قرآن پاڪ عربي متن، سنڌي ترجمو، اردو ترجمو ۽ تلاوت سان
Juz 18 starts at Surah Al-Mu'minun ayah 1 and ends at Surah 25 ayah 20. Read this part of the Quran with Arabic text, Sindhi translation, and audio Tilawat from the local database.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُوْنَۙ۳
۽ جيڪي بيهودين ڳالهين کان مُنهن موڙيندڙ آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ لِفُرُوْجِهِمْ حٰفِظُوْنَۙ۵
۽ جيڪي پنهنجي شرمگاهن جي (بدڪاري کان) حفاظت ڪندڙ آهن.
اِلَّا عَلٰۤى اَزْوَاجِهِمْ اَوْ مَا مَلَكَتْ اَیْمَانُهُمْ فَاِنَّهُمْ غَیْرُ مَلُوْمِیْنَۚ۶
سواءِ پنهنجي زالن جي يا انهن ٻانهيُن جي جيڪي سندن هٿن جي (شرعي) ملڪيت آهن پوءِ بيشڪ اُهي ملامت ڪيل نه آهن.
فَمَنِ ابْتَغٰى وَرَآءَ ذٰلِكَ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْعٰدُوْنَۚ۷
پوءِ جو شخص انهن کان سواءِ ڪجھ چاهيندو ته پوءِ اُهي ئي حد کان لنگهڻ وارا آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ لِاَمٰنٰتِهِمْ وَ عَهْدِهِمْ رٰعُوْنَۙ۸
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ عهد انجامن جي پاسداري ڪرڻ وارا آهن.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ عَلٰى صَلَوٰتِهِمْ یُحَافِظُوْنَۘ۹
۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا.
الَّذِیْنَ یَرِثُوْنَ الْفِرْدَوْسَ١ؕ هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ۱۱
جيڪي ميراث ۾ فردوس (بهشت جو اعليٰ طبقو) ماڻيندا. اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.
وَ لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ طِیْنٍۚ۱۲
۽ بيشڪ اسان انسان کي مٽيءَ جي جوهر مان پيدا ڪيو.
ثُمَّ جَعَلْنٰهُ نُطْفَةً فِیْ قَرَارٍ مَّكِیْنٍ۪۱۳
پوءِ اسان ان کي نطفو بنائي هڪ مضبوط جاءِ (ماءُ جي رِحم) ۾ رکيو.
ثُمَّ خَلَقْنَا النُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقْنَا الْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَلَقْنَا الْمُضْغَةَ عِظٰمًا فَكَسَوْنَا الْعِظٰمَ لَحْمًا١ۗ ثُمَّ اَنْشَاْنٰهُ خَلْقًا اٰخَرَ١ؕ فَتَبٰرَكَ اللّٰهُ اَحْسَنُ الْخٰلِقِیْنَؕ۱۴
پوءِ اسان نُطفي کي رت جو دِڳُ بنايو، پوءِ اسان ان رت جي دِڳَ کي گوشت جي ٻُوٽي بنايو، پوءِ اسان گوشت مان هڏين جو ڍانچو بنايو، پوءِ اسان هڏين کي گوشت پهرايو، پوءِ اسان ان کي تخليق جي ٻي صورت ۾ نشونما ڏني. پوءِ الله برڪت وارو آهي (جيڪو) سڀني کان سهڻو خلقڻهار آهي.
ثُمَّ اِنَّكُمْ بَعْدَ ذٰلِكَ لَمَیِّتُوْنَؕ۱۵
وري بيشڪ اوهان ان (زندگيءَ کان) پوءِ ضرور مرڻ وارا آهيو.
ثُمَّ اِنَّكُمْ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ تُبْعَثُوْنَ۱۶
پوءِ بيشڪ اوهان قيامت واري ڏينهن (زنده ڪري) اٿاريا ويندؤ.
وَ لَقَدْ خَلَقْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعَ طَرَآىِٕقَ١ۖۗ وَ مَا كُنَّا عَنِ الْخَلْقِ غٰفِلِیْنَ۱۷
۽ بيشڪ اسان اوهان جي مٿان ست رستا (يعني آسمان) بنايا آهن ۽ اسان (پنهنجي) مخلوق کان بي خبر ناهيون.
وَ اَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَآءِ مَآءًۢ بِقَدَرٍ فَاَسْكَنّٰهُ فِی الْاَرْضِ١ۖۗ وَ اِنَّا عَلٰى ذَهَابٍۭ بِهٖ لَقٰدِرُوْنَۚ۱۸
۽ اسان آسمان مان پاڻي هڪ اندازي سان وسايو، پوءِ اسان ان کي زمين ۾ ٽڪايوسين ۽ بيشڪ اسان ان کي (بخارات جي صورت ۾) کڻي وڃڻ تي قدرت رکندڙ آهيون.
فَاَنْشَاْنَا لَكُمْ بِهٖ جَنّٰتٍ مِّنْ نَّخِیْلٍ وَّ اَعْنَابٍ١ۘ لَكُمْ فِیْهَا فَوَاكِهُ كَثِیْرَةٌ وَّ مِنْهَا تَاْكُلُوْنَۙ۱۹
پوءِ اسان اوهان لاءِ ان (پاڻيءَ) ذريعي کجورن ۽ ڊاکن جا باغ بناياسين. اوهان لاءِ (ان زمين) ۾ (ٻيا به) گهڻا ميوا آهن ۽ ان مان اوهان کائو ٿا.
وَ شَجَرَةً تَخْرُجُ مِنْ طُوْرِ سَیْنَآءَ تَنْۢبُتُ بِالدُّهْنِ وَ صِبْغٍ لِّلْاٰكِلِیْنَ۲۰
۽ هڪ وڻ (زيتون جو پيدا ڪيوسين) جيڪو طور سينا (جبل) مان نڪري ٿو، جيڪو تيل ڪڍندي ڄمي ٿو ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ آهي.
وَ اِنَّ لَكُمْ فِی الْاَنْعَامِ لَعِبْرَةً١ؕ نُسْقِیْكُمْ مِّمَّا فِیْ بُطُوْنِهَا وَ لَكُمْ فِیْهَا مَنَافِعُ كَثِیْرَةٌ وَّ مِنْهَا تَاْكُلُوْنَۙ۲۱
۽ بيشڪ اوهان لاءِ چوپاين ۾ هڪ عبرت آهي. (جو) جيڪي انهن جي پيٽن ۾ آهي ان مان اوهان کي (کير) پياريون ٿا ۽ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به) گهڻا نفعا آهن ۽ اوهان انهن مان (ڪن کي) کائو ٿا.
وَ عَلَیْهَا وَ عَلَى الْفُلْكِ تُحْمَلُوْنَ۠۲۲
۽ انهن (چوپاين) تي ۽ ٻيڙين تي اوهان سوار ڪيا وڃو ٿا.
وَ لَقَدْ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖ فَقَالَ یٰقَوْمِ اعْبُدُوا اللّٰهَ مَا لَكُمْ مِّنْ اِلٰهٍ غَیْرُهٗ١ؕ اَفَلَا تَتَّقُوْنَ۲۳
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو، ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود ناهي. ڇا پوءِ توهان نه ٿا ڊڄو“؟
فَقَالَ الْمَلَؤُا الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْ قَوْمِهٖ مَا هٰذَاۤ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ١ۙ یُرِیْدُ اَنْ یَّتَفَضَّلَ عَلَیْكُمْ١ؕ وَ لَوْ شَآءَ اللّٰهُ لَاَنْزَلَ مَلٰٓىِٕكَةً١ۖۚ مَّا سَمِعْنَا بِهٰذَا فِیْۤ اٰبَآىِٕنَا الْاَوَّلِیْنَۚ۲۴
پوءِ سندس قوم جي سردارن مان جن ڪفرڪيو هيو تن چيو ته: ”هي شخص ته صرف اوهان وانگر بشر ئي آهي، چاهي ٿو ته توهان مٿان پنهنجي برتري قائم ڪري. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته ملائڪ نازل ڪري ها، اسان ته (اها ڳالھ) پنهنجي اڳين ابن ڏاڏن ۾ (به) نه ٻُڌي.
اِنْ هُوَ اِلَّا رَجُلٌۢ بِهٖ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصُوْا بِهٖ حَتّٰى حِیْنٍ۲۵
اهو ته اهڙو ئي شخص آهي جنهن کي جُنون (جي بيماري) آهي سو توهان کيس هڪ مقرر وقت تائين مُهلت ڏيو“. (شايد ٺيڪ ٿي وڃي)
قَالَ رَبِّ انْصُرْنِیْ بِمَا كَذَّبُوْنِ۲۶
(نوح) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! منهنجي مدد ڪر ڇو جو انهن مون کي ڪوڙو چيو آهي“.
فَاَوْحَیْنَاۤ اِلَیْهِ اَنِ اصْنَعِ الْفُلْكَ بِاَعْیُنِنَا وَ وَحْیِنَا فَاِذَا جَآءَ اَمْرُنَا وَ فَارَ التَّنُّوْرُ١ۙ فَاسْلُكْ فِیْهَا مِنْ كُلٍّ زَوْجَیْنِ اثْنَیْنِ وَ اَهْلَكَ اِلَّا مَنْ سَبَقَ عَلَیْهِ الْقَوْلُ مِنْهُمْ١ۚ وَ لَا تُخَاطِبْنِیْ فِی الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا١ۚ اِنَّهُمْ مُّغْرَقُوْنَ۲۷
پوءِ اسان ان ڏانهن وحي موڪلي ته: ”تون اسان جي نگراني ۾ ۽ اسان جي حڪم سان ٻيڙي ٺاھ، پوءِ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) پهچي ۽ تنور ٻُنڀ ڏيڻ لڳي ته هر قسم جي جانورن مان هڪ جوڙو (نر ۽ مادي وٺي ٻيڙي ۾) سوار ٿي ۽ پنهنجي گهر وارن کي (به ويهار) سواءِ انهن مان اهڙن جي جن جي خلاف اڳ فيصلو جاري ٿي چڪو آهي، ۽ مون سان انهن جي باري ۾ نه ڳالهاءِ جن ظلم ڪيو، بيشڪ اُهي ٻوڙيا ويندا.
فَاِذَا اسْتَوَیْتَ اَنْتَ وَ مَنْ مَّعَكَ عَلَى الْفُلْكِ فَقُلِ الْحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِیْ نَجّٰىنَا مِنَ الْقَوْمِ الظّٰلِمِیْنَ۲۸
پوءِ جڏهن تون ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن ٻيڙيءَ تي ٺيڪ طرح ويهي رهو پوءِ چؤ ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي ظالم قوم کان نجات ڏني“.
وَ قُلْ رَّبِّ اَنْزِلْنِیْ مُنْزَلًا مُّبٰرَكًا وَّ اَنْتَ خَیْرُ الْمُنْزِلِیْنَ۲۹
۽ چؤ ته: ”اي پالڻهار! مون کي برڪت واري منزل تي لاھ ۽ بيشڪ تون سڀ کان بهتر منزل مُهيا ڪندڙ آهين“.
اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیٰتٍ وَّ اِنْ كُنَّا لَمُبْتَلِیْنَ۳۰
بيشڪ ان (قصي) ۾ نشانيون آهن ۽ بيشڪ اسان (ٻانهن کي) پَــرکِـــڻَ وارا آهيون.
ثُمَّ اَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِیْنَۚ۳۱
وري انهن کان پوءِ اسان هڪ ٻئي دور جي قوم اُٿاري.
فَاَرْسَلْنَا فِیْهِمْ رَسُوْلًا مِّنْهُمْ اَنِ اعْبُدُوا اللّٰهَ مَا لَكُمْ مِّنْ اِلٰهٍ غَیْرُهٗ١ؕ اَفَلَا تَتَّقُوْنَ۠۳۲
پوءِ اسان انهن ۾ (به) انهن مان هڪ رسول موڪليو (ان چيو ته) ”اوهان الله جي عبادت ڪيو ۽ ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود نه آهي. ڇا پوءِ توهان نه ٿا ڊڄو؟ “
وَ قَالَ الْمَلَاُ مِنْ قَوْمِهِ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ كَذَّبُوْا بِلِقَآءِ الْاٰخِرَةِ وَ اَتْرَفْنٰهُمْ فِی الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا١ۙ مَا هٰذَاۤ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ١ۙ یَاْكُلُ مِمَّا تَاْكُلُوْنَ مِنْهُ وَ یَشْرَبُ مِمَّا تَشْرَبُوْنَ۪ۙ۳۳
۽ ان جي قوم جا اهي سردار جن ڪفر ڪيو هيو ۽ آخرت جي ملاقات کي ڪوڙو چيو هئائون ۽ اسان انهن کي دنياوي زندگي ۾ آسودو به ڪيو هيو تن چيو ته: ”هي ته توهان وانگر ئي هڪ بشر آهي، جيڪي اوهان کائو ٿا ان مان کائي ٿو ۽ جيڪي اوهان پيئو ٿا ان مان پيئي ٿو.
وَ لَىِٕنْ اَطَعْتُمْ بَشَرًا مِّثْلَكُمْ اِنَّكُمْ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَۙ۳۴
۽ جيڪڏهن اوهان پاڻ جهڙي بشر جي فرمانبرداري ڪئي ته پوءِ اوهان ان مهل خساري وارن مان ٿيندؤ.
اَیَعِدُكُمْ اَنَّكُمْ اِذَا مِتُّمْ وَ كُنْتُمْ تُرَابًا وَّ عِظَامًا اَنَّكُمْ مُّخْرَجُوْنَ۪ۙ۳۵
ڇا توهان سان (اِهو) وعدو ڪري ٿو ته جڏهن توهان مري ويندؤ ۽ توهان مٽي ۽ (ڳريل) هڏا بنجي ويندؤ ته توهان (دوبارو زنده ڪري) ڪڍيا ويندؤ.
هَیْهَاتَ هَیْهَاتَ لِمَا تُوْعَدُوْنَ۪ۙ۳۶
پري آهي (گهڻو) پري آهي (سمجھ کان) اهو وعدو جو اوهان سان ڪيو وڃي ٿو.
اِنْ هِیَ اِلَّا حَیَاتُنَا الدُّنْیَا نَمُوْتُ وَ نَحْیَا وَ مَا نَحْنُ بِمَبْعُوْثِیْنَ۪ۙ۳۷
اها زندگي ڪجھ ناهي سواءِ اسان جي هن دنياوي زندگي جي (جنهن ۾) اسان مرون ٿا ۽ جِيون ٿا ۽ اسان (دوبارو زنده ڪري) نه اٿاريا وينداسين.
اِنْ هُوَ اِلَّا رَجُلُ اِ۟فْتَرٰى عَلَى اللّٰهِ كَذِبًا وَّ مَا نَحْنُ لَهٗ بِمُؤْمِنِیْنَ۳۸
اِهو صرف هڪڙو ماڻهو ئي آهي جنهن الله مٿان ڪوڙو بهتان ٻڌو آهي اسان ان تي ايمان آڻڻ وارا نه آهيون“.
قَالَ رَبِّ انْصُرْنِیْ بِمَا كَذَّبُوْنِ۳۹
(نبيءَ) چيو: ”اي منهنجا پروردگار! منهنجي مدد ڪر هن ڪري جو انهن مون کي ڪوڙو چيو آهي“.
قَالَ عَمَّا قَلِیْلٍ لَّیُصْبِحُنَّ نٰدِمِیْنَۚ۴۰
(الله) فرمايو: ”ٿوري وقت ۾ اُهي پنهنجي ڪئي تي پڇتائيندا“.
فَاَخَذَتْهُمُ الصَّیْحَةُ بِالْحَقِّ فَجَعَلْنٰهُمْ غُثَآءً١ۚ فَبُعْدًا لِّلْقَوْمِ الظّٰلِمِیْنَ۴۱
پوءِ انهن کي سچي وعدي مطابق خوفناڪ آواز پڪڙيو پوءِ اسان کين ريزه ريزه ڪري ڇڏيو، پوءِ ظالم قوم لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.
ثُمَّ اَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قُرُوْنًا اٰخَرِیْنَؕ۴۲
پوءِ انهن کان پوءِ اسان ٻيون قومون اٿاريون.
مَا تَسْبِقُ مِنْ اُمَّةٍ اَجَلَهَا وَ مَا یَسْتَاْخِرُوْنَؕ۴۳
ڪابه امت نه پنهنجي مقرر وقت کان اڳ ختم ٿي ۽ نه اُن کان پوءِ رهي سگھي ٿي.
ثُمَّ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا تَتْرَا١ؕ كُلَّمَا جَآءَ اُمَّةً رَّسُوْلُهَا كَذَّبُوْهُ فَاَتْبَعْنَا بَعْضَهُمْ بَعْضًا وَّ جَعَلْنٰهُمْ اَحَادِیْثَ١ۚ فَبُعْدًا لِّقَوْمٍ لَّا یُؤْمِنُوْنَ۴۴
پوءِ اسان پنهنجا رسول هڪ ٻئي پٺيان موڪليا. جڏهن به ڪنهن امت وٽ سندن رسول آيو ته انهن ان کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان هڪڙن کي ٻين پٺيان آندو ۽ اسان کين (هلاڪ ڪري عبرت جون) ڳالهيون بنائي ڇڏيو، پوءِ (رحمت کان) دوري آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان نه ٿا آڻن.
ثُمَّ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى وَ اَخَاهُ هٰرُوْنَ١ۙ۬ بِاٰیٰتِنَا وَ سُلْطٰنٍ مُّبِیْنٍۙ۴۵
پوءِ اسان موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجي نشانين ۽ چِٽن دليلن سان موڪليو.
اِلٰى فِرْعَوْنَ وَ مَلَاۡىِٕهٖ فَاسْتَكْبَرُوْا وَ كَانُوْا قَوْمًا عَالِیْنَۚ۴۶
فرعون ۽ ان جي (قومي) سردارن طرف پوءِ انهن وڏائي ڪئي ۽ هُيا ئي هٺيلي قوم.
فَقَالُوْۤا اَنُؤْمِنُ لِبَشَرَیْنِ مِثْلِنَا وَ قَوْمُهُمَا لَنَا عٰبِدُوْنَۚ۴۷
پوءِ چيائون ته: ”ڇا اسين هنن ٻنهين پاڻ جهڙن بشرن مٿان ايمان آڻيون؟ حالانڪه انهن جي قوم ته اسان جا مملوڪ ٻانها آهن“.
فَكَذَّبُوْهُمَا فَكَانُوْا مِنَ الْمُهْلَكِیْنَ۴۸
پوءِ انهن هنن ٻنهين کي ڪوڙو چيو پوءِ هلاڪ ٿيلن مان بنجي پيا.
وَ لَقَدْ اٰتَیْنَا مُوْسَى الْكِتٰبَ لَعَلَّهُمْ یَهْتَدُوْنَ۴۹
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو ته جيئن اُهي هدايت وارا ٿين.
وَ جَعَلْنَا ابْنَ مَرْیَمَ وَ اُمَّهٗۤ اٰیَةً وَّ اٰوَیْنٰهُمَاۤ اِلٰى رَبْوَةٍ ذَاتِ قَرَارٍ وَّ مَعِیْنٍ۠۵۰
۽ اسان مريم جي پٽ ۽ سندس ماءُ کي نشاني بنايوسين ۽ اسان ٻنهين کي اوچي صاف قرار واري ۽ وهندڙ پاڻي واري جاءِ ۾ پناھ ڏني.
یٰۤاَیُّهَا الرُّسُلُ كُلُوْا مِنَ الطَّیِّبٰتِ وَ اعْمَلُوْا صَالِحًا١ؕ اِنِّیْ بِمَا تَعْمَلُوْنَ عَلِیْمٌؕ۵۱
اي پيغمبرو! پاڪ شين مان کائو ۽ چڱا عمل ڪيو. بيشڪ اوهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا سي آءٌ ڄاڻندڙ آهيان.
وَ اِنَّ هٰذِهٖۤ اُمَّتُكُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً وَّ اَنَا رَبُّكُمْ فَاتَّقُوْنِ۵۲
۽ بيشڪ هي اوهان جي امت هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ اوهان (سڀني) جو پالڻهار آهيان پوءِ مون کان ڊڄو.
فَتَقَطَّعُوْۤا اَمْرَهُمْ بَیْنَهُمْ زُبُرًا١ؕ كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَیْهِمْ فَرِحُوْنَ۵۳
پوءِ (ماڻهن) پنهنجي (دين جي) امر کي پاڻ ۾ اختلاف ڪري فرقا فرقا ڪري ڇڏيو. هر فرقو جيڪو (دين جو حصو) وٽن آهي ان سان خوش آهي.
فَذَرْهُمْ فِیْ غَمْرَتِهِمْ حَتّٰى حِیْنٍ۵۴
سو تون انهن کي سندن غفلت ۾ ڪجھ وقت تائين پيل ڇڏي ڏي.
اَیَحْسَبُوْنَ اَنَّمَا نُمِدُّهُمْ بِهٖ مِنْ مَّالٍ وَّ بَنِیْنَۙ۵۵
ڇا اهي سمجهن ٿا ته اسان جيڪي (دنيا ۾) مال ۽ پُٽن جي ذريعي انهن جي مدد ڪيون ٿا.
نُسَارِعُ لَهُمْ فِی الْخَیْرٰتِ١ؕ بَلْ لَّا یَشْعُرُوْنَ۵۶
سو انهن لاءِ ڀلائين ۾ جلدي ڪيون ٿا. (هرگز نه) بلڪه اهي سمجهن نه ٿا.
اِنَّ الَّذِیْنَ هُمْ مِّنْ خَشْیَةِ رَبِّهِمْ مُّشْفِقُوْنَۙ۵۷
بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي هيبت کان ڊڄن ٿا.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ بِاٰیٰتِ رَبِّهِمْ یُؤْمِنُوْنَۙ۵۸
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي آيتن تي ايمان رکن ٿا.
وَ الَّذِیْنَ هُمْ بِرَبِّهِمْ لَا یُشْرِكُوْنَۙ۵۹
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار سان شرڪ نه ٿا ڪن.
وَ الَّذِیْنَ یُؤْتُوْنَ مَاۤ اٰتَوْا وَّ قُلُوْبُهُمْ وَجِلَةٌ اَنَّهُمْ اِلٰى رَبِّهِمْ رٰجِعُوْنَۙ۶۰
۽ جيڪي ماڻهو (الله جي راھ ۾ ايترو) ڏين ٿا جيترو ڏئي سگهن ٿا ۽ (پوءِ به) انهن جون دليون ڊڄندڙ آهن هن ڪري ته اُهي پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻ وارا آهن.
اُولٰٓىِٕكَ یُسٰرِعُوْنَ فِی الْخَیْرٰتِ وَ هُمْ لَهَا سٰبِقُوْنَ۶۱
اُهي ماڻهو ڀلاين ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اُهي ان ۾ اڳتي وڌي وڃڻ وارا آهن.
وَ لَا نُكَلِّفُ نَفْسًا اِلَّا وُسْعَهَا وَ لَدَیْنَا كِتٰبٌ یَّنْطِقُ بِالْحَقِّ وَ هُمْ لَا یُظْلَمُوْنَ۶۲
۽ اسان ڪنهن شخص کي (شرعي احڪام جي) تڪليف نه ٿا ڏيون مگر ان جي طاقت آهر ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جو سچ ڳالهائي ٿو ۽ انهن تي ظلم ڪونه ڪيو ويندو.
بَلْ قُلُوْبُهُمْ فِیْ غَمْرَةٍ مِّنْ هٰذَا وَ لَهُمْ اَعْمَالٌ مِّنْ دُوْنِ ذٰلِكَ هُمْ لَهَا عٰمِلُوْنَ۶۳
بلڪه انهن جون دليون هِن (قرآن) کان غفلت ۾ پيل آهن ۽ انهن جا ان کان سواءِ ٻيا به (برا) عمل آهن جيڪي اُهي ڪندڙ آهن.
حَتّٰۤى اِذَاۤ اَخَذْنَا مُتْرَفِیْهِمْ بِالْعَذَابِ اِذَا هُمْ یَجْـَٔرُوْنَؕ۶۴
تانجو جڏهن اسان انهن جي شاهوڪارن کي عذاب ۾ پڪڙينداسين ان وقت اُهي عاجزي سان دانهون ڪندا.
لَا تَجْـَٔرُوا الْیَوْمَ١۫ اِنَّكُمْ مِّنَّا لَا تُنْصَرُوْنَ۶۵
اڄ عاجزي واريون دانهون نه ڪيو. بيشڪ اسان جي طرفان اوهان جي ڪا مدد نه ڪئي ويندي.
قَدْ كَانَتْ اٰیٰتِیْ تُتْلٰى عَلَیْكُمْ فَكُنْتُمْ عَلٰۤى اَعْقَابِكُمْ تَنْكِصُوْنَۙ۶۶
بيشڪ توهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون هيون تڏهن توهان پنهنجي کُڙين ڀرپوئتي ڀڄندا هيؤ.
مُسْتَكْبِرِیْنَ١ۖۗ بِهٖ سٰمِرًا تَهْجُرُوْنَ۶۷
ان (قرآن) کان وڏائي ڪندي رات جي انڌاري ۾ بيهوده گوئي ڪندا هيؤ.
اَفَلَمْ یَدَّبَّرُوا الْقَوْلَ اَمْ جَآءَهُمْ مَّا لَمْ یَاْتِ اٰبَآءَهُمُ الْاَوَّلِیْنَ٘۶۸
ڇا پوءِ انهن هن ڪلام (الاهي) ۾ غور و فڪر نه ڪيو آهي يا انهن وٽ اهڙي شيءِ آئي آهي جيڪا انهن جي اڳين ابن ڏاڏن وٽ نه آئي هئي.
اَمْ لَمْ یَعْرِفُوْا رَسُوْلَهُمْ فَهُمْ لَهٗ مُنْكِرُوْنَ٘۶۹
يا انهن پنهنجي رسول کي نه سڃاتو آهي سو (انڪري) اُهي سندس انڪار ڪرڻ وارا آهن.
اَمْ یَقُوْلُوْنَ بِهٖ جِنَّةٌ١ؕ بَلْ جَآءَهُمْ بِالْحَقِّ وَ اَكْثَرُهُمْ لِلْحَقِّ كٰرِهُوْنَ۷۰
يا چون ٿا ته ان (رسول کي) جُنون آهي. (ائين هرگز ناهي) بلڪه اُهو وٽن سچ کڻي آيو آهي ۽ انهن مان گهڻا حق کي ناگوار ڀائيندڙ آهن.
وَ لَوِ اتَّبَعَ الْحَقُّ اَهْوَآءَهُمْ لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَ الْاَرْضُ وَ مَنْ فِیْهِنَّ١ؕ بَلْ اَتَیْنٰهُمْ بِذِكْرِهِمْ فَهُمْ عَنْ ذِكْرِهِمْ مُّعْرِضُوْنَؕ۷۱
۽ جيڪڏهن حق انهن جي سَڌُن جي پيروي ڪري ها ته آسمانَ ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھ منجهن آهي سو (سڀ) تباھ ٿي وڃي ها. بلڪه اسان انهن کي سندن نصيحت پهچائي آهي پر اُهي پنهنجي نصيحت کان منهن موڙڻ وارا آهن.
اَمْ تَسْـَٔلُهُمْ خَرْجًا فَخَرَاجُ رَبِّكَ خَیْرٌ١ۖۗ وَّ هُوَ خَیْرُ الرّٰزِقِیْنَ۷۲
ڇا تون انهن کان (تبليغِ دين جي عيوض) ڪا اُجرت گهرين ٿو؟ پوءِ تنهنجي رب جو اجر سڀ کان بهتر آهي ۽ اُهو (سڀني کان) ڀلو روزي رسان آهي.
وَ اِنَّكَ لَتَدْعُوْهُمْ اِلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَقِیْمٍ۷۳
۽ بيشڪ تون انهن کي سڌي راھ ڏانهن سڏين ٿو.
وَ اِنَّ الَّذِیْنَ لَا یُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ عَنِ الصِّرَاطِ لَنٰكِبُوْنَ۷۴
۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ويندڙ آهن.
وَ لَوْ رَحِمْنٰهُمْ وَ كَشَفْنَا مَا بِهِمْ مِّنْ ضُرٍّ لَّلَجُّوْا فِیْ طُغْیَانِهِمْ یَعْمَهُوْنَ۷۵
۽ جي اسان مٿن رحم ڪيون ۽ جا تڪيلف کين آهي سا لاهي ڇڏيون ته اُهي ڀٽڪندي پنهنجي گمراهي ۾ وڌيڪ پڪا ٿي ويندا.
وَ لَقَدْ اَخَذْنٰهُمْ بِالْعَذَابِ فَمَا اسْتَكَانُوْا لِرَبِّهِمْ وَ مَا یَتَضَرَّعُوْنَ۷۶
۽ بيشڪ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو پوءِ (به) نه پنهنجي پالڻهار اڳيان جهُڪيا ۽ نه عاجزي اختيار ڪيائون.
حَتّٰۤى اِذَا فَتَحْنَا عَلَیْهِمْ بَابًا ذَا عَذَابٍ شَدِیْدٍ اِذَا هُمْ فِیْهِ مُبْلِسُوْنَ۠۷۷
ايستائين جو جڏهن اسان انهن تي سخت عذاب جو دروازو کولينداسين ته ان مهل اُهي ان ۾ مايوس ٿي ويندا.
وَ هُوَ الَّذِیْۤ اَنْشَاَ لَكُمُ السَّمْعَ وَ الْاَبْصَارَ وَ الْاَفْـِٕدَةَ١ؕ قَلِیْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ۷۸
۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايون. (ليڪن) اوهان ٿورو شڪر ادا ڪيو ٿا.
وَ هُوَ الَّذِیْ ذَرَاَكُمْ فِی الْاَرْضِ وَ اِلَیْهِ تُحْشَرُوْنَ۷۹
۽ اُهو ئي آهي جنهن توهان کي روءِ زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان ان اڳيان گڏ ڪيا ويندؤ.
وَ هُوَ الَّذِیْ یُحْیٖ وَ یُمِیْتُ وَ لَهُ اخْتِلَافُ الَّیْلِ وَ النَّهَارِ١ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ۸۰
۽ اُهو ئي آهي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ڏينهن جي ڦيرڦار ڪرڻ ان جي اختيار ۾ آهي. ڇا پوءِ به نه ٿا سمجهو.
بَلْ قَالُوْا مِثْلَ مَا قَالَ الْاَوَّلُوْنَ۸۱
بلڪه (انهن) به ائين چيو جيئن (انهن کان) اڳيان چوندا هئا.
قَالُوْۤا ءَاِذَا مِتْنَا وَ كُنَّا تُرَابًا وَّ عِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَ۸۲
چون ٿا ته: ”ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ (ڳريل) هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان (زنده ڪري) اٿاريا وينداسين؟
لَقَدْ وُعِدْنَا نَحْنُ وَ اٰبَآؤُنَا هٰذَا مِنْ قَبْلُ اِنْ هٰذَاۤ اِلَّاۤ اَسَاطِیْرُ الْاَوَّلِیْنَ۸۳
بيشڪ اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان هن کان اڳ ان جو وعدو ڏنو ويو هيو اُهي ته رڳو اڳين جا افسانا آهن“.
قُلْ لِّمَنِ الْاَرْضُ وَ مَنْ فِیْهَاۤ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۸۴
چؤ ته ”زمين ۽ جيڪي ڪجھ ان ۾ آهي سو ڪنهن جي ملڪيت آهي (ٻڌايو) جي توهان ڄاڻو ٿا؟ “
سَیَقُوْلُوْنَ لِلّٰهِ١ؕ قُلْ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ۸۵
جلدي چوندا ته: ”الله جا آهن“، چؤ: ”پوءِ توهان نصيحت ڇو نه ٿا قبول ڪيو“؟
قُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَ رَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِیْمِ۸۶
چؤ ته: ”ستن آسمانن جو مالڪ ڪير آهي ۽ وڏي عرش جو مالڪ ڪير آهي“؟
سَیَقُوْلُوْنَ لِلّٰهِ١ؕ قُلْ اَفَلَا تَتَّقُوْنَ۸۷
جلدي چوندا: ”الله جا آهن“، چؤ ته: ”پوءِ توهان ڇو نه ٿا ڊڄو“؟
قُلْ مَنْۢ بِیَدِهٖ مَلَكُوْتُ كُلِّ شَیْءٍ وَّ هُوَ یُجِیْرُ وَ لَا یُجَارُ عَلَیْهِ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۸۸
چؤ: ”ڪير آهي؟ جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي اُهو پناھ ڏئي ٿو ۽ اُن جي مقابلي ۾ ڪو به پناھ ڏئي نه ٿو سگهي (ٻڌايو) جي توهان ڄاڻو ٿا“؟
سَیَقُوْلُوْنَ لِلّٰهِ١ؕ قُلْ فَاَنّٰى تُسْحَرُوْنَ۸۹
جلدي چوندا: ”الله لاءِ آهي“. چؤ: ”پوءِ توهان تي ڪٿان جادو ڪيو ويو آهي“.
بَلْ اَتَیْنٰهُمْ بِالْحَقِّ وَ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ۹۰
بلڪه اسان انهن کي حق پهچائي ڇڏيو ۽ بيشڪ اهي ضرور ڪوڙا آهن.
مَا اتَّخَذَ اللّٰهُ مِنْ وَّلَدٍ وَّ مَا كَانَ مَعَهٗ مِنْ اِلٰهٍ اِذًا لَّذَهَبَ كُلُّ اِلٰهٍۭ بِمَا خَلَقَ وَ لَعَلَا بَعْضُهُمْ عَلٰى بَعْضٍ١ؕ سُبْحٰنَ اللّٰهِ عَمَّا یَصِفُوْنَۙ۹۱
الله (پنهنجي لاءِ) ڪو اولاد نه بنايو آهي ۽ نه ئي ان سان گڏ ڪو معبود آهي (اگر ائين هجي ها ته) ان وقت هر معبود پنهنجي بنايل مخلوق کي (جدا) کڻي وڃي ها انهن مان هڪڙا ٻين تي غالب اچي وڃن ها. (۽ نظامِ جهان درهم برهم ٿي وڃي ها) الله ان ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.
عٰلِمِ الْغَیْبِ وَ الشَّهَادَةِ فَتَعٰلٰى عَمَّا یُشْرِكُوْنَ۠۹۲
اهو لڪل ۽ ظاهر شين کي ڄاڻندڙ آهي پوءِ اُهو انهن شين کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائن ٿا.
قُلْ رَّبِّ اِمَّا تُرِیَنِّیْ مَا یُوْعَدُوْنَۙ۹۳
چؤ: ”اي منهنجا پالڻهار! جنهن عذاب جو انهن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو اهو اگر منهنجي موجودگي ۾ آڻين.
رَبِّ فَلَا تَجْعَلْنِیْ فِی الْقَوْمِ الظّٰلِمِیْنَ۹۴
ته اي منهنجا پالڻهار مون کي ظالم قوم ۾ شامل نه ڪجانءِ“.
وَ اِنَّا عَلٰۤى اَنْ نُّرِیَكَ مَا نَعِدُهُمْ لَقٰدِرُوْنَ۹۵
۽ بيشڪ اسان تنهنجي اکين جي سامهون ئي ان (عذاب) آڻڻ تي پوري قدرت رکڻ وارا آهيون جنهن جو انهن سان وعدو ڪيون ٿا.
اِدْفَعْ بِالَّتِیْ هِیَ اَحْسَنُ السَّیِّئَةَ١ؕ نَحْنُ اَعْلَمُ بِمَا یَصِفُوْنَ۹۶
برائي کي اهڙي طريقي سان ٽار جيڪو سڀ کان سهڻو هجي. اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي (ڳالهيون) اُهي بيان ڪن ٿا.
وَ قُلْ رَّبِّ اَعُوْذُ بِكَ مِنْ هَمَزٰتِ الشَّیٰطِیْنِۙ۹۷
۽ چؤ: ”اي منهنجا پالڻهار! آءٌ شيطانن جي وسوسن کان تنهنجي پناھ وٺان ٿو.
وَ اَعُوْذُ بِكَ رَبِّ اَنْ یَّحْضُرُوْنِ۹۸
۽ اي منهنجا پالڻهار! تو کان پناھ وٺان ٿو (ان جي جو) اُهي مون وٽ اچن“.
حَتّٰۤى اِذَا جَآءَ اَحَدَهُمُ الْمَوْتُ قَالَ رَبِّ ارْجِعُوْنِۙ۹۹
(اهي باز نه ايندا) ايستائين جو جڏهن انهن مان ڪنهن تي موت ايندو ته چوندو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي (ان دنيا طرف) موٽاءِ.
لَعَلِّیْۤ اَعْمَلُ صَالِحًا فِیْمَا تَرَكْتُ كَلَّا١ؕ اِنَّهَا كَلِمَةٌ هُوَ قَآىِٕلُهَا١ؕ وَ مِنْ وَّرَآىِٕهِمْ بَرْزَخٌ اِلٰى یَوْمِ یُبْعَثُوْنَ۱۰۰
جنهن (دنيا) کي ڇڏي آيو آهيان، ته جيڪر اُتي ڪو چڱو ڪم ڪيان“! ائين هرگز نه ٿيندو. بيشڪ اها رُڳو هڪ ڳالھ هوندي جا (حسرت سان) چوندو. ۽ انهن سڀني (مرڻ وارن) جي پُٺيان کان هڪ پردو آهي ان ڏينهن تائين جو (جنهن ۾ جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا.
فَاِذَا نُفِخَ فِی الصُّوْرِ فَلَاۤ اَنْسَابَ بَیْنَهُمْ یَوْمَىِٕذٍ وَّ لَا یَتَسَآءَلُوْنَ۱۰۱
پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي ته پوءِ انهن جي وچ ۾ ان ڏينهن نه مٽي مائٽي رهندي ۽ نه هڪ ٻئي جو حال پڇي سگهندا.
فَمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِیْنُهٗ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۱۰۲
پوءِ جنهن جا پُڙ (نيڪين سان) ڳرا ٿي ويا پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.
وَ مَنْ خَفَّتْ مَوَازِیْنُهٗ فَاُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ خَسِرُوْۤا اَنْفُسَهُمْ فِیْ جَهَنَّمَ خٰلِدُوْنَۚ۱۰۳
۽ جن جا پُـــڙَ هلڪا ٿي ويا ته پوءِ اُهي ئي آهن جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو اهي هميشه دوزخ ۾ رهڻ وارا آهن.
تَلْفَحُ وُجُوْهَهُمُ النَّارُ وَ هُمْ فِیْهَا كٰلِحُوْنَ۱۰۴
انهن جي چهرن کي باھ ساڙي ڇڏيندي ۽ اُهي ان ۾ ڏَندَ لَــــڙڪيلَ بدشڪل هوندا.
اَلَمْ تَكُنْ اٰیٰتِیْ تُتْلٰى عَلَیْكُمْ فَكُنْتُمْ بِهَا تُكَذِّبُوْنَ۱۰۵
(چيو ويندو:) ”ڇا اوهان (اُهي) نه آهيو جن کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون هيون پوءِ اوهان انهن کي ڪوڙو چوندا هئا“.
قَالُوْا رَبَّنَا غَلَبَتْ عَلَیْنَا شِقْوَتُنَا وَ كُنَّا قَوْمًا ضَآلِّیْنَ۱۰۶
چوندا: ”اي اسان جا پروردگار اسان تي اسان جي بدبختي ڇانئجي وئي ۽ اسان واقعي گمراھ قوم هئاسين.
رَبَّنَاۤ اَخْرِجْنَا مِنْهَا فَاِنْ عُدْنَا فَاِنَّا ظٰلِمُوْنَ۱۰۷
اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ان مان ٻاهر ڪڍ پوءِ جيڪڏهن اسان وري (گمراهي ڏانهن) موٽياسين ته پوءِ بيشڪ اسان ظالم هونداسين“.
قَالَ اخْسَـُٔوْا فِیْهَا وَ لَا تُكَلِّمُوْنِ۱۰۸
الله فرمائيندو: ”ان ۾ ذلت سان پيل رهو ۽ مون سان نه ڳالهايو“.
اِنَّهٗ كَانَ فَرِیْقٌ مِّنْ عِبَادِیْ یَقُوْلُوْنَ رَبَّنَاۤ اٰمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا وَ ارْحَمْنَا وَ اَنْتَ خَیْرُ الرّٰحِمِیْنَۚۖ۱۰۹
بيشڪ منهنجي ٻانهن مان هڪ جماعت هئي جي چوندا هئا ته: ”اي اسان جا پالڻهار! اسان ايمان آندو پوءِ اسان جي بخشش فرماءِ ۽ اسان تي رحم فرماءِ ۽ تون سڀني کان ڀلو رحم ڪرڻ وارو آهين“.
فَاتَّخَذْتُمُوْهُمْ سِخْرِیًّا حَتّٰۤى اَنْسَوْكُمْ ذِكْرِیْ وَ كُنْتُمْ مِّنْهُمْ تَضْحَكُوْنَ۱۱۰
پوءِ اوهان انهن کي مسخري ڪري ورتو، تانجو ان (اوهان جِي بيهودِي سوچ) اوهان کان منهنجي ياد به وسارائي ڇڏي (ته آءٌ به ڪو آهيان) ۽ اوهان انهن تان کلندا رهيا.
اِنِّیْ جَزَیْتُهُمُ الْیَوْمَ بِمَا صَبَرُوْۤا١ۙ اَنَّهُمْ هُمُ الْفَآىِٕزُوْنَ۱۱۱
بيشڪ مون انهن کي اڄ سندن صبر جو صلو ڏنو آهي جو بيشڪ اُهي مراد ماڻڻ وارا آهن.
قٰلَ كَمْ لَبِثْتُمْ فِی الْاَرْضِ عَدَدَ سِنِیْنَ۱۱۲
الله فرمائيندو: ”(ٻڌايو) اوهان زمين ۾ سالن جي ڳاڻيٽي سان گهڻو وقت رهيا؟ “
قَالُوْا لَبِثْنَا یَوْمًا اَوْ بَعْضَ یَوْمٍ فَسْـَٔلِ الْعَآدِّیْنَ۱۱۳
چوندا: ”هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجھ حصو رهيا هونداسين پوءِ تون ڳڻڻ وارن کان پڇ“.
قٰلَ اِنْ لَّبِثْتُمْ اِلَّا قَلِیْلًا لَّوْ اَنَّكُمْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۱۱۴
الله فرمائيندو: ”اوهان اتي ٿورڙو ئي رهيا هئا، هائو جي (اهو اُتي) ڄاڻو ها“.
اَفَحَسِبْتُمْ اَنَّمَا خَلَقْنٰكُمْ عَبَثًا وَّ اَنَّكُمْ اِلَیْنَا لَا تُرْجَعُوْنَ۱۱۵
ڇا پوءِ اوهان سمجهو ٿا ته اسان اوهان کي اجايو پيدا ڪيو آهي؟ ۽ اوهان اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا“.
فَتَعٰلَى اللّٰهُ الْمَلِكُ الْحَقُّ١ۚ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ١ۚ رَبُّ الْعَرْشِ الْكَرِیْمِ۱۱۶
پوءِ الله برتر آهي جيڪو حقيقي بادشاھ آهي، ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي، اهو عزت واري عرش جو مالڪ آهي.
وَ مَنْ یَّدْعُ مَعَ اللّٰهِ اِلٰهًا اٰخَرَ١ۙ لَا بُرْهَانَ لَهٗ بِهٖ١ۙ فَاِنَّمَا حِسَابُهٗ عِنْدَ رَبِّهٖ١ؕ اِنَّهٗ لَا یُفْلِحُ الْكٰفِرُوْنَ۱۱۷
۽ جيڪو الله سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود جي عبادت ڪري جنهن لاءِ ان وٽ ڪو دليل ناهي ته پوءِ ان جو حساب ته صرف سندس پالڻهار وٽ ئي آهي. ڳالھ هي آهي ته ڪافر ڪامياب نه ٿيندا.
وَ قُلْ رَّبِّ اغْفِرْ وَ ارْحَمْ وَ اَنْتَ خَیْرُ الرّٰحِمِیْنَ۠۱۱۸
۽ چؤ ته: ”اي منهنجا پروردگار! بخش ڪر ۽ رحم ڪر ۽ تون سڀ کان بهتر رحم ڪرڻ وارو آهين“.
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَ فَرَضْنٰهَا وَ اَنْزَلْنَا فِیْهَاۤ اٰیٰتٍۭ بَیِّنٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ۱
(هي) هڪ سورت آهي جنهن کي اسان لاٿو آهي ۽ اسان ان (جي حڪمن) کي فرض ڪيو آهي ۽ اسان ان ۾ پڌريون آيتون لاٿيون آهن ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪيو.
اَلزَّانِیَةُ وَ الزَّانِیْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ جَلْدَةٍ١۪ وَّ لَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِیْ دِیْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ١ۚ وَ لْیَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَآىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِیْنَ۲
زناڪار عورت ۽ زناڪار مرد (غير شادي شده هجن ته) انهن مان هر هڪ کي هڪ سؤ ڪوڙا هڻو ۽ توهان کي انهن ٻنهين تي شرعي حڪم جاري ڪرڻ ۾ رحم نه اچي جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ۽ انهن ٻنهين جي سزا ڏيڻ (واري وقت) تي مؤمنن جي هڪ جماعت کي حاضر هجڻ گهرجي.
اَلزَّانِیْ لَا یَنْكِحُ اِلَّا زَانِیَةً اَوْ مُشْرِكَةً١٘ وَّ الزَّانِیَةُ لَا یَنْكِحُهَاۤ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ١ۚ وَ حُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ۳
زاني مردُ صرف زانياڻي عورت يا مشرڪياڻي عورت سان نڪاح ڪندو ۽ زانياڻي عورت صرف زاني مرد يا مشرڪ مرد سان نڪاح ڪندي، ۽ اهو (زنا جو فعل) مؤمنن مٿان حرام ڪيو ويو آهي.
وَ الَّذِیْنَ یَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ ثُمَّ لَمْ یَاْتُوْا بِاَرْبَعَةِ شُهَدَآءَ فَاجْلِدُوْهُمْ ثَمٰنِیْنَ جَلْدَةً وَّ لَا تَقْبَلُوْا لَهُمْ شَهَادَةً اَبَدًا١ۚ وَ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَۙ۴
۽ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن عورتن تي (بدڪاري جي) تهمت لڳائن پوءِ (ثبوت ۾) چار شاهد پيش نه ڪري سگھن ته اوهان انهن کي (ڪوڙي بهتان جي حد) اَسِي ڪوڙا هڻو ۽ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪيو، ۽ اهي ئي نافرمان ماڻهو آهن.
اِلَّا الَّذِیْنَ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَ اَصْلَحُوْا١ۚ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۵
سواءِ انهن جي جن ان (تهمت لڳائڻ) کان پوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ کي) سڌاريائون، پوءِ بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
وَ الَّذِیْنَ یَرْمُوْنَ اَزْوَاجَهُمْ وَ لَمْ یَكُنْ لَّهُمْ شُهَدَآءُ اِلَّاۤ اَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ اَحَدِهِمْ اَرْبَعُ شَهٰدٰتٍۭ بِاللّٰهِ١ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الصّٰدِقِیْنَ۶
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي گهروارين تي (زنا جي) تهمت لڳائن ۽ انهن وٽ پنهنجو پاڻ کان سواءِ ڪي به شاهد نه هجن ته اهڙي ڪنهن به ماڻهو جي شاهدي هي آهي جو چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته بيشڪ اُهو (الزام لڳائڻ ۾) سچن مان آهي.
وَ الْخَامِسَةُ اَنَّ لَعْنَتَ اللّٰهِ عَلَیْهِ اِنْ كَانَ مِنَ الْكٰذِبِیْنَ۷
۽ پنجين ڀيري هينئن چوي ته ان تي الله جي لعنت هجي اگر اُهو ڪوڙن مان آهي.
وَ یَدْرَؤُا عَنْهَا الْعَذَابَ اَنْ تَشْهَدَ اَرْبَعَ شَهٰدٰتٍۭ بِاللّٰهِ١ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الْكٰذِبِیْنَۙ۸
۽ عورت تان (زنا جي حد) هن طرح ٽري سگھي ٿي جو اها چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته بيشڪ اهو (سندس مڙس تهمت لڳائڻ ۾) ڪوڙن مان آهي.
وَ الْخَامِسَةَ اَنَّ غَضَبَ اللّٰهِ عَلَیْهَاۤ اِنْ كَانَ مِنَ الصّٰدِقِیْنَ۹
۽ پنجين ڀيري هينئن چوندي ته مٿس الله جو قهر پوي اگر اُهو (مرد الزام لڳائڻ ۾) سچن مان آهي. (ان کان پوءِ زال مڙس جدا ٿيندا)
وَ لَوْ لَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ وَ رَحْمَتُهٗ وَ اَنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ حَكِیْمٌ۠۱۰
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته (زالن تي الزام هڻڻ اوهان کي وڏن مونجھارن ۾ وجھي ها) ۽ بيشڪ الله وڏو توبه قوليندڙ حڪمت وارو آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ جَآءُوْ بِالْاِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنْكُمْ١ؕ لَا تَحْسَبُوْهُ شَرًّا لَّكُمْ١ؕ بَلْ هُوَ خَیْرٌ لَّكُمْ١ؕ لِكُلِّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ مَّا اكْتَسَبَ مِنَ الْاِثْمِ١ۚ وَ الَّذِیْ تَوَلّٰى كِبْرَهٗ مِنْهُمْ لَهٗ عَذَابٌ عَظِیْمٌ۱۱
بيشڪ جيڪي ماڻهو اهو بهتان گھڙي آيا آهن (سيده صديقه عائشه رضي الله عنها جي پاڪيزگي مٿان) اُهي اوهان مان ئي هڪ ٽولو آهن. اوهان ان (واقعي) کي پنهنجي لاءِ برو نه سمجهو. بلڪه اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي. انهن مان هر هڪ لاءِ اوترو گناھ آهي جيترو ان ڪمايو، ۽ انهن مان جنهن ان (بهتان) ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو ورتو ان لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
لَوْ لَاۤ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُوْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتُ بِاَنْفُسِهِمْ خَیْرًا١ۙ وَّ قَالُوْا هٰذَاۤ اِفْكٌ مُّبِیْنٌ۱۲
ائين ڇونه ٿيو جو اوهان جڏهن ان (بهتان) بابت ٻڌو هيو ته مؤمن مردَ ۽ مؤمن عورتون پنهنجن جي باري ۾ سٺو گمان ڪن ها ۽ چون ها ته هي پڌرو بُـــهتان آهي.
لَوْ لَا جَآءُوْ عَلَیْهِ بِاَرْبَعَةِ شُهَدَآءَ١ۚ فَاِذْ لَمْ یَاْتُوْا بِالشُّهَدَآءِ فَاُولٰٓىِٕكَ عِنْدَ اللّٰهِ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ۱۳
ان (بهتان) تي چار شاهد ڇونه آندائون، پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون ته پوءِ اُهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن.
وَ لَوْ لَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ وَ رَحْمَتُهٗ فِی الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِیْ مَاۤ اَفَضْتُمْ فِیْهِ عَذَابٌ عَظِیْمٌۚۖ۱۴
۽ جيڪڏهن اوهان تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ته جنهن ڳالھ جي چوٻول ۾ توهان پيا هيؤ ان تي توهان کي زبردست عذاب پهچي ها.
اِذْ تَلَقَّوْنَهٗ بِاَلْسِنَتِكُمْ وَ تَقُوْلُوْنَ بِاَفْوَاهِكُمْ مَّا لَیْسَ لَكُمْ بِهٖ عِلْمٌ وَّ تَحْسَبُوْنَهٗ هَیِّنًا١ۖۗ وَّ هُوَ عِنْدَ اللّٰهِ عَظِیْمٌ۱۵
جنهن وقت اوهان اُها ڳالھ پنهنجي زبانن تي هلائيندا رهيؤ ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالھ چَيــَــــوَ جنهن (جي حقيقت) جو اوهان کي علم ئي نه هيو ۽ توهان ان کي معمولي (ڳالھ) سمجهندا رهيؤ، حالانڪه الله وٽ اها تمام وڏي ڳالھ هئي.
وَ لَوْ لَاۤ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ قُلْتُمْ مَّا یَكُوْنُ لَنَاۤ اَنْ نَّتَكَلَّمَ بِهٰذَا١ۖۗ سُبْحٰنَكَ هٰذَا بُهْتَانٌ عَظِیْمٌ۱۶
۽ ائين ڇو نه ٿيو جو جڏهن توهان اها ڳالھ ٻڌي ته چؤ ها ته اسان لاءِ اهو مناسب نه آهي جو ان باري ۾ ڳالهايون، (بلڪه چؤ ها ته اي الله) تون پاڪ آهين هي وڏو بهتان آهي.
یَعِظُكُمُ اللّٰهُ اَنْ تَعُوْدُوْا لِمِثْلِهٖۤ اَبَدًا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَۚ۱۷
الله اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته وري ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪجو جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو.
وَ یُبَیِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰیٰتِ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌ حَكِیْمٌ۱۸
۽ الله اوهان لاءِ آيتون کولي کولي بيان ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ یُحِبُّوْنَ اَنْ تَشِیْعَ الْفَاحِشَةُ فِی الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌ١ۙ فِی الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةِ١ؕ وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ وَ اَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ۱۹
بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي اِها ڳالھ پسند ڪن ٿا ته ايمان وارن ۾ بي حيائي پکڙجي انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نه ٿا ڄاڻو.
وَ لَوْ لَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ وَ رَحْمَتُهٗ وَ اَنَّ اللّٰهَ رَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ۠۲۰
۽ جيڪڏهن اوهان مٿان الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها (ته ان بهتان بازي جا برا نتيجا نڪرن ها) ۽ بيشڪ الله گهڻي شفقت ڪندڙ ٻاجهارو آهي.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّبِعُوْا خُطُوٰتِ الشَّیْطٰنِ١ؕ وَ مَنْ یَّتَّبِعْ خُطُوٰتِ الشَّیْطٰنِ فَاِنَّهٗ یَاْمُرُ بِالْفَحْشَآءِ وَ الْمُنْكَرِ١ؕ وَ لَوْ لَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ وَ رَحْمَتُهٗ مَا زَكٰى مِنْكُمْ مِّنْ اَحَدٍ اَبَدًا١ۙ وَّ لٰكِنَّ اللّٰهَ یُزَكِّیْ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ اللّٰهُ سَمِیْعٌ عَلِیْمٌ۲۱
اي ايمان وارؤ! اوهان شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو. ۽ جيڪو شيطان جي وِکُن جي پيروي ڪندو ته بيشڪ اُهو بي حيائي ۽ برائي جو حڪم ڏئي ٿو. ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان ڪوبه ڪڏهن به پاڪ نه ٿي سگهي ها ۽ پر الله جنهن کي چاهي پاڪ ڪري ٿو ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
وَ لَا یَاْتَلِ اُولُوا الْفَضْلِ مِنْكُمْ وَ السَّعَةِ اَنْ یُّؤْتُوْۤا اُولِی الْقُرْبٰى وَ الْمَسٰكِیْنَ وَ الْمُهٰجِرِیْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ١۪ۖ وَ لْیَعْفُوْا وَ لْیَصْفَحُوْا١ؕ اَلَا تُحِبُّوْنَ اَنْ یَّغْفِرَ اللّٰهُ لَكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۲۲
۽ اوهان مان بزرگي ۽ آسودگي وارا هن ڳالھ جو قسم نه کڻن ته اُهي (ان بهتان ۾ شريڪ) رشتيدارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي راھ ۾ هجرت ڪرڻ وارن کي (مالي مدد نه) ڏيندا کين کپي ته (غلطيون) معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالھ پسند نه ٿا ڪيو ته الله توهان کي معاف ڪري. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
اِنَّ الَّذِیْنَ یَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ الْغٰفِلٰتِ الْمُؤْمِنٰتِ لُعِنُوْا فِی الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةِ١۪ وَ لَهُمْ عَذَابٌ عَظِیْمٌۙ۲۳
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي پاڪدامن (بدڪاريءَ کان) بي خبر مؤمنياڻين مٿان (بدڪاري جي) تهمت مڙهن ٿا انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
یَّوْمَ تَشْهَدُ عَلَیْهِمْ اَلْسِنَتُهُمْ وَ اَیْدِیْهِمْ وَ اَرْجُلُهُمْ بِمَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ۲۴
جنهن ڏينهن انهن جي خلاف سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا جيڪي ڪجھ اهي (دنيا ۾) ڪندا رهيا هئا.
یَوْمَىِٕذٍ یُّوَفِّیْهِمُ اللّٰهُ دِیْنَهُمُ الْحَقَّ وَ یَعْلَمُوْنَ اَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْحَقُّ الْمُبِیْنُ۲۵
ان ڏينهن الله انهن کي پورو پورو بدلو ڏيندو جنهن جا اُهي حقدار آهن ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي بر حق آهي (۽ حقيقتن کي) ظاهر ڪرڻ وارو آهي.
اَلْخَبِیْثٰتُ لِلْخَبِیْثِیْنَ وَ الْخَبِیْثُوْنَ لِلْخَبِیْثٰتِ١ۚ وَ الطَّیِّبٰتُ لِلطَّیِّبِیْنَ وَ الطَّیِّبُوْنَ لِلطَّیِّبٰتِ١ۚ اُولٰٓىِٕكَ مُبَرَّءُوْنَ مِمَّا یَقُوْلُوْنَ١ؕ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّ رِزْقٌ كَرِیْمٌ۠۲۶
ناپاڪ عورتون ناپاڪ مردن لاءِ آهن ۽ ناپاڪ مرد ناپاڪ عورتن لاءِ آهن، ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ آهن پاڪباز مرد پاڪيزه عورتن لاءِ آهن، اُهي (پاڪيزه ماڻهو) آجا آهن ان (تهمتن کان) جيڪي (بهتان مڙهيندڙ) چون ٿا. انهن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَدْخُلُوْا بُیُوْتًا غَیْرَ بُیُوْتِكُمْ حَتّٰى تَسْتَاْنِسُوْا وَ تُسَلِّمُوْا عَلٰۤى اَهْلِهَا١ؕ ذٰلِكُمْ خَیْرٌ لَّكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ۲۷
اي ايمان وارؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو جيستائين انهن کان اجازت وٺو ۽ انهن جي رهڻ وارن تي سلام ڪيو. اُهو اوهان لاءِ ڀلو آهي ته جيئن اوهان نصيحت وٺو.
فَاِنْ لَّمْ تَجِدُوْا فِیْهَاۤ اَحَدًا فَلَا تَدْخُلُوْهَا حَتّٰى یُؤْذَنَ لَكُمْ١ۚ وَ اِنْ قِیْلَ لَكُمُ ارْجِعُوْا فَارْجِعُوْا هُوَ اَزْكٰى لَكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ بِمَا تَعْمَلُوْنَ عَلِیْمٌ۲۸
پوءِ اگر انهن (گهرن) ۾ ڪو موجود نه لهو ته توهان انهن اندر داخل نه ٿيو جيستائين توهان کي اجازت نه ڏني وڃي، ۽ جي توهان کي چيو وڃي ته واپس موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِها اوهان لاءِ پاڪيزه ڳالھ آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا.
لَیْسَ عَلَیْكُمْ جُنَاحٌ اَنْ تَدْخُلُوْا بُیُوْتًا غَیْرَ مَسْكُوْنَةٍ فِیْهَا مَتَاعٌ لَّكُمْ١ؕ وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ مَا تُبْدُوْنَ وَ مَا تَكْتُمُوْنَ۲۹
توهان تي ان ۾ ڪو گناھ ناهي جو اهڙن گهرن ۾ (بنا اجازت جي) داخل ٿيو جن ۾ ڪنهن جي مستقل رهائش نه آهي (جيئن مسافر خانو، هوٽل وغيره) جن ۾ توهان کي نفعو وٺڻ (جو حق حاصل) آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ظاهر ڪيو ۽ جيڪي توهان لڪايو ٿا.
قُلْ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ یَغُضُّوْا مِنْ اَبْصَارِهِمْ وَ یَحْفَظُوْا فُرُوْجَهُمْ١ؕ ذٰلِكَ اَزْكٰى لَهُمْ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ خَبِیْرٌۢ بِمَا یَصْنَعُوْنَ۳۰
(اي نبي) ايمان وارن مردن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن. اُها انهن لاءِ وڏي پاڪيزگي آهي. بيشڪ الله انهن ڪمن کان خبر وار آهي جيڪي اُهي ڪن ٿا.
وَ قُلْ لِّلْمُؤْمِنٰتِ یَغْضُضْنَ مِنْ اَبْصَارِهِنَّ وَ یَحْفَظْنَ فُرُوْجَهُنَّ وَ لَا یُبْدِیْنَ زِیْنَتَهُنَّ اِلَّا مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَ لْیَضْرِبْنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلٰى جُیُوْبِهِنَّ١۪ وَ لَا یُبْدِیْنَ زِیْنَتَهُنَّ اِلَّا لِبُعُوْلَتِهِنَّ اَوْ اٰبَآىِٕهِنَّ اَوْ اٰبَآءِ بُعُوْلَتِهِنَّ اَوْ اَبْنَآىِٕهِنَّ اَوْ اَبْنَآءِ بُعُوْلَتِهِنَّ اَوْ اِخْوَانِهِنَّ اَوْ بَنِیْۤ اِخْوَانِهِنَّ اَوْ بَنِیْۤ اَخَوٰتِهِنَّ اَوْ نِسَآىِٕهِنَّ اَوْ مَا مَلَكَتْ اَیْمَانُهُنَّ اَوِ التّٰبِعِیْنَ غَیْرِ اُولِی الْاِرْبَةِ مِنَ الرِّجَالِ اَوِ الطِّفْلِ الَّذِیْنَ لَمْ یَظْهَرُوْا عَلٰى عَوْرٰتِ النِّسَآءِ١۪ وَ لَا یَضْرِبْنَ بِاَرْجُلِهِنَّ لِیُعْلَمَ مَا یُخْفِیْنَ مِنْ زِیْنَتِهِنَّ١ؕ وَ تُوْبُوْۤا اِلَى اللّٰهِ جَمِیْعًا اَیُّهَ الْمُؤْمِنُوْنَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ۳۱
۽ ايمان وارين عورتن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن سواءِ ان (حصي) جي جيڪو (ڪم ڪار لاءِ) ظاهر رهي ٿو ۽ کين گهرجي ته پنهنجي مٿن جا رَوا پنهنجي سينن تي ورائي وجهن ۽ پنهنجو سينگار (ڪنهن تي به) ظاهر نه ڪن سواءِ پنهنجي مڙسن جي يا پنهنجي پيءُ ڏاڏن جي يا پنهنجي مڙسن جي پيئرن (يعني صُهرن) جي يا پنهنجي پُٽن جي يا پنهنجي مڙسن جي پُٽن (يعني اڳ ڄائن) جي يا پنهنجي ڀائرن جي يا پنهنجي ڀائرن جي پُٽن (يعني ڀائٽين) جي يا پنهنجي ڀينرن جي پُٽن (يعني ڀاڻجن) جي يا مسلمان عورتن جي يا پنهنجي ملڪيت وارن ٻانهن جي يا مردن مان انهن خدمتگارن جي جيڪي خواهش ۽ شهوت کان خالي هجن يا انهن ٻارن جي جيڪي (ٻاروتڻ سبب) اڃا عورتن جي پردي وارين شين کان آگاھ نه ٿيا آهن ۽ نه پنهنجا پير زمين تي ان طرح هڻن جو جيڪو سينگار لڪائن ٿيون سو ظاهر ٿي پوي. ۽ توهان سڀ گڏجي الله ڏانهن توبه ڪيو اي مؤمنو! تان ته توهان ڪامياب ٿيو.
وَ اَنْكِحُوا الْاَیَامٰى مِنْكُمْ وَ الصّٰلِحِیْنَ مِنْ عِبَادِكُمْ وَ اِمَآىِٕكُمْ١ؕ اِنْ یَّكُوْنُوْا فُقَرَآءَ یُغْنِهِمُ اللّٰهُ مِنْ فَضْلِهٖ١ؕ وَ اللّٰهُ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ۳۲
۽ توهان مان جي مرد عورتون بي نڪاح آهن انهن جا نڪاح ڪرايو ۽ پنهنجي با صلاحيت ٻانهن ۽ ٻانهين جا به (نڪاح ڪرايو). جيڪڏهن اُهي محتاج هوندا ته الله پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪندو. ۽ الله وڏي ڪشادگي وارو علم وارو آهي.
وَ لْیَسْتَعْفِفِ الَّذِیْنَ لَا یَجِدُوْنَ نِكَاحًا حَتّٰى یُغْنِیَهُمُ اللّٰهُ مِنْ فَضْلِهٖ١ؕ وَ الَّذِیْنَ یَبْتَغُوْنَ الْكِتٰبَ مِمَّا مَلَكَتْ اَیْمَانُكُمْ فَكَاتِبُوْهُمْ اِنْ عَلِمْتُمْ فِیْهِمْ خَیْرًا١ۖۗ وَّ اٰتُوْهُمْ مِّنْ مَّالِ اللّٰهِ الَّذِیْۤ اٰتٰىكُمْ١ؕ وَ لَا تُكْرِهُوْا فَتَیٰتِكُمْ عَلَى الْبِغَآءِ اِنْ اَرَدْنَ تَحَصُّنًا لِّتَبْتَغُوْا عَرَضَ الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا١ؕ وَ مَنْ یُّكْرِهْهُّنَّ فَاِنَّ اللّٰهَ مِنْۢ بَعْدِ اِكْرَاهِهِنَّ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۳۳
۽ انهن ماڻهن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي جيڪي نڪاح جي سگھ نه ٿا رکن جيستائين الله کين پنهنجي فضل سان آسودو ڪري. ۽ توهان جي غلامن مان جيڪي توهان کي ڪجھ ڏئي آزادي جي لکپڙھ ڪرائڻ چاهن ٿا ته توهان اهڙي لکپڙھ کين ڪري ڏيو اگر توهان کي انهن ۾ ڪا ڀلائي نظر اچي ٿي ۽ اوهان به انهن کي (آزاد ٿيڻ لاءِ) الله جي ان مال مان ڪجھ ڏيو جيڪو ان اوهان کي ڏنو آهي. ۽ توهان پنهنجي ٻانهين کي دنياوي زندگي جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ بدڪاري تي مجبور نه ڪيو جڏهن ته اُهي پاڪدامن رهڻ چاهن ٿيون. ۽ جيڪو ماڻهو انهن کي مجبور ڪندو ته بيشڪ الله انهن کي مجبور ڪرڻ بعد (به انهن لاءِ) بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
وَ لَقَدْ اَنْزَلْنَاۤ اِلَیْكُمْ اٰیٰتٍ مُّبَیِّنٰتٍ وَّ مَثَلًا مِّنَ الَّذِیْنَ خَلَوْا مِنْ قَبْلِكُمْ وَ مَوْعِظَةً لِّلْمُتَّقِیْنَ۠۳۴
۽ بيشڪ اسان اوهان ڏانهن چِٽيون آيتون نازل ڪيون آهن ۽ انهن ماڻهن جا مثال ڏنا آهن جيڪي اوهان کان اڳ گذري چُڪا ۽ (هيءَ) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.
اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ مَثَلُ نُوْرِهٖ كَمِشْكٰوةٍ فِیْهَا مِصْبَاحٌ١ؕ اَلْمِصْبَاحُ فِیْ زُجَاجَةٍ١ؕ اَلزُّجَاجَةُ كَاَنَّهَا كَوْكَبٌ دُرِّیٌّ یُّوْقَدُ مِنْ شَجَرَةٍ مُّبٰرَكَةٍ زَیْتُوْنَةٍ لَّا شَرْقِیَّةٍ وَّ لَا غَرْبِیَّةٍ١ۙ یَّكَادُ زَیْتُهَا یُضِیْٓءُ وَ لَوْ لَمْ تَمْسَسْهُ نَارٌ١ؕ نُوْرٌ عَلٰى نُوْرٍ١ؕ یَهْدِی اللّٰهُ لِنُوْرِهٖ مَنْ یَّشَآءُ١ؕ وَ یَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ لِلنَّاسِ١ؕ وَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمٌۙ۳۵
الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي. ان جي نور جو مثال هڪ جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيئو هجي. اهو ڏيئو هڪ شيشي (جي قنديل) ۾ هجي. ۽ اهو شيشو ڄڻڪ هڪ چمڪندڙ ستارو آهي (اهو ڏيئو) اهڙي برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان روشن ٿي پوي ٿو جيڪو نه اوڀر وارو آهي ۽ نه اولھ وارو آهي، قريب آهي ته تيل خود ئي ٻَري پَــوَي توڙي جو ان کي باھ به نه ڇُهي. اهو روشنيءَ مٿان روشني آهي. الله جنهن کي چاهي پنهنجي نور ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ۽ الله ماڻهن خاطر مثال بيان ڪري ٿو. ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.
فِیْ بُیُوْتٍ اَذِنَ اللّٰهُ اَنْ تُرْفَعَ وَ یُذْكَرَ فِیْهَا اسْمُهٗ١ۙ یُسَبِّحُ لَهٗ فِیْهَا بِالْغُدُوِّ وَ الْاٰصَالِۙ۳۶
(ان نور سان منور ماڻهو) اهڙن گهرن (يعني مسجدن ۽ خانقاهن) ۾ (ملن ٿا) جن جي بلند ڪرڻ ۽ انهن ۾ سندس نالي کي ياد ڪرڻ جو الله حڪم ڪيو آهي انهن (گهرن) ۾ (اهي) صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا.
رِجَالٌ١ۙ لَّا تُلْهِیْهِمْ تِجَارَةٌ وَّ لَا بَیْعٌ عَنْ ذِكْرِ اللّٰهِ وَ اِقَامِ الصَّلٰوةِ وَ اِیْتَآءِ الزَّكٰوةِ١۪ۙ یَخَافُوْنَ یَوْمًا تَتَقَلَّبُ فِیْهِ الْقُلُوْبُ وَ الْاَبْصَارُۗۙ۳۷
اهڙا مرد جن کي واپار ۽ خريد فروخت نه الله جي ذڪر کان غافل ڪري ٿي ۽ نه نماز قائم ڪرڻ کان ۽ زڪواة ڏيڻ کان اُهي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن ۾ دليون ۽ اکيون اُلٽ پُلٽ ٿي وينديون.
لِیَجْزِیَهُمُ اللّٰهُ اَحْسَنَ مَا عَمِلُوْا وَ یَزِیْدَهُمْ مِّنْ فَضْلِهٖ١ؕ وَ اللّٰهُ یَرْزُقُ مَنْ یَّشَآءُ بِغَیْرِ حِسَابٍ۳۸
هن لاءِ ته الله کين سندن بهترين ڪمن جو بدلو عطا ڪري ۽ پنهنجي فضل مان کين وڌائي ڏئي. ۽ الله جنهن کي چاهي ٿو اَڻَ ڳڻيو رزق عطا ڪري ٿو.
وَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْۤا اَعْمَالُهُمْ كَسَرَابٍۭ بِقِیْعَةٍ یَّحْسَبُهُ الظَّمْاٰنُ مَآءً١ؕ حَتّٰۤى اِذَا جَآءَهٗ لَمْ یَجِدْهُ شَیْـًٔا وَّ وَجَدَ اللّٰهَ عِنْدَهٗ فَوَفّٰىهُ حِسَابَهٗ١ؕ وَ اللّٰهُ سَرِیْعُ الْحِسَابِۙ۳۹
۽ جن ڪفر ڪيو تن جا عمل رڻ پٽ ۾ پيل چمڪندڙ ريتي وانگر آهن جنهن کي اڃارو ماڻهو پاڻي سمجهي ٿو. تانجو جڏهن ان وٽ اچي ٿو ته ان کي ڪجھ نه ٿو ڏسي ۽ الله کي پنهنجي قريب لهي ٿو جيڪو سندس حساب پورو چُڪائي ٿو. ۽ الله جلد حساب ڪرڻ وارو آهي.
اَوْ كَظُلُمٰتٍ فِیْ بَحْرٍ لُّجِّیٍّ یَّغْشٰىهُ مَوْجٌ مِّنْ فَوْقِهٖ مَوْجٌ مِّنْ فَوْقِهٖ سَحَابٌ١ؕ ظُلُمٰتٌۢ بَعْضُهَا فَوْقَ بَعْضٍ١ؕ اِذَاۤ اَخْرَجَ یَدَهٗ لَمْ یَكَدْ یَرٰىهَا١ؕ وَ مَنْ لَّمْ یَجْعَلِ اللّٰهُ لَهٗ نُوْرًا فَمَا لَهٗ مِنْ نُّوْرٍ۠۴۰
يا (ڪافرن جا عمل) اونهي سمنڊ ۾ اونداهين وانگر آهن جن کي لهرن مٿان لهرن ڍڪيو هجي ۽ ان جي مٿان ڪڪر ڇانئيل هجن. اونداهيون آهن جيڪي (تھ در تھ) هڪ ٻئي مٿان آهن. جڏهن (اهڙي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماڻهو) هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي (ڪو) ڏسي نه سگهي. ۽ (در حقيقت) جنهن لاءِ الله (هدايت جو) نور نه بنايو ان لاءِ (ڪٿي به) ڪو نور ناهي.
اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ یُسَبِّحُ لَهٗ مَنْ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ الطَّیْرُ صٰٓفّٰتٍ١ؕ كُلٌّ قَدْ عَلِمَ صَلَاتَهٗ وَ تَسْبِیْحَهٗ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌۢ بِمَا یَفْعَلُوْنَ۴۱
ڇا تو نه ڏٺو جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ پکي (به) پَــــــرَ پکيڙي (سندس تسبيح پڙهن ٿا). هر هڪ پنهنجي نماز ۽ پنهنجي تسبيح جو طريقو ڄاڻي ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا.
وَ لِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ۚ وَ اِلَى اللّٰهِ الْمَصِیْرُ۴۲
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله لاءِ آهي، ۽ الله ڏي ئي موٽڻ آهي.
اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ یُزْجِیْ سَحَابًا ثُمَّ یُؤَلِّفُ بَیْنَهٗ ثُمَّ یَجْعَلُهٗ رُكَامًا فَتَرَى الْوَدْقَ یَخْرُجُ مِنْ خِلٰلِهٖ١ۚ وَ یُنَزِّلُ مِنَ السَّمَآءِ مِنْ جِبَالٍ فِیْهَا مِنْۢ بَرَدٍ فَیُصِیْبُ بِهٖ مَنْ یَّشَآءُ وَ یَصْرِفُهٗ عَنْ مَّنْ یَّشَآءُ١ؕ یَكَادُ سَنَا بَرْقِهٖ یَذْهَبُ بِالْاَبْصَارِؕ۴۳
ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڪڪرن کي هوريان هوريان هلائي ٿو پوءِ انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو پوءِ انهن کي تھ در تھ ڪري ٿو پوءِ تون ڏسندين ته ان جي وچان کان مِينهن نڪري (وسي) ٿو، ۽ آسمان جي برفاني جبلن (وانگر نظر ايندڙ ڪڪرن) مان ڳَـــــــــڙا وسائي ٿو پوءِ جنهن تي چاهي ٿو (انهن ڳڙن) کي ڪيرائي ٿو ۽ جنهن تان چاهي انهن کي هٽائي ٿو. (۽ کنوڻ پيدا ڪري ٿو) قريب آهي جو ان جي کنوڻ جو چمڪار اکين جي نظر کڻي وڃي.
یُقَلِّبُ اللّٰهُ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ١ؕ اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِی الْاَبْصَارِ۴۴
الله رات ۽ ڏينهن کي مٽائي سَٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي.
وَ اللّٰهُ خَلَقَ كُلَّ دَآبَّةٍ مِّنْ مَّآءٍ١ۚ فَمِنْهُمْ مَّنْ یَّمْشِیْ عَلٰى بَطْنِهٖ١ۚ وَ مِنْهُمْ مَّنْ یَّمْشِیْ عَلٰى رِجْلَیْنِ١ۚ وَ مِنْهُمْ مَّنْ یَّمْشِیْ عَلٰۤى اَرْبَعٍ١ؕ یَخْلُقُ اللّٰهُ مَا یَشَآءُ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۴۵
۽ الله هر جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀَـــرِ هلي ٿو، ۽ انهن مان ڪو ٻن پيرن تي هلي ٿو، ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. الله جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
لَقَدْ اَنْزَلْنَاۤ اٰیٰتٍ مُّبَیِّنٰتٍ١ؕ وَ اللّٰهُ یَهْدِیْ مَنْ یَّشَآءُ اِلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَقِیْمٍ۴۶
بيشڪ اسان چِٽيون حقيقتون بيان ڪرڻ واريون آيتون نازل ڪيون آهن. ۽ الله جنهن کي چاهي تنهن کي (انهن ذريعي) سڌو رستو ڏيکاري ٿو.
وَ یَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَ بِالرَّسُوْلِ وَ اَطَعْنَا ثُمَّ یَتَوَلّٰى فَرِیْقٌ مِّنْهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ١ؕ وَ مَاۤ اُولٰٓىِٕكَ بِالْمُؤْمِنِیْنَ۴۷
۽ (منافق) چون ٿا ته: ”اسان الله ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي“ پوءِ ان کان پوءِ انهن مان هڪ ٽولي ڦِري وڃي ٿي. ۽ اهي ماڻهو ايمان وارا هرگز ناهن.
وَ اِذَا دُعُوْۤا اِلَى اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ لِیَحْكُمَ بَیْنَهُمْ اِذَا فَرِیْقٌ مِّنْهُمْ مُّعْرِضُوْنَ۴۸
۽ جڏهن انهن کي الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو هن لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ته ان وقت انهن مان هڪ جماعت (درِ رسول تي اچڻ کان) مُنهن موڙي ٿي.
وَ اِنْ یَّكُنْ لَّهُمُ الْحَقُّ یَاْتُوْۤا اِلَیْهِ مُذْعِنِیْنَؕ۴۹
۽ جيڪڏهن فيصلو انهن جي حق ۾ هجي ته ان (رسو ل ﷺ) ڏانهن مطيع ٿي موٽن ها.
اَفِیْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ اَمِ ارْتَابُوْۤا اَمْ یَخَافُوْنَ اَنْ یَّحِیْفَ اللّٰهُ عَلَیْهِمْ وَ رَسُوْلُهٗ١ؕ بَلْ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ۠۵۰
ڇا انهن جي دلين ۾ بيماري آهي يا اهي شڪ ۾ پيا آهن يا ان ڳالھ کان ڊڄن ٿا ته الله ۽ ان جو رسول مٿن (معاذ الله ڪو) ظلم ڪندا. (ائين نه آهي) بلڪ اُهي خود ئي ظالم آهن.
اِنَّمَا كَانَ قَوْلَ الْمُؤْمِنِیْنَ اِذَا دُعُوْۤا اِلَى اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ لِیَحْكُمَ بَیْنَهُمْ اَنْ یَّقُوْلُوْا سَمِعْنَا وَ اَطَعْنَا١ؕ وَ اُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۵۱
ايمان وارن جو ڪم ته صرف هي آهي جو جڏهن اهي الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيا وڃن ته رسول انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ته اهي هيئن چون: ”اسان ٻڌوسين ۽ مڃيوسين“. ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن.
وَ مَنْ یُّطِعِ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ یَخْشَ اللّٰهَ وَ یَتَّقْهِ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْفَآىِٕزُوْنَ۵۲
۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ۽ الله کان ڊڄي ٿو ۽ ان (جي بي فرماني) کان بچي ٿو پوءِ اُهي ئي مراد ماڻڻ وارا آهن.
وَ اَقْسَمُوْا بِاللّٰهِ جَهْدَ اَیْمَانِهِمْ لَىِٕنْ اَمَرْتَهُمْ لَیَخْرُجُنَّ١ؕ قُلْ لَّا تُقْسِمُوْا١ۚ طَاعَةٌ مَّعْرُوْفَةٌ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ خَبِیْرٌۢ بِمَا تَعْمَلُوْنَ۵۳
۽ انهن (منافقن) پڪا پختا الله جا قسم کنيا ته: ”جيڪڏهن تو انهن کي حڪم ڪيو ته اُهي ضرور (جهاد لاءِ) نڪرندا“. چؤ ته: ”توهان قسم نه کڻو، دستور مطابق فرمانبرداري (درڪار) آهي. بيشڪ الله با خبر آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا“.
قُلْ اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوا الرَّسُوْلَ١ۚ فَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّمَا عَلَیْهِ مَا حُمِّلَ وَ عَلَیْكُمْ مَّا حُمِّلْتُمْ١ؕ وَ اِنْ تُطِیْعُوْهُ تَهْتَدُوْا١ؕ وَ مَا عَلَى الرَّسُوْلِ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِیْنُ۵۴
چؤ ته: ”توهان الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو، پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته ان (رسول) جي ذمي صرف اهو آهي جيڪو مٿس لازم ڪيو ويو آهي ۽ توهان جي ذمي اُهو آهي جيڪو توهان تي لازم ڪيو ويو آهي. ۽ جيڪڏهن توهان سندس فرمانبرداري ڪندؤ ته هدايت وارا ٿيندؤ. ۽ رسول تي (ٻيو ڪجھ) لازم نه آهي سواءِ پڌرو پيغام پهچائڻ جي.
وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَیَسْتَخْلِفَنَّهُمْ فِی الْاَرْضِ كَمَا اسْتَخْلَفَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ١۪ وَ لَیُمَكِّنَنَّ لَهُمْ دِیْنَهُمُ الَّذِی ارْتَضٰى لَهُمْ وَ لَیُبَدِّلَنَّهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ خَوْفِهِمْ اَمْنًا١ؕ یَعْبُدُوْنَنِیْ لَا یُشْرِكُوْنَ بِیْ شَیْـًٔا١ؕ وَ مَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ فَاُولٰٓىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ۵۵
الله وعدو ڪيو آهي اوهان مان انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ته انهن کي ضرور زمين ۾ خلافت عطا ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي خلافت عطا ڪئي هئائين ۽ انهن لاءِ ان دين کي مضبوط ڪندو جيڪو سندن واسطي پسند ڪيائين. ۽ ضرور انهن جي خوف کي بدلائي کين امن ڏيندو. جيڪي منهنجي عبادت ڪن ٿا ۽ مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ٿا ڪن. ۽ جنهن ان کان پوءِ ناشڪري ڪئي ته اُهي ئي نافرمان آهن.
وَ اَقِیْمُوا الصَّلٰوةَ وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ وَ اَطِیْعُوا الرَّسُوْلَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَ۵۶
۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.
لَا تَحْسَبَنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مُعْجِزِیْنَ فِی الْاَرْضِ١ۚ وَ مَاْوٰىهُمُ النَّارُ١ؕ وَ لَبِئْسَ الْمَصِیْرُ۠۵۷
ڪافرن جي باري ۾ هرگز هي گمان نه ڪر ته زمين ۾ (اسان کي) عاجز ڪندڙ آهن، ۽ انهن جي جاءِ باھ آهي. ۽ نهايت بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لِیَسْتَاْذِنْكُمُ الَّذِیْنَ مَلَكَتْ اَیْمَانُكُمْ وَ الَّذِیْنَ لَمْ یَبْلُغُوا الْحُلُمَ مِنْكُمْ ثَلٰثَ مَرّٰتٍ١ؕ مِنْ قَبْلِ صَلٰوةِ الْفَجْرِ وَ حِیْنَ تَضَعُوْنَ ثِیَابَكُمْ مِّنَ الظَّهِیْرَةِ وَ مِنْۢ بَعْدِ صَلٰوةِ الْعِشَآءِ١ؕ۫ ثَلٰثُ عَوْرٰتٍ لَّكُمْ١ؕ لَیْسَ عَلَیْكُمْ وَ لَا عَلَیْهِمْ جُنَاحٌۢ بَعْدَهُنَّ١ؕ طَوّٰفُوْنَ عَلَیْكُمْ بَعْضُكُمْ عَلٰى بَعْضٍ١ؕ كَذٰلِكَ یُبَیِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰیٰتِ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌ حَكِیْمٌ۵۸
اي ايمان وارؤ! توهان جا زيردست (يعني ٻانها ۽ ٻانهيون) ۽ توهان مان اُهي ٻار جيڪي اڃا بلوغت کي نه پهتا آهن (توهان وٽ اچڻ لاءِ) ٽن وقتن ۾ توهان کان اجازت وٺي اندر اچن. فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجهند مهل جڏهن (آرام لاءِ اضافي) ڪپڙا لاهي رکو ٿا ۽ سومهڻي نماز بعد. (جڏهن آرام ڪيو ٿا اهي) ٽي وقت توهان جي پردي جا آهن. انهن (وقتن) بعد (اهي بنا اجازت اچن ته) نه توهان تي ۽ نه انهن تي ڪو گناھ آهي. (ڇو جو باقي وقتن ۾ اُهي ۽) توهان ڪثرت سان هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا رهندا آهيو. ان طرح الله توهان لاءِ آيتون پڌريون ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
وَ اِذَا بَلَغَ الْاَطْفَالُ مِنْكُمُ الْحُلُمَ فَلْیَسْتَاْذِنُوْا كَمَا اسْتَاْذَنَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ١ؕ كَذٰلِكَ یُبَیِّنُ اللّٰهُ لَكُمْ اٰیٰتِهٖ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌ حَكِیْمٌ۵۹
۽ جڏهن توهان جا ٻار بلوغت جي حد کي پهچن ته اُهي (توهان وٽ اچڻ لاءِ ائين) اجازت وٺن جيئن انهن کان اڳيان (بالغ ماڻهو) اجازت وٺن ٿا. اهڙي طرح الله توهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
وَ الْقَوَاعِدُ مِنَ النِّسَآءِ الّٰتِیْ لَا یَرْجُوْنَ نِكَاحًا فَلَیْسَ عَلَیْهِنَّ جُنَاحٌ اَنْ یَّضَعْنَ ثِیَابَهُنَّ غَیْرَ مُتَبَرِّجٰتٍۭ بِزِیْنَةٍ١ؕ وَ اَنْ یَّسْتَعْفِفْنَ خَیْرٌ لَّهُنَّ١ؕ وَ اللّٰهُ سَمِیْعٌ عَلِیْمٌ۶۰
۽ اهي گهرن ۾ ويٺل (ڪراڙيون) زالون جن کي نڪاح جي خواهش نه رهي آهي سو انهن تي ڪو گناھ ناهي جو اُهي پنهنجا (مٿان ڍڪڻ وارا اضافي) ڪپڙا لاهي رکن بشرطيڪه اُهي پنهنجي سينگار کي ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن. ۽ جيڪڏهن اُهي (وڌيڪ) پرهيزگاري اپنائن ته انهن لاءِ ڀلو آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
لَیْسَ عَلَى الْاَعْمٰى حَرَجٌ وَّ لَا عَلَى الْاَعْرَجِ حَرَجٌ وَّ لَا عَلَى الْمَرِیْضِ حَرَجٌ وَّ لَا عَلٰۤى اَنْفُسِكُمْ اَنْ تَاْكُلُوْا مِنْۢ بُیُوْتِكُمْ اَوْ بُیُوْتِ اٰبَآىِٕكُمْ اَوْ بُیُوْتِ اُمَّهٰتِكُمْ اَوْ بُیُوْتِ اِخْوَانِكُمْ اَوْ بُیُوْتِ اَخَوٰتِكُمْ اَوْ بُیُوْتِ اَعْمَامِكُمْ اَوْ بُیُوْتِ عَمّٰتِكُمْ اَوْ بُیُوْتِ اَخْوَالِكُمْ اَوْ بُیُوْتِ خٰلٰتِكُمْ اَوْ مَا مَلَكْتُمْ مَّفَاتِحَهٗۤ اَوْ صَدِیْقِكُمْ١ؕ لَیْسَ عَلَیْكُمْ جُنَاحٌ اَنْ تَاْكُلُوْا جَمِیْعًا اَوْ اَشْتَاتًا١ؕ فَاِذَا دَخَلْتُمْ بُیُوْتًا فَسَلِّمُوْا عَلٰۤى اَنْفُسِكُمْ تَحِیَّةً مِّنْ عِنْدِ اللّٰهِ مُبٰرَكَةً طَیِّبَةً١ؕ كَذٰلِكَ یُبَیِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ۠۶۱
انڌي تي ڪا رڪاوٽ ناهي ۽ نه مَنڊي تي ڪا رڪاوٽ آهي ۽ نه بيمار مٿان ڪا رڪاوٽ آهي ۽ نه خود توهان تي (ڪا رڪاوٽ آهي) جو توهان پنهنجي گهرن مان (کاڌو) کائو يا پنهنجي پيءَ ڏاڏي جي گهرن مان يا پنهنجي مائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجي مامن جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جي ڪنجين جا توهان مالڪ ٿيا آهيو تن مان يا پنهنجي دوستن جي گهرن مان (کاڌو کائڻ ۾ توهان تي حرج ناهي). توهان تي هن ڳالھ ۾ به گناھ ناهي جو توهان سڀئي گڏجي کائو يا جدا جدا کائو. پوءِ جڏهن توهان گهرن ۾ داخل ٿيندا ڪيو ته پوءِ پنهنجن کي سلامتي جي دعا ڏيو اها دعا جا الله جي طرفان مقرر آهي جا وڏي بابرڪت (۽) پاڪيزه آهي. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو ته جيئن توهان (زندگي گذارڻ جا آداب) سمجهو.
اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ اِذَا كَانُوْا مَعَهٗ عَلٰۤى اَمْرٍ جَامِعٍ لَّمْ یَذْهَبُوْا حَتّٰى یَسْتَاْذِنُوْهُ١ؕ اِنَّ الَّذِیْنَ یَسْتَاْذِنُوْنَكَ اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ١ۚ فَاِذَا اسْتَاْذَنُوْكَ لِبَعْضِ شَاْنِهِمْ فَاْذَنْ لِّمَنْ شِئْتَ مِنْهُمْ وَ اسْتَغْفِرْ لَهُمُ اللّٰهَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۶۲
ايمان وارا ته صرف اُهي ماڻهو آهن جن الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن ان (رسول) سان ڪنهن اهڙي ڪم ۾ حاضر هجن جيڪو (ماڻهن کي) گڏ ڪرڻ وارو آهي ته ايستائين واپس نه وڃن جيستائين ان کان اجازت نه وٺن. بيشڪ (اي نبي) جيڪي ماڻهو تو کان اجازت وٺن ٿا اُهي الله ۽ ان جي رسول تي (سچو) ايمان رکڻ وارا آهن، پوءِ جڏهن تو کان پنهنجي ڪن ڪمن لاءِ اجازت گهرن ته انهن مان جنهن کي چاهين اجازت ڏي ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
لَا تَجْعَلُوْا دُعَآءَ الرَّسُوْلِ بَیْنَكُمْ كَدُعَآءِ بَعْضِكُمْ بَعْضًا١ؕ قَدْ یَعْلَمُ اللّٰهُ الَّذِیْنَ یَتَسَلَّلُوْنَ مِنْكُمْ لِوَاذًا١ۚ فَلْیَحْذَرِ الَّذِیْنَ یُخَالِفُوْنَ عَنْ اَمْرِهٖۤ اَنْ تُصِیْبَهُمْ فِتْنَةٌ اَوْ یُصِیْبَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌ۶۳
(اي مسلمانو!) اوهان رسول جي سَڏِڻَ کي هڪ ٻئي جي سَڏڻَ وانگر (رواجي يا معمولي) نه بنايو. بيشڪ الله اوهان مان اهڙن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي (بنا موڪل وٺڻ جي) لِڪي کسڪي وڃن ٿا، پوءِ ڀلي ته ڊڄن اُهي ماڻهو جيڪي ان (رسول) جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا هن ڳالھ کان جو متان انهن مٿان ڪا آفت پوي يا انهن کي درد ناڪ عذاب پهچي.
اَلَاۤ اِنَّ لِلّٰهِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ قَدْ یَعْلَمُ مَاۤ اَنْتُمْ عَلَیْهِ١ؕ وَ یَوْمَ یُرْجَعُوْنَ اِلَیْهِ فَیُنَبِّئُهُمْ بِمَا عَمِلُوْا١ؕ وَ اللّٰهُ بِكُلِّ شَیْءٍ عَلِیْمٌ۠۶۴
خبردار! بيشڪ جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. بلاشڪ اهو ڄاڻي ٿو جنهن حال ۾ اوهان آهيو. جنهن ڏينهن ماڻهو ان ڏانهن موٽايا ويندا پوءِ اهو کين ٻڌائيندو ته انهن ڪهڙا عمل ڪيا هئا؟ ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.
تَبٰرَكَ الَّذِیْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰى عَبْدِهٖ لِیَكُوْنَ لِلْعٰلَمِیْنَ نَذِیْرَاۙ۱
اهو وڏي برڪت وارو آهي جنهن (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ وارو (قرآن) پنهنجي ٻانهي (محمد ڪريم ﷺ) تي نازل ڪيو هن لاءِ ته سڀ جهانن لاءِ ڊيڄاريندڙ بنجي.
اِ۟لَّذِیْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ لَمْ یَتَّخِذْ وَلَدًا وَّ لَمْ یَكُنْ لَّهٗ شَرِیْكٌ فِی الْمُلْكِ وَ خَلَقَ كُلَّ شَیْءٍ فَقَدَّرَهٗ تَقْدِیْرًا۲
اُهو (الله) آهي جو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ان لاءِ آهي ۽ (پاڻ لاءِ) نه اولاد بنايائين ۽ نه بادشاهي ۾ ڪو سندس شريڪ آهي ۽ ان هر شيءِ کي پيدا ڪيو پوءِ ان جو پورو اندازو مقرر ڪيو.
وَ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖۤ اٰلِهَةً لَّا یَخْلُقُوْنَ شَیْـًٔا وَّ هُمْ یُخْلَقُوْنَ وَ لَا یَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَّ لَا نَفْعًا وَّ لَا یَمْلِكُوْنَ مَوْتًا وَّ لَا حَیٰوةً وَّ لَا نُشُوْرًا۳
۽ (مشرڪن) ان کي ڇڏي اهڙا معبود بنايا جي ڪا شيءِ پيدا ڪري نه ٿا سگهن ۽ اُهي خود پيدا ڪيا ويا آهن ۽ نه اُهي پنهنجي لاءِ ڪنهن نقصان جا مالڪ آهن ۽ نه نفعي جا ۽ نه اُهي موت جا مالڪ آهن ۽ نه زندگي جا ۽ نه (ئي مرڻ بعد) جيئري ٿي اٿڻ جا.
وَ قَالَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْۤا اِنْ هٰذَاۤ اِلَّاۤ اِفْكُ اِ۟فْتَرٰىهُ وَ اَعَانَهٗ عَلَیْهِ قَوْمٌ اٰخَرُوْنَ١ۛۚ فَقَدْ جَآءُوْ ظُلْمًا وَّ زُوْرًاۚۛ۴
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته: ”هي (قرآن) ٻيو ڪجھ ناهي سواءِ هڪ ڪوڙ جي جو ان (نبي ﷺ) پاڻ گَهڙيو آهي ۽ (ان جي) ٺاهڻ ۾ ٻين ماڻهن به سندس مدد ڪئي آهي“، پوءِ بيشڪ (ڪافر) ظلم ۽ ڪوڙ تي (لهي) آيا آهن.
وَ قَالُوْۤا اَسَاطِیْرُ الْاَوَّلِیْنَ اكْتَتَبَهَا فَهِیَ تُمْلٰى عَلَیْهِ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا۵
۽ چيائون ته: ”اڳين جا افسانا آهن جيڪي لکائي رکيا اٿس پوءِ اُهي (افسانا) ان تي صبح شام پڙهيا وڃن ٿا“.
قُلْ اَنْزَلَهُ الَّذِیْ یَعْلَمُ السِّرَّ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ١ؕ اِنَّهٗ كَانَ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا۶
چؤ ته: ”ان (قرآن) کي ان (الله) نازل ڪيو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جا ڳُجھ ڄاڻي ٿو. بيشڪ اُهو وڏو بخشڻهار وڏي ٻاجھ وارو آهي“.
وَ قَالُوْا مَالِ هٰذَا الرَّسُوْلِ یَاْكُلُ الطَّعَامَ وَ یَمْشِیْ فِی الْاَسْوَاقِ١ؕ لَوْ لَاۤ اُنْزِلَ اِلَیْهِ مَلَكٌ فَیَكُوْنَ مَعَهٗ نَذِیْرًاۙ۷
۽ چيائون ته: ”هي ڪهڙو رسول آهي جيڪو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارن ۾ گهمي ٿو. ان ڏانهن ڪو ملائڪ ڇو نه لاٿو ويو جيڪو ان سان گڏ ڊيڄاريندڙ هجي ها.
اَوْ یُلْقٰۤى اِلَیْهِ كَنْزٌ اَوْ تَكُوْنُ لَهٗ جَنَّةٌ یَّاْكُلُ مِنْهَا١ؕ وَ قَالَ الظّٰلِمُوْنَ اِنْ تَتَّبِعُوْنَ اِلَّا رَجُلًا مَّسْحُوْرًا۸
يا ان ڏي ڪو خزانو لاٿو وڃي ها يا ان جو ڪو باغ هجي ها جنهن مان اهو کائي ها“. ۽ ظالم ماڻهن چيو ته: ”توهان ته فقط جادو زده مرد جي پيروي ڪيو ٿا“.
اُنْظُرْ كَیْفَ ضَرَبُوْا لَكَ الْاَمْثَالَ فَضَلُّوْا فَلَا یَسْتَطِیْعُوْنَ سَبِیْلًا۠۹
(اي نبي!) ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا مثال بيان ڪن ٿا پوءِ اُهي گمراھ ٿي ويا پوءِ (هدايت جو) ڪو رستو لهي نه سگهندا.
تَبٰرَكَ الَّذِیْۤ اِنْ شَآءَ جَعَلَ لَكَ خَیْرًا مِّنْ ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ١ۙ وَ یَجْعَلْ لَّكَ قُصُوْرًا۱۰
اُهو وڏي برڪت وارو آهي اگر چاهي ته (دنيا ۾ ئي) تنهنجي لاءِ ان کان ڀلا باغ بنائي جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هجن ۽ تنهنجي لاءِ ماڙيون بنائي.
بَلْ كَذَّبُوْا بِالسَّاعَةِ١۫ وَ اَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِیْرًاۚ۱۱
بلڪه انهن قيامت کي ڪوڙو چيو. ۽ جنهن به قيامت کي ڪوڙو چيو ان لاءِ اسان باھ تيار ڪري رکي آهي.
اِذَا رَاَتْهُمْ مِّنْ مَّكَانٍۭ بَعِیْدٍ سَمِعُوْا لَهَا تَغَیُّظًا وَّ زَفِیْرًا۱۲
جڏهن اُها (باھ) انهن کي پري پنڌ کان ڏسندي ته اُهي ان جو جوش ۾ ٽهڪڻ ۽ ڀڙڪاٽ ٻڌندا.
وَ اِذَاۤ اُلْقُوْا مِنْهَا مَكَانًا ضَیِّقًا مُّقَرَّنِیْنَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُوْرًاؕ۱۳
۽ اُهي جڏهن زنجيرن ۾ جڪڙي (جهنم جي) سوڙهي جاءِ ۾ اڇلايا ويندا ته ان وقت اُهي (پنهنجي) موت کي سڏيندا.
لَا تَدْعُوا الْیَوْمَ ثُبُوْرًا وَّاحِدًا وَّ ادْعُوْا ثُبُوْرًا كَثِیْرًا۱۴
(چيو ويندو) اڄ هڪ موت کي نه سڏيو پر گهڻن موتن کي سڏيو.
قُلْ اَذٰلِكَ خَیْرٌ اَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِیْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ١ؕ كَانَتْ لَهُمْ جَزَآءً وَّ مَصِیْرًا۱۵
چؤ ڇا اُهو جهنم ڀلو آهي يا هميشه رهڻ واري جنت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي. اُهو انهن جو بدلو ۽ موٽڻ جي جاءِ هوندو.
لَهُمْ فِیْهَا مَا یَشَآءُوْنَ خٰلِدِیْنَ١ؕ كَانَ عَلٰى رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔوْلًا۱۶
انهن لاءِ ان (باغن ۾) اُهو (سڀ ڪجھ) هوندو جيڪي چاهيندا ان ۾ هميشه رهندا. اُهو تنهنجي پالڻهار جي ذمي وعدو آهي جيڪو قابلِ طلب آهي.
وَ یَوْمَ یَحْشُرُهُمْ وَ مَا یَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ فَیَقُوْلُ ءَاَنْتُمْ اَضْلَلْتُمْ عِبَادِیْ هٰۤؤُلَآءِ اَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِیْلَؕ۱۷
۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي ۽ جن جي اُهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا تن کي گڏ ڪندو پوءِ (انهن ڪوڙن معبودن کي) فرمائيندو ته: ”ڇا اوهان منهنجي هنن ٻانهن کي گمراه ڪيو هيو يا اُهي (خود) رستي کان ٿڙي ويا هئا“؟
قَالُوْا سُبْحٰنَكَ مَا كَانَ یَنْۢبَغِیْ لَنَاۤ اَنْ نَّتَّخِذَ مِنْ دُوْنِكَ مِنْ اَوْلِیَآءَ وَ لٰكِنْ مَّتَّعْتَهُمْ وَ اٰبَآءَهُمْ حَتّٰى نَسُوا الذِّكْرَ١ۚ وَ كَانُوْا قَوْمًۢا بُوْرًا۱۸
چوندا: ”تنهنجي ذات پاڪ آهي اسان لاءِ اُهو مناسب نه هيو جو تو کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايون ۽ پر تو انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي خوشحال ڪيو ايستائين جو نصيحت وساري ويٺا، ۽ اُهي برباد ٿيندڙ قوم هئا“.
فَقَدْ كَذَّبُوْكُمْ بِمَا تَقُوْلُوْنَ١ۙ فَمَا تَسْتَطِیْعُوْنَ صَرْفًا وَّ لَا نَصْرًا١ۚ وَ مَنْ یَّظْلِمْ مِّنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِیْرًا۱۹
پوءِ بيشڪ (اي ڪافرو!) اهي (معبود) توهان جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪندا جيڪي توهان اڄ چئو ٿا پوءِ توهان (پاڻ تان) نه عذاب ڦيرائي سگھندئو ۽ نه (پنهنجي) مدد ڪري سگھندئو، ۽ توهان مان جيڪو به ظلم ڪندو ان کي وڏو عذاب چکائينداسين.
وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ الْمُرْسَلِیْنَ اِلَّاۤ اِنَّهُمْ لَیَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَ یَمْشُوْنَ فِی الْاَسْوَاقِ١ؕ وَ جَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً١ؕ اَتَصْبِرُوْنَ١ۚ وَ كَانَ رَبُّكَ بَصِیْرًا۠۲۰
۽ (اي نبي!) اسان تو کان اڳ رسول نه موڪليا مگر اُهي کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارن ۾ هلندا هئا. ۽ اسان اوهان مان هڪڙن کي ٻين لاءِ آزمائش بنايو آهي. ته ڇا توهان صبر ڪيو ٿا ۽ تنهنجو پالڻهار (سڀ ڪجھ) ڏسندڙ آهي.