وَ قَالَ الَّذِیْنَ لَا یَرْجُوْنَ لِقَآءَنَا لَوْ لَاۤ اُنْزِلَ عَلَیْنَا الْمَلٰٓىِٕكَةُ اَوْ نَرٰى رَبَّنَا١ؕ لَقَدِ اسْتَكْبَرُوْا فِیْۤ اَنْفُسِهِمْ وَ عَتَوْ عُتُوًّا كَبِیْرًا۲۱
۽ جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن تن چيو ته: ”اسان تي ملائڪ ڇو نه لاٿا ويا يا اسان پنهنجي پالڻهار کي ڏسون ها“. بيشڪ انهن پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجھيو ۽ حد کان وڌيڪ وڏي سرڪشي ڪيائون.