاءِ سڀئي گڏجي پون. ۽ جيڪڏهن انهن کان مَکِ ڪا شيءِ ڦُري وڃي ته اها ان کان ڇڏائي نه سگهندا. ڪيترو بي وس آهي طالب (يعني عابد) به ۽ مطلوب (يعني معبود) به.
مَا قَدَرُوا اللّٰهَ حَقَّ قَدْرِهٖ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ لَقَوِیٌّ عَزِیْزٌ۷۴
انهن الله جو قدر نه ڪيو جهڙو سندس قدر ڪرڻ جو حق آهي. بيشڪ الله وڏي طاقت وارو غالب آهي.
اَللّٰهُ یَصْطَفِیْ مِنَ الْمَلٰٓىِٕكَةِ رُسُلًا وَّ مِنَ النَّاسِ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ سَمِیْعٌۢ بَصِیْرٌۚ۷۵
الله ملائڪن مان پيغام پهچائڻ وارا چونڊي ٿو ۽ ماڻهن مان به. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
یَعْلَمُ مَا بَیْنَ اَیْدِیْهِمْ وَ مَا خَلْفَهُمْ١ؕ وَ اِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ۷۶
اهو ڄاڻي ٿو جيڪي سندن اڳيان آهي ۽ جيڪي سندن پٺيان آهي. ۽ سڀ ڪم ان ڏانهن موٽايا ويندا.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا ارْكَعُوْا وَ اسْجُدُوْا وَ اعْبُدُوْا رَبَّكُمْ وَ افْعَلُوا الْخَیْرَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَۚ۩۷۷
اي ايمان وارؤ! اوهان رڪوع ڪيو ۽ سجدو ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيو ۽ نيڪ ڪم ڪيو تان ته توهان ڪامياب ٿيو.
وَ جَاهِدُوْا فِی اللّٰهِ حَقَّ جِهَادِهٖ١ؕ هُوَ اجْتَبٰىكُمْ وَ مَا جَعَلَ عَلَیْكُمْ فِی الدِّیْنِ مِنْ حَرَجٍ١ؕ مِلَّةَ اَبِیْكُمْ اِبْرٰهِیْمَ١ؕ هُوَ سَمّٰىكُمُ الْمُسْلِمِیْنَ١ۙ۬ مِنْ قَبْلُ وَ فِیْ هٰذَا لِیَكُوْنَ الرَّسُوْلُ شَهِیْدًا عَلَیْكُمْ وَ تَكُوْنُوْا شُهَدَآءَ عَلَى النَّاسِ١ۖۚ فَاَقِیْمُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ وَ اعْتَصِمُوْا بِاللّٰهِ١ؕ هُوَ مَوْلٰىكُمْ١ۚ فَنِعْمَ الْمَوْلٰى وَ نِعْمَ النَّصِیْرُ۠۷۸
۽ الله (جي محبت ۽ سندس دين جي خدمت) ۾ جهاد ڪيو جيئن ان جهاد جو حق آهي. ان اوهان کي چونڊيو آهي ۽ ان اوهان تي دين ۾ ڪا تنگي ڪانهي فرمائي. (اُهو) اوهان جي پيءُ ابراهيم جو دين آهي. ان (الله) اوهان جو نالو ”مسلمان“ رکيو آهي ان کان اڳ (وارن ڪتابن ۾) به هن (قرآن) ۾ به، هن لاءِ جو رسولِ (عربي ﷺ) اوهان مٿان شاهد ٿئي ۽ اوهان انسانن مٿان شاهد ٿيو، پوءِ (ان شڪراني ۾) نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ الله (جي رَسي) کي مضبوطي سان پڪڙيو. اُهو اوهان جو مددگار آهي، پوءِ اُهو ڀلو ڪارساز آهي ۽ ڀلو مددگار آهي.